9
انهن ڏينهن ۾ مونا منهنجي تمام گهڻو ويجهو آئي. لڳ ڀڳ منهنجي عمر جي مونا ڏسڻ ۾ سهڻي ۽ معصوم هئي. هن جو افيئر ڪنهن وڏي عمر جي شادي شده پري جي مائٽ سان هو. هوءَ مونکي ٻڌائيندي هئي ته سندس دوست کائنس عمر ۾ ٻيڻ تي وڏو آهي، ۽ سندس ڌيئر هن جي عمر جون هيون، پر پوءِ به هوءَ مٿس فدا هئي. ايتري تائين جو کيس چيو هئائين ته جيڪڏهن خاندانن ۾ ڪو ٽسل نه ٿئي ته هوءَ ساڻس نڪرڻ لاءِ تيار هئي. مون کيس سمجهايو ته
”چري نه ٿي مونا، تنهنجو ان طرح ڪنهن سان نڪري وڃڻ تي وڏو خانداني تڪرار ٿيندو.“
مونا چيو،
”مونکي خاندان جي پرواھ ناهي. مونکي خاندان ڇا ڏنو آهي، جو آئون ان جي پرواھ ڪيان.”
مون چيس،
”توکي تنهنجي خاندان عزت ڏني آهي، ان جو ته خيال ڪر”
هڪدم بغاوت اکين ۾ آڻيندي چيائين،
”اسان آخر ڪيسيتائين عزتن جو ٻليدان ڏينديون رهنديونسين. ڪيسيتائين مردار عقيدن ۽ ڀرمن جي ور چڙهنديوسين، مون کان قرباني ڪا نه پڄندي.”
هن جي اکين ۾ عجيب روشني ۽ اعتماد هو، مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي،
”تون پاڻ سوچ هو توکان عمر ۾ الاهي وڏو آهي، تون هن جي ٻارن جيتري آهين، پوءِ به تنهنجي ضد ان شخص سان شادي ڪرڻ جي.!”
هن چيو،
“توکي ناهي خبر يار، هي از ويري لونگ اينڊ ڪئرنگ، باقي ٻيو اسان کي ڇا ٿو گهرجي؟ زندگي گهڻا سال آهي، 30، 40 50، 60 سال بس نه ! اڳي پوءِ مري وڃڻو آهي نه! جي مرڻو خدا جي مرضي سان آهي ته، پنهنجي مرضي سان جيئڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟”
آئون سندس اهڙين ڳالهين تي گهٻرائجي لاجواب ٿيندي پئي ويس، پر وري به چيومانس،
“آخر تو ان ماڻهو ۾ ڇا ڏٺو آهي؟ جو ان جي پويان زندگي پئي برباد ڪرين، منهنجي مڃين ته ڇڏي ڏينس، مڃيندينءَ؟”
هوءَ مون تي تپي باھ ٿي وئي،
“يار ان ماڻهو ان وقت منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌي جڏهن سڀ مونکي بيوقوف سمجهندا هئا، جڏهن گهر ۾ مونکي ‘واڌو ڀاتي’ سمجهيو ويندو هو ان وقت ان ماڻهو مونکي امپارٽنس ڏني. ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان ڳالهيون ڪندو هو، توڙي جو هو بابا جو پري جو ڪزن آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر ايندو هو، پر جڏهن به ايندو هو منهنجي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور آڻيندو هو، هن منهنجي لاءِ ايتريون شيون آنديون آهن جيتريون بابا به مونکي نه وٺي ڏنيون هونديون. هو طبيعت جو تمام سٺو آهي. مونکي ڏاڍو وڻندو آهي، باقي زندگي گذارڻ لاءِ ڪهڙي ماڻهو جي ضرورت پوي ٿي، ڇا تون چاهين ٿي ته ڪنهن اميچوئر ڪزن سان وهانءُ ڪري زندگي عذاب ۾ وجهان ۽ پاڻ سان گڏ ان کي به پاليان ۽ سنڀاليان. يار آئون پاڻ اميچوئر آهيان، زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن ميچوئر سهاري جي ضرورت آهي ۽ اهڙو سهارو منهنجو صرف ۽ صرف اهو شخص آهي، جنهن کي تون انڪل ڪر سڏين ٿي.”
آئون مونا جي اڳيان هارائجي چڪي هيس، کيس چيم ته ڪو فيصلو جلدي نه ڪر ٻه ٽي ڏينهن سوچ، پوءِ وري ڳالهائينداسين، هوءَ هلي وئي ۽ وري نه موٽي.
گهڻن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته مونا ان شخص سان نڪري وئي خاندان ۾ مسئلا ٿيا، پر هوءَ ڪورٽ ۾ پنهنجي وهانء جو اقرار ڪري آئي، ماڻهن جا منهن بند ۽ هٿيارن جا منهن کلي پيا هئا. ڪيترائي ماڻهو ٻنهي پاسن کان گولين جو کاڄ بڻيا. ڳوٺ ڳوٺ نه بلڪه هٿيارن جي ڪالوني لڳڻ لڳو هو.
