جنت ۽ دوزخ جي وچ تي
هن ڪنڌ کڻي ڏٺو.
”ها واقعي اهو به ڪنهن بديءَ جو روپ آهي، اسان جي راهن ۾ اڃا به اهڙيون ڪيئي بلائون اينديون، جن کي ٿڏي اسان کي منزل تي پهچڻو آهي“.
هن قدمن تي زور ڏيندي تيز هلندي چيو.
”پر مان ٿڪجي پئي آهيان“ عورت جواب ڏنو ”هيءَ راهه ڪيتري نه ڏکي ۽ ڪٺن آهي شايد منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي اسان دم ڏئي ڇڏيون“.
هن جي ڳالهه تي مرد ڪجهه حيرت مان هن ڏانهن نهاريو.
”اهو ڪيئن ممڪن آهي، جتي اسان جا ساهه کٽندا اها ئي اسان جي منزل هوندي“.
”پر منهنجو اڳتي هلڻ ڏکيو ٿي پيو آهي“ عورت نماڻائيءَ سان چيو ”ڇو نه هوءَ ٻي واٽ وٺون جيڪا گلن ٻوٽن سان سينگاريل، هر بلا کان دور، سڌي ۽ هموار آهي“.
مرد ڪجهه خفي ٿيندي هن کي ڇڻڀيو.
”نه ان جو انت خراب آهي“.
هو ٻئي تيزيءَ سان اڳتي وڌندا رهيا، راهه جي هر بلا کي ٿڏيندا ۽ ٿاٻڙندا، ناهموار رستي جي هر وڪڙ، لاهن چاڙهن کي پنهنجي پيرن سان ٿڏيندا وڌندا رهيا.
انهن جي زندگي جو ويهون ڪلوميٽر شروع ٿي چڪو هيو پر انهن جي منزل اڃا ڏور هئي.
جڏهن انهن ٻنهي جي تخليق ٿي هئي ته انهن اڳيان ٻه رستا رکيا ويا هيا، هڪ ناهموار ڏکيو ۽ خطرن سان ڀرپور رستو ۽ ٻيو آسان صاف ۽ گهٽ پيڙا وارو رستو جن مان هڪ تي هلي انهن کي پنهنجي منزل تي رسڻو هيو. ڏکي ۽ ناهموار رستي جو انت هڪ اهڙي دنيا تي هيو جيڪا خوبصورت ۽ آرام واري هئي، ان ۾ زندگيءَ جي ضرورت جي هر شيءِ موجود هئي، باغن ۽ گلن سان ڀرپور هڪ اهڙي دنيا جنهن ۾ ماکيءَ جون نديون هيون، ميوا هيا ۽ شراب پياريندڙ خوبصورت عورتون هيون، جڏهن ته هموار ۽ آسان رستو هڪ اهڙي دنيا تي ٿي کٽو جتي باهه ئي باهه هئي، کائڻ لاءِ ٿوهر هيو ۽ پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي، خوبصورت عورتن بدران بدصورت بلائون هيون، هر طرف ڄر هئي ۽ ڄر ۾ سڙندڙ سهل پسند انسانن جون چمڙيون هيون.
جڏهن هو وجود ۾ آيا هئا ته تخليقڪار ٻه چاٻيون مرد جي حوالي ڪيون هيون ۽ حڪم ڏنو هيو ته ”وڃو ٻئي راهون توهان لاءِ کليل آهن، هر راهه جي پڄاڻي تي هڪ دروازو آهي ۽ انهن دروازن تي اڇن ۽ ڪارن پرن وارا دربان آهن، توهان جيڪا راهه چونڊي اتي پهچندا ته اهي چاٻيون انهن جي حوالي ڪري پنهنجي پنهنجي ڀوڳنا جو ڦل وصول ڪندا، هر واٽ جو ڦل پنهنجو پنهنجو آهي، هڪ واٽ جي نصيب ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون آهن ته ٻئي جي نصيب ۾ ٿوهر ۽ ٽهڪندڙ پاڻي. سڀ توهان جي مرضي تي ڇڏيل آهي، توهان جيڪي چاهيو اختيار ڪيو“.
پوءِ هو ٻئي زندگيءَ جي پهرين ڪلوميٽر تي هيا، ريڙهيون ڏيندا ان راهه تي هلڻ لڳا جيڪا هڪ سٺي انتها تي ختم ٿي ٿئي. ڪجهه اڳتي هليا ته جانورن جيان چئن پيرن تي بانبڙا پائي رڙهندا رهيا، اڃا اڳتي هليا ته سڌا ٿي ماڻهو بنجي ويا ۽ پوءِ انهن جي زندگيءَ جو ويهون ڪلوميٽر شروع ٿي ويو.
