18
مون ڪٿي پڙهيو هو گوتم ٻڌ کان سندس ڀڪشوءَ پڇيو ته ”سائين زندگي ڇا آهي؟“ ٻڌ خاموش رهيو، ڀڪشوءَ وري پڇيو ”زندگي ڇا آهي؟”. ٻڌ وري به خاموش رهيو. جنهن تي ڀڪشوءَ کيس ڌونڌاڙي پڇيو،”سائين مان پڇي رهيو آهيان ته زندگي ڇا آهي؟”
ٻڌ کيس جواب ڏنو مان جواب ڏئي ته رهيو آهيان پر تون سمجهين ئي ڪو نه ٿو: يعني ”خاموشي”.جين مت وارا واڳونءَ جي پوڄا ڪندا آهن ته ڇو ته واڳون خاموش رهندو آهي. رڙيون نه ڪندو آهي انهي ڪري کيس پوڄيندا آهن. ويدن ۾ لکيل آهي ته جڏهن وستار ڪو نه هو، مايا جا رنگ روپ ڪو نه هئا، روشني نه هئي، گوڙ گهمسان ڪو نه هو ته خاموشي هئي ۽ اها ئي حقيقت هئي، اها ئي سڀ ڪجهه هئي. صوفي مراقبو ڪڍندا آهن جنهن جو مطلب آهي خاموشيءَ ۾ حقيقت جو وجدان حاصل ڪرڻ. ڪنهن صوفيءَ جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو اسان جي خاموشيءَ کي نٿا سمجهي سگهن اهي اسان جا لفظ ڇا سمجهندا؟ خاموشي آهي ڇا؟ مايا جو ابتڙ رنگ، ڪجهه به نه، نيستي، هڪ خال، اڻ کٽ مڪان، صوفي چون ٿا ته اها حقيقت مطلق آهي هي مايا جو وستار ته هڪ ڄار آهي، نه ته اصل ۾ ڪجهه به ناهي ۽ انهي ۾ ئي اصل معنيٰ لڪيل آهي. سائنسي طور زمان ۽ مڪان مان نڪرڻ يا مايا جي ڄار مان نڪرڻ موت برابر آهي، نه وري ساڌو بڻجي رلڻ ۾ ڪا حقيقت هٿ اچي ٿي. حقيقت آهي ڇا؟
ڪنهن لکيو هو، حقيقت جو چڪر پيچيده ۽ غير يقيني آهي، ڇو ته هر پل هر لمحو پنهنجي جڳهه تي حقيقت آهي ۽ جي نه ته حقيقت ڪجهه ناهي. ڇو ته سڀ ڪجهه گذري وڃڻو آهي هٿ ۾ ڪجهه به نٿو رهي ۽ انهي ”ڪجهه به ناهي“ انسان کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. زندگيءَ جو هڪ پهلو ته اهو آهي ته هن اڻ کٽ ڪائنات ۾ زندگي هڪ سواليه نشان آهي. مايا کي تياڳي فنا في الله جو رستجو وٺجي جيڪو صحيح آهي يا نه انهيءَ جو فيصلو اسان نٿا ڪري سگهون. ٻڌ مت، جين مت، ويدن ۽ صوفي مت ۾ اهي پهلو زياده اڀريل آهن، پر ڇا زندگي اها آهي؟ فنا، نيستي؟
ڪبير جو شعر:
جانت ڪو دک هئي اجانت کو سکراج
مورک بيچارا کيا جاني، جنين پيٽ ڀرڻ سون کاج.
ذهن ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا جينئس هئڻ ڪا نفسياتي بيماري آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جا لڪل راز عيان ٿيو پون ۽ گوتم ٻڌ واري ڳالهه ته سروم دکم دکم شروع ٿيو وڃي. جيڪڏهن اهڙي جينئس نيس آهي ته پوءِ ڇو ٿجي ڏاهو ۽ علم وارو ماڻهو، جاهل رهڻ ئي بهتر آهي، پر نه ماڻهوءَ جي وس جي اها ڳالهه ناهي، ڏاهپ جي ڏک جو ڪو مزو ئي ٻيو آهي، انهي ڏک ۾ ڏاڍي ڪشش آهي. ڪنهن لکيو هو، زندگيءَ جا هزارين روپ آهن جيڪي ڦهليل ڌارا ۾ ظاهر ٿين ٿا اصل ڳالهه آهي پاڻ کي وچٿرو رکڻ جي، پاڻ کي ٿانيڪو ۽ شانت رکڻ جي، نه ته جيڪڏهن زندگيءَ کي سزا سمجهيو وڃي ته هزارين جهنم گڏجي به اهڙي سزا نه ڏئي سگهندا. جيڪڏهن زندگي گناهه آهي ته پوءِ عظيم گناهه آهي ۽ جيڪڏهن لذت افروز آهي ته بهشت جو تصور به ڌنڌلو آهي. اهڙي ئي زندگي آهي جنهن کي توهان چيچ کان وٺي اڳتي هلو يا وري زندگي توهان کي گهلي کڻي ويندي. آئون اهڙي زندگي جيئندي ۽ مرندي رهي آهيان. جهڙي ڪنهن ڏاهي ڏسي آهي...
*****