مليريا
”ايڏو سيءُ؟ هن هر هر رڙ ڪري ٻرندڙ سج ڏانهن ٿي نهاريو، جيئن تيز گرم اس ۾ اڇي برف وسندي هجي، هن هر هر هڪ هٿ کي ٻئي هٿ مٿان ٿي وهائي ڪڍيو جيئن کيس ڄمي وڃڻ جو احساس نه ٿئي. هن آڱرين کي ڏندن ۾ آڻي ٿي چڪ هنيو جيئن مري وڃڻ جو احساس نه ٿئي. هن وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ٽپو ڏئي ٿلهي سوڙ واري بستري ۾ اندر گهري ويو. پر سندس وجود ڏڪندو رهيو. هن لاءِ ڪٿي به سڪون جو ذرو نه بچيو هيو. سندس ننڊ حرام ٿي وئي هئي. هن کي رات جو نظر ايندڙ خوابن ۾ ذليل ٿي ڪيو ويو، جڏهن هن جي اک ٿي لڳي ته هن ڏٺو ٿئي هو ڏاڍو غير اهم قسم جو ماڻهو آهي، هو انسانن جي هجوم ۾ سڀ کان پوئتي آهي. هن جي ڳالهه جي ڪا به اهميت نه رهي آهي. ان کان اڳتي وڌي هن ڏٺو ٿئي هو مري ويو آهي سندس مٿان ڪو به روئڻ وارو نه آهي، سواءِ هن جي پنهنجي سجاڳ ٿيندڙ رڙ جي ڪا به اهڙي رڙ نه آهي جيڪا هن جي بي جان وجود مٿان گونججي سگهي.
وقت هن کي هيڻو ڪري ڇڏيو هيو، وقت جيڪو ڪروڙها صدين کان ڦهليل هيو، هن پويان انساني وجودن جو ٺهيل هڪ رستو هيو جيڪو ڏور سوڙهو ٿيندو دنيا جي سرحدن مان لنگهي چنڊ ۽ پوءِ ننڍن ستارن جي جهڳٽن کان پري اوجهل ٿي ٿيندو ويو. هن کي حيرت هئي ته هو ايڏو ڪروڙها سالن جو سفر ان ڊگهي ۽ اڻ کٽندڙ رستي تي ڏڪندي ڪيئن پار ڪري آيو آهي. هن جو وجود ڪيئن برقرار آهي، هن کي ته هر موڙ تي ڪٽي عضون کي الڳ ڪيو ويو هيو پوءِ هو ڪيئن سلامت آهي، هن سوچيو ”ها هو هڪ وڻ جيان آهي جنهن کي جيئرو رکڻ لاءِ ان جو ٿڙ ڪافي هوندو آهي“ هن کي ياد آيو سندس هاڻوڪي صورت تائين اچڻ ۾ هو هميشه ڏڪندو پئي آيو، ڪٿي به گرمائش نه رهي هئي. سج پنهنجي باهه ۾ پاڻ سڙي رهيو هيو،. تيز اس برف جيان وهندڙ پاڻيءَ تي ڄميل هئي، ڪنهن زماني ۾ وڻن جو رنگ سائو هوندو هيو هاڻي اهو نه رهيو هيو، جيڪي ٻرندڙ واريءَ جا ريگستان هوندا هيا اهي ٿڌن جسمن جون قبرون بڻجي ويا هيا. خشڪ بي آب پهاڙي سلسلن تي ويٺل عقابن جي اکين ۾ برف ڳوڙهن جي صورت ۾ رجي وهي هئي ”ها واقعي ئي“ هن سوچيو ”دنيا ته انسان جي وجود جي ارتقا لاءِ مناسب ئي نه هئي خبر نه آهي زندگي ڪيئن ڦٽي نڪتي آهي. شايد ان جي بقائي ان جي فنا آهي“.
هن جو بيمار وجود ويدن مان ٿيندو وقت جي وڏن ڊاڪٽرن وٽ پهتو. هڪ ڊگهي سفر ۾ هن جي بيماري هڪ لاعلاج مرض جي صورت ۾ سامهون ٿي ايندي وئي، ويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪن ۾ پهريون ته هن جي مرض کي معمولي سمجهيو ويو، هن کي ٻڌايو ويو ته هو هڪ اهڙي مرض مان گذري رهيو آهي جيڪو ڌرتيءَ جي هن حصي تي عام آهي، هن کي نبض تي هٿ رکي چيو ويو ته ”توکي معمولي مليريا آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي ان حصي تي جنهن تي تون جيئي رهيو آهين بلڪل اهڙي عام آهي جيئن موت عام هوندو آهي، اها ائين وچڙي پوندي آهي جيئن انسان کي ڪنهن وقت به موت وچڙي پوندو آهي، اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي تنهنجي ڏڪڻي اهڙي بند ٿي ويندي جو تون ڄڻ پٿر ۾ تبديل ٿي ويندين“.