”هو ڏس شايد ڪو شينهن آهي“ عورت رڙ ڪري هن کي چيو.
”نه“ مرد جواب ڏنو ”اهو تنهنجي اکين جو دوکو آهي، نظر اچي پيو پر آهي نه“ عورت ساڻي ٿي پئي، هن جي پيرن ۾ هلڻ جي سڪت باقي نه رهي.
”جڏهن انسان بي همٿ ٿي پوندو آهي ته خوف هن تي غالب ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ هن کي اهو ڪجهه نظر ايندو آهي جيڪو دراصل نه هوندو آهي“.
”مان ڪجهه دير آرام ڪرڻ چاهيان ٿي“، عورت چيو.
”هائو منهنجيون ٻانهون حاضر آهن“.
مرد ٻئي ٻاهون هن ڏانهن پکيڙي، هن کي ڀاڪر پائي سيني سان لائي ڇڏيو.
”ڪيڏو نه آرام آهي تنهنجين ٻانهن ۾“. هن اکيون بند ڪندي مرد جي ڇاتيءَ تي سمهندي چيو.
”پيار ئي آهي جيڪو اسان جي هر مشڪل آسان بنائي ٿو“.
مرد هن جي وارن ۾ هٿ ڦيري ڳل تي چمي ڏني ۽ هو سمهي پيا. زندگي جي پنجويهين ڪلوميٽر تي پهچي اوچتو ڄڻ عورت جي اک کلي پئي.
”مان ٻئي راهه اختيار ڪري رهي آهيان، منهنجن پيرن ۾ ڪنڊن سهڻ جي وڌيڪ همت نه رهي آهي“. هن چيو ۽ مرد جي ٻانهن مان الڳ ٿي وئي.
”اها تنهنجي وڏي ڀل ٿيندي توکان سواءِ وياڪل ۽ برباد ٿي ويندس“. هو عورت جي ويجهو اچي آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳو، ڏس تون ۽ مان زندگي ڀر لاءِ گڏ رهڻ جو قسم کنيو هيو. مون کي ڇڏي نه وڃ هن زندگي جي رڻ ۾ اڌ ٿي ويندس. آخر تون منهنجو اڌ حصو آهين. توکان سواءِ منهنجو وجود بيڪار ٿي ويندو. آخر ڪو ماڻهو هڪ ڄنگهه سان ڪيترو هلي سگهي ٿو؟ هڪ هٿ سان ڇا ڪري سگهي ٿو؟ اڌ دماغ سان ڇا سوچي سگهي ٿو؟ ۽ هڪ اک سان ڪهڙو ڏسي سگهي ٿو؟ مون سان مل ۽ مونکي مڪمل رهڻ ڏي.
عورت ڦڪائيءَ سان منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
”دراصل تنهنجي وجود جي تڪليف ئي منهنجي وجود جي تڪليف آهي، تو ۾ مان آهيان، تنهنجي وجود جي ڀوڳنا منهنجي وجود لاءِ عذاب آهي، تنهنجي جسم جي تڪليف مون کي پيڙا ڏيندڙ آهي ۽ تنهنجي ٿڪاوٽ منهنجي ٿڪاوٽ آهي، تنهنجي وجود ۾ چپندڙ ڪنڊا منهنجو وجود ڏکائين ٿا جيڪو برداشت ڪري نه ٿي سگهان. ان ڪري بيوفائيءَ جي تيز ڌار آلي سان ان کي مان ٻن حصن ۾ ورهايان ٿي. مون کي خبر آهي ان ڪار ۾ مون کي پيار جو رت وهائڻو پوندو، روح تي هڪ گهاءَ جو عذاب سهڻو پوندو پر اهو سڀ زندگي ڀر جي پيڙا ۽ درد کان بهتر آهي“. مرد جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ هو عرش ڏي منهن ڪري روئڻ لڳو. جڏهن هو روئي روئي ساڻو ٿيو ته هن عورت کي هٿ جي آڱر سان تنبيهه ڪندي چيو ”ڏس جيئن هن آڱر جي ٽن هڏين مان ٻه جدا ڪري ڇڏجن ته ان جو ڪو وجود نه رهندو اهڙي طرح تون ۽ مان الڳ ٿي انسانيت جي دائري مان نڪري وينداسون، توکي مونکان الڳ ڪرڻ لاءِ صرف مونکي ئي وڍڻو نه پوندو پر پاڻ کي به ٻه اڌ ڪرڻو پوندو، ٻنهي جي بقا ان ۾ آهي ته جيئرا رهون ۽ الڳ نه ٿيون“.
