ابابيل جي آخري اُڏام
“مان چوان ٿو تون موٽي وڃ هن رڙ ڪندي چيو ”مونکي مايوسين جي دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ڏي، جتي مان انسانن جي ڪميڻائپ تي جڪ کائي اڪيلو مري وڃان، تون موٽي وڃ انسان توکي ڪو به ڏک نه پهچائيندا ڇو جو تون ڪتو آهين. هن شهر ۾ کائڻ لاءِ توکي گوشت ۽ چٽڻ لاءِ رت جام ملي ويندو، آخر تون مونسان گڏ فاقن ۾ ڇو ٿو مرڻ چاهين. هن شهر ۾ جڏهن هر ڪو هڪ ٻئي جو ساٿ ڇڏي ويو آهي، توکي منهنجي ساٿ نڀائڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي آهي“.
ڪتو پريان ويهي پڇ لوڏي هن ڏانهن نهاريندو رهيو پوءِ جيئن هو اڳتي وڌيو ته اهو به هن سان هلڻ لڳو ۽ آخر مجبور ٿي مفڪر هن کي پاڻ ڏانهن سڏيو ۽ وٺي اڳتي وڌيو. هو بي امن شهر جي ظالم رستن تي هلندو سمنڊ طرف وڌڻ لڳو، هن اڳيان رستن تي لاوارث گوليون لڳل لاش پيا هيا، ڪٺل معصوم ٻارن جون منڍيون پيون هيون، عزت لٽيل اڌ اگهاڙيون عورتون سڏڪا ڀرينديون هن آڏو لنگهي رهيون هيون. رستن جي رت کي هو پنهنجن قدمن سان لتاڙيندو ڪتي کي ساڻ ڪري سمنڊ ڏانهن وڌندو رهيو، هن کي پنهنجيءَ جان جو ڪو به خوف نه هيو، هو مايوسيءَ جي واٽن جو راهي هيو، هو گولين ۽ نفرت جي طوفانن مان ٿيندو، ويران شهر جي گهرن گهٽين ۽ روڊن کي پوئتي ڇڏيندو جڏهن ڪناري ويجهو پهتو ته هن کي پريان هڪ سنسان روڊ جي ڪناري ڪو پکي ڦتڪندو نظر آيو، هو جڏهن وڌي اتي پهتو ته هن ڏٺو اهو ابابيل پکي هيو، ننڍڙو ڪمزور ڪارسرو پکي جيڪو پنهنجي زخمي پر سبب اڏامڻ چاهي پيو پر اڏامي نه پيو سگهي، ان جي اڏام ڦٿڪڻ ۾ ٿي بدلجي وئي، اهو پنهنجيون معصوم گول اکين کڻي اڀ ڏي نهاري پيو ۽ بي وسيءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري وري اڏامڻ جي ڪوشش ڪري پيو، مفڪر کي ان ڦتڪندڙ پکيءَ تي رحم اچي ويو ۽ هن ان پکيءَ کي هٿن ۾ کڻي ان جي کنڀڙاٽين کي کولي ڏٺو، رت جو ڳاڙهو نشان هيو جيڪو ڪاري پر ڪري ڏاڍو غير واضع ٿي ڏٺو. هن هٿ هڻي ان جي آلاڻ کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ مٿي نهاريو، سواءِ سرڻين جي سڀ پکي اڀ ڇڏي ڀڄي ويا هيا، شهر ۾ پوليس جي هوائي فائرنگ ۾ ڪٿي پکي مئا هيا ۽ ڪٿي زخمي ٿيا هيا جن مان اهو ابابيل پکي به هڪ هيو، جيڪو مفڪر جي هٿن ۾ ٿي ڏڪيو ۽ دهشت مان پنهنجي پرن جو زور لڳائي، ڇڏائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
”هائو ڪارڙا ڪمزور پکي” مفڪر پکيءَ سان ڳالهايو“ مون کي خبر آهي تون به هن وستيءَ وارن جو ستايل آهين، شايد انهيءَ ڪري پرن جو زور لڳائي منهنجي گرفت مان نڪرڻ چاهين ٿو پر هن ظالم شهر جي روڊن تي تون ڦتڪي بي گناهه چچرجي مري ويندين، اچ مان توکي هڪ اهڙي پر امن جاءِ تي وٺي هلان جتي گوليءَ جو ڪو به ٺڪاءُ نه هجي، انسان ۽ دهشت نه هجي، جتي تون آزاد فضائن ۾ پرواز ڪري سگهين ۽ قدرتي موت تائين بي خوف جئي سگهين. هن ابابيل کي پنهنجي هٿ ۾ مضبوطيءَ سان جهليو ۽ پوءِ ڪتي کي هڪل ڪري هو سمنڊ جي ڪناري تي اچي پهتو.
