مون کي ڀٽائيءَ جي سورمين مان سورٺ گهڻو وڻندي هئي. شاهه جي رسالي ۾ پنج سر سسئي جي نالي ٿيل آهن، باقي هر سورمي جي نالي هڪ هڪ سر آهي. انهن ۾ مارئي، مومل، سهڻي، نوري، ليلا ۽ سورٺ شامل آهن. سسئي سميت هر سر ۾ مرڪزي حيثيت سورمي کي حاصل آهي پر سُر سورٺ شاھ جي رسالي جو اهو واحد سُر آهي، جنهن ۾ سورٺ جو ڪردارراءِ ڏياچ جي مقابلي ۾ گهٽ آيو آهي. هن سر ۾ مکيه يا مرڪزي ڪردار راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جو آهي. ڪنهن سچ لکيو آهي ته “جيتوڻيڪ سورٺ جو ڏک سسئي، سهڻي، يا مومل کان گهٽ ڪونه هو. بلڪه سندس ڀوڳنا پاڻ ٻين سورمين کان وڌيڪ هئي جو انهن جي پيڙا پنهنجن محبوبن سان جدائيءَ جي باوجود ملڻ جي آس سان ڳنڍيل هئي. جڏهن ته سورٺ جي اکين اڳيان هن جي سهاڳ سر ڏنو. هميشه جو وڇوڙو پلئه پيس ۽ پاڻ بيوس ڏسندي رهي ۽ ڪجهه به ڪري ڪانه سگهي. ڇا ته اندر ۾ وڍ پيا هوندس. ڪهڙو نه من ۾ مانڌاڻ متو هوندس. ڪيئن نه اکين آب هاريو هوندو!” مختصر طور تي اسان هتي سورٺ جو قصو بيان ڪيون ٿا ته،“ راءَ کنگهار جهونا ڳڙهه جو بادشاهه هو. سندس ماءُ خاتون راڻي وڏي نظر واري دانا عورت هئي. راءَ کنگهار جي گهر ۾ سورٺ نالي هڪ سهڻي وني هئي جنهن جو راءِ کنگهار سان بيحد پيار هو. راءِ کنگهار وڏو سخي ۽ دان ڏيندڙ هو. انهيءَ ڪري عام طرح سان هو راءِ ڏياچ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ٻيجل نالي چارڻ هڪ وڏو ڳائيندڙ گن گويو هو. وٽس هڪ ساز هو جنهن کي مختلف روايتن موجب چنگ، سرندو ۽ ڪينرو سڏيو ويو آهي. انهي جو ميٺاج اهڙو هو جو ٻڌندڙ موهجي ويندا هئا. انيراءِ نالي ڪو ٻيو راجا هو. جنهن ٻيجل کي ريجهائي موڪليو ته ڪنهن طرح وڃي راءِ کنگهار کي راڳ تي راضي ڪري کانئس سر جي گهر ڪري ۽ سندس سر وڍي کڻي اچي. راءِ کنگهار منگتي جي ساز جون پر سوز صدائون ٻڌيون سو خوش ٿي حڪم ڏنائين ته منگتي کي دل گهريا دان ڏيو ته راضي ٿئي تڏهن چيائين ته ”مال جو منگتو ناهيان، آءُ تنهنجي سر جو گهورو آهيان. ۽ سر ڌاران موٽڻ مون لاءِ مهڻو آهي. منهنجو سوال پورو نه ڪيئي ته اڄ کان پوءِ سخا جو نالو ئي نه رهندو.“ ڏياچ چيس ته ”منگتا جو گهريندين سو اوس ملندي.