ڪھاڻيون

ابابيل جي آخري اڏام

علامتي ڪھاڻين جي لکيل مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي.
جنھن رسول ميمڻ کي ھڪ دفعو پڙھيو سو کيس ڪڏھن بہ وساري نہ سگھندو. ڇاڪاڻ ته هو، جيڪي لکي ٿو ان ۾ ماڻهن جي دردن جون ڪهاڻيون هونديون آهن ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي دردن جو ڳالهيون لکڻ واري کي آسانيءَ سان وساري نه سگهندو آهي. ھو موجودھ دور جي لکندڙن ۾ گھڻو پڙھيو ويندڙ ليکڪن جي فھرست ۾ مٿئين درجي وارو ليکڪ آھي، جنھن قلم ذريعي سماج کي سنوارڻ جو ڪم ڪيو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 1752
  • 690
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ابابيل جي آخري اڏام

علامت نگاري

(سنڌي ادبي سنگت پاران ڏنل ليڪچر)

علامت نگاري ادبي طرح وضاحتي ادب نه پر ڪنهن شيءِ کي علامت ڏئي اڀارڻ يا اڳتي آڻڻ آهي جنهن جو مقصد سوچن کي نئي معنيٰ ڏئي پيش ڪرڻ آهي، اهي سوچون جيڪي وڄ جي اوچتي چمڪڻ جيان دماغ ۾ پيدا ٿي هڪ الهامي صورت اختيار ڪن ٿيون پر اهي سوچون اسان جي حواسن جي حدن کان ٻاهر نه آهن ۽ خارجي طرح لاڳاپيل آهن، علامت نگاري هڪ تحريڪ جي صورت ۾ فرانسيسي شاعري اندر 1880ع ۾ منظر عام تي آئي جڏهن اتان جي ٽن وڏن شاعرن بودلئر، ملارمي ۽ ورلن ان کي نئين علامتن ۽ اشارن سان موسيقيت ۽ روانيءَ واري انداز ۾ پيش ڪري مقبوليت ڏياري. اها تحريڪ اسان کي 1890ع ۾ پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿي، روسي ادب ۾ علامت نگاريءَ جو عروج 1892ع کان 1910ع تائين وارو دور آهي، ان دور ۾ اها فرانسيسي شاعري کان متاثر رهي پر ان علامت نگاريءَ جو بنياد ان وقت جو روسي سماج آهي. روس ۾ ان جي ابتدا هڪ فلسفي سولويوف جي ذريعي ٿي پر ان کي اڳتي آڻڻ ۾ برسوف، بلاڪ، بيلي، بلمونٽ ۽ ايوانوف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ويهينءَ صديءَ جي شروع تائين علامت پسندي جي تحريڪ جو عروج رهيو جنهن کان پوءِ اها تحريڪ بلڪل انڌيرن ۾ غائب ٿي وئي ان جو وڏو سبب ان تحريڪ جو غلط هٿن ۾ وڃي استعمال ٿيڻ هو، اهڙا شاعر جيڪي ان تحريڪ سان انصاف ڪري نه سگهيا ۽ انهن ان کي پنهنجي ذات جي وضاحت جو نشانو بڻايو.
ادب جي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته علامت نگاري هونئن ته تمام قديم آهي پر اوڻويهي صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ علامتن کي هڪ نئين فڪر سوچ ۽ انداز سان پيش ڪيو ويو: اهي علامتون جيڪي ديومالائي يا لوڪ داستانن مان استعمال ڪيون وينديون هيون انهن کي بلڪل بدلائي نئين انداز ۾ ايجاد ڪيو ويو، جنهن ڪري علامت نگاريءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو جيڪو هڪ تحريڪ جي صورت ۾ هرطرف ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڦهلجي ويو، اهو سڀ جديد علامت نگاريءَ جي ٻن شاعرن اسٽيفن ملارمي ۽ پال ورلن جي تخليقن جو ئي ڪمال هو.