جڏهن هو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ته هن وٽ ضرورت جون سڀ شيون موجود هيون، ڪتو جيڪو ٻيڙيءَ جا ڪنارا سنگهي سمنڊ ڏي ڏسي رهيو هيو ۽ هيسيل زخمي ڪمزور ابابيل هيو جنهن کي هن ٻيڙيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ڇڏي ڏنو جتي اهو هيسجي ويهي رهيو ۽ پوءِ هو ٻيڙي هلائيندو سمنڊ ۾ ڪاهي پيو. سمنڊ جنهن جي نيراڻ ختم ٿي وئي هئي، ان جي پاڪيزگي غلاظت جي ڍيرن هيٺان دٻجي وئي هئي، سمنڊ جنهن جي ڪناري کان مخلوق ڪوهين ميل ڏور وچ سمنڊ ۾ ڀڄي پناهه ورتي هئي. اتي ڪا به پاڻيءَ مان ٻاهر ٽپو ڏئي ٽٻي هڻندڙ ٻلهڻ نه هئي، ترندڙ ڊگهي ڳچيءَ وارا اڇا پکي نه هيا، سڙيل تيل هيو جيڪو سج جي روشني ۾ ستن رنگن ۾ ورهائجي سمنڊ جي مٿاڇري تي پئي تريو. ”دنيا ۾ جڏهن بي امني وڌندي آهي ته انسان دنيا جي هر شيءِ کي گندو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ڇو جو هن کي ان دنيا جي سلامتي ۽ باقي رهڻ جي ڪا به ضمانت نه هوندي آهي“. مفڪر سوچيو ۽ پوءِ گندي پاڻيءَ مان ٿيندو جڏهن هو صاف نيري پاڻي ۾ پهتو ته ٻلهڻ پاڻيءَ مان مٿي ٽپو کائي وات مان ڪو آواز ڪڍي ٽٻي هڻي هلي وئي.
”شايد ان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو“ مفڪر سوچيو ”يا شايد مون انسان جي اوڏانهن اچڻ تي اعتراض ڪيو پر مان هيءُ سمنڊ جهاڳيندو هليو ويندس، پنهنجي سڪون خاطر.... انسان کان نفرت خاطر.... جتي مان انسان ۽ دنيا جي تباهيءَ لاءِ خدا کان دعائون گهرندو رهندس“.
هو ٻيڙيءَ کي هلائيندو سوچيندو سمنڊ جي ڇولين ۽ تيز هوا جو مقابلو ڪندو اڳتي وڌندو ويو، انسانن جي وسنديءَ کان سوين ميل ڏور پنهنجي وفادار ڪتي ۽ زخمي ابابيل سان آخر هڪ اهڙي خشڪ ٻيٽ تي وڃي نڪتو جيڪو سمنڊ جي وچ ۾ ننڍن وڏن پٿرن جو هڪ ڍير هيو. جيڪو ڪنهن وڏي برباد ٿيل ٻيڙي جيان سمنڊ جي مٿاڇري تي پئي لڙهيو، اتي ننڍا وڏا پهاڙ جا ٽڪر هيا جيڪي سمنڊ جي تهه ۾ ڪنهن ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري ڄڻ ان جي مٿاڇري تي اڀري آيا هيا، اتي ڪو به سرسبز ٻوٽو نه هيو، پاڻيءَ جو آبشار يا ساهه وارو موجود نه، لامحدود سمنڊ جي جسم تي اهو ننڍڙو ٻيٽ ناسور جي ڳوڙهي جيان مٿي اڀريل هيو، جنهنجي بي ترتيب ڦهليل ننڍڙن پهاڙن کي ڏسي ائين ٿي لڳو جيئن اهو وڌندو ويندو ۽ وقت سان لامحدود ٿي سڄي سمنڊ مٿان ڇائنجي ويندو ۽ سمنڊ جو پاڻي پوئتي ڌڪجي آبادين ۾ گهڙي اتي وڃي جڳهه والاريندو. هر شيءِ کي ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيندو ۽ بي امنيءَ جي دنيا ۾ موجود رت جي رنگن کي ڌوئي صاف ڪري نيراڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. جڏهن هن جي ٻيڙيءَ ڪناري کي ڇهيو ته سڀ کان پهريون ڪتو ڊڪي ٽپو ڏئي هيٺ لٿو ۽ خوشيءَ مان پڇ لوڏي زبان ڪڍي پنهنجي مالڪ جي لهڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. مفڪر ٻيڙيءَ مان سمورو سامان لاهي هيٺ رکيو ۽ هن زخمي ابابيل کي کڻي هڪ پٿر جي ڇانو ۾ ڇڏي ڏنو.