“ اها ڳالهه هلي ويئي ته چارڻ راءِ کنگهار کان سر گهريو آهي ۽ هن کيس ڏيڻو ڪيو آهي بس جونا ڳڙهه ۾ روڄ راڙو مچي ويو. سورٺ پنهنجي ور کي بچائڻ لاءِ ٻيجل کي منٿون آزيون ڪيون پر هن پنهنجي ڳالهه نه ڇڏي. راءِ کنگهار جي ماءُ خاتون راڻي کي سڌ پئي سا سرهي ٿي ۽ پٽ کي چيائين ته پٽ متان منگتي کي سکڻو موٽايو اٿئي.“ کنگهار ٻيجل کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ چيائينس ته ”چارڻ چنگ وڄاءِ، تند هڻ ته هيءُ سر سينگاري توکي ڏيان.“ چارڻ ساز وڃايو، ڏياچ مست ٿي ڪنڌ ڪپي ڏنو. ڏياچ سر ڏنو ڄڻ گرنار جو گل ڇنو. سورٺ جهڙين سوين سهڻين ڏياچ لاءِ رنو.“ ان کان پوءِ سورٺ ڏياج جي چتا سان ستي ٿيڻ لاءِ باهه جي مچ ۾ گهڙي ته ان مهل ٻيجل به پهتو ۽ باهه ۾ ٽپ ڏنائين. جو ضمير سک وهڻ نه ٿي ڏنس.” ڪيترن محققن جو خيال آهي ته هن قصي ۾ مرڪزي حيثيت راء ڏياچ کي آهي، اها ڳالهه درست آهي ته سورٺ جي قصي ۾ شاھ سائين سورٺ تي گهٽ لکيو يا چيو آهي ۽ نتيجي طور اسان جا فاضل محقق جهڙوڪر شاھ سائين سان شڪوا ٿا ڪن ته، “شاهه صاحب سندس پيڙا ۽ ڀوڳنا بابت تمام ٿورو ذڪر ڪو آهي هن گهڻو ذڪر ڪيو آهي ته راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي وچ ۾ تند، ڪٽاري ۽ ڪنڌ جي تعلق جو. ڇا ان جو اهو مطلب وٺجي ته سورٺ جو ڏک ڪونه محسوس ڪيائين يا ان کي اهميت ڪانه ڏني اٿس؟ وٽس ڏياچ جي سنگيت تي سر ڏيڻ جي وڌيڪ اهميت ٿي ڏسجي، ان ڪري سورٺ جهڙوڪر پسمنظر تي هلي وئي آهي، سورٺ سان شاهه انصاف ڪونه ڪيو ائين آهي ته جيتوڻيڪ آکاڻيءَ جا مکيه اداڪار ٻيجل، ۽ راءِ ڏياچ آهن ته به سر کيس سڏيائين سورٺ جي نالي سان. تنهن هوندي به سورٺ ان اهڙي محبت نه ڪئي اٿس جا ڪرڻ گهربي هئس. راءِ ڏياچ جو ڪمال چئبو جو راڳ جي رس تي سر وڍي ڏنائين پر شاباس سورٺ کي به آهي جنهن اکين سان اهو خوفناڪ واقعو ڏٺو. ويچاريءَ بي وسي جي حالت ۾ سينو چيريندڙ ورلاپ ڪيا هوندا.” پر حقيقت ائين ناهي، اهو اسان جي محققن جو پنهنجو ذاتي رايو ٿي سگهي ٿو. پر ڏٺو وڃي ته سر سورٺ ۾ سورٺ جو گهٽ ذڪر هوندي به جهڙوڪر وڌ ذڪر آهي. سورٺ هن سُر جي مالڪياڻي ۽ مکيو ڪردار آهي. محققن لکيو آهي ته، “شاهه صاحب کي پاڻ سنگيت ۽ سماع سان جيڪا محبت ۾ لڳاءُ هو. شايد ان جو پرتوو ڏياچ جي ساز لاءِ سر ڏيڻ ۾ ڏٺائين. انهيءَ سماع جي ڪري خود پاڻ به وقت جي ملن ۽ قاضين جي تنقيد جو نشانو بنيو هو. پر اهي ان مهل تائين نه ڇڏيائين جيستائين ساهه ۾ ساهه هئس. پڇاڙيءَ ۾ پساهه به سماع جي محفل هلندي پورا ٿيا هئس. تنهن ڪري چئي سگهي ٿو ته پاڻ جڏهن سير سفر ڪندي گرنار، جونا ڳڙهه پاسي ويو هوندو، تڏهن اهو داستان ٻڌو هوندائين ۽ ان ۾ موسيقيءَ جي محبت جي حوالي سان ڏياچ جي ڪردار کان گهڻو متاثر ٿيو هوندو. انڪري مکيه ڪردار جي حيثيت ۾ راءِ ڏياچ کي ڳائي سورمو بنايائين. يعني راءِ ڏياج جو ٻيجل جي چوڻ تي سر ڏيئي سرخرو ٿيڻ ۽ سندس مرڻ کان پوءِ سورٺ جو روئڻ، پٽڻ، هن داستان جو دلچسپ پهلو آهي ٻيجل جو ڪردار به شاهه صاحب وٽ گهٽ ڪونهي. راڳيندڙ يا سنگيت ڪار جو وٽس جيڪو مان هو سو ٻيجل کي سندس ڪردار جي ڪچائيءَ جي باوجود ڏنو اٿس. اهو فنڪار جنهن کي سماج گهٽ نظر سان ڏسي ٿو، گهٽ ذات سمجهي ٿو ۽ مگڻو چوي ٿو، انهيءَ ۽ ڏاتار جي وچ ۾ وسيلو ڪونه آهي. چارڻ جو چت ۽ تندن جي تار ٻئي هڪ آهن. ٻنهي جو رابطو سڌو سنئون آهي. اهو فنڪار جڏهن ساز ٿو سوري، جڏهن مگڻو مال بدران سر جي ٿو صدا هڻي ته جونا ڳڙهه جهري ٿو پيون ۽ شاهي جهروڪن ۾ جهانءِ پئجيو وڃي. اهو منگتو، مڱڻهار، پينو، پينار، مال، دولت، سون، رپي ۽ هاٿين کي ٺڪرائي ٿو، هو نه ڪو ضررتمند آهي نه ڪو لالچي آهي.” محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سرندو، سِر جي صدا سُر ۾ گهور هڻي گهرندو، مٿي ري ملوڪ جي چارڻ نه چرندو، جهوناڳڙهه جهرندو، پوندي جهان جهوڪ ۾. پر آئون ذاتي طور تي ان راءِ جي آهيان ته بيشڪ ڀٽائي سر سورٺ ۾ سورٺ جو ذڪر گهٽ ڪيو آهي پر سورٺ پوءِ به هن قصي جي مکيه حيثيت ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته قصي موجب اهو سمورو معاملوٿيو ئي سورٺ جي ڪري ۽ جڏهن سورٺ مري ٿي وڃي ته پوءِ ته قصو ئي ختم ٿي وڃي ٿو. ٿورو غور سان ڏسجي ته اسان کي معلوم ٿيندو ته هيءُ قصو جنهن جي لاءِ اسانجي فاضل ليکڪن جو خيال آهي ته راء ڏياچ جي گرد گهمي ٿو. پر اصل ۾ ائين ناهي. ان قصي جو مرڪز ۽ محور سورٺ آهي. ان ڳالهه جو فيصلو ڀٽائي پاڻ ئي ڏئي ڇڏيو آهي، سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما کَنيا کَنگهارَ، نَه ڪو راڳُ نَه رُوپَ ڪو، نَه ڪا تَندُ تَنوارَ، تِهان پوءِ مَڱڻهارَ، ڏنو سِرُ ڏِياچُ کي. ثابت ٿيو ته هيءُ قصو ۽ ڀٽائيءَ جو سُر سورٺ سورٺ جي ڪردار جي گرد گهمن ٿا. هوء جڏهن مري ٿي ته قصو ئي ختم ٿي وڃي ٿو.
******