”نه“ عورت کهرائيءَ سان چيو ”مان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي منزل جي چاٻي منهنجي حوالي ڪري ڇڏ“
مرد جون اکيون مٿي کڄي ويون. عورت مرد ڏانهن وڌي هن کي پاڻ سان گڏ ان راهه ڏانهن ڇڪڻ لڳي جنهن ڏانهن هوءَ وڃي رهي هئي.
”نه“ مرد چيو “سهل راهن تي پيار جو ڪهڙو ڪم، پيار ته ٿيندو ئي انهن راهن تي آهي. جيڪي پيڙا درد ۽ خوف سان ڀريل هجن، پيار جو رستو هر آفت کي ٿڏڻ لاءِ هوندو آهي، ڪٺن زندگيءَ کي آسان بنائڻ لاءِ هوندو آهي، دردن کي ۽ پيڙائن کي ورهائڻ لاءِ هوندو آهي. ڀلا جنهن راهه تي زندگي کي هر آسائش ۽ ڪو به خوف نه هجي ان راهه تي پيار جو ڪهڙو استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان راهه تي انسان الڳ الڳ کٻي ۽ سڄي پاسي کان ئي هلي سگهي ٿو.”
”ته پوءِ تنهنجيون ۽ منهنجيون راهون الڳ آهن“ عورت چيو ”منهنجي اعمالن جون چاٻيون منهنجي حوالي ڪر. مان ٻئي رستي کي چونڊي ڇڏيو آهي“.
”پر اهو پيار“ مرد التجا ڪندي چيو ”توکي منهنجي لاءِ دل ۾ ڪو به درد محسوس نه ٿي رهيو آهي“.
عورت جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هن پنهنجا اگهاڙا پير کڻي مرد کي ڏيکاريا ”انهن ۾ هاڻي هلڻ جي ڪا به سڪت نه رهي آهي“.
هن پنهنجا هيڊا هٿ کڻي هن آڏو ڪيا.
”انهن ۾ پيار کي گرمائڻ لاءِ رت جو ڪو به دورو نه رهيو آهي“.
هن پنهنجي خشڪ چپن کي آڱر سان ڇهيو.
”انهن ۾ چمڻ جي ڪا به توانائي نه رهي آهي“.
هن پنهنجون ڏرا ڏئي ويل اکيون مرد آڏو گهوريون.
”تنهنجو چهرو ڌنڌلو ٿي ويو آهي، منهنجي وجود جو هر حصو بيڪار ٿي ويو آهي“.
مرد کي ڄڻ هن تي رحم اچي ويو. هن هٿ وڌائي تخليقڪار کان مليل ٻنهي چاٻين مان هڪ هن جي حوالي ڪري ڇڏي.
”ته پوءِ تون وڃ مان تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ دعاگو آهيان“.
عورت ڏڪندڙ هٿن سان چاٻي ورتي ۽ هن کان الڳ ٿي وئي. هو زندگيءَ جي پنجويهين ڪلوميٽر تي هڪ ٻئي کان وڇڙجي ويا. مرد موڪلائڻ وقت نه ئي هن کي پنهنجي ڇاتي سان لائي الوداع چيو ۽ نه ئي عورت ان جي ضرورت محسوس ڪئي. بس هو ٻئي خاموشيءَ سان هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا، جيئن سڪتي ۾ هجن صرف انهن جون اکيون کليل هجن ۽ جيڪي ڪجهه ٿيندو هجي ان کان اڻ ڄاڻ هجن.
عورت ٿورو هلي پٺي ورائي هن کي ڏٺو، هن جي من چاهيو ته هوءَ موٽي ڊڪندي وڃي هن جي ڇاتيءَ سان لڳي پر هن ۾ ڊوڙڻ جي سڪت نه رهي هئي. هن کان سڏڪو نڪري ويو، هٿ بي اختيار اکين ڏانهن کڄي ويا ۽ هوءَ پري منهن ڪري هلندي آهستي آهستي هن جي نظرن کان ڏور ٿي وئي، مرد ٻه ٽي وکون کڻي پنهنجي منزل طرف اڳتي وڌيو ۽ پوءِ اهڙي نموني ويهي رهيو جيئن هو ڪري پيو هجي.
”مان ڪيترو نه ٿڪجي پيو آهيان“ هن پهريون دفعو چيو.
هو اٿيو ۽ هلڪا قدم کڻي اڳتي وڌندو رهيو.