هو واري لتاڙي مٿي ٻيٽ تي چڙهي آيو ۽ هن ٻن وڏن پٿرن جي وچ ۾ هڪ اهڙيءَ جاءِ ڳولهي لڌي جتي مٿان هڪ وڏو پٿر ڇت بڻيو رکيو هيو، اتي اس جو تاءُ نه هيو ۽ اٿڻ ويهڻ لاءِ ڪافي خلاصي جاءِ هئي، هن ڪتي کي اتي ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ زخمي ابابيل پکيءَ کي کڻي ان جي زخم کي سمنڊ جي لوڻاٺي پاڻيءَ سان ڌوئي پنهنجي ضروري سامان مان ٿورو کاڌ خوراڪ ڪڍي، ڪجهه ان پکي اڳيان اڇلائي ڏنو، ڪجهه پاڻ کاڌو ۽ ٿورو ڪتي اڳيان رکي ڇڏيو. ٿڪاوٽ ڪري هن ايندڙ رات ڏاڍي ننڊ ۽ آرام ۾ گذاري، صبح ٿيو، جڏهن هن جي اک کلي ته هن جي نظر ڪتي تي پئي جيڪو ٻيٽ جي ڪنارن تي ڪن کڙا ڪري ڊوڙي مستيءَ مان تيز رفتار سمنڊ جي ڇولين کي پهاڙ جي پٿرن سان ٽڪرائي چڻنگون ٿيندي ڏسي ابتا سبتا ٽپا ڏئي رهيو هيو، ابابيل هڪ پٿر تي ويٺو پنهنجا کنڀ ڇنڊي چنهب سان زخمي پر کي کنهي رهيو هيو، مفڪر کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي زخمي ابابيل جي بهتر ٿيندڙ حالت هن لاءِ سرهائي جو پيغام کڻي آئي، هن اتي وڌي جڏهن ان کي پنهنجي هٿ سان پڪڙڻ چاهيو ته اهو ابابيل ڪنهن پوپٽ جيان هيٺائين اڏام ڪندو هن کان پري ڀڄي ويو.
”ته پوءِ تنهنجي پرن جي سگهه واپس ايندي پئي وڃي“. مفڪر ان کي چيو ”پر مونکان ڊڄڻ مان ڇا فائدو، هاڻي باقي زندگي ته توکي هن ٻيٽ تي ئي گذارڻي آهي، مونسان ۽ هن وفاداري ڪتي سان، اسان ٽنهي کي هن ٻيٽ تي دوستن جيان جيئڻو آهي، پيارا ابابيل ڊڄڻ مان ڇا فائدو، اچ ۽ اسان سان اچي شامل ٿي“ هو ڳالهائيندو ابابيل جي ڪڍ ان کي پڪڙڻ لاءِ تيز هلندو رهيو ۽ ابابيل ڀڙڪو کائي هن کان پري هڪ پٿر تان اڏامي ٻئي پٿر تي ويهندو ڀڄندو رهيو.
”ته پوءِ جيڪا تنهنجي مرضي“ هن ابابيل کي چيو ”پر توکي آخر نيٺ اسان جي ساٿ جي ضرورت پوندي“ هن چيو ۽ پوءِ پٿرن جي وٿيءَ ڏانهن هليو ويو جتي ڪتو ڊوڙندو هن وٽ آيو. پڇ لوڏي هن جي پيرن کي نوسڻ لڳو، هن ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻانهن وجهي ان جي منهن تي هٿ ڦيريو ۽ ڪتو زبان ڪڍي ڪنڌ لوڏي هن جي هٿ کي چٽڻ لڳو.
”هو ڏس جهنگلي ابابيل پکي“ هن ڪتي سان ڳالهايو ”مونکان ڪيڏو ڊڄي رهيو آهي“ هن انتهائي ڏکوئيل آواز ۾ چيو ”ها بيشڪ هن جو ڊڄڻ واجب آهي، انسانن ان آزاد پکيءَ کي زخمي ڪري هيٺ ڪيرائي وڌو، اهو پکي انسان ذات کان سٺي نموني واقف آهي، هن کي خبر آهي ته انسان جو انسان کي قتل ڪري ٿو ان وٽ هن جهڙي ڪمزور پکيءَجي ڪهڙي حيثيت هوندي“.
ڪتو مفڪر جي ڳالهين تي ڪڏهن اکيون بند ڪري ڪڏهن کولي پڇ لوڏي ٻڌندو رهيو.
