ڪھاڻيون

ابابيل جي آخري اڏام

علامتي ڪھاڻين جي لکيل مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي.
جنھن رسول ميمڻ کي ھڪ دفعو پڙھيو سو کيس ڪڏھن بہ وساري نہ سگھندو. ڇاڪاڻ ته هو، جيڪي لکي ٿو ان ۾ ماڻهن جي دردن جون ڪهاڻيون هونديون آهن ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي دردن جو ڳالهيون لکڻ واري کي آسانيءَ سان وساري نه سگهندو آهي. ھو موجودھ دور جي لکندڙن ۾ گھڻو پڙھيو ويندڙ ليکڪن جي فھرست ۾ مٿئين درجي وارو ليکڪ آھي، جنھن قلم ذريعي سماج کي سنوارڻ جو ڪم ڪيو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 1752
  • 690
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ابابيل جي آخري اڏام

مالهه ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جي ڏند ڪٿا

”ڪائنات جيڏي وسيع جهنگ ۾ هڪ دفعي ڪو شينهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڊڪائيندو ڀڄندو ٿي ويو، دهشت ۽ خوف کان ڀڄندڙ ماڻهوءَ جي گف ٿي ڳڙي ۽ هو پوئتي ڏسڻ کان سواءِ پنهنجو ڀرپور زور لڳائي ڄنگهن کي تيزيءَ سان حرڪت ڏيندو اڳتي ڀڄندو پئي ويو، ڪافي اڳتي ڊوڙڻ کان پوءِ ان ماڻهوءَ کي جڏهن لڪي جان بچائڻ لاءِ ٻي ڪا به جاءِ نظر نه آئي ته اهو ٽپو ڏئي هلندڙ کوهه جي مالهه ۾ وڃي چنبڙيو ۽ مالهه ۾ ٻڌل ڪينگرين سان گڏ گول ڦرندو رهيو، شينهن ٻي ڪا واٽ نه ڏسي اتي ئي کوهه جي ٻني تي چوڌاري ڦرڻ لڳو ۽ مالهه ۾ ٽنگيل انسان کي ڏسي ڏند ٻاهر ڪڍي زور سان گاجيون ڪرڻ لڳو. خوف جو ماريل ماڻهو مالهه جي رسيءَ ۾ ائين چنبڙي پيو جيئن ڪو بکايل ٻار ماءُ جي ڇاتيءَ کي چهٽي پوندو آهي. گهڻي دير گذرڻ کان پوءِ جڏهن شينهن کوهه جي ٻني تي ڦيرا ڏئي ٿڪجي پيو ته اتي ئي ويهي ڳاڙهيون اکيون ڪري ماڻهوءَ جي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، جيئن هو ان کي کائي پنهنجي بک ماري سگهي پر جڏهن هيسيل ماڻهوءَ ڏٺو ته شينهن اتي ئي کوهه جي ڪناري تي ويهي رهيو آهي، سو هو به کوهه کان ٻاهر نڪرڻ جو خيال مٽائي اتي ئي مالهه ۾ ٽنگيو رهيو“.
پوڙهي صوفيءَ ڳالهه شروع ڪئي ته ريڍار هڪ هڪ لفظ غور سان پئي ٻڌو ”پوءِ ڇا ٿيو صوفي“؟ ريڍار هن کي ڳالهه اڳتي وڌائڻ لاءِ چيو.