هو اڪيلو زندگيءَ جي هر ڪلوميٽر تي هر آفت سان منهن ڏيندو اڳتي هلندو رهيو. هن جي رستي تي پيل غربت جا نانگ، بي روزگاري جا لاش، حڪمرانن جا رت ۾ ٻوڙيل پروانا، ناانصافين جا ڦاها، هن جي چمڙيءَ جي هر حصي تي پاتل ظلم جي ڦٽڪن جا ابتا سبتا ليڪا، وقت جي جلاد جا قيد خانا ۽ ڪتن جيان ڀونڪندڙ بندوقن جي وسندڙ گولين جا آواز هن جي قدمن تي وچڙندڙ سرمائيدار جي چڪيءَ ۾ پيجسي ويل مزدورن جا اڌ اگهاڙا لاش، هارين جا ظلم جي هر سان چيرجي ويل سينا، انهن جو گوشت نچوڙيندڙ پٽڪا پاتل ڳجهون نئين سماج جي اڏاوت جا بلند ٿيندڙ نعرا، باهه ئي باهه، هو رت ۽ باهه جي درياهه ۾ ترندو اڳتي وڌندو رهيو.
جڏهن هو زندگيءَ جي آخري ڪلوميٽر تي پهتو ته سهڪي رهيو هيو، شايد هو دمڪشيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو هيو يا شايد گهڻي هلڻ ڪري هن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي. هن جي چيلهه جو ڪنڊو ٻاهر نڪري آيو هيو ۽ هو لٺ جي سهاري هلي رهيو هيو. هن جو جسم ڏڪي رهيو هيو، شايد گذريل زندگيءَ جي خوفناڪ گهڙين جو ان تي اثر ٿيو هيو، هن جيڪي ڪجهه ڏٺو هيو اهو هڪ دهشت جي صورت ۾ هن جي دماغ تي حاوي ٿي ويو هيو. شايد رستي جا اهي ڦاهيون ۽ ڦندا هن جي ڳچي ۾ وڌا ويا هئا، جنهن کان هن جي ڳچي سنهي ٿي وئي هئي ۽ هڏا ٻاهر نڪري آيا هيا، يا شايد اهي ڦٽڪا هن جي وجود تي لڳا هيا، جنهن کان هن جي چمڙيءَ ۾ گهنج پئجي ويا هيا، يا شايد اهي گوليون هن جي اکين جو نشانو بنائي هنيون ويون هيون، جنهن کان اهي ڏرا ڏئي ويون هيون يا شايد اهي حڪمرانن جا پروانا هن جي ڪنن ۾ شيهي جيان گرم ڪري وڌا ويا هيا جنهن کان اهي ٻوڙا ٿي ويا هيا، يا شايد پٽڪا پاتل ڳجهون هن جو گوشت نچوڙي کائي ويون هيون جنهن ڪري هن جي جسم جا هڏا وڃي بچيا هيا.
جڏهن هو زندگي جي سفر جي آخري ڪلوميٽر تي پهتو ته هن کي پري کان هڪ وڏو دروازو نظر آيو، هن جي منهن تي گهڻي وقت کان پوءِ مرڪ تري آئي، هن جي منزل اچي چڪي هئي، هن جو پنڌ سجايو ٿيڻ وارو هيو، هن کي عورت ياد آئي، ها عورت جيڪا بيوفا هئي، هن جي وجود جو حصو هوندي به هن کان الڳ ٿي وئي، جيڪا هن وانگر پنهنجي منزل تي پهچي چڪي هوندي،جنهن کي هاڻ پنهنجي بيوفائيءَ جو ڦل ملڻ وارو هوندو. جنهن جي اڳيان پڻ هڪ دروازو هوندو ۽ ان دروازي پويان ٻرندڙ نفرت جي باهه ۽ بي وفائي جو ڪڙو ڳردار ٿوهر. مرد اهو سوچي مرڪيو، پر وري اداس ٿي ويو.
هو اڳتي وڌي ان دروازي اڳيان ٺهيل چانٺ تي ويهي رهيو، هو بي انتها ٿڪجي پيو هو ۽ پوءِ هو اتي ئي ليٽي پيو. هن ڪنڌ ورائي دروازي تي بيٺل اڇن کنڀن واري دربان کي ڏٺو ۽ پوءِ دروازي ۾ لڳل ان تالي کي جنهن جي چاٻي هن وٽ محفوظ هئي. هن کي منزل تي پهچڻ جي دلجاءِ ٿي وئي ۽ هن ٿوري دير پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
ڪجهه دير گذري ته ڪنهن هن کي مٿان اچي جاڳايو.