جنهن کان پوءِ هن کي اسپتال ۾ باقاعدگيءَ سان داخل ڪيو ويو،. هن کي هڪ بند وارڊ ۾ ڪجهه ٻين مريضن سان قيد ڪيو ويو. هن لاءِ اتي داخل ٻيا مريض ڪنهن حيرت جو سبب نه هيا، ڇو جو اهي به هن جيان ڏڪي رهيا هيا، انهن جي وجود مٿان به ٿلها ڪمبل پيا هيا. ڳاڙهي رنگ جا ڪمبل جن هيٺان ڄڻ ڪٺل جانور زندگيءَ جون آخري ڇڙيون هڻي رهيا هيا، ڪمبل ڄميل رت جيان هڪ تهه جي صورت ۾ انهن کي ويڙهيا پيا هيا، اتي هر ڪو ٿي ڏڪيو، هر ڪو ساڳي بيماري ۾ مبتلا هيو، ڪنهن به دوا پنهنجو اثر نه ٿي ڏيکاريو، انهن جي خون جا قسم گڏ ڪري چڪاسيا ويا. پر انهن ۾ ڪنهن به قسم جا جيوڙا نه هيا، هر دوا ۽ هر ايجاد بي اثر ٿي وئي هئي، ڪا به اهڙي صورتحال نه ٿي نظر آئي جنهن سان ان مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي، پر پوءِ به وقت جي طبيب ان ڳالهه تي ٿي زور ڏنو ته اها مليريا آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي هن حصي تي عام آهي.
وارڊ جي درين کان ٻاهر هن ڪڏهن به نهارڻ جي همت نه ڪئي هن کي خبر هئي ته ٻاهر دروازي وٽ ننڍين ڏاڪڻين هيٺان ڪيتريون ئي ايندڙ ۽ ويندڙ ايمبولينس آهن، جن مان لهندڙ اسٽريچرن کي تيزيءَ سان اسپتال ڏانهن ڊوڙايو وڃي ٿو، انهن مان اڪثر اسٽريچر اهڙا آهن جن جا کڻندڙ ٿڪيل مزدورن جيان آهن، انهن کي تيزيءَ ۽ ڦڙتيءَ جي ڪا به ضرورت نه آهي، انهن کي خبر آهي ته سندن ان اسٽريچر تي سمهيل هڪ اهڙو شخص آهي جنهن جي وجود ۾ ڪا به ڏڪڻي نه آهي، اهو لاعلاج مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ويو آهي، اهڙن اسٽريچرن جو انت سرد خاني وٽ اچي ٿئي ٿو، شايد ان لاءِ ته من انهن جي جسم ۾ ٿڌ واسو ڪري جنهن کان انهن کي ڏڪڻي شروع ٿي وڃي پر اهي جسم اتي ڏڪندا نه آهن، پنهنجي اکين ۽ منهن ۾ ساڳي حيرت ۽ عجب کي ڄمائي ستل رهندا آهن، انهن جي جسم ۾ گهرائين تائين سوراخ هوندا آهن جن ۾ لوهه جا ذرا رت ۾ ترڻ بجاءِ ڳاڙهسري ڌٻڻ ۾ پوريل هوندا آهن.