”پوءِ.....“ صوفي ائين چئي کنگهي پنهنجي خشڪ ڳلي کي صاف ڪيو. ڪجهه پنڌ تي اڌ وهيءَ واري ان ريڍار جون رڍون چري رهيون هيون. هن صوفيءَ کان ڪجهه دير جي معافي ورتي ۽ هو ڊوڙندو انهن رڍن پويان ڀڄندو ويو. رڍون گهڻو پري پراڻي قبرستان جي کٻڙن ۾ وڃي نڪتيون هيون، گرميءَ جا ڏينهن هيا ۽ نٽهڻ اس ۾ هر شيءِ رجيل چانديءَ جيان پئي جرڪي. جيستائين ريڍار موٽي اچي، صوفي جيڪو بڙ جي ڇانو ۾ پلٿ ماريون ويٺو هيو ان پاڻيءَ مان ٺڪر جو پيالو ڀري وات تي چاڙهيو ۽ ٿڌو ساهه ڀري ڏاڙهيءَ کي ڇنڊيو. اهو صوفي ڪيترن سالن کان اتي بڙ جي ڇانو ۾ ائين ويٺل نظر ايندو هيو، ڪن جو چوڻ هو اهو ڪنهن وڏي زميندار جو پٽ هو جنهن پنهنجي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ سموري ملڪيت غريب ماڻهن ۾ ورهائي دنيا کي تياڳ ڪيو هيو، اهو ان ساڳيءَ جاءِ تي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن گذاري رهيو هيو. بڙ جي هيٺان ئي هڪ ڪکن ڪانن جي جهوپڙي هئي جنهن ۾ اهو پوڙهو صوفي رات جي وقت آرام ڪندو هيو نه ته باقي وقت هو ان بڙ جي ڇانو ۾ اکيون بند ڪري ڪن خيالن ۾ گم ويهي گذاريندو هيو. ڳوٺ جا ماڻهو هن کي ٽن ويلن جي ماني ڏيندا هيا جنهن تي هن جو گذر سفر ٿيندو هيو. هن جا نه ته ڪي عقيدتمند هيا ۽ نه مريد، هو اڪيلائي پسند ۽ انهن سڀني ڳالهين کان دور هيو جيڪي هن جي خيالن جي پاڪيزگي ۾ رخنو وجهنديون هيون. وقت سان گڏ هن جي صرف ان ريڍار سان دوستي ٿي سگهي هئي جيڪو هن وانگر آبادين کان ڏور جهنگ ۾ جانورن سان زندگي گذارڻ جو عادي هيو. ريڍار ٿوري دير کان پوءِ موٽيو ته هو سهڪي رهيو هيو. گرمي ڪري هن جو سمورو جسم پگهر ۾ شل ٿي ويو هيو. هن هيٺ نوڙي ٺڪر جي ٿانو ۾ پاڻي پيتو ۽ پوءِ صوفيءَ جي ڀرسان پنهنجي لٺ رکي ويهي رهيو.
پري پري تائين گرميءَ ڪري ڌرتيءَ جي سيني مان ڄر پئي نڪتي جنهن ۾ هر شيءِ جا عڪس پاڻيءَ ۾ نظر ايندڙ پاڇي جيان پئي لڏيا، خاص ڪري قبرستان واري پاسي کان ٺوٺ سڪل کٻڙن جا وڻ هيبتناڪ شڪليون ٺاهي ڄڻ تيز سج ڏي نهاري رهيا هئا، اهي انساني هڏائن پڃرن جيان روز مرهه جي مختلف عملن جي صورت ۾ ڪجهه ڊوڙندي، ڪجهه ويهندي ۽ ڪجهه غمن ۽ ڪجهه خوشين جي تصوير بڻيا بيٺا هيا. انهن وڻن جي شاخن تي ويٺل ڳجهون اڃا به ڄڻ انهن جو ماس چٻاڙي رهيون هيون ۽ قبرون تيز گرميءَ ڪري ڌرتيءَ جي جسم تي پونءِ جي ڳوڙهن جيان اڀريل ٿي نظر آيون. هر شيءِ سنسان ۽ ويران ٿي نظر آئي، بي روح جسم جيان ساڪت ۽ بيمار جيان ڏٻري، رڍون انسانن جيان دربدر ڌرتيءَ جي رڻ تي رلي رهيون هيون ۽ اڌ وهيءَ جو ريڍار حسرت ۽ رحم جي نظرن سان انهن ڏانهن ڏسي رهيو هيو. صوفي چپ هيو ۽ ان جي چپ ڪنهن دردناڪ دانهن کان به طاقتور هئي، نيٺ ريڍار سانت کي ٽوڙيو. ”پوءِ ڇا ٿيو؟“. هن چيو.