”اٿ مسافر تنهنجي منزل اچي وئي آهي، وڃ هن دروازي جي پويان هڪ نئين ۽ عاليشان زندگي تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي“.
هن اکيون کوليون ته هڪ فرشتي جهڙو دربان هن سان مخاطب هو، ”پر مونکي اهو ته ٻڌاءِ اتان جو حڪمران ڪير آهي؟ اتي ڦاهيون آهن؟ ڦٽڪا آهن؟ هاري آهن؟ مزدور آهن؟ غربت آهي؟ ظالم جا مڙهيل فرمان آهن؟ جيڪڏهن مليون ۽ زمينون آهن ته ڪنهن جي ملڪيت آهن؟ ڇا بي وفا محبوبائون ته نه آهن؟
”مان پهريون توکان سوال ڪندس؟“ ان چيو
”ڪهڙو؟“
”ڇا تو وٽ هن تالي جي چاٻي آهي“. ان دروازي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”ها“ هن جواب ڏنو
”ته پوءِ هتان جو حڪمران تون آهين، هتي ڪو به ظالم ۽ مظلوم نه آهي، هتان جي زمينن جو مالڪ تون آهين، هتي وفادار حورون آهن، کير ۽ ماکيءَ جون نديون آهن ۽ باغات آهن، پوشاڪون آهن، رهڻ لاءِ محلات آهن ۽ اهي سڀ تنهنجي لاءِ آهن“.
”ته پوءِ وٺ هي چاٻي ۽ کولي ڇڏ ان دروازي کي“. هن مدتن کان سانڍيل چاٻي دربان جي حوالي ڪري هن کي حڪم ڏنو. دربان هن جي ڏڪندڙ هٿن مان ڪٽ لڳل چاٻي وٺي ان کي صاف ڪيو ۽ پوءِ هو دروازي ڏانهن وڌي ويو. هن چاٻي تالي جي سوراخ ۾ وجهي ان کي گهمايو.... تالي مان ڪڍي صاف ڪري وري گهمايو.... وري گهمايو... پر تالو نه کليو.
هو جيڪو دروازي جي ٿلهي تي ليٽي دروازي کلڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، ان جڏهن گهڻي دير ٿي ته رڙ ڪري دربان کي چيو ”ايڏي دير.... هن دروازي جي چانٺ تي وفائن جي صلي ملڻ ۾ ايڏي دير....“
پوءِ هن اکيون مٿي ڪري وڏي آواز ۾ چيو ”تخليقڪار تو وٽ به ايڏي دير ايڏو انڌير.“
جڏهن دربان تالي ۾ چاٻي هڻي هڻي ٿڪجي پيو ته واپس موٽي هن جي مٿان آيو.
”مونکي حيرت آهي“ هن ٿڪيل آواز ۾ چيو ”هيءَ چاٻي تالي کي نه لڳي رهي آهي...مون کي حيرت آهي.... مون کي حيرت آهي؟”
هو هر هر ساڳيو جملو ورجائيندو مايوس ٿي هن جي ڀر ۾ مجبور ٿي بيهي رهيو، ڪيتري دير تائين هو ٻئي خاموش ۽ حيرت مان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا.
”شايد تو کان ڪٿي نه ڪٿي زندگي جي رستي ۾ غلطي ٿي آهي“. درٻان هن کي مايوس لهجي ۾ چيو. ”تون سوچ... ٿورو سوچ“.
هن جي ڳالهه تي مرد پنهنجي اکين جا پنبڻ بند ڪري ڇڏيا ۽ ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن کوليا ته انهن مان بي اختيار پاڻي وهي هن جي منهن جي پاسن کان هيٺ ڪري رهيو هو، جيئن ڪنهن درياهه جا بند ڀڄي پيا هجن ۽ طوفان سڏڪن جو روپ وٺي هن جي وجود کي ويڙهي ويو هجي، هن جي وجود ۾ وڄ چمڪي جنهن کان اهو چير چير ٿي ويو، رت هن جي زخمي جسم مان وري مينهن جيان ٽمڻ لڳو. جڏهن هو روئي روئي ساڻو ٿيو ته هن نهايت ئي نماڻائيءَ سان دربان ڏانهن نهاريو.
”ها تنهنجو ڪوئي قصور نه آهي“ هن چيو ”مون کي ياد آهي زندگي جي پنجويهين ڪلوميٽر تي منهنجي چاٻي منهنجي محبوبا جي چاٻيءَ سان مٽجي وئي“!
هن چيو ۽ پوءِ وري اکيون بند ڪري ڇڏيون ڄڻ اتي ئي مري ويو هجي.