ابابيل پکي جيڪو وقت سان بهتر پئي ٿيندو ويو، سو هر هر پنهنجا کنڀ سهائي کليل سمنڊ ڏانهن ڏسي ڄڻ اڏامڻ لاءِ پئي تيار ٿيو. آخر اهڙو وقت به آيو جو اهو وٺي اڏاميو ۽ ٻيٽ جي چوڌاري هڪ چڪر هڻي وري اچي هڪ پٿر جي چوٽيءَ تي ويهي رهيو، جيئن هن جي اڏام کي هلندڙ تيز هوا روڪي ڪاغذ جيان ڦيرائي اچي واپس اڇلايو هجي. هن جا ڪارا کنڀ تيز هوا ڪري هڪ ٻئي کان جدا ٿي ڏڪي رهيا هيا. هن ننڍڙين اکين سان پري سمنڊ ۾ ڄڻ ڪنهن کي ڳولهيو پئي پر سمنڊ ئي سمنڊ هيو جيڪو سوين ميلن جي فاصلن ۾ پيو لهرون ٿي هيٺ مٿي ٿي رهيو هيو. ابابيل مفڪر جي ويجهو ڪڏهن به ڪو نه آيو هن کي ڪتي کان خوف محسوس ٿيندو هيو جيڪو اوچتو ڪٿان ٽپو ڏئي اچي هن جي ڀرسان بيهي هن جو ڇرڪ ڪڍي ڇڏيندو هيو ۽ هن جي اوچتي اڏام کان پوءِ چرين جيان مستيءَ ۾ هن جي ڪڍ وٺي ڊوڙندو هيو. ڪتو خوش هيو ۽ مالڪ جو ڳڀو کائي پيو ان جا هٿ چٽيندو هيو ۽ مفڪر خيالن ۾ گم هوندو هيو ۽ بي زاريءَ مان ڪڏهن رڙيون ڪري ڪنهن سان ڳالهائڻ شروع ڪندو هيو، هو هوائن سان ڳالهائيندو، سمنڊ جي تيز موجن سان، ابابيل سان يا ڪتي کي ڳچيءَ ۾ ٻانهن وجهي پيو ان سان ڪچهري ڪندو هيو.
هڪ ڏينهن جڏهن ابابيل سمنڊ جي تيز هوا سان مقابلو ڪندو مٿي اڏامي رهيو هيو ته اوچتو هو پري ڄڻ ڪنهن شيءِ کي ڳوليندو هليو ويو پر مايوس ٿي اهو ٿڪجي وري واپس ٻيٽ جي چوڌاري چڪر هڻي هڪ پٿر تي ويهي رهيو، مفڪر محسوس ڪيو ته اهو پکي واپس وستيءَ جا رستا ڳولهي رهيو آهي جتي اهو موٽي وڃڻ چاهي ٿو.
”او ڌرتيءَ جا جهنگلي پکي“ مفڪر ابابيل کي چيو، “مون کي خبر آهي توکي ڌرتيءَ جا ماڻهو پڃري ۾ وجهي پالڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن، تون دنيا جو آخري امن پسند پکي آهين، تون ڪنهن به حد ۽ پابنديءَ کي نه قبوليندو آهي، تون انسانن جي ڄار ۾ آسانيءَ سان نه ڦاسندو آهين، توکي دنيا ۾ شايد ئي ڪنهن پڃري ۾ وجهي قيد ڪري رکيو هجي ۽ شايد ئي تون ان پڃري کي قبول ڪري ان جي ڄارين سان مٿو ٽڪرائي پاڻ کي زخمي ڪرڻ بجاءِ خاموشي سان ان ۾ عمر گذاري ڇڏي هجي پر پيارا ابابيل توکي خبر هجڻ گهرجي ته هيءُ ٻيٽ انسانن جي وسنديءَ کان سوين ميل ڏور آهي توکي هن ٻيٽ کي ڇڏي واپس وسنديءَ ڏانهن ورڻ جو تصور به نه ڪرڻ گهرجي، تنهنجا ڪمزور کنڀ ٿڪجي پوندا، توکي واپس هن ٻيٽ ڏانهن موٽڻو پوندو“.
مفڪر جي ڳالهه تي ابابيل ڄڻ ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ ساهه پٽي پنهنجا ڪمزور پرڙا کولي وري وٺي اڏاميو ۽ تمام پري سمنڊ ۾ هڪ گول چڪر هڻي چهنب کولي سهڪندو وري واپس اچي هڪ پهاڙ تي ويهي رهيو، مفڪر خوراڪ جا ڪجهه ذرا هن ڏانهن اڇلائي ڏنا ۽ چيو ”توکي موڪل آهي، تون هن محدود ٻيٽ کان لامحدود سمنڊ ڏانهن اڏام ڪندو رهه پر توکي ڪا به وسندي نه ملندي ۽ توکي هن ٻيٽ ڏانهن واپس موٽڻو پوندو، بيوقوف پکي“ پوءِ هن رڙ ڪري چيو ”توکي ان وسنديءَ مان آخر ڇا حاصل ٿيندو، ساڳيا زخم، آسمان ڏانهن اڀرندڙ سڙندڙ ٽائرن جو ڪارو دونهون، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا بادل، مٿي اٿندڙ گوليون، انسانن جي خون جي هوا ۾ مليل بدبوءِ انهن جون پرواز ڪندڙ دانهون، آهون، فريادون.... تون اها سموري جدوجهد آخر ڪهڙي مقصد لاءِ ڪري رهيو آهي“ هن چيو ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا، هو روئندو ڪتي وٽ آيو ۽ ان کي ڀاڪر پائي چمي ڏني ”پيارا ڪتا تون وفادار آهين“ هن ڪتي کي چيو، مان توکي ڇڏڻ چاهيو پر تون ساٿ نڀائڻ لاءِ منهنجي پويان ڊوڙندو آئين، پر هو ابابيل پکي منهنجين وفادارين جو ڪو به قدر نه ڪندي واپس وسنديءَ جو رستو ڳولهي رهيو آهي، هو ڪمزور پکي جنهن جي زخمن تي مون مرهم رکي، قوت لاءِ خوراڪ ڏني ۽ جيئڻ لاءِ آزادي ڏني. اهو مون کي ڇڏي وڃڻ جون تياريون پيو ڪري. پيارا ڪتا تون وفاداري آهين، تون ان انسان کان چڱو آهين جيڪو انسانن کي قتل ڪري ٿو، پوءِ هو ڪتي اڳيان روئيندي انتهائي جذباتي ٿي ڳالهائيندو ويو. ”پيارا ڪتاب تنهنجون اکيون ان محبوبا جي اکين کان خوبصورت آهن جنهن جي دل ۾ بي وفائي ۽ گمان آهي، تون دنيا جي اها عظيم مخلوق آهين جيڪا هڪ ٻئي کي قتل نه ٿي ڪري، جنهن جي پوري نسل وٽ هڪ زبان آهي، اها هڪ انداز ۾ ڀونڪي ٿي. جنهن جو ڪو مذهب قوميت ۽ پوشاڪ نه آهي، نقشن جي ڪا به حد بندي ۽ مخصوص جهنڊو نه آهي. پيارا ڪتا تون دنيا جو اهو عظيم دانشور آهين، جنهن اڄ ڏينهن تائين انقلاب جو ڪو به نظريو نه ڏنو آهي. هڪ هٿان ٻئي کي مارائي دنيا جي نه ختم ٿيندڙ انقلاب جو ڪو به بنياد نه وڌو آهي، پيارا ڪتا دنيا جا سڀ انقلاب تو ۾ اچي ختم ٿين ٿا، تنهنجو فلسفو ڪنهن به نئين انقلاب جو پيغام ڏئي ڪنهن کي جذباتي نه ٿو بنائي، ڌرتي جي سيني تي ڪيڏا انقلاب آيا پر تنهن هوندي به هر ڪو انقلاب جون ڳالهيون ٿو ڪري، جنهن ۾ پيارا تنهنجو ڪو به هٿ نه ٿو ٿي سگهي ڇو جو تون پر امن ۽ وفادار آهين، تون ان ادب ۽ شاعري کان تمام مٿاهون آهين جيڪا عيسيٰ کان جنم وٺي اڄ ڏينهن تائين انسانن جي حيوانيت کي ختم نه ڪري سگهي، تون ان موسيقيءَ کان سٺو آهين جيڪا انسان ذات جي دل ۾ ڪا به نرمي پيدا ڪري نه سگهي، پر مان توکي سياستدان چئي تنهنجي گهٽتائي بيان نه ڪندس، ڇو جو تنهنجي جاءِ ان حڪمران کان مٿاهين آهي جيڪو انسانن کي تحفظ نه ٿو ڏئي سگهي، تون بي انتها حسين ۽ خوبصورت آهين پر توکي شهزادو نه چوندس جيڪو بادشاهه بنجي اڃان به ڌرتيءَ تي انسانن کي پنهنجو ذاتي غلام سمجهي انهن جا حق غضب ڪري ٿو“.
مفڪر هڪ وجداني ڪيفيت ۾ جذباتي ٿي روئيندو ۽ ڳالهائيندو ويو، ڪتي وات مان همدرديءَ جهڙا آواز ڪڍي زبان سان هن جي منهن ۽ ڳوڙهن کي ٿي چٽيو، جڏهن مفڪر ڳالهائي ٿڪو ته ڏاڍو لڄي ٿيو ۽ ڪتي کي پاڻ کان پري ڪيو، “معاف ڪجانءِ پيارا ڪتا تون ڪنهن به خوشفهميءَ ۾ مبتلا نه ٿجانءِ ڇو جو تون آخر ڪتو آهين“. هن چيو ۽ پوءِ پناهه گناهه ۾ ليٽي پيو. سج آسمان جي آخري حد کي پهچي اڀ جي زخمي سيني مان ڳاڙهي بوند جيان ٽمي هيٺ سمنڊ ۾ ڪري پيو ۽ هر طرف ڳاڙهو سمنڊ جوش ۾ تيز ڇوليون هڻندڙ وير جيان مٿي پهاڙن تي چڙهي آيو. ابابيل جا ڪارا کنڀ ڦهلجندڙ اوندهه سان ملي هڪ ٿي ويا، ڪتو ڪن کڙا ڪري هوشيار چوڪيدار جيان ٻيٽ تي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندو رهيو . مفڪر جيڪو اکيون ٻوٽي جاڳي رهيو هيو تنهن پناهه گاهه مان ڪنڌ ورائي مٿي نهاريو، اڀ ۾ ستارا خوف ۽ حيرت ۾ ڀريل ڪاري رات جي نرڙ تي پگهر جي بوندن جيان ٿي چمڪيا. هن جڏهن ابابيل کي نهارڻ چاهيون ته اهو ننڍڙو پکي هن کي ڪنهن به پهاڙ جي چوٽيءَ تي نظر نه آيو، پر هو مرڪيو ڇو جو هن کي خبر هئي ته اهو ڪارو پکي، اوندهه ۽ سرمئي پهاڙن سان ملي هڪ ٿي ويو آهي، اهو ضرور موجود هوندو. هو مرڪيو، پوءِ وري ليٽي اکيون بند ڪري جاڳندو رهيو. اولهه ۾ پاڻيءَ اندر ڪريل سج ساري رات سمنڊ ۾ ترندو جڏهن اوڀر طرف پهتو ته وري مٿي اڀريو ۽ عرش جي چاڙهيءَ تي چڙهندو مٿي ٿيندو ويو. اوندهه ڪنهن سڙيل ڄار جي رک جيان ڇڻي سمنڊ ۾ ڪري پئي. آسمان نيرو ٿي ويو ته سمنڊ جي نيراڻ به موٽي آئي جيئن آسمان لامحدود آئيني جيان مٿي ڦهليو پيو هجي جنهن ۾ سمنڊ جو عڪس ۽ رنگ جذب ٿي ويا هجن. اڀرندڙ سج سان هر شيءِ جاڳي پئي، ٻيٽ جا پهاڙ اکيون مهٽي سمنڊ ۾ ڪنڌ کڻي بيهي رهيا، مفڪر هڪ ڊگهي غنودگيءَ سان اٿي کڙو ٿيو، هن ڪتي ڏي نهاريو جيڪو صبح جي هير ۾ پنهنجون اڳيون ٽنگون ڊگهيڙي انهن تي منهن رکي اکيون بند ڪيو پيو هيو. ابابيل پنهنجا صحت مند ٿيندڙ کنڀ سهائي رهيو هيو. ان رکي رکي زور سان پنهنجي جسم کي ٿي ڇنڊيو جنهن کان هن جا ڪارا کنڀ زلزلي جيان ٿي لڏيا.
پکي وري تيز ڀڙڪو کائي اڏاميو جنهن کان مفڪر جو ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڪاوڙ ۾ هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، هو نفرت ڀريل نظرن سان ان پکيءَ جي صبح جي هير ۾ اڏام کي ڏسندو پنهنجي اکين ۽ ڪنڌ کي ان جي مٿي اڏرندڙ وجود سان ڦيريندو ويو، مفڪر کي اکين ۾ ڪاوڙ کان خون جي لالي ڀرجي آئي هو تيز وڏا ساهه کڻي ان کي نهاريندو جوش ۾ ڳالهائيندو ويو.
”او جهنگلي ابابيل اڄ کان وٺي منهجو تو سان واعدو آهي“ هن رڙ ڪري ٻيٽ مٿان ڦيريون پائيندڙ ابابيل کي چيو ”جيڪڏهن تون هيءُ سمنڊ پار ڪري وسنديءَ تائين پهچي وئين ته مان تنهنجي پوئواري ڪندي هن پرامن ٻيٽ کي ڇڏي تنهنجي ڪڍ وسنديءَ تي پهچي ويندس، تو سان اهو واعدو ان لاءِ ڪري رهيو آهيان ڇو جو مونکي پڪ آهي اهو ڪم تو لاءِ نه صرف مشڪل آهي پر ناممڪن آهي، جيڪڏهن توکي رهندڙ دنيا تائين ڇڏيو وڃي تڏهن به تون پنهنجن ڪمزور پرن سان اهو سوين ميلن ۾ ڦهليل سمنڊ نه ٿو جهاڳي سگهين“.