”پوءِ ڪيئي سال گذري ويا ۽ شينهن ان کوهه جي ڪناري تي ويٺو رهيو“. صوفيءَ ڳالهه کي اڳتي چوريو ۽ ريڍار هن جي لفظن ۾ گم ٿي ويو. ”کوهه جي مالها ڦرندي رهي ۽ ماڻهو به ان سان گڏ هيٺ مٿي ٿي گول ڦرندو رهيو، پهريون ته اهو سڀ هن جي لاءِ تڪليف جو باعث هيو ۽ پوءِ آهستي آهستي هن محسوس ڪيو جيئن هو گول ڦري نه رهيو آهي پر هڪ هنڌ ساڪت آهي. هن جو ڦرڻ صرف هڪ دوکو آهي جنهن جي ڪا به حيثيت نه آهي. حالانڪه مالهه ڦري رهي هئي ۽ ان جا چيڪاٽ پري پري تائين ٻڌجي رهيا هئا، پر ماڻهوءَ جا ڪن انهن آوازن سان ايڏا ته مانوس ٿي ويا جو اهي آواز پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺا ۽ انهن جو ڪو به وجود نه رهيو، شينهن کي به ڪناري تي ويٺي ڪافي عرصو لنگهي ويو ۽ هن کي دنيا جي ڪا به حاجت محسوس نه ٿي. هو صرف مالهه ۾ ڦاٿل ان ماڻهوءَ کي ڏسندو رهيو جيڪو هن جو سڀ کان وڏو شڪار هيو ۽ ماڻهوءَ جي ٻاهر نڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هيو. ماڻهو جڏهن مالهه سان ٿورو گهڻو مانوس ٿي ويو ته هن کي بک محسوس ٿي، هن ڪنڌ مٿي ڪري کوهه کان ٻاهر نهاريو ته هن کي کوهه مٿان بيٺل ٽاريءَ جي وڻ ۾ هڪ وڏو ماکيءَ جو مانارو نظر آيو جيڪو ماکيءَ جي جهجهي هجڻ سبب ڪنهن ڍاول ماڻهوءَ جي پيٽ جيان ڦوڪيو بيٺو هيو، ٽاريءَ جون لامون ايتريون ته هيٺ لٽڪي رهيون هيون جو هن هٿ وڌائي انهن کي ڌونڌاڙيو ته ماناري مان هيٺ ماکيءَ جون ڪجهه بوندون ڇڻي هن جي وات ۾ اچي پيون، هن کي تمام گهڻي لذت محسوس ٿي ۽ خوش ٿيو. هو خوشيءَ مان مالهه جي نوڙين ۾ باندر جيان ٽپا ڏئي جهولڻ لڳو. هاڻي هن جو وقت آرام سان گذري رهيو هيو، هو ڪناري تي ويٺل شينهن کي به وساري ويٺو، هن جي ذهن مان هر شيءِ جو عڪس ڊهي ويو جنهن جو ماضيءَ ۾ هن سان تعلق هيو، هاڻي کوهه ۾ ڦرندڙ اها مالهه ئي هن لاءِ سڀ ڪجهه هئي، هن کي کائڻ لاءِ ماکيءَ جهڙي شيءِ ملي وئي جنهن کي هو ٿوري محنت ڪري ٽاريءَ جي لامن کي هٿن سان لوڏي هر وقت حاصل ڪري پئي سگهيو.
ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو کوهه جي مالهه جون رسيون جيڪي هن جي ٻانهن جي ويڻي کان به ٿلهيون هيون ڪمزور پيون ٿينديون وڃن، هن مالهه جي رسين ۾ جڏهن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته هن جي ذري گهٽ رڙ نڪري وئي، هن ڏٺو ته هڪ نوريئڙو آهي جيڪو آهستي آهستي مالهه جي رسين جي تاندورن کي پنهنجي سنهن ڏندن سان ويٺو ڪتري، هن رڙ ڪري ان نوريئڙي کي ائين ڪرڻ کان هڪل ڪئي، هن مختلف آواز ڪڍي ان کي ائين ڪرڻ کان روڪيو پر نوريئڙي هن ڏي ڏٺو به ڪو نه، اهو پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهيو، مالهه جي رسيءَ جي هڪ هڪ تند ان جي سنهن ڏندن هيٺان اچي ڪتربي رهي، نوريئڙو ان ماڻهوءَ کان ايترو به پري نه هيو جو هو ان کي پهچي نه سگهي، پر ڪنهن اڻ ڄاتل توانائي کان هو اهو سڀ نه ڪري سگهيو، هن جي دل چاهيو ته هو اڳتي وڌي ان نوريئڙي کي پڇ کان وٺي ٻاهر ڦٽي ڪري پر هو اهو سڀ نه ڪري سگهيو ۽ هن جي کوهه جي مالهه جي رسيءَ جون تندون هڪ هڪ ٿي ڪتربيون رهيون، اهو ماڻهو پنهنجي انجام کان واقف ٿي ويو، هو ڄاڻڻ لڳو ته ان کوهه جي مالهه ۾ هن جي حياتي ڪجهه سالن جي مهمان آهي، رسيون ڪيتريون به ٿلهيون ڇو نه هجن پر آخر هڪ ڏينهن اهو نوريئڙو پنهنجو ڪم پورو ڪندو ۽ پوءِ هو ڇڳل مالهه جي رسين سان گڏ کوهه جي تري ۾ پاڻيءَ اندر غرق ٿي ويندو، اهو سوچي هن هيٺ کوهه جي پاڻيءَ ۾ نهاريو ته هن کي ڪا شيءِ هيٺ تمام هيٺ پاڻي جي گهرائي ۾ ترندي نظر آئي. ”اوهه خدا..“ هن جي وات مان خود بخود نڪري ويو، هن ڏٺو هڪ وڏو ارڙ نانگ پنهنجو وات کولي هيٺ پاڻيءَ ۾ ستو پيو آهي، هو پنهنجي وهشتناڪ انجام تي سوچي ڏڪي ويو، هن جو انگ انگ اڀو ٿي ويو، سڪون ۽ قرار ختم ٿي ويو، هو رسين ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽپا کائي ڪڏهن نوريئڙي ڏي ڏسندو رهيو ته ڪڏهن هيٺ گهري پاڻيءَ ۾ ارڙ نانگ جي کليل وات طرف جنهن ۾ هن جو پورو وجود آسانيءَ سان سمائجي پئي سگهيو.
اهو سڀ ڪجهه هوندي به هو ان کوهه جي مالهه سان ايترو ته دل کي لڳائي ويٺو جو هن جو دماغ سڀ ڪجهه محسوس ڪندي به اتي رهڻ لاءِ آماده هيو، هن کي ماکيءَ جو ذائقو ايترو ته پسند اچي ويو هيو جو هو ڪنهن به صورت ۾ ان تان هٿ کڻڻ نه پيو چاهي هن سوچيو مالهه جي رسي ايتري ته ٿلهي آهي جو ان کي ٽڪيندي ٽڪيندي نوريئڙي جا ڏند ڀڄي پوندا ۽ اهو وقت ڪڏهن به نه ايندو جو هو ان ارڙ نانگ جي وات ۾ ڪري ان جو کاڄ ٿي سگهندو، پوءِ هن هيٺ ڪنڌ ڪري ان ارڙ نانگ تي ٺٺولي ڪئي ”اڙي بند ڪر پنهنجو وات مردود... مان ان ۾ ڪڏهن به نه ڪرندس“ هن رڙ ڪري ارڙ نانگ کي چيو، ارڙ نانگ اکيون بند ڪيون هