ناول

معصوم گناھ

آتم ڪھاڻي Autobiography جي انداز ۾ لکيل ھن ناول جي ليکڪا عريشا بخاري آھي. ھوءَ لکي ٿي:
”جيڪڏهن بنيادي طور تي ڏٺو وڃي ته هيءُ ناول آٽوبايوگرافيڪل ناول آهي. جنهن جي هڪ حصي ۾ منهنجي ڪٿا جا آڏا ۽ اڌورا اظهار آهن ته ٻي حصي ۾ منهنجي اڀياس ۽ تحريرن جا ٽڪرا آهن. مون ڪي ڪتاب ساهه سان سانڍي رکيا آهن ۽ هن ناول تي انهن ڪتابن جو اثر ضرور ٿيو هوندو. خاص طور مون زندگي، درد ۽ پيار بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي. اهو سڌو سنئون ڪجهه ڪتابن جو نتيجو آهي.“
Title Cover of book معصوم گناھ

16

منهنجي سهارا هڪ هڪ ٿيندا موڪلائيندا پئي ويا. آخري سهارو ڪتابن کي بڻائي انهن سان لنو لڳايم. مون پنهنجي پيار، زندگي ۽ درد تي تمام گهڻو سوچيو انهن بابت تمام گهڻو پڙهيو. جيڪو پڙهيو آهي انهن مان ڪجهه شيون لکڻ تي دل چئي رهي آهي. منهنجي زندگي عجيب حالتن جي ور چڙهي وئي هئي. جتي درد ۽ خوشيون پنهنجي وچ واري وٿي وڃائي چڪا هئا. مون درد کي درد ۽ خوشي کي خوشي سمجهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي.

پيار
پيار تي ڇا لکان؟ ڪنهن سچ لکيو آهي ته اڄ تائين پيار جي ڪا هڪڙي وصف مقرر ئي نه ٿي سگهي آهي. مون پنهنجي طرفان پيار لاءِ ڪٿي چيو هو، هيءَ اهڙي ڪيفيت آهي جيڪا جڏهن ڪنهن تي سوار ٿئي ٿي ته ماڻهو موڳو ٿي وڃي ٿو ۽ سواءِ ان شخص جي جنهن سان هو پيار ڪري ٿو کيس ڪجهه به نظر نٿو اچي. پيار جو موضوع نفسياتي به آهي، فلسفياڻو به آهي ته سماجي به آهي. انهيءَ ڪري هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو پنهنجي راءِ ڏئي ٿو ۽ پيار جي وصف ٻڌائي ٿو. ڪي چوندا آهن پيار ٿي ويندو آهي ۽ هڪ دفعو ٿيندو آهي. ڪي پيار کي پاڪ ۽ پويتر چوندا آهن. ڪن عالمن جو خيال آهي ته پيار صرف خدا سان ٿيندو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته پيار جو تعلق جنسي جذبي سان آهي. ڪي پيار کي دوکو سمجهندا آهن ۽ گهڻن جو خيال آهي ته پيار مرد ۽ عورت وچ ۾ ٿيندو آهي پر پيار ڇا آهي؟ انهيءَ تي ڪا متفق راءِ ناهي. هڪ عام مشرقي جاگيرداراڻي قدرن وارو پرين پرائي وس آهي. سندس پنهنجو وس نٿو هلي. جيتوڻيڪ عشق به ٻه طرفو آهي. پيار جو جذبو به بي لوث وابستگيءَ وارو آهي. پر پاڻ پرائي وس هئڻ سبب ملي نٿو سگهجي، پر جي ملي سگهي ها ته ڇا ڪري ها؟ ڇپر ۽ ڇاتي ساڻ ملي ها. توهان سوچيو ته اکين جي ڇپرن ساڻ، اکين جو اکين سان ملڻ ۽ ڀاڪرن ۾ ڀرجي وڃڻ وارو تصور آهي. پر پوءِ جڏهن عاشق خواهشون پوريون نٿو ڪري سگهي ته اهي خواهشون خوابن ۾ تسڪين حاصل ڪن ٿيون. پرين خواب ۾ اچي وڃي ٿو. خواب ۾ پرين ڏسڻ کانپوءِ هڪ خوشگوار تاثر پيدا ٿئي ٿو.
پيار روح ۽ جسم جو ميلاپ آهي. پيار جي معاملي ۾ روح کي جسم کان عليحده نٿو ڪري سگهجي. جڏهن من سان من جو ميل ٿئي ٿو ته اهو جسم جي ميلاپ کان سواءِ اڌورو رهجي ٿو وڃي. انهيءَ ڪري شاهه وٽ جسم جي اڃ به موجود آهي. پرينءَ کي حاصل ڪرڻ جي تمنا ۽ انهيءَ جي وصال جي خواهش وٽس موجود آهي. ڇو ته پيار ۾ جمالياتي حس سگهاري ٿيندي آهي ۽ محبوب خوبصورت لڳندو آهي. پر ڪنهن سچ چيو آهي ته وقت بادشاهه آهي، سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏي ٿو. جنهن کي شدت سان پيار ڪجي ٿو. جنهن کان سواءِ پل به گذرڻ جو تصور نٿو ڪري سگهجي. اهو سڀ ڪجهه وقت گذرڻ سان ختم ٿيو وڃي. پرين ملندو رهي ۽ وقت گذرندو رهي، پوءِ اندر جو خال ڪر کڻيو اٿي. وري اڃ، وري تشنگي تار، وري ڳولا پيار جي، پر هن ڀيري محبوب اڻ ڏٺل هوندو آهي ۽ دل چوندي آهي ته اڻ ڏٺو ئي رهي ۽ ملاقات ئي نه ٿئي.
زندگي مادي صورت ۾ ۽ جنس جي موهه ۾ سڀني کي وڻي ٿي. انگ اگهاڙي پيٽ بکئي کي به زندگي ۾ موهه نظر اچي ٿو ته امير کي به زندگي مان جلا ملي ٿي. انهيءَ ڪري لطيف پيار جي دنيا واري تصور کان انڪار نٿو ڪري ۽ تياڳ پسند ناهي. آئون بعضي بعضي ڀٽائي وٽ پناھ وٺندي آهيان. بعضي انهن ماڻهن وٽ جن ڀٽائي وٽ پناھ ورتي آهي.
غربت، سيارو ۽ اڪيلائي آهي، ساٿيءَ جي ضرورت محسوس ڪندي، ٻين جا ور ڏسي وجود مان جنسي نوعيت جا آواز ۽ ٿڌا شوڪارا اڀريو پون. هونئن به اخلاقي دستور ۽ فطرتي تقاضا مختلف آهن. انهيءَ ڪري اسان زياده دير اخلاقي مطالبا نٿا ڪري سگهون. هر دور۾ قدرن کي ٽوڙڻ ۽ بغاوت ڪرڻ غير اخلاقي حرڪتون سمجهيون ويون آهن. قتل و غارت ٿيندي رهي آهي، پر پوءِ به هر دور ۾ پيار ٿيندو رهيو آهي.
سڄي ڪائنات محبوب جو ديدار آهي، هر طرف پريم جا اشارا، ڍنگ ۽ روپ آهن. پريم جو ڪو هڪ نئون رنگ ۽ ڍنگ سامهون اچي ٿو ته پيار آفاقي ۽ امربڻجي وڃي ٿو. هر ماڻهو پهرين آهي. هر ماڻهو محبوب آهي. محبوب اندر ۾ به آهي محبوب ٻاهر به آهي ۽ ان کانپوءِ وجود هڪ ٿي وڃي ٿو، پر ان کان اڳ توهان ڏٺو درد ۽ وڇوڙو ئي هو. يعني خدا کان وڇڙيل روح ۽ زندگي _ ڪثرت ۾، فاصلن ۾، وحدت کان وڇڙيل زندگي _ ڪو درد ۽ ڏک هئي. هاڻي ڇا آفاقيت جي پيار واري تصور ۾زندگيءَ جو درد ۽ روح جي تڙپ ختم ٿئي ٿي ۽ محبوب اندر ۾ جاري و ساري رهي ٿو. جواب آهي نه! روح جي تڙپ ٿانيڪي نٿي ٿئي.ڇو ته ان منزل تي شعور زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانگهي ٿو ۽ جسم ۾ فنايت سرايت ڪري وڃي ٿي. جتان هڪ جينئس (genius) جو درد شروع ٿئي ٿو، ڪيئن روح کي ٿانيڪو ڪجي؟ پاڻ کي ڪيئن پرچائجي!! ڀٽائي موسيقي ۾ پناهه ورتي ڇو ته سڀ ڪجهه مٺ مان واريءَ وانگر نڪريو ٿي ويو، ڪنهن کي بقا نه هئي. روح جو ساٿ جڏهن جسم ڏنو ٿي تڏهن روح اڻ ڄاڻ هو، مايا جي پويان ڀٽڪي رهيو هو ۽ اندر جي اڌمي کي ٿانيڪو ڪري رهيو هو. پر جڏهن روح Mature ٿيو تڏهن وري جسم ساٿ نباهي نه سگهيو. مايا به آهي، موهه به آهي پر روح اڪيلو ٿي ويو ۽ جسم جدائيءَ ۾ آخر رک ٿي ويو. پوئتي ورائي ڏٺو ته سڀ ڪجهه جک هئي، ڪجهه به ته نه هو! بس اهو ئي روح جو الميو آهي. ڪنهن چيو هو پيار جا هزارين روپ آهن، پيار زندگي سان وابسته آهي، زندگي پيار کان بغير اڌوري آهي، پيار ئي انسان کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائي ٿو. پيار، جسم جي خوبصورت ادائن ۽ مايا جي ول ڇل ۾ آهي، پيار محبوب جي انگ آڇڻ ۾ آهي. پيار وڇوڙي ۾ به آهي ته وصل ۾ به آهي. پيار ٻار جي معصوم مرڪ ۾ به آهي ته پيار ماءُ جي هنج ۾ به آهي. پيار پيار آهي نه ڪوڙو آهي، نه سچو آهي، بس تلاش ۽ جستجو جو محرڪ ۽ جيئڻ جو لاثاني سهارو آهي. ۽ اهو ئي پيار آهي جنهن کي آئون پنهنجن لفظن ۾ معصوم گناھ جي نالي سان سڏيندي آهيان. جيڪو گناھ مون ڪيو آهي. آئون ان گناھ جو اعتراف ڪيان ٿي.
*****