8
”بابا هتي ڪاليج به آهي ڇا؟”
”ها پٽ ڪاليج آهي.”
”مان به ڪاليج ۾ پڙهنديس”
”پٽ ٿورو ترس مٿئين سال سرمد به ڪاليج ۾ داخلا وٺندو پوءِ توهان ٻئي ڀاءَ ڀيڻ ڪاليج وڃجو.”
آئون ڏاڍي خوش ٿيس، جهڙوڪر مونکان منهنجي بيماري ئي وسري وئي.
سرمد جي امتحانن جا نتيجا اچي چڪا هئا. ڪو خاص رزلٽ نه آيو. بابا کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي. ۽ امان کي چيائين ته هتي پڙهائي ناهي اسان کي ڪراچي هلڻو پوندو. ٻارڙن جي مستقبل جو سوال آهي. امان مڃڻ واري ڪاٿي هئي. امان چيو آئون هرگز ڪراچي نه هلنديس نه ئي توهان کي وڃڻ ڏينديس. بابا به هار مڃڻ وارو ڪو نه هو. ۽ امان کي وڏي آواز ۾ چئائين،
”صفيه بيگم! جيڪڏهن تون ڪراچي نه هلئين تڏهن به آئون پنهنجي ٻارن کي وٺي هليو ويندس ۽ اتي ٻي شادي ڪندس. مونکي دنيا جي هرشئي کان وڌيڪ پنهنجي ٻارن جو مستقبل آهي. ٻن مهينن کانپوءِ اسان ڪراچي هلنداسين.“
بابا ڪاوڙ ۾ گهران ٻاهر نڪري ويو.
سرمد ۽ آئون ته امان بابا جي جهيڙي ۾ ڪنڊ وٺي وڃي ويهي رهياسين. آئون دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهي هيس. خيالن خيالن ۾ پاڻ کي ڪاليج جي يونيفارم ۾ محسوس ڪري رهي هيس.
امان جيڪا ڳوٺ ۾ وڏيري مشهور هئي ۽ سندس اڳيان ڪو به ڳالهائي نه سگهندو هو. بابا جي اهڙي غير متوقع رويي تي حيران به هئي ته پريشان به هئي. ان ئي شام جو خاله جن اسانجي گهر آيا. خاله سان گڏ سندس وڏو پٽ ريحان به آيو هو. امان ۽ خاله ڊرائنگ روم ۾ هورڙيان هورڙيان ڳالهائي رهيون هيون. شايد امان خاله کي بابا جي ان فيصلي بابت ٻڌائي رهي هئي. آئون پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي ڪو ڪتاب پڙهي رهي هيس ته اوچتو ريحان ڪمري ۾ آيو ۽ منهنجي هٿان مان ڪتاب کسي ورتائين ۽ چيائين.
”اسان هيترن ڏينهن کانپوءِ آيا آهيون توهان سنئين منهن ڳالهايو به نٿا.“
آئون سندس اهڙي روش تي گهٻرائجي ويس ۽ رڳو ايترو چئي سگهيس ته،
”نه اهڙي ڳالهه ناهي.“
”ڳالهه اهڙي ئي ته آهي، آئون ڪيتري دير سان توسان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. تون مون ڏانهن ڏسين به نٿي.“
مون پهريون ڀيرو ريحان ڏانهن اکيون کڻي نهاريو. الائي ڇو مونکي سندس سمورو وجود هڪ شرارت لڳي رهيو هو. سندس هڪ دم ”توهان“ مان ”تون“ ڪري ڳالهائڻ به مونکان نه اڪلي سگهيوهو.
”ڏسان ته پئي توهان ڏانهن.“
”توهان ڇو؟ تون ڪري ڳالهائي نه. وي آر ڪزنس يار“
مونکي سندس فري ٿيڻ بلڪل نه وڻيو.
”دين واٽ اف وي آر ڪزنس.”
هو منهنجي جواب تي ششدر ۾ اچي ويو ۽ هڪ دم رنگ مٽائيندي چيائين.
”آءَ مين، وي مي بي گڊ فرينڊس ٽو...“
ريحان مسڪرائيندي مونکي ڪتڪتايون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيائين،
”ايتري به سنجيدگي چڱي ناهي، ڪجهه کل ته سهي...”
آئون ساڻس وڌيڪ نه ڳالهائي سگهيس. پر سندس ان طرح مونکي ٽچ ڪرڻ مونکي بلڪل نه وڻيو هو.
ٿوري دير ۾ خاله آئي ۽ هو ان سان گڏ هليو ويو.
*****