اسٽيفن ملارمي 1842ع ۾ فرانس ۾ پيدا ٿيو جيڪو علامت نگاريءَ جي تحريڪ کي پنهنجي عروج تي کڻي ويو، سندس شاعريءَ جو مشهور ڪتاب پوئيسز (POESIS) 1887ع ۾ ڇپيو ۽ سندس ٻيو ڪتاب ورسز ايٽ پروز 1893ع ۾ منظر عام تي آيو، اهي ٻئي ڪتاب ان جي زندگيءَ ۾ ڇپيا. سندس شاعريءَ ۾ موسيقي جو تاثر آهي جيڪو علامت نگاريءَ جو خاص ڪمال آهي، ڇو جو علامت نگاريءَ کي لفظن جي موسيقي چيو وڃي ٿو جيڪا جيئن ڪو خواب ۾ ٻڌندو هجي. هن جي وفات 1897ع ۾ ٿي. علامت نگاريءَ جي ٻي وڏي بانيءَ پال ورلن 1844ع ۾ فرانس ۾ جنم ورتو، هن جي زندگيءَ جو باب ڏاڍن دکدائڪ واقعن سان ڀرپور آهي. هن پنهنجي زال، گهر ٻار ۽ نوڪري ڇڏي راهه فرار اختيار ڪئي. هو ويراڳين جيان ڀٽڪندو رهيو هن کي ڪٿي به سڪون نصيب نه ٿيو. هن جو موت انتهائي مفلسيءَ جي حالت ۾ ٿيو. هن جي زندگيءَ جو حال اردو افسانه نويس سعادت حسين منٽوءَ جي حياتيءَ کان مختلف نٿو نظر اچي. هو شراب جو وڏو شوقين هو ۽ شراب پيئندي ئي هن دم ڏنو. هن 1894ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جي خاص ڳالهه ان ۾ موجود موسيقيت ۽ رواني آهي، جيئن ته اڄ جو موضوع صرف علامت نگاري آهي. ان ڪري آئون صرف ان لفظ جي وصف جي وضاحت ڪندس. آئون پنهنجو موضوع فلسفيانه طور ۽ طريقن سان واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. جيستائين علامت نگاريءَ جي وصف جي مڪمل وضاحت نه ٿي وڃي آئون ڪوشش ڪري ڪنهن به شعر يا ادب جي صنف کي ان ۾ حوالي طور پيش ڪرڻ کان پاسو ڪندس. ڇو جو منهنجي نظر ۾ هتي ٿيل بحث اڃا اڻ پورو ۽ نامڪمل آهي. آئون علامت نگاريءَ جي نفسياتي پهلوئن تي پڻ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس، اسان کي سڀ کان پهريون ڏسڻو پوندو ته علامت نگاري وضاحتي ادب جو ضد آهي ان ڪري آئون وضاحتي ادب يا (Descriptive Literature) تي ڪجهه ڳالهائڻ پسند ڪندس. وضاحتي ادب عام فهم ۽ سڌي سنئين پيرائن ۾ لکيل اهڙو مواد آهي جنهن ۾ هر شيءِ جي وضاحت ٿيل هجي. هڪ اهڙي رستي جيان جنهن کي ڪو به موڙ يا چوراهو نه هجي، اهڙو رستو جيڪو راهه کان اڻ سجهيل ماڻهو کي جيڪڏهن سمجهائجي ته ان لاءِ ڪا به وضاحت نه ڪجي سواءِ ان جي ته جتي اها واٽ کٽي ٿي، اتي سندس منزل آهي. وضاحتي ادب ۾ وڌيڪ ڪنهن وضاحت جي ڪا به ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو ادب وڌ کان وڌ لکيو ويو ته اهو وضاحتي ادب آهي، جيتوڻيڪ وضاحتي ادب اسان کي حقيقت نگاري (Realism) جو حصو نظر اچي ٿو پر جڏهن اسان لفظ حقيقت نگاري استعمال ڪريون ٿا ته دنيا جون سڀ حقيقتون ان ۾ سمائجي وڃن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته علامت نگاريءَ جو سڀ کان وڏو تصادم حقيقت نگاريءَ سان ٿيو پر آئون چوندس ته حقيقت نگاري علامتن ۾ تبديل ٿي وئي پر ان لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان جي شعور جا ڪرڻا ان مادي ۾ ڪيتري حد تائين اندر گهري گهرائيءَ تائين پهچن ٿا. حقيقت هر شيءِ ۾ سمايل آهي، ان کي ڳولهڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسين ڪائنات جي هر شيءِ کي ڏسون ٿا ته اهي شيون واقعي ئي موجود آهن، دنيا وهم (Illusion) نه آهي جيڪو جڏهن ڏسون ٿا ته آهي ۽ اکين بند ڪرڻ کان پوءِ تبديل ٿيو وڃي. آخر اسان جا ٻيا حواس به ته موجود آهن يا ڊيڪاريٽ جي فلسفي موجب ته هر شيءِ کي شڪ جي نگاهن سان ڏٺو وڃي سو اسين اکين بند ڪرڻ کان پوءِ واقعي ئي ان مونجهاري ۾ مبتلا ٿي وڃون ته واقعي هاڻي دنيا موجود نه آهي، پوءِ بند ٿيل اکيون کولي پنهنجي ڀرسان واري کان پڇون ته جڏهن آئون اکيون بند ڪيون ته دنيا موجود هئي. هي وڻ ٽڻ، آسمان ۽ پاڻي ڇا انهن جو رنگ ساڳيو هيو جيڪو هاڻ نظر اچي ٿو ۽ ڀرسان وارو جواب ڏئي “ٻه چار ڏينهن بيهه آئون توکي سوچي ٻڌائيندس” ڏسو فلسفو ڪيڏو نه مذاق ۾ تبديل ٿي ويو پر ائين نه آهي، اسان کي هر ڳالهه کي شڪ ۾ رکي حواسن جو هڪ جلدي رد عمل پيدا ڪرڻو پوندو آهي، جنهن تحت اسين زندگيءَ جا فيصلا ڪري سگهندا آهيون. خود علامت نگاريءَ جي وصف ۾ سوچن جو حواسن جي حدن کان ٻاهر نه هجڻ گهرجي. ان ڳالهه جي وضاحت آهي، علامت نگاري جو حواسن کان ٻاهر هجڻ ان کي تباهي ۽ زوال جي طرف گهلي ويندو، هڪ اهڙي سوچ تحت ويهين صديءَ جي شروع ۾ ان تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو پر جڏهن حواسن کان ٻاهر پاڳل پڻي ديوانگيءَ جون ڳالهيون ڪري انهن کي وري معنيٰ خيز ڪوٺيو ويو.
اسين سڀ پنهنجي حواسن سان (Perceive) ڪيون ٿا، اها ٻي ڳالهه آهي ته فرد جا اهي احساس ڪيتري قدر گهرا يا تيز آهن. اها نعمت فطرتي طرح ڪيتري قدر ان فرد جي حصي ۾ آئي آهي، اها ان کي ڪيتري گهرائي يا تيز نظر بخشي ٿي. هڪ انڌو شاعر دنيا کي وسيع نظرن سان ڏسڻ جي صلاحيت رکي سگهي ٿو، هو جڏهن پنهنجي ڏيک کي لفظن جي صورت ۾ آڻي ٿو ته اکين وارا به حيرت ۾ ئي پئجي وڃن ٿا، هڪ شاعر جي اک جيڪو ڏسي ٿي اها عام اک نه ٿي ڏسي، اسين هڪ چنڊ کي لکين تشبيهون ڏئي چڪا آهيون، ڌرتي هوا ۽ پاڻيءَ کي جيئن اسين محسوس ڪريون ٿا، اها ڪيفيت جيڪڏهن عام فرد تي مڙهي وڃي ته هڪ نواڻ کان جنهن ۾ ڌرتيءَ جو پنهنجو رنگ، هوا ۽ پاڻيءَ جي پنهنجي ٿڌاڻ، مطلب ته هر شيءِ جي نئي صورت کان ڄاڻ ان کي هڪ نئي لذت سان همڪنار ڪري ڇڏي.
جيڪڏهن علامت نگاريءَ کي هميشه لاءِ جيئرو رکڻو آهي ته ان کي سائنسي بنيادن تي تبديل ڪرڻو پوندو. علامت نگاريءَ جي وصف جي وضاحت ڪندي مٿي چئي آيا آهيون ته اها حواسن ذريعي خيالن کي نئون روپ ڏئي ٿي. سج ڌرتيءَ جي چوگرد ڦري ٿو، اسان کي بلڪل ائين ئي نظر اچي ٿو پر اسين سائنسي بنيادن تي پنهنجي حواسن کان پڇون ته ڇا اهو واقعي ئي برابر آهي. سچ ته آرٽ کان وڌيڪ ڪا سائنس ئي نه آهي، اسين آرٽ ۽ سائنس الڳ ڪري نه ٿا سگهون، اسان جي تعليمي نظام ۾ اسان جي ننڍڙن ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهاري وڃي ٿي ته آرٽ ۽ سائنس ٻه الڳ شيون آهن، سچ ته اسان کي گمراهه ڪري اهڙي واٽ تي ڇڏيو وڃي ٿو، جتي اسين باقي سفر مونجهاري واري ڪيفيت ۾ ڪيون ٿا. جديد فلسفي ۾ سائنس کي وڏي اهميت حاصل آهي. سائنسي فلسفي جي ابتدا ڪندڙ هزرلس چواڻي فلسفي کي شعوري هجڻ گهرجي، ان کي مذهبي يا روحاني طور طريقن مان ٻاهر آڻي سائنسي معيارن تي پرکي واضح ۽ اجرو ڪجي جيئن اهو موجود سائنسي ترقيءَ جو ساٿ ڏئي جيئرو رهجي سگهي. هسل جيڪو فرائيڊ جو همعصر هيو ان فلسفي ۽ نفسيات تي ڳالهائيندي چيو، نفسيات انسان جي داخلي ۽ فلسفو ان جي خارجي دنيا سان لاڳاپيل آهي، سو جڏهن ڪا شيءِ سچائي سان پيش ڪجي ته اها امر ٿي وڃي ٿي. هسل جو فلسفي کي خارجي دنيا سان ڳنڍڻ ان کي امر ڪرڻ آهي. اهڙي طريقي سان اڳتي هلي هن (Phenomenology) جي وضاحت ڪئي ۽ چيو اها شعور جي بناوٽ آهي، جڏهن اسين فلسفي کي خارجي دنيا سان لاڳاپيل چئون ٿا ته اسان کي جديد سوچن ۽ ضرورتن موجب سوچڻو پوندو. ڊيڪارٽ جنهن جي روحاني فلسفي هزرل کي اڳتي آڻڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري فلسفي جي نئين راهن ٺاهڻ ۾ مدد ڏني، تنهن چواڻي ته توهان هر شيءِ کي شڪ جي نگاهن سان ڏسو، اهو شڪ توهان کي اهڙي سچ ڏانهن وٺي ويندو جنهن ۾ شڪ جي ڪا به گنجائش نه هوندي. اسان دنيا جي چوگرد جڏهن سج جي گردش کي شڪ جي نگاهن سان ڏٺو ته تجربن ثابت ڪيو ته واقعي ئي ڪڏهن ائين نه به هوندو آهي جيئن نظر ايندو آهي. اهڙن ئي پوءِ فلسفي جي ڳالهين جي وضاحت لاءِ يورپ ۾ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون، جن ۾ هڪ انسان جي ٻئي انسان تي نفرت، خوف ۽ پيار جي احساسن کي سائنسي بنيادن تي پرکي جديد فلسفي جو آغاز ڪيو ويو. آئون توهان کي علامت طور استعمال ٿيل ٻه لڪيرون سمجهايان ٿو جنهن کي ملرليئر جو گمان يا(Illusion) چيو وڃي ٿو.
توهان انهن ٻن لڪيرن کي ڏسندا ته اهي توهان کي هڪ وڏي ۽ ٻئي ننڍي نظر ايندي توهان ٿوري شڪ جي گنجائش پيدا ڪريو، وري غور سان ڏسو، انهن ٻنهي لڪيرن جي ماپ ساڳي آهي، اسان کي هڪ لڪير ان ڪري ڊگهي ڏسڻ ۾ اچي ٿي جو ان جي ڇيڙن وٽ ٻشانگيون اسان جي نظرن کي هيٺ طرف کڻي وڃن ٿيون جڏهن ته ٻئي لڪير ۾ ان جي ڇيڙن وٽ پهچي اسان جون نظرون پوئتي موٽ کائن ٿيون اسان کي پنهنجن حواسن کي سائنسي طريقن سان بدلائڻو پوندو.
علامت نگاري اهڙي سوچ کي اڀاري ٿي جيڪا اسان کي هيٺ گهرائيءَ تائين نهارڻ تي مجبور ڪري ٿي. اها هر صورت ۾ نواڻ کي جنم ڏئي ٿي ۽ ورجاءَ جي ان ۾ ڪا به گنجائش نه ٿي بچي. ان ۾ هڪ سڏ سمايل ٿئي ٿو يا اها انسان جي اهڙين سوچن کي جاڳائي ٿي جن سان ان جو شعور پهريون آشنا نه ٿيو آهي. وضاحتي ادب پڙهندي هڪ عام پڙهندڙ ڏاڍي پرفڪر پر آرام ۽ آسانيءَ واري صورت ۾ ويٺل نظر اچي ٿو پر جڏهن سڀ صورتون علامتن ۾ بدلجي وڃن ٿيون ته هن لاءِ ذهني اضطراب ۽ پيڙا واري ڪيفيت پيدا ٿي پوي ٿي، پوءِ اهو ان ڳالهه تي منحصر آهي ته ان ۾ ڳالهه کي جذب ڪرڻ جي ڪيتري سگهه موجود آهي، انساني حواسن جو معيار ساڳيو نه رهندو آهي، ان ۾ وقت سان گڏ تبديلي رونما ٿيندي آهي. هڪ کيڙيل ۽ زرخيز زمين جو مثال وٺو، ڪيترو به مينهن وسي پر اهو ان ۾ جذب ٿي ان لاءِ طاقت جو سبب بنيو آهي پر ٻي جيڪا سم ۽ ڪلر سان ڀريل آهي، مينهن ته ان لاءِ وڌيڪ گندگي ۽ عذاب جو سبب بنجي ويندو. وهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪن ۾ انساني ذهن تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. وضاحتي ادب سڪي ويل ڍنڍ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي جتان ڪو به ساهه وارو پنهنجي اڃ اجهائي نه سگهندو ته ادب جون ٻيون شاخون جن ۾ ذهن کي اڀارڻ، اڳتي آڻڻ يا سڏڻ جي سگهه آهي، اهي بي حد ضروري ٿي پيون آهن، اسان وٽ گذريل ڏهن ٻارهن سالن کان ماڻهن جو سياست ڏانهن لاڙو ۽ ادب کي سياست کان پوءِ سمجهڻ، ان ڳالهه جي گواهي آهي ته ادب ۾ ساڳيو روايتي وضاحتي ورجاءُ رهيو. نوجوانن پنهنجن اڳين هم عصر اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي بنايل مضبوط بنيادن کي مٿي نه کنيو پر ڄڻ اهي نامڪمل عمارت جي اڌ ڀتين تي ٿڪيل مسافرن جيان چڙهي ويهي رهيا. اسان وٽ نثر ۾ وضاحتي ادب ذريعي هڪ سٺي ابتدا جو بنياد ته پئجي ويو پر خود اڳتي هلي اسان جي وڏن ۽ ناميارن اديبن اڳيان به ڄڻ هڪ نامڪمل ۽ بند ٿيل رستو اچي ويو، جتي انهن اسان کي بهترين وضاحتي ادب ڏنو، اتي سواءِ شاعريءَ جي صنف جي وقت سان گڏ ڪا ارتقائي تبديلي عمل ۾ نه آندي، جنهن ڪري هڪ پڙهندڙ ۽ لکندڙ جو رشتو ٽٽي پيو.