مفڪر ٽهڪ ڏئي کليو ۽ ابابيل ڪارا کنڀ هڻندو سمنڊ جي مٿاڇري تي اڏامندو ڪڏهن پري پئي هليو ويو ته ڪڏهن پريان چڪر ڏئي وري ٻيٽ جي مٿان لنگهندو ٻئي پاسي ڏانهن سنهڙا پر هڻندو نظرن کان اوجهل ٿي وري ظاهر ٿي ٿيو ۽ ائين اهو ڪڏهن ٻيٽ جي هڪڙي ڪنڊ ڏانهن بدحاليءَ جا چڪر هڻي وري سهڪندو اچي ٿي ڪنهن پهاڙ تي ويٺو، ان ابابيل جي هر اڏام تي مفڪر ٽهڪ ٿي ڏنو ۽ ابابيل هر ٽهڪ تي هڪ تازي ۽ نئين اڏام جي شروعات ٿي ڪئي ۽ وري ساڳيو ٿڪجي وات کولي ٿي اچي ٻيٽ جي پهاڙن تي ساهي پٽي ۽ ان ابابيل پوءِ حيرت مان اکيون ڦاڙي ڄڻ اهو ٿي سوچيو ته آخر ايڏي وسيع ڌرتي ڪٿي گم ٿي وئي آهي؟ ايڏو بي انت پاڻي جنهنجي ڪٿي کٽڻ جو ڪو امڪان ئي نه آهي ڪٿان آيو آهي؟ شايد ان ڌرتي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ ڌرتي ڪٿي به نه رهي آهي، پوءِ ان ابابيل ڪر کڻي پري ٿي نهاريو، ڏور آسمان ۽ سمنڊ جي ڪنڊ وٽ هن کي ريگستان جي رڃ جيان هڪ سڌي لڪير ۾ سمنڊ جو انت پئي نظر آيو پر هن جي اوڏانهن اڏام کان پوءِ آسمان ۽ سمنڊ جي ڪنڊ وٽ موجوده اها لڪير به اڏامندي هن کان ڏور ٿيندي پئي وئي ۽ آخر هن کي واپس موٽڻو ٿي پيو. پکيءَ کي ان بي قراريءَ ۾ چڪر ڪاٽيندي ڪئي ڏينهن لنگهي ويا. مفڪر جيڪو پهريائين ان پکيءَ ڏي ڏسي پيو ٽهڪ ڏيندو هيو، ان هاڻي پکيءَ متعلق اهو چئي سوچڻ ڇڏي ڏنو ته اهو بيوقوف پکي پاڻهي ٿڪجي هارجي پاڻ ۾ تبديلي آڻي انهن حرڪتن کان مڙي ويندو. مفڪر ان بيقرار ۽ جوشيلي پکيءَ کي ذري گهٽ وساري ڇڏيو.
آخر هڪ ڏينهن اهو آزاد پکي پنهنجا ڪارا ۽ نازڪ پر هڻندو ان ٻيٽ کان ايڏو ته ڏور اڏامي ويو جو وري واپس نه موٽيو. ٻيٽ جتي ان جي هر اڏام سان هڪ چرپر ڏسبي هئي اهو ڄڻ خالي ۽ چپ ٿي ويو. ننڍڙي اداس پکي کان پوءِ اهو ٻيٽ ڄڻ نامڪمل رهجي ويو، ڪنهن جي نه هجڻ جو احساس وڌي ويو جنهن کان جڏهن مفڪر پنهنجين اکين تي هٿ ڏئي تيز اس ۾ مٿي پهاڙن ۽ آسمان طرف نهاريو ته اس جي تيز ڪرڻن ڪري هن جي اکين ۾ پيدا ٿيندڙ ڪارن ترورن کان سواءِ هن کي ڪجهه به نظر نه آيو. ابابيل هن کي ڇڏي ڏور اڏامي ويو هيو، هو اڻ کٽ سمنڊ کي مات ڏئي پوئتي ڇڏي ويو هيو. مفڪر پريشانيءَ جي حالت ۾ هيٺ ويهي رهيو. هن سوچيو ”ڇا اهو ڪمزور پکي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو، هو ايڏو وسيع سمنڊ جهاڳي پار پئجي ويو، ان جي زخمي پرن ۾ ايڏي طاقت پيدا ٿي وئي جو هو رت ۽ وڍيل گوشت جي بي امن دنيا ۾ موٽي ويو“ هو جيئن سوچيندو ويو هن کي پڪ ٿيندي وئي ”ها اهو ابابيل هن ٻيٽاريءَ کي ڇڏي ڏور اڏامي ويو، اهو هاڻي ڪڏهن به واپس نه موٽندو“ مفڪر سوچيندو ويو ۽ هن کي پنهنجو ڪيل واعدو ياد اچي ويو ”مون هي ڇا ڪيو جتي مان هن ٻيٽ تي اچي زندگيءَ جي هار کي کٽي ورتو هيو، اتي هڪ ننڍڙي ۽ ڪمزور پکيءَ کان مات کائي ويس، اهو زخمي پکي ويندي منهنجي تصورن ۽ گمانن کي به ٽوڙي زخمي ڪري هليو ويو. پر مان صبح تائين ان پکيءَ جي واپس ورڻ جو انتظار ڪندس جيڪڏهن اهو نه آيو ته پوءِ مان ان جي ٺاهيل واٽ تي هلي ان جي پوئواري ڪندس“. مفڪر اهڙي سوداگر جيان ڪناري تي ويهي واريءَ کي هٿن جي مٺين ۾ ڀيڪوڙي ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو، جنهن جو ٻيڙو طوفان ڪري سمنڊ ۾ ٻڏي ويو هجي ۽ ان ڪاٺ جي تختي تي ويهي جان بچائي هجي. اها سموري رات هن اڏري ويل پکيءَ جو انتظار ڪيو پر اهو پکي اهڙو ته گم ٿيو جيئن ان ٻيٽ تي هيو ئي نه.
