روئندڙ ٻار جو الميو
ماڻهن جو هجوم هيو جيڪو اتي اچي ڪٺو ٿيو هيو. هر ڪنهن پنهنجي ڳالهه پئي ڪئي.
”ان کي پڪ سان پيٽ ۾ سور آهي“. ڪنهن ڳالهايو ”ڊاڪٽر کي ڏيکاريوس“.
هجوم ٻار کي کڻي ڊاڪٽر وٽ پهتو. ڊاڪٽر ٻار کي تپاسيو، ان جي پيٽ ۾ هٿ سان رگها هنيا.
”منهنجي خيال ۾ ٻار جو پيٽ ٺيڪ آهي“. ڊاڪٽر ڪجهه غير يقيني انداز ۾ چيو ”هن سان ٻئي ڪا واردات آهي“.
ماڻهن جي هجوم ۾ سناٽو ڇانئجي ويو.
”ٿي سگهي ٿو ان کي ڪن ۾ سور هجي“. ڪنهن وري ڳالهايو.
ڊاڪٽر ٻار جا ٻئي ڪن تپاسيا.
”منهنجي خيال ۾ اهي ٺيڪ آهن“. هن وري غير يقيني انداز ۾ چيو.
هجوم ۾ وري چپ ڇائنجي وئي، هر ڪو هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسندو رهيو.
”بابا توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟“ هڪ عورت اڳتي وڌي ٻار کي ٻئي عورت کان وٺي پنهنجن هٿن ۾ جهولڻ لڳي. هن معصوم ٻار سان اهو سمجهندي به ته ڪجهه ڏينهن جو ڄايل آهي، ڳالهايو ”بس بابا.... بس“ هن ان کي چمي ڏئي وندرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻار روئندو رهيو.
”لڳي ٿو ٻار کي هوڙ ۾ سور آهي“ ڪنهن چيو ۽ هجوم ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.
”اڙي ٻار جي عمر کي ڏس..... ان کي ڏند ئي ڪو نه آهن ته هوڙ ڪيڏانهن آئي؟“ ڪنهن جواب ڏنو.
”اچو ته هن کي ڪو سٺو رانديڪو ٿا وٺي ڏيون“. ڪنهن چيو،
”ان کي رانديڪي جيتري سمجهه نه آهي. هيءُ ته بلڪل ابهم آهي“. هجوم مان ڪنهن عورت ڳالهايو.
”مون کي ڏيو ته مان ٿو پرچايانس“ ڳوٺ جي مسخري ماڻهن جي هجوم کي چيريندي ٻار تائين پهچندي چيو. هن ٻار کي عورت جي هٿن مان وٺي ان اڳيان جانورن جون عجيب ۽ غريب شڪليون ٺاهي ان کي ريجهائڻ جي ڪئي، پر ٻار روئيندو رهيو. مسخري ٻيو ڪو چارو نه ڏسي ٻار کي پيٽ ۽ پٺيءَ تي ڪتڪتايون ڏنيون، ٻار جي روئڻ جو آواز اڃا به وڌي ويو. هجوم پريشان ٿي ويو.
ٿوري دير گذري ته ڳوٺ جو مذهبي پيشوا اچي اتان لنگهيو. مذهبي پيشوا کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي سڀ ماڻهو پري هٽي هن کي وچ ۾ جاءِ ڏئي آڻي روئندڙ ٻار جي مٿان بيهاريائون ۽ هن کي سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيائون.
”ٻار کي سخت بک لڳي آهي“. مذهبي پيشوا خود اعتمادي سان ڄڻ آخري فيصلو ٻڌايو.
”هن کي جيڪڏهن کير نه مليو ته ٻار تڙپي مري ويندو“. هن ڳوٺ جي نوجوان عورتن ڏانهن منهن ورائي چيو. ”هن ٻار جي ماءُ ڪير آهي جيڪڏهن هن ٻار جي دعويٰ ڪنهن به عورت نه ڪئي ته پوءِ هن ٻار کي قتل ڪيو ويندو؟ مذهبي پيشوا چيو ”هن ٻار کي ڳوٺ ۾ گناهن ۽ بي حيائيءَ جي نشاني سمجهي ڪڏهن به جيئڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.... هيءُ ٻار اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ تباهي ۽ بي غيرتي جو سبب ٿي پوندو... هن کي ڪنهن به صورت ۾ قتل ڪيو ويندو“. ڳوٺ جي عورتن جي وات مان ٿڌا شوڪارا نڪري ويا.
مذهبي پيشوا پنهنجي کيسي مان پاڪ ڪتاب ڪڍي هر عورت آڏو ڦهلائي ان کان ان ڳالهه جي گواهي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻار ان جو نه آهي. هر عورت هٿ وڌائي پاڪ ڪتاب تي رکندي وئي. ”مون کي پاڪ ڪتاب جو قسم آهي ته مان پاڪدامن آهيان، ٻار منهنجو نه آهي“. هر عورت هڪ ٻئي پويان چوندي وئي ۽ جڏهن سڀني عورتن پنهنجي پاڪدامنيءَ جو قسم کڻي پورو ڪيو ته مذهبي پيشوا پريشان ٿي ويو.
”ته پوءِ هن ٻار کي ڪنهن جنم ڏنو آهي؟“ مذهبي پيشوا چيو ۽ سڀ ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا. ايتري ۾ پري کان ڳوٺ جو مسخرو نظر آيو. هو جڏهن هجوم جي ويجهو آيو ته گهڻي سهڪڻ ڪري هن جي وات مان لفظ ئي نه پئي نڪتا، جڏهن اهو ٿوري دير سهڪي سامت ۾ آيو ته هن پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيري هجوم کي مخاطب ٿي چيو ”ڳوٺ جي کوهه ۾ هڪ عورت جو لاش پيو آهي..... مون پنهنجين اکين سان ان لاش کي ڏٺو آهي؟“
”هن جي ڳالهه تي يقين نه ڪجو.... هيءُ اهڙا ڀوڳ ڪندو رهندو آهي“ هجوم مان ڪنهن چيو.
”پوءِ هلو ان لاش کي پاڻ ڏسي پڪ ڪريون“ مذهبي پيشوا چيو ته پورو هجوم ان جي پويان هلندو اچي ان کوهه جي مٿان بيٺو. هر ڪنهن کوهه ۾ هيٺ نهاريو. کوهه جي تري ۾ ڪنهن عورت جو لاش پاڻي ۾ تري رهيو هيو. سڀني مردن ۽ عورتن جي واتن مان سيسراٽ نڪري ويا، خوف کان هر ڪنهن جا چپ اڇا ٿي ويا. هجوم جي ڪجهه فردن ان لاش جي منهن کي چتائي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. مذهبي پيشوا گهڻي دير تائين ان عورت جي لاش کي ڏسندو رهيو. هن جي اکين مان ڳوڙهن جا ڦڙا هيٺ کوهه جي پاڻيءَ ۾ ڪري پيا. هن جو منهن لهي ويو ۽ چپ ڏڪڻ لڳا ائين محسوس ٿيڻ لڳو. جيئن هن کي مرگهيءَ جو دورو پوڻ وارو آهي. نيٺ هن پاڻ تي ضبط ڪري اکين کي اگهيو.
”گناهگار کي ان جي سزا ملي وئي“ پوءِ هن هجوم ڏي منهن ڪري چيو ”هن ڳوٺ جون عورتون سچيون آهن، انهن پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي ڪوڙي گواهي نه ڏني هئي. هاڻي شڪ جي ڪا به گنجائش نه رهي آهي. کوهه ۾ ترندڙ عورت جو لاش ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان عورت ٻار کي جنم ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي ضمير جي هٿان مجبور ٿي خودڪشي ڪئي. ڳوٺ جون عورتون توهان واقعي ئي پاڪدامن آهيو“.
ڳوٺ جي سڀني عورتن ۾ ڄڻ ساهه موٽي آيو، انهن دل ئي دل ۾ خدا کان شڪر جي دعا گهري جنهن انهن کي ان وڏي امتحان مان صحيح سلامت گذرڻ ۾ مدد ڪئي.
ڳوٺ جا مرد مرجهايل منهن سان اڃان به ڪجهه سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا، انهن جا منهن لٿل ۽ جسم ڍلا هيا، انهن مان ڳالهائڻ جي شڪتي نڪري وئي هئي هو سڀ خاموش هيا.
”پر ٻار جو ڪنهن به صورت ۾ جيئرو رهڻ اسان جي معاشري لاءِ بهتر نه آهي“. مذهبي پيشوا جو دکدائڪ ۽ ڏڪندڙ آواز هڪ دفعو وري گونجيو ”هن کي ختم ڪرڻ ۾ ئي بهتري آهي“ ان کان اڳ جو مذهبي پيشوا ٻار کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي، هجوم ۾ بيٺل عورتن ۾ بيچيني وڌي وئي.
”عورت کي ته ان جي گناهن جي سزا ملي وئي پر آخر اهو ڪهڙو مرد آهي جيڪو ان سان ڏوهه ۾ شريڪ ٿيو، ٻار کي قتل ڪرڻ کان اڳ ان کي سزا ڏني وڃي“ هجوم مان ڪنهن عورت ڳالهايو. مذهبي پيشوا ڪجهه دير سوچ ۾ پئجي ويو، هن جي نرڙ جا گهنج گهاٽا ٿي ويا. هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا جنهن ڪري ان جي ٻانهن ۾ پيل روئندڙ ٻار جو جسم به لرزڻ لڳو. ڳوٺ جا مرد شڪ جي نگاهن سان هڪ ٻئي کي ڏسي هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيا.
”ها ضرور....“ مذهبي پيشوا جو روئڻ جهڙو آواز اڀريو، ”انصاف جو تقاضو ضرور پورو ڪيو ويندو.“
پوءِ هو اڳتي وڌيو ۽ هن ڳوٺ جي مردن ڏانهن نهاريو.
”توهان مان جيڪو گناهگار آهي.....اهو ٻاهر نڪري نروار ٿئي نه ته هر مرد کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي ان ڳالهه جو اقرار ڪرڻو پوندو ته اهو بي گناهه آهي“.
مذهبي پيشوا ٿوري دير انتظار ڪيو پر هجوم مان ڪو به مرد ٻاهر نه نڪتو، هو هڪ دفعو وري پاڪ ڪتاب ڪڍي مردن ڏانهن وڌيو.
”توهان کي هن ڪتاب تي هٿ رکي پنهنجي بي ڏوهي هجڻ جو ثبوت پيش ڪرڻو پوندو“. هن چيو ۽ پوءِ پاڪ ڪتاب کي هر مرد آڏو ڦهلائيندو ويو. سڀ مرد هڪ هڪ ٿي ان ڪتاب تي هٿ رکندا ويا.
”اي مذهبي پيشوا هن پاڪ ڪتاب جو قسم آهي مان بي گناهه آهيان“ هر ڪو مرد هڪ ٻئي پويان ساڳيو جملو چوندو ويو. سڀ کان آخر ۾ جڏهن ڳوٺ جي مسخري جو وارو آيو ته هن پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي ان کي چمي ڏني ۽ پوءِ مذهبي پيشوا جي ٻانهن ۾ پيل روئندڙ ٻار جي مٿي تي هٿ گهمائي ان کي پرڀائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”خبردار تون پنهنجي ڪڌي مذاق سان پاڪ ڪتاب جو تقدس پامال ڪري رهيو آهي، تون هڪ ئي مهل پاڪ ڪتاب ۽ ٻار کي ڇهي نه ٿو سگهين“. مذهبي پيشوا چيو ۽ مسخرو ڏڪي ويو. ڳوٺ جي مذهبي پيشوا قهر ڀريل نظرن سان مسخري کي نهاريو ۽ پوءِ هن جون اکيون ڳوٺ جي سڀني مردن ڏانهن کڄي ويون.
”ته ڇا توهان مان ڪو به ان ڳالهه جو اقراري نه آهي ته اهو ڏوهي آهي؟“ هن سوال ڪيو
”اسين بي گناهه آهيون“ ڳوٺ جي سڀني مردن هڪ آواز ۾ چيو.
”ته پوءِ هن ٻار جو وجود ڪيئن پيدا ٿيو“ هن هڪ دفعو وري پڇيو
سڀ چپ ٿي ويا ۽ صرف روئندڙ ٻار ڏانهن نهاريندا رهيا.
”کوهه جي تري ۾ پيل لاش مريم جو ته نه آهي“؟ ڳوٺ جي مسخري ڳالهايو.
”بڪواس بند ڪر بدبخت مسخرا تون واجب القتل آهين..... توکي نه بخشيو ويندو“. مذهبي پيشوا اکيون ڳاڙهيون ڪري ان ڏانهن نهاريو، مسخرو ڊڄي ويو ۽ هن جا هٿ ڪنن تائين اچي ويا.
”منهنجو اهو مطلب نه هيو، مون پئي چوڻ چاهيو ته متان کوهه جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن مرد جو لاش به پيو هجي، ڇو جو ڳوٺ جي ڪنهن به مرد ان ڏوهه جي ذميواري پنهنجي سر تي نه کنئي آهي“.
ڳوٺ جي مذهبي پيشوا هڪ دفعو وري کوهه ۾ نهاريو.
”نه صرف اتي عورت جو لاش آهي“ هن وڏي آواز ۾ چيو ”پر ان گناهگار مرد کي ضرور سزا ملندي“.
”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جڏهن ته ڪو به مرد پاڻ تي اها تهمت کڻڻ لاءِ تيار نه آهي“.
هجوم مان ڪنهن عورت ڳالهايو.
”منهنجو خدا ۾ يقين آهي، اهو گناهگار کي ڪڏهن به نه بخشيندو“.
مذهبي پيشوا چيو ۽ هن جو سڄو جسم ڪنهن خوف کان ڏڪڻ لڳو.
”پر ٻار بي قصور آهي“ ڪنهن عورت چيو. ”ان کي سزا ڏيڻ بي واجبي آهي“.
”توکي اهو جملو چوڻ جي ڏوهه ۾ سنگسار به ڪري سگهجي ٿو، ڳوٺ جي بي وقوف عورت“ مذهبي پيشوا چيو.
”ته پوءِ ٻار کي قتل ڪرڻ کان اڳ ان مرد کي ڳولي سزا ڏني وڃي، انهن جي گناهه جي عيوض اهو ٻار مصيبت ۾ گرفتار ٿيو“ ڪنهن عورت وري ڳالهايو.
”خدا ان کي ضرور سزا ڏيندو، پاڪ ڪتاب جي جنهن به بي حرمتي ڪئي آهي ان تي ضرور قهر نازل ٿيندو“.
مذهبي پيشوا جو جسم وري ڏڪڻ لڳو.
”ته پوءِ ڪير آهي جيڪو اڳتي وڌي هن ٻار جي ناپاڪ جسم کي روح کان الڳ ڪري خدا آڏو سرخرو ٿيندو“ مذهبي پيشوا چيو ۽ پوءِ هو هجوم ڏانهن نهارڻ لڳو، سڀ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيا. مذهبي پيشوا ڳوٺ جي رهزن ڏانهن نهاريو. ”مون زندگيءَ ۾ گهڻن ئي انسانن کي پنهنجن هٿن سان قتل ڪيو آهي، پر مون ۾ اها قوت نه آهي جو ان ٻارکي قتل ڪري سگهان“ ڳوٺ جي رهزن وڏي آواز ۾ چيو.
”ته پوءِ هن کي قتل ڪرڻ بدران کوهه ۾ اڇلايو ويندو“ مذهبي پيشوا چيو ۽ هو روئندڙ ٻار کي پنهنجن هٿن ۾ قابو ڪري وڃي کوهه جي ڪناري تي بيٺو، ٻار وڏيون وڏيون رڙيون ڪري روئڻ لڳو. ڳوٺ جي مسخري کي پهريون دفعو ماڻهن آڏو اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ ڳوٺ جون عورتون رئي جا پاند ڏندن ۾ وجهي بيهي رهيون.
”اسان اهو منظر نه ڏسي سگهنداسون“ ڳوٺ جي رهزن چيو ”ٿوري دير بيهه اسان منهن پري ڪري بيهڻ ٿا چاهيون“.
مذهبي پيشوا ٿوري دير بيهي رهيو ۽ هن ڳوٺ جي ماڻهن کي منهن پري ڪري بيهڻ جي اجازت ڏني، ڳوٺ جا سڀ مرد عورتون منهن ٻئي طرف ڪري بيهي رهيا. خاموش وايو منڊل ۾ روئندڙ ٻار جون رڙيون هرطرف ڦهلجي ويون، ٻار وڏيون وڏيون رڙيون ڪري ڄڻ ڪنهن کي سڏڻ لڳو. هيٺ کوهه جي تري ۾ پيل عورت جو لاش پاڻيءَ ۾ تيزيءَ سان هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو ۽ ڪائنات جي هر شيءِ ان گهڙي جو انتظار ڪرڻ لڳي جڏهن کوهه جي پاڻي ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪرڻ جو آواز پيدا ٿيندو ۽ روئندڙ ٻار جو آواز گهٽجندو خاموش ٿي ويندو.
ٿوري دير گذري ته کوهه جي پاڻيءَ ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪرڻ جو آواز پيدا ٿيو، ڳوٺ جي مردن ۽ عورتن جا ڇرڪ نڪري ويا. انهن جي وات مان آهون نڪري ويون، ڳوٺ جي رهزن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ مسخرو ڍاڍيون ڪري روئي پيو، انهن پنهنجا ڪنڌ سڌا ڪري کوهه ڏانهن نهاريو، انهن جي حيرت جي انتها نه رهي، انهن ڏٺو مذهبي پيشوا گم هيو ۽ کوهه جي ڪناري تي ليٽيل ننڍڙو ٻار روئي رهيو هيو.