2
“امان جيجان مونکي پارت ڪئي هئي ته اهي سڀ ڪتاب سونيءَ کي ڏجو.”
بابا ڊرائيور کي ڪتاب گاڏي ۾ رکڻ لاءِ چيو، مون ڏٺو هو ته امان جي منهن جو پنو لهي ويو، مونکي لڳو ڄڻ ته هوءَ شايد چوندي هجي،
“اهو ڪن به اسانجي گهر ۾ رهندو.”
اسان موٽي آيا هئاسين. امان جي لهجي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي، آئون ڏاڏي واري شفقت بابا ۾ ڳولهيندي رهيس جنهن جا عڪس مونکي بابا جي چهري ۾ نظر ايندا هئا. بابا جي گهر ۾ وڻ ڪونه هئا. صرف ڪوٽ جي ٻاهرين پاسي اوطاق وٽ نمن ۽ سرينهن جا وڏا وڻ هئا. شام ڌاري انهن وڻن جي ٻور جي خوشبوءِ مونکي سڏيندي هئي. پر هتي مونکي اوطاق طرف وڃڻ جي اجازت نه هئي. ۽ بغاوت منهنجي بدن ۾ ڀرجندي وئي. حيراني جي حد تائين منهنجي جسامت تبديل ٿيندي وئي آئون جنهن کي ڪالهه تائين امان “ڇاڙڪي جيتري ڇوري” پئي سڏيو، اڄ امان مون کي تلقينون ڪندي نه پئي ٿڪي، هيئن اٿ، هيئن ويهه، هتي نه ويهه، هن سان نه ڳالهائين، هن ڏي نه نهار... بندشن ۾ پاڻ کي قيد ٿيندي محسوس ڪيم. هڪ رات آئون آڌيءَ ڌاري اوطاق جي صحن ۾ بيٺل وڏي وڻ تي چڙهي وئي هيس. شايد وزن وڌڻ جي ڪري مونکي نم جي وڻ تي چڙهڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي هئي. وڻ تي مونکي عجيب بي مانوسيت لڳي. ڄڻ ته هيءُ وڻ منهنجو وڻ نه هو جنهن تي منهنجو آکيرو ٺهيل هو. مايوس ٿي مون وڻ تان لهڻ جو سوچيو ۽ لهندي وقت جنهن انگهه تي منهنجو پير هو اها انگهه ڀڄي پئي ۽ آئون زپڙاڪ ڪري وڃي هيٺ ڪريس اوطاق ۾ ستل چوڪيدار چور چور ڪري وٺي ڀڳا آئون حويلي جي پويان واري پاسي کان تڪڙ ۾ گهندي ڏئي ڀڄي اچي پنهنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري ستيس. ڪيتري دير تائين ٻاهران غئو غا پئي ٿيا. بابا شايد منهنجو پير سڃاڻي ورتو هو ۽ انکي منهنجي پرڪارن جي به خبر هئي ان سڀني کي وڃي آرام ڪرڻ جو چيو. صبُح جو بابا منهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ مسڪرائيندي مونکان پڇيو هو،
“ڌڪ ته نه لڳو اٿيئي، مون شرمائيندي پنهنجي رهڙيل ٺونٺ بابا کي ڏيکاري، بابا منهنجي مٿي تي چمي ڏيندي چيو هو،
“سوني پٽ ٻاهر نه ويندي ڪر، امان جي ۽ ماڻهين جي گهر ۾ فرق آهي.”
مون اهو ڏينهن ڪيو آئون ڪڏهن به اوطاق تي نه ويس. شايد ان ڪري به ته اوطاق تي اهي وڻ نه هئا جيڪي مونکي سڏيندا هئا. اتي لاهوتي بابا به نه هوندو هو. ۽ ڪجهه بابا به منع ڪئي هئي.
****