سج اڀريو ته هن هارايل شخص جيان بي دليءَ مان اٿي سمنڊ، آسمان ۽ پهاڙن ڏانهن نهاريو. هن کي ابابيل نظر نه آيو، اوچتو هن جو وفادار ڪتو پريان ڊوڙندو آيو، اهو جڏهن هن جي ڀرسان پهتو ته ڀونڪي وات سان هن جي لڙڪندڙ قميص ۾ چڪ وجهي هن کي ڇڪڻ لڳو، جڏهن ڪتي محسوس ڪيو ته مالڪ هن جي ڳالهه سمجهي ويو آهي، ته هن قميص مان وات ڪڍي اڳيان ڊوڙڻ شروع ڪيو، مفڪر پريشانيءَ ۽ تجسس جي حالت ۾ ان پويان ڊوڙندو ويو، ڪتو ان کي ساڻ ڪري ٻيٽ جي ٻئي پاسي ڏانهن آيو. مفڪر سمنڊ ۾ ٿورو پري نهاريو، ته هن کي ڪا شيءِ اتي سمنڊ جي ڇولين ۾ هيٺ مٿي ٿيندي نظر آئي. مفڪر ڊوڙندو هيٺ ڪناري تي بيٺل ٻيڙي ڏانهن هليو ويو. هو ٻيڙي کي سمنڊ ۾ هڪاليندو جڏهن اتي پهتو ته خوف ۽ ڏک کان هن جي رڙ نڪري وئي ”آخر تون مري وئين“ هن بي خوديءَ مان چيو، “ڪمزور ابابيل پکي تون آپگهات ڪري ڇڏيو، تون ته منهنجي تصور کان به مضبوط ايڏي ڏورانهين ٻيٽ ۾ وڃي پناهه ورتي جتان ڪو به نه موٽيو آهي، بيشڪ تنهنجو موت سڀ لاءِ وڏو ڇوٽڪارو آهي”، پوءِ مفڪر تمام درد ڀري آواز ۾ چيو ”مان توسان ڪيل واعدو نڀائيندس. تون جيڪا راهه ڏيکاري آهي ان تي ضرور هلندس ڇو جو تنهنجو مقصد موت تي اچي ختم ٿئي ٿو، موت ئي اهڙو ٻيٽ آهي جتي روح سڪون ۽ امن سان رهي سگهن ٿا. موت جو ٻيٽ هن خشڪ ٻيٽ کان وڌيڪ سٺو سرسبز آهي، جتي روح اڃايل ۽ غمگين نه ٿا رهن، موت ئي آهي جنهن ۾ هر ساهه وارو پناهه وٺي امن ۽ سڪون سان جيئي سگهي ٿو“.
ان کان اڳ مفڪر سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي هن سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهندڙ ابابيل جي لاش کي کڻي پنهنجي تريءَ تي رکي ڏٺو. مسلسل اڏام ڪري ڄڻ هن جا پر کسي ويا هيا. پاڻيءَ جي آلاڻ ڪري اهي کنڀ هڪٻئي سان چهٽي جهڳٽا ٿي پيا هيا، جن جي وٿين مان هن جو اڇو هيڊو گوشت پئي ظاهر ٿيو. اهو پکي اڃا مفڪر جي هٿ تي هيو ته ڄڻ ان جي چهنب مان ڪو آواز نڪتو ”بي وقوف مفڪر تون غلط سوچي رهيو آهين، مان جنهن مقصد لاءِ مئو آهيان اهو آپگهات نه آهي، منهنجي جدوجهد ته جيئري رهڻ لاءِ هئي پر اڻ کٽ سمنڊ مون کي ٿڪائي وڌو. مان هيٺ ان جي لهرن تي ڪري پيس ۽ موت مون تي غالب اچي ويو پر تون مون کان سوين دفعا سگهارو آهين. تون آخر ڪهڙيءَ طرح منهنجي جدوجهد ۽ مقصد کي آپگهات جو نالو ڏئي سگهين ٿو، او مفڪر تون پنهنجو واعدو ياد ڪر ۽ ان کي پاڙيندي منهن جي اڻ پوري اڏام پويان هلندو ان کي مڪمل ڪري ڇڏ“.
مفڪر اهو آواز ٻڌو جيڪو مئل پکيءَ جي چهنب مان نه پر ڄڻ هن جي پنهنجي اندر مان ٿي بلند ٿيو. هن چيو ”بيشڪ ابابيل پکي اها منهنجي سڪ هئي، منهنجي نفرت هئي ۽ منهنجي محبت هئي جنهن تنهنجي صورت ۾ هر هر سمنڊ مٿان زخمي اڏام پئي ڪئي، اهو تون نه هئين اهو مان هئس، اهي منهنجي زخمي دل جون اڏامون هيون“.
هن ڪتي کي سڏي ٻيڙي ۾ ويهاريو، پوءِ هو ابابيل جي اڻپوري اڏام طرف ٻيڙيءَ کي هلائيندو سمنڊ ۾ ڏور ٿيندو ويو.