امن جي اهڃاڻ خاطر
هو ميڊيڪل جو شاگرد هيو، اٽڪل چئن سالن کان هو هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين ائين ئي سفر ڪندو رهيو هيو، ٻه چار مهينا اڳ اهو نئون رستو ٺهي تيار ٿيو هيو جنهن تي هو هاڻي ويگن ۾ سفر ڪري رهيو هيو. نه ته پراڻو رستو شڪارپور کان ٿيندو هڪ وڏو چڪر هڻي ان ٻئي شهر ٿي پڳو، اهو سفر هاڻي هن لاءِ پهريون کان آسان ٿي پيو هيو هو، هر هفتي ان روڊ تان لنگهندو هيو، ور وڪڙ کائيندڙ ڪاري ڏانڀر مان ٺهيل ڪنهن ڪاريهر جيئن ڊگهو رستو، جيڪو نئون هجڻ ڪري ڪيترن ڪلوميٽرن تائين ويران ڏسڻ ۾ ايندو هيو، رستي جي ٻنهي پاسن کان ڪلراٺي زمين ۽ ان جي آسپاس سم جي پاڻيءَ جا دٻا ائين محسوس ٿيندا هيا جيئن اڇي برف پگهرجي پاڻي ٿي وئي هجي، رستي جي ٻنهي پاسي ايترا وڻ به ڪو نه هيا تنهن هوندي به ڪيترائي پکي سرديءَ جي موسم ۾ ڏورانهين ڏيهن کان سفر ڪري ان واديءَ ۾ اچي لهندا هيا ۽ بهار جي آخر تائين روڊ جي پاسن کان ننڍن کاٻن ۾ پيا تڙڳندا هيا. پوءِ گرميءَ جي موسم ۾ ائين لڳندو هيو ڄڻ سمورا پکي گرمي جي تپش ۾ رجي هوا ۾ تحليل ٿي ويا هجن ۽ انهن جي جسم جو ڪو به حصو باقي نه رهيو هجي. اهڙن پکين ۾ سڀ کان وڏو تعداد انهن ڳيرن جو هوندو هيو جيڪي ڪنهن ٽريفڪ يا گاڏيءَ جي پرواهه ڪئي ڌاران وچ روڊ تي ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. ميرانجهڙي رنگ وارا اهي پکي روڊ جي پاسن کان اڏامندا اچي ڪاري ڏامر تي ويهندا هيا ۽ ڪنهن جي پرواهه ڪيئي بنا پيا هيڏانهن هوڏانهن گهمندا رهندا هيا، انهن کي اها خبر نه هئي ته جنهن واديءَ ۾ اڄ کان ٻه چار مهينا اڳ اهي ايندا رهيا هئا، اتي انسانن پنهنجي حد مقرر ڪرڻ لاءِ روڊ جو هڪ ڪارو ليڪو پائي ڇڏيو هيو پر انهن وسيع ذهن ۽ دماغ وارن پکين وٽ ان ڪاري ليڪي جي ڪا به اهميت نه هئي. هو اڄ به ڪنهن شيءِ جي پرواهه ڪئي بنا پيا ان کي پنهنجي ننڍن پيرن سان، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي لتاڙيندا هيا، ڪڏهن ڪڏهن ڪا ويگن تيز رفتاريءَ سان هلندي انهن لاپرواهه پکين جي ٽولن مٿان پوندي هئي ۽ جيئن ئي اهي مٿي اڏامندا هيا زوم سان ويگن جي اڳين شيشي سان ٽڪرائجي پري وڃي ڪرندا هئا. ويگن جا مسافر ان اوچتي جهٽڪي تي ويگن ۾ اندر ننڊ جا جهوٽا کائيندي ڇرڪ ڀري اکيون پٽيندا هيا پر ان کان اڳ ئي ويگن انهن رتوڇاڻ ٿيل پکين کي پوئتي ڇڏي ڪافي اڳتي نڪري ويندي هئي.
هو اڄ به ساڳي روڊ تي سفر ڪري رهيو هو. ڊرائيور جي ڀرسان واري سيٽ تي وهندي هن اڀ ڏانهن نهاريو، بهار جي موسم ۾ بادل بلڪل ائين لڳندا آهن جيئن ڪا نوجوان عورت ڪپڙا بدلائڻ لاءِ ڪارن پردن واري ڊريسنگ روم ۾ هلي وئي هجي، يا ڌرتيءَ پنهنجي سونهن لڪائڻ لاءِ آسمان کان پردو ڪيو هجي. هو نوجوان شاعر هيو، ٻاويهن سالن جو خوبصورت ۽ جذباتي، هو عمر جي ان حصي مان گذري رهيو هيو، جڏهن هرڪو پاڻ کي ويهن محبوبائن جو عاشق سمجهندو آهي پر هڪ شاعر جي حيثيت ۾، هن جون محبوبائون ٻين کان مختلف هيون، هو امن ۽ آشتيءَ جو عاشق هو.