اهو اتي روز جو معمول هيو، هن کي خبر هئي ته اتي ڪبوترن ۽ ٻين پکين کي وڏين عمارتن تي ويهڻ جي فرصت نه هوندي آهي، اهي ان شهر مٿان سدائين گول دائرن ۾ چڪر هڻندا رهندا آهن، هن کي خبر هئي ته انهن جا پر ٿڪيل آهن پر اهي مجبور آهن ڇو جو ڀڄڻ جون سڀ راهون بند ٿي ويون آهن. هن کي خبر هئي ته اتي ٻئي ڪنهن وارڊ ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جن کي هن جهڙي بيماري پنهنجي انتها کي پهتل آهي، انهن جا منهن هيڊا ۽ پير سجيل آهن، انهن جي پيرن ۽ اکين ۾ ڪنڊا لڳل آهن خون انهن جي پيرن مان پگهر جيان ٽمي رهيو آهي، انهن جون ڄنگهون بي انتها ٿڪيل آهن، انهن کان سڀ ڪجهه وصول ڪيو ويو آهي. زندگيءَ جون باقي گهڙيون انهن کي قرض ۽ فاقن ۾ گذارڻيون آهن. انهن جا دماغ ٿڌي بخار ۾ ٻري رهيا آهن، جسم سور کان ٽٽي رهيا آهن، انهن جا وجود ٿلهن ۽ گرم بسترن ۾ برف اندر پوريل جسم جيان ڏڪي رهيا آهن، انهن وارڊن جي آس پاس انهن داخلي شخصن جون آهون ۽ دانهون مکين ۽ مڇرن جيان پر هڻي اڏري رهيون آهن. سڀني جي جسمن مان رت ڪڍي چڪاس ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ان ڳالهه تي متفق آهن ته اها سڀ مليريا آهي، جنهن جا جراثيم ڏينهن به ڏينهن نرڄو ٿيندا وڃن ٿا، دوائون پنهنجي اثر نه ٿيون ڏيکارين.
اهو ئي سبب هيو جو هن وارڊ جي درين کان ٻاهر ڏسڻ ڇڏي ڏنو، اتان ايندڙ هوا هن جي طبيعت کي وڌيڪ خراب ڪري پئي ڇڏي هو بستري جي ڪپهه بنجي ويو جنهن کي ڪو پوش نه هجي ته اها هلڪي هوا تي به اڏامي وڃي.
هڪ دفعي هن همت ڪئي، هو بند وارڊ جي ڀتين کان ٻاهر نڪري آيو، هو پاڻيءَ کان ٻاهر مڇي جيان پئي ڏڪيو. هو اڳتي هليو تپندڙ ڏينهن ۾ ٿڌ جو احساس هن کي وڪوڙي ويو. روڊ هيا جن تان هر ڪو لنگهيندڙ ڏڪيو پئي، انهن ٿڌ جو احساس گهٽائڻ لاءِ روڊن تي ٽائر ساڙي ڇڏيا هيا، هو ٽاڪ منجهند جو اڳتي وڌي باهه مٿان بيهي پنهنجي ڏڪندڙ جسم کي ان تي سيڪڻ لڳو. هو اسپتال کان ڪافي ڏينهن پري رهيو، هر ڪنهن اهو سوچيو ته هو وري واپس نه موٽندو، رستن جي ٿڌ هن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، پر هڪ ڏينهن جڏهن وارڊ ڏانهن موٽيو ته سڀ هن کي ڏسي حيران ٿي ويا.
”اسان سمجهيو تنهنجو جسم سرد خاني ۾ پهچي ويو هوندو“ انهن مان ڪنهن چيو.
”نه ائين نه آهي“ هن جواب ڏنو ”دراصل اسان جي وجودن اندر اهڙا سرد خانا موجود آهن جيڪي اسان کي ڳرڻ ۽ سڙڻ کان بچائين ٿا، انهن جي سهاري ئي ته اسان جا جسم ڏسڻ جهڙا آهن نه ته اسين بدبوءِ جا واچوڙا هجون ها“.
”اسان جي اندر جي سردخانن ۾ جيڪي آتش دان آباد هيا، انهن هر شيءِ کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو“. هن جي ڀرسان واري شخص ڏڪندي چرين جيان ڳوڙها وهائيندي رڙيون ڪندي چيو ”اسين ڳري رهيا آهيون، اسان جي اندر ۾ لڳندڙ باهه ڪري سردي جسمن مان نڪري ڀڄي رهي آهي، اسين خاڪ ٿي وينداسين اسين ختم ٿي رهيا آهيون.... اسان جي آدمشماري تي هيءُ وبائي حملو هر شيءِ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو، مون اهڙي وبا ڪڏهن تاريخ ۾ نه پڙهي آهي، اسين مري رهيا آهيون“. اهو رڙيون ڪري روئڻ لڳو.
ان جي رڙين ۽ روئڻ تي ڊاڪٽر ۽ نرسون وڌي ان وٽ آيا.
”هن کي آرام جي سئيءَ جي سخت ضرورت آهي“ ڊاڪٽر چيو ۽ پوءِ هڪ نوڪدار سئي وڇون جيان پڇ مٿي ڪري ٺڪاءُ اچي هن جي رڳ ۾ ڏنگ جيان لڳي، هن جي رڙ نڪري وئي ۽ پوءِ هو ڄڻ بيهوش ٿي ويو.