آئون اڪثر مونا تي سوچيندي هيس، هن جون ڳالهيون ياد ڪندي هيس، مونکي حيرت ٿيندي هئي ته هڪ معصوم ڇوڪري ۾ ايتري همت ڪٿان آئي جو خانداني روايتن کان بغاوت جو اعلان ڪري ويٺي. شايد اها پيار جي قوت هئي؟ آئون پيار جي فلسفي تي سوچي لاچار ٿي پوندي هيس. آخر مونا پاڻ کان عمر ۾ ايڏي وڏي آدمي سان ڪيئن پيار ڪيو؟ وري مونکي سندس لفظ ياد ايندا هئا، “يار ان ماڻهو ان وقت منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌي جڏهن سڀ مونکي بيوقوف سمجهندا هئا، جڏهن گهر ۾ مونکي ‘واڌو ڀاتي’ سمجهيو ويندو هو ان وقت ان ماڻهو مونکي امپارٽنس ڏني. ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان ڳالهيون ڪندو هو، توڙي جو هو بابا جو پري جو ڪزن آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر ايندو هو، پر جڏهن به ايندو هو منهنجي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور آڻيندو هو، هن منهنجي لاءِ ايتريون شيون آنديون آهن جيتريون بابا به مونکي نه وٺي ڏنيون هونديون. هو طبيعت جو تمام سٺو آهي. مونکي ڏاڍو وڻندو آهي، باقي زندگي گذارڻ لاءِ ڪهڙي ماڻهو جي ضرورت پوي ٿي.”
منهنجي سوالن جا جواب مونا جي لفظن ۾ موجود هئا، آئون آخر مڃڻ تي مجبور ٿيس ته هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي غور سان ٻڌي ٿو، اهميت ڏئي ٿو، ڪيئر ڪري ٿو، سندس راءِ جو احترام ڪري ٿو ته يقينن پيار اهو ئي آهي. باقي پيار ڪنهن الهام جي صورت ۾ ته اچڻو نه هو. توڙي جو مونا جي اندر ضد ۽ انا ڀرجي چڪي هئي پر هوءَ تمام سٺي ڇوڪري هئي. مونکي سندس گهڻيون عادتون ڏاڍيون وڻنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن سندس مرضي جي خلاف ڪو ڪم ٿيندو هو ته هوءَ ڪو اڌم نه مچائيندي هئي. گهر ۾ سڀني سان کلي ملي ويندي ويندي هئي. ننڍن سان ننڍي وڏن سان ويهندي ته ڄڻ هيءَ اها مونا آهي ئي ڪانه. وڏن سان انتهائي ننڍي ۽ نماڻي لهجي ۾ ڳالهائيندي هئي. جتي يا جنهن معاملي ۾ گهر جي وڏن جي دخل اندازي ٿيندي هئي اتي سندس شرارتن جي جهڙوڪر سرحد اچي ويندي هئي. اها مونا جيڪا پنهنجي تي ايندي هئي ته سڀني ڪزنس کي نڪ ۾ دم ڪري ڏيندي هئي، اها جڏهن وڏن جي سامهون ويهندي هئي ته شرافت ۽ عقيدت جو مجسمو لڳندي هئي. مون کي ياد آهي هڪڙو ڀيرو مونا ۽ آئون ڪنهن ڪزن جي گهر وياسين. اتي مونا ضد ڪئي ته چانهه هوءَ پاڻ ٺاهيندي وڏي اهتمام سان سڀني هم عمر ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ چانهن ٺاهيائين. ان وقت گهر ۾ ڪو به وڏو موجود نه هو. مونا کي الائي ڪهڙي شرارت سجهي، هن چانهن ۾ کنڊ بدران لوڻ ۽ ٻيو الئي ڇا وجهي ڇڏيو. لوڻ به ڪو لوڻ جهڙو لوڻ ۾ چانهن وڌائين، هڪ هڪ ڍڪ مس ڀريو هوندو سڀني ٿوري ئي دير ۾ سڀ باٿ روم جي جي ٻاهران واري جي انتظار ۾ بيهجي ويا. سڀني جي حالت غير ٿي وئي. مون سندس اهڙي شرارت تي کيس ٽوڪيو هو. هوءَ ڳراٽڙي پائي ملي ۽ اک ڀڃندي چيائين، “چلتا هئي يار سب”. هڪ دفعو مون مونا کي چيو ته يار ريحان مونکي تنگ ٿو ڪري اصل منهنجي پويان پئجي ويو آهي. فضول ۾ ڦري ٿئي ٿو، وڏن وارن کي لمڪا ڏئي هيرو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ڪري ٿو. مونا چيو، “اڄ ئي ان کي سبق ٿي سيکاريان.”
ٻي ڏينهن تي مونا آئي کلي کلي کيري پئي ٿئي. مون پڇيس،
“ڪميني هاڻي ڳالهه به ڪر رڳو کلين ٿي.”
چيائين،
“تو وارو مجنون گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا توڏي نه ايندو”
مون چيس،
“ ڇو؟ هو ته صبح شام پيو وارن کي لمڪا ڏيندو آهي. اجهو آيو هتي.”
مونا چيو،
“جن وارن تي ريحان کي ناز هو اهي وار ويا”
مون حيران ٿيندي پڇيو،
“ڪيئن، ڪاڏي ويا هن جا وار؟”
مونا چيو،
“يار ڪالهه توکان اٿي پنهنجي گهران ٿي آئون هنن جي گهر ويس، معتبر ستو پيو هو، مون وجهه وٺي باٿ روم ۾ هن جي شيمپو ۾ هيئر رموول وجهي ڇڏيو، آئون ته ٿوري دير ويهي اتان نڪري آيس، شام جو ثانيه (ريحان جي ننڍي ڀيڻ) ٻڌايو ته ريحان کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، هن جي مٿي جا سڀ وار ڇڻي ويا.”
پوء ته اسان ٻئي ڄڻيون کلي کلي کيريون ٿيوسين. واقعي ڪيئي ڏينهن ريحان اسان جي گهر نه آيو، پر آئون جڏهن خاله وارن جي گهر ويندي هيس ته هو لڪي ويندو هو.
اها شرارتي مونا هاڻي پاڻ کان ٻيڻ تي وڏي عمر جي ماڻهو سان لانئون لهي وڃي گهر جي ٿي هئي.
****