ويگن دڙي کان مدئجي طرف اڳتي وڌي چڪي هئي. هو ڊرائيور جي ڀرسان واري سيٽ تي ٽيڪ ڏيو اڳتي روڊ ڏانهن نهاري رهيو هيو، ڳيرن جا ڪيترائي ولر روڊ جي پاسن کان ڦڙڪي رهيا هئا، ويگن ڪيترائي دفعا انهن سان ٽڪرائجندي ٽڪرائجندي بچي هئي. هو اهو سڀڪجهه هن مهل تائين خاموشيءَ سان ڏسندي پئي آيو. ڊرائيور ڪنهن به پرواهه کان سواءِ تيزيءَ سان گاڏي هلائي رهيو هيو، هن کي انهن ڳيرن جي ڪا به پرواهه نه هئي. ويگن هڪ دفعو وري ڳيرن جي هڪ ولر مٿان وڃي پئي، ڳيرا ڦُر ڪري اڏري گول چڪر هڻي ڏور اڏامي ويا، هن خونخوار نظرن سان ڊرائيور ڏي نهاريو.
”گاڏي خيال سان هلاءِ“
ڊرائيور پهريون ڀيرو هن سان نظرون ملائي کيس ائين ڏٺو، ڄڻ ان کي سندس ڳالهه تي اعتبار نه آيو هجي.
”ڇو؟ ڇا ٿيو هوش ۾ ته آهين نه؟“ ڊرائيور چيو ۽ پوءِ وري هو ساڳي تيز رفتاريءَ سان گاڏي هلائڻ ۾ مهو ٿي ويو.
”امن“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو، ”هي ڳيرا جيڪي امن جي علامت آهن، جن جو رنگ بلڪل ڌرتيءَ جهڙو ميرانجهڙو آهي، اهي جيڪڏهن ماريا ويا ته اها امن جي گهٽتائي ٿيندي، دنيا جيڪا هيل تائين ڪيترين عظيم جنگين جي ڀوائتي شڪل ڏسي چڪي آهي جن ۾ ڪيئي انسان موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن، هڪڙن انسانن هٿان ٻين انسانن جو خون، ڇا اسان کي ان ڳالهه تي آمادهه نه ٿو ڪري ته اسان امن جي اهڃاڻ ان پکيءَ جو قدر ڪيون ۽ امن جي عزت ڪريون، امن جي اهڃاڻ کي بچائي امن کي بچايون“.
هو سوچن ئي سوچن ۾ هاسٽل جي ان ڪمري ڏانهن هليو ويو، جتي انور رهندو هو، جيڪو هن جي نظرين جي شديد مخالفت ڪندو هيو. هو هن جي امن جي ان فلسفي جو شديد مخالف هيو ته ڪو امن هٿيارن جي ڊوڙ سان ختم ٿي سگهي ٿو. هن سوچيو ڄڻ انور هن کي چوندو هجي، ”تون جنهن پکيءَ کي امن جو اهڃاڻ سمجهين ٿو، اهو بيوقوف آهي، ان وٽ هڪ اهڙي بندوق جو هجڻ لازمي آهي، جنهن سان هو تيزيءَ سان ويگن هلائيندڙ ڊرائيور کي ختم ڪري سگهي“. هن کي انور جي ان ڳالهه تي ڪاوڙ آئي.
”ڊرائيور جو موت يا ڳيري جو موت، اهو سڀ بدامنيءَ جي علامت آهي، هر صورت ۾ جنگ آهي“. پوءِ ڄڻ تصور ئي تصور ۾ هن جو انور سان بحث ڇڙي پيو.
”دنيا مان جنگ تيستائين ختم نٿي ٿي سگهي، جيستائين هر انسان وٽ پنهنجي بچاءَ جا مڪمل وسيلا نه ٿا مهيا ٿي وڃن، دنيا ۾ هٿيارن جي برابري انسان کي هر جنگ کان آجو رکي سگهي ٿي“. انور چيو ۽ هو جذباتي ٿي ويو.
”گهر ۾ رکيل بم به، ڪاليج جي ڇوڪريءَ جي ڪيل عشق جي ڳالهه وانگر ڪڏهن به ڦاٽي سگهي ٿو، جنهن سان پرايو گهر ته ڇا پر پنهنجو گهر به تباهه ٿي سگهي ٿو. هٿيار هر صورت ۾ تباهيءَ جي نشاني آهن“.
هن جي ڳالهه تي انور سوچيو ۽ پوءِ چيو، ”تون اتفاقي ڳالهين کي ان وچ ۾ نه ٿو آڻي سگهين اهو ته ائين آهي جيئن ڪو رات جو راهه ويندو کوهه ۾ ڪري پئي، اصل مقصد انسان جي نفسيات، خواهشون ۽ ان جو وحشي پڻو آهي. انسان موقعو ملڻ تي ڪنهن به ٻئي انسان تي ڌاڙي هڻڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگهي. دنيا جي تاريخ ۽ موجوده حالتون تنهنجي سامهون آهن. ڏکڻ آفريڪا جا ڪارا شيدي، لبيائي عوام، وچ اوڀر جا هيسيل انسان ۽ هر اسرندڙ ملڪ، ڇا اهي مثال تو لاءِ ڪافي نه آهن؟“.
”پر جيڪڏهن دنيا جا طاقتور ملڪ متفق ٿي پنهنجي هٿيارن ۽ بارود جا انبار تباهه ڪري ڇڏين ته ڇا دنيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي؟“ هن چيو.
”انسان ۾ حڪمراني ۽ اقتدار جي لالچ هن کي وحشي بڻائي ڇڏيو آهي“. انور چيو، ”دنيا ۾ آدم جي ڌرتي تي اچڻ کان پوءِ امن، هابيل قابيل جي جنم سان، ختم ٿي چڪو آهي، صرف خوف ئي هڪ اهڙي قوت آهي، جنهن سان انسانن کي هڪٻئي کان ڊيڄاري پري رکي سگهجي ٿو. انسان جنهن به شيءِ کان بيخوف هوندو آهي، ان تي هڪدم حملو ڪندو آهي. ان جو حل اهو آهي ته گڏ ٿي اهڙين طاقتن سان جنگ ڪجي، جن جو خوف ختم ٿي چڪو آهي“.
انور جي وات مان جنگ جو لفظ ٻڌڻ شرط هن جي جسم ۾ باهه لڳي وئي. ”جنگ جو تصور انسانذات لاءِ خطرناڪ آهي، ماضيءَ ۾ انسان جي گهڻي ئي نسل ڪشي ٿي چڪي آهي، هر انسان پاڻ کي امن جو علمبردار سمجهي ٻئي تي حملو ڪيو آهي! پر ڇا دنيا ۾ ڪڏهن جنگ جي ذريعي امن قائم ٿي سگهيو آهي، سڀ کان بهتر شيءِ انسان جي ضمير ۽ شرم کي سجاڳ ڪرڻو آهي، عيسيٰ جيان جيڪڏهن ڪو هڪ ڳل تي چماٽ هڻي ته، ٻئي ڳل ڏيڻ سان هن جي شرم ۽ ضمير کي ضرور جهنجهوڙي سگهجي ٿو”. هن چيو ۽ انور انتهائي مايوس ٿي ويو. هو هر صورت ۾ پنهنجي ڳالهه کي مڃائڻ لاءِ ڳت ڏئي بيهي رهيو، ڪاوڙ مان هن جي جسم جو هر عضوو ڏڪڻ لڳو، هو اٿي بيٺو ۽ ڀر ڪري هن کي ڳٽي واري چماٽ وهائي ڪڍيائين ”ته پوءِ هيڏي ڪر ٻيو به ڳل“ انور چيو.
هن محسوس ڪيو ته هو درد جي درياءَ جي لهرن ۾ غوطا کائيندو واپس اچي ويو هجي. ويگن ساڳي رفتار سان روڊ تي ڊوڙي رهي هئي. هو غمگين ٿي ويو. هن جي ڳالهه کي سمجهڻ وارو ڪوئي به ڪو نه هيو. هن سوچيو هو امن کي ضرور بچائيندو، ان جو علمبردار ٿيندو. ويگن تيزيءَ سان هلندي ڳيرن جي هڪ ولر مٿان وڃي پڳي هئي هن کي پڪ ٿي وئي ته هڪ نه هڪ ڳيرو گاڏيءَ جي شيشي سان ٽڪرائجي ضرور مرندو، ان کان اڳ جو گاڏي انهن سان ٽڪرائجي، هن ڊرائيور جي سيٽ ڀرسان پير وڌائي بريڪ تي پنهنجي پوري قوت سان زور ڏنو. گاڏي چرڙاٽ ڪندي وچ روڊ تي بيهي رهي. ڳيرا گول دائري ۾ چڪر هڻي اڏامندا ويا. ٿوري دير ۾ هڪ ڌماڪو ٿيو. هن کي ائين لڳو ڄڻ پويان ڪا شيءِ زور سان ٽڪرائي هجي، ڪيترن ئي ماڻهن جي چيخن ۽ ڪنجهڻ ڪرڪڻ جا آواز آيا. هو ۽ ڊرائيور تيزيءَ سان دروازو کولي هيٺ لٿا. پويان ويگن سان، ڪنهن گاڏيءَ جي ٽڪرائجڻ ڪري ٻه ماڻهو مري چڪا هئا.