هو جيڪو ايندي بستري ليٽيو هيو، ڊاڪٽر ان مٿان آيو.
”تون ڪافي ڏينهن پنهنجي بستري تان گم هئين“ ڊاڪٽر چيو ”ڪيڏانهن ويو هئين“؟ هن جي ڳالهه تي هو همت ڪري ٿورو مٿي اٿي ٽيڪ ڏئي ويٺو.
”مان وقت جي حاڪم وٽ دانهي ويو هوس“ هن ٿڌو ساهه کڻي چيو ”مان هن کي فرياد ڏيڻ ويو هوس ته هيءُ جيڪو وبائي مرض ڦٽڪي نڪتو آهي، ان جي بچاءَ جا ڪجهه اپاءَ وٺي ماڻهن جي جان ڇڏائي وڃي“.
”پوءِ .....“ ڊاڪٽر چيو
”وڏي جاکوڙ کان پوءِ ان جي ڪرسيءَ کي ويجهو وڃي پهتس“ هن چيو ”مان هن کي ٻڌايو ته هڪ وچڙندڙ مرض ڪري اسان جي پوري قوم سخت ڏڪڻيءَ ۾ مبتلا آهي، باوجود علاج جي به ان بيماريءَ جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي، ڪي اهڙا اپاءَ ورتا وڃن جيئن ان جي صحيح تشخيص ٿي سگهي جنهن کان پوءِ ان جو علاج ڪري خاتموآڻي سگهجي“.
ڊاڪٽر هن جي ڳالهه غور سان ٻڌندو رهيو.
”بيشڪ هڪ اهڙي وبا ڦهلي آهي جنهن جو علاج اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي“. ڊاڪٽر ڄڻ پهريون دفعو سچ ڳالهائيندي چيو.
”مان اهو ئي عرض ڪري رهيو آهيان“ هن چيو ”پر منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن پنهنجو مقصد بيان ڪرڻ لاءِ وقت جي حاڪم وٽ پهتس ته ان جو جسم هڪ عجيب ڪيفيت کان آڪڙيل هيو، هن جو ڪنڌ هڪ هنڌ سُڪ هيو، جنهن کان هن اک کڻي به مون ڏانهن نه نهاريو، آءُ هن کي چوندو رهيس ته هو منهنجي حالت پنهنجين اکين سان ڏسي پر هن کي مون ڏانهن ڪنڌ ورائيندي تڪليف ٿي محسوس ٿي، هن جي ٿوري چرپر ڪري جڏهن سندس لباس جا گهنج ئي لڏيا ته ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن اهو خاڪي رنگ جي آلي مٽيءَ مان جوڙيو ويو هجي، جنهنجووجود اڃا خشڪ نه ٿيو هجي، هڪ عجيب عذاب کان هن جو سخت آڪڙيل وجود ڊگهي بوٽ ۾ بند ڪيو ويو هيو. يقين ڪر مان پنهنجي بيماري وساري ويٺس ڇو جو هن جي ڪنڌ جي حالت ڏسي مون کي هن جي تڪليف پاڻ کان به وڌيڪ محسوس ٿي، ان حد تائين جو ان کي ڳالهائڻ لاءِ به سخت تڪليف مان ٿي گذرڻو پيو، هن تمام ٿورو ۽ چچريل ڳالهايو. آءُ ان جي اها حالت ڏسي اسپتال ڏانهن موٽي آيس“. ڊاڪٽر هنجي ڳالهه ٻڌي سخت حيرت ۽ عجب مان هن ڏانهن نهاريندو رهيو، ”توکي خبر آهي“ ڊاڪٽر هن کي چيو ”اهو پاڻ بيماريءَ ۾ مبتلا هيو“.
هن حيران ٿيندڙ ڊاڪٽر ڏانهن تجسس سان نهاريو.
”ان کي گردن توڙ بخار هيو“. ڊاڪٽر وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ”خدا هن سڄي قوم کي ڇوٽڪارو ڏئي“. ڊاڪٽر ڪنهن پوڙهي پادريءَ وانگر دعا گهرندي چيو. ڊاڪٽر جي وڃڻ کان پوءِ هن کي محسوس ٿيو جيئن پهريون ڀيرو هڪ گرميءَ جي لهر هن جي جسم مان لنگهي وئي هجي.