ادب ۽ شاعري فلسفي جون سڀ کان سگهاريون قوتون آهن، مضمون نگاري، ادب ۽ شاعريءَ جي سج جا اهي ڪرڻا رهي آهي جيڪي انهن جي تخليق مان ڦٽي نڪرن ٿا، جيڪڏهن سارتر وجوديت جي فلسفي کي اڳتي وڌايو ته هن مضمون نگاري نه ڪئي، هن ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون. ڪاميو سان به ساڳي شيءِ لاڳو آهي. ساتر جو (Nausea) (اوڪارا) يا ڪاميو جو سسيفس جي ڏند ڪٿا يا (ڌاريو) اهي ئي ناول آهن جيڪي جديد وجوديت جو بنياد بڻيا. ان کان پوءِ مضمونن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو تنقيد نگارن جي حصي ۾ آيو. وجوديت جو فلسفو ڪيئن به سهي فرانس جي اڳتي وڌيل معاشري ان کي جذب ڪيو ۽ هڪ پراڻي ڳالهه کي نئين انداز ۾ پڙهي ان مان لطف اندوز ٿيو، پوءِ اها لطف اندروزي آپگهات تي ختم ٿي يا انساني زندگي تي منحصر آهي ته اسين مواد کي ڪهڙي ڪنڊ کان جاچيون ٿا، هڪ ٽيڏو ڦڏو مواد آهي، هر ڪنڊ کان ان جي هڪ نئين صورت آهي پر اهو مواد اهڙوئي آهي جهڙو ان جو وجود موجود آهي، جيڪڏهن سسيفس هڪ سزا واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهي ته اهو علامت آهي اسان انسان ذات جي جيڪي وقت جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهيون ۽ ائين اسان تي هڪ مايوسي واري ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. (Nausea) ۾ دنيا نفرت ۽ اوڪارن جي علامت آهي، جڏهن انهن علامتن ۽ اشارن کي سمجهجي ٿو ته لڳي ٿو انساني سوچ ۽ شعور سڀ ڪجهه آهي، دنيا هڪ الڳ ٿلڳ شيءِ اهي جيڪا ذهن کان گهڻو پري آهي پر ڇا سسيفس جي ڪيفيت اسان کي بغاوت تي نه ٿي اڀاري، هاڻي هڪ پڙهندڙ تي آهي ته هو ڪيئن (Perceive) ڪري ٿو، هو بزدل ٿي پوي ٿو يا انفرادي آزاديءَ لاءِ سماج سان ٽڪرائجي پوي ٿو، سچ ته اهو آهي جڏهن اسين پنهنجين ذلتن تي سوچيون ٿا ته هڪ نئي انقلاب جي راهه هموار ڪريون ٿا، اسين ائين ڪڏهن به نه ٿا چئي سگهون ته ڪرڪ گارڊ، هسل، هيگر، سارتر يا ڪاميو اسان کي نظرياتي طرح مايوسي ڪيو پر اهي ته سڀ زندگيءَ جون حقيقتون آهن جن کان ڪنهن به صورت ۾ اسين منهن موڙي نه ٿا سگهون، جڏهن آئون پنهنجن ميرن ڪپڙن ڏانهن نهاري ان ڳالهه جو اقرار نه ڪندس ته اهي واقعي ئي ميرا آهن ته ڀلا انهن کي ڌوئڻ جو خيال منهنجي ذهن ۾ ڪيئن ايندو، ته اهو سڀ اسان جي perception تي منحصر آهي ته اسين ڳالهين کي ڌيان ۾ ڪيئن آڻيون ٿا. آئون ان جي مٿي ڄاڻايل ادبي بحٿ کي وائٽ هيڊ جي نظرين سان ڀيٽائي perception يا ادراڪ ۾ آڻڻ جي نفسيات متعلق ڪجهه ڳالهائيندس، وائٽ هيڊ پنهنجي ڪتاب “علامت نگاري ان جي معنيٰ ۽ اثر“ ۾ لکي ٿو، خيال علامتن جو مجموعو آهي، جيئن ڪا ٻولي يا ان جا گهڙيل لفظ. آئون چوان ٿو ته آئون هڪ ڪتاب ڏسي رهيو آهيان، جڏهن ته ٿي سگهي ٿو آئون ڪا ڳاڙهي قسم جي مستطيل شڪل جهڙي شيءِ ڏسي رهيو هجان ته لاڳاپن جي عمل يا Transectionsism ان عمل کي اڳتي وڌائي پيش ڪيو، جيئن آئون پنهنجو پاڻ سان شرط رکندو هجان ته جيڪا شيءِ آئون ڌيان ۾ آڻيان ٿو اها ائين ئي آهي جيئن آئون سوچيان ٿو، جيئن ته مون کي دنيا ۾ رهڻو ۽ ڪم ڪرڻو آهي ان ڪري آءُ اهڙيون شرطون دل ئي دل ۾ رکندو اچان ٿو. Transectionism جو موجد هزل آهي جنهن چيو ته perception ماحول سان لاڳاپي جو نالو آهي، اها صرف اکين کولڻ جو عمل نه آهي ته پوءِ اسين اهڙين علامتن ۽ اشارن کي ڪيئن Perceive ڪريون ٿا جيڪي شاعري يا ادب جي صنف ۾ موجود آهن، اهو اسان جي ذهني معيار ٿي منحصر آهي. جيڪڏهن ڪو علامتن جو غلط مطلب ڪڍي پاڻ تي مايوسي واري ڪيفيت طاري ڪري سمنڊ جو رخ ڪري ٿو ته ان ۾ ڪاميو يا ٻئي ڪنهن جو ڏوهه نه آهي. يورپ ۾ اهڙيون ليبارٽريون قائم ڪيون ويون جن ۾ تجربا ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته اسين جيڪو perceive ڪيون ٿا ان ۾ هزارين غلط فهميون ۽ دوکا سمايل آهن. اهو سڀ ائين نه آهي جيئن اسان کي نظر اچي ٿو. هڪ فوٽو گراف جيڪو هڪ ستل انسان جي پيرن واري پاسي کان ڪڍيو ويو آهي ان جو ڏيک ڪجهه اهڙي نموني جو ٿيندو جو هن جا پير هن جي باقي جسم جي نسبت اسان کي ڪجهه وڏا نظر ايندا. هڪ ٽڪنڊي نما ڪمرو جنهن کي ”بگڙيل روپن وارو ڪمرو“ جي نالي سان سڏيو ويو، جڏهن ان جي هڪ پاسي سوراخ ڪري ان اندر بيٺل ڊگهي مرد ۽ ٻار کي ڏٺو ويو ته پريان انهن ۾ واضح فرق نظر آيو، پر جڏهن ٻار ۽ مرد کي جاءِ مٽائڻ لاءِ چيو ويو ته ٻار جو قد ڊگهي مرد کان به وڏو ڏسجڻ ۾ اچڻ لڳو، ته اهي ئي تجربا هئا جن جي بنيادن تي يورپ ۾ جديد تجريدي آرٽ جو بنياد رکيو ويو، ڇو جو اهڙا عمل اسان جي زندگيءَ جو ئي حصو آهن، جن کي اسين پنهنجي ذهن ۾ نه ٿا آڻيون، پر هڪ فنڪار دنيا کي ٻئي نموني ڏسي ٿو، جيڪڏهن پڪاسو جي ڪا ٺاهيل تصوير اسين ڏسون ته اها ڏنگين ڦڏين لڪيرن جو مجموعو نه آهي، پر ان پويان سوين تجربا لڪليل آهن، جيڪي اسان کي عام رواجي زندگيءَ ۾ ڳولهڻا پوندا. اهو سڀ ڄاڻي واڻي يا (Intentionally) نه ڪيو ويو آهي پر دنيا جا عڪس هڪ فنڪار جي ذهني آئيني سان ٽڪرائجي بگڙيل صورت ۾ موٽ کائن ٿا جنهن ڪري اهي حقيقت کان پري نه آهن، اهي سڀ ماحول سان لاڳاپيل آهن يا Transectionism جو حصو آهن، اهي اهڙين علامتن جيان آهن جن ۾ زندگي ساڳي رنگ ۾ موجود آهي، جيئن حقيقت ۾ آهي.
علامت نگاري جي وصف ۾ جيڪا خاص ڳالهه آهي اها آهي ڪنهن سوچ يا فڪر جو وڄ جي چمڪي جيان اوچتو پيدا ٿي پوڻ، آئون ان کي الهامي چوڻ کان ٿورو محتاط رهندس، ڇو جو اهو سڀ هڪ فنڪار يا مفڪر جو ئي دماغ آهي، جنهن ۾ سوچون بادلن جيان هر وقت ذهن تي پاڇو ٺاهيون بيٺيون آهن، ٿوري به ذهن ۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿئي ٿي، سوچ جا بادل تيزي سان هيڏانهن هوڏانهن سفر ڪري پاڻ ۾ گسي اوچتو ڪنهن نئين خيال کي وڄ جي چمڪي جيان پيدا ڪري وجهن ٿا پر اهو سڀ ڪجهه ائين نه هوندو آهي جو اسين جڏهن چاهيون پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن نئين خيال کي جنم ڏئي وجهون، پين کڻون ۽ سٺو شعر لکي وجهون پر هڪ سچي فنڪار يا مصور جي مسلسل ذهني آنڌ مانڌ جيڪا هن ۾ لاشعوري طور جاري رهندي آهي اهو سڀ ڪمال ان جو ئي هوندو آهي، جو ڪڏهن رستي ويندي چانهه پيئندي يا ڪنهن ٻئي موضوع تي ڳالهائيندي اوچتو اها وڄ چمڪي پوندي آهي ۽ اسين ڪاغذن تي ان کي منتقل ڪري وجهندا آهيون، تازو هڪ مريض مون وٽ اسپتال ۾ طبعيت ڏيکارڻ آيو، جيڪو سرديءَ کان ڏڪي رهيو هو، آئون ڏٺو ته ان کي معمولي مليريا هئي جيڪا اسان وٽ هڪ عام بيماري آهي، اهڙا مريض هڪ عام رواجي ڳالهه آهي پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ نسل پرستي هيٺ ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو هو ۽ هڪ ڏهڪاءُ واري صورت حال هئي مون کي ائين محسوس ٿيو اهو شخص مليريا کان نه پر حالتن ۽ ماحول جي خوف واري ڪيفيت کان ڏڪي رهيو آهي، جنهن جي اثر هيٺ آئون ”مليريا“ نالي ڪهاڻي لکي ويٺس، جنهن ۾ هر شخص هڪ اهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي جيڪا هن کي ڏڪڻ تي مجبور ڪري ٿي ته اهو سڀ ڪجهه منهنجي ذهن ۾ آنڌ مانڌ جيان موجود هيو، پر اهو خيال آءُ ڄاڻي واڻي پيدا نه ڪيو ته مون کي ائين سوچڻ گهرجي ته اهڙيون سوچون خود لاڳاپن واري عمل يا Transectionism جو حصو آهن.
اهي ڳالهيون صرف ادب سان نه پر سائنس سان به لاڳو رهيون، نيوٽن جيڪڏهن (Law of gravity) کي ڳولي لڌو ته اهو (Intentional) يا ڄاڻي واڻي نه هيو. هن جي ذهن ۾ ڀريل سائنسي آنڌ مانڌ جا بادلن هڪ صوف جي وڻ مان هيٺ ڪرڻ سان وڄ جي چمڪي جيان جاڳي پيا، اهڙا سوين مثال تاريخ ۾ ڀريا پيا آهن، ڇا ارشميدس اٽلي جي راڻيءَ طرفان ڏنل هڪ سائنسي مسئلي جي اوچتي حل ٿي وڃڻ تي شهر جي گهٽين مان رڙيون ڪندو ائين چوندو نه پئي ويو ته هن کي ملي ويو.... ملي ويو؟
انسان جو اهڙو ذهني عمل نواڻ کي جنم ڏئي ٿو، جيڪا بظاهر ته ڏاڍي سادي سودي آهي پر ان ۾ گهرائپ ۽ وڏي سوچ جو خزانو موجود آهي. ادبي علامت نگاري ان لحاظ کان ورجاءَ کان پري رهي ٿي. هر دفعي تخليقڪار جو ذهن هڪ نئين سوچ کي جنم ڏئي ٿو. اهڙي طرح هڪ علامت نگار پيغمبر آهي، جنهن وٽ پنهنجي سوچ جا صحيفا موجود آهن، جيڪي الهامي نه پر هن جي ذهن جي مسلسل آنڌ مانڌ جو نچوڙ آهن، جنهن ۾ اهي سوچون ماحول سان لاڳاپي جي صورت ۾ نازل ٿين ٿيون، جن تي خود مفڪر يا سائنسدان خود حيران رهجي وڃي ٿو ته آخر هن سوچيو ڇا؟ ۽ ٿي ڇا پيو؟ هو پنهنجي اهڙي تخليق تي خوشي ۽ حيرانگيءَ جو اظهار ڪري ٿو.
دراصل اسين شدت سان ڪنهن شيءِ کي ذهن ۾ قيد ڪريون ٿا ته اها هڪ ٻئي صورت ۾ تبديل ٿي آزاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر اهو سڀ اسان جي حواسن جي ئي پيداوار ٿئي ٿو جيڪا علامت نگاريءَ جي پڻ وصف اهي ته اهڙيون سوچون الهامي هوندي به اسان جي حواسن کان ٻاهر نه آهن.
آءُ مثال لاءِ توهان اڳيان مختصر لفظن ۾ هڪ علامتي منظر پيش ڪريان ٿو، ڪو شخص آهي جيڪو شينهن جي خوف کان ڀڄندو وڃي کوهه جي مالهه ۾ ٽپو کائي چنبڙي ٿو، شينهن اتي ئي کوهه جي ڪناري تي ماڻهوءَ جي ٻاهر نڪرڻ جي انتظار ۾ ويهي رهي ٿو. مالهه ۾ لڙڪيل شخص کوهه ۾ ان سان گڏ هيٺ مٿي ٿيندو خوف کان اٽڪيو رهي ٿو، کوهه مٿان ماکيءَ سان ڀرپور هڪ مانارو آهي جنهن مان ماکيءَ جا قطرا ٽمي هن جي وات ۾ ڪري غذا فراهم ڪن ٿا ۽ هو جيئرو رهڻ جي قابل رهي ٿو، هڪ نوريئڙو آهي جيڪو مالهه جي واڍ کي هڪ هڪ تند جي صورت ۾ ٽڪيندو رهي ٿو ۽ اها واڍ وقت سان ڪترجندي رهي ٿي. خوف کان جڏهن اهو شخص هيٺ پاڻي ۾ ڏسي ٿو ته هن کي هڪ ازدها نظر اچي ٿو جيڪو وات کوليون هن جي هيٺ ڪرڻ جي انتظار ۾ ويٺو آهي، اهو شخص ائين اتي جيئندو رهي ٿو.
اهي سڀ ڳالهيون اسان کي پنهنجي حواسن کان پري ۽ بڪواس معلوم ٿن ٿيون. ضرور هڪ سوال اڀري ٿو ته آخر ان ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڄاڻايو ويو آهي اهو ڪيئن ممڪن آهي. ظاهري طرح اهو سڀ اڻ هوندو ۽ ناممڪن جي دائري ۾ نظر اچي ٿو پر توهان کي ان کي علامت نگاريءَ جي وصف سان پرکي ڏسو توهان اهو Transectionism جو حصو يا ماحول سان لاڳاپيل نظر ايندو .ڇا منظر يا سوچ وضاحتي آهي؟ پر ان ۾ وضاحت بدران هڪ مونجهارو پيو محسوس ٿئي پر ڏٺو وڃي ته اهو منظر زبردست (Evoking) آهي. انساني سوچ کي روايت پسنديءَ کان پري وٺي هن جي ذهن کي ڪنهن نئين ڳالهه تي جاڳائيندڙ ۽ ذهن جهوريندڙ آهي، بلڪل ائين جيئن ڪو ساڳيو فوٽو گراف ڏسندو هجي جيڪو هن جي پيرن واري پاسي کان ورتل آهي يا جيئن بگڙيل روپن واري ڪمري اندر نهاريندو هجي، ڇو جو ان منظر کي اسان جا حواس قبول نه ڪن پيا؟ پر هن منظر تي ظاهري طرح ماڻهوءَ جا حواس ئي خطا پيا ٿي وڃن جيئن نظر اچي پيو واقعي ئي هڪ ڏاڍو ڊيڄاريندڙ پرخطر ۽ انساني سوچن جي حواسن واري دائري اندر نه ايندڙ منظر آهي پر توهان پنهنجي وجود تي سوچيو ان ۾ ڪا به ڇرڪڻ جي ڳالهه نه آهي ته اهو مالهه ۾ ڦاٿل وجود توهان جو آهي، هن جو آهي ۽ منهنجو آهي، ڪجهه به نه آهي هڪ عام رواجي انساني زندگيءَ جو منظر آهي، جنهن مان هر ڪو گذري رهيو آهي، صرف زندگيءَ جي مشاهدن کي علامتون ڏنيون ويون آهن، بلڪل ائين جيئن جڏهن دنيا وجود ۾ آئي هوندي ته ان جي هر شيءِ صرف علامت ۾ هوندي ۽ ٻوليءَ جي تخليق هر علامت کي شيءِ ۾ تبديل ڪيو هوندو. هتي انسان جي حياتيءَ جي پڄاڻيءَ کي موت بدران شينهن جي علامت آهي، جيڪو هميشه انسان جي ڪڍ آهي، کوهه جي مالهه دنيا جي گردش جي علامت آهي، وڻ مان ٽمندڙ ماکي روزگار جي علامت آهي، مالهه جي واڍ کي ڪتريندڙ نوريئڙو ويندڙ وقت جي علامت آهي ۽ هيٺ وات کولي انسان کي ڳڙڪائڻ جي انتظار ۾ ويٺل ازدها قبر جي علامت آهي. اسين سڀ ڌرتيءَ جي گردش ۾ لڙڪيا پيا آهيون، موت اسان لاءِ خوفناڪ ۽ ڪنهن وقت به حملو ڪندڙ آهي، جدوجهد جي صورت ۾ ڪجهه کائي جيئرا آهيون، حياتيءَ جا ڏينهن کٽندا وڃن پيا ۽ هڪ ڏينهن قبر حوالي ٿي وينداسون. اهو ته سڀ ڪجهه آهي جيڪو اسان مٿان گذري پيو، هن مٿان تو مٿان ۽ مون مٿان ته پوءِ ان ۾ ڪهڙي ڳالهه خوفناڪ ۽ حواسن کي خطا ڪندڙ آهي.
سچ ته علامت نگاري ان آني جيان آهي جيڪو اسان جي دماغ ۾ موجود رهي ٿو. جيستائين اهو ماحول جي گهٽ وڌائي سان لهه وچڙ ۾ اچي (Fertilised) ٿي هڪ (Embryo) کي جنم ڏئي پر ان جي جنم جو ڪو به وقت مقرر نه آهي، ٿي سگهي ٿو ڏينهن ۾ ڪيترائي دفعا پيدا ٿي پوي يا انساني پيدائش کان به گهڻو وقت وٺي.
علامت نگاري جو خارجي پهلوئن سان لاڳاپيل هجڻ لازمي آهي، اهو ئي خاص سبب آهي جو علامت نگاريءَ جو ويهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ زوال اچي ويو، ان جو عروج جيڪو پنجويهن ٽيهن سالن تي مشتمل آهي، اهو ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ نه رهيو ان جو وڏو سبب ان تحريڪ جي داخلي يا شاعر جي پنهنجي ذات تائين محدود ٿي وڃڻ هيو، جنهن ڪري اها صنف ڌڪجي ادب جي ٻين صنفن پويان هلي وئي پر اهو غلط آهي ته اها تحريڪ فنا ٿي وئي. ڪجهه سالن کان يورپ ۾ ڪن شاعرن ان تحريڪ کي هڪ دفعو وري نئون جنم ڏنو آهي، جن ان کي ملارمي ۽ ورلن جي طرز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن ۾ خارجي عنصر نمايان طور موجود آهن، اهڙي طرح جيئن اها تحريڪ غلط هٿن ۾ وڃي تباهيءَ سان همڪنار نه ٿي. هاڻي وري هڪ نئين جوش ۽ ولولي سان ماڻهن جي ڏکن ۽ پيڙائن مان نئين سونهن ۽ سچائي جو روپ ڌاري اڀري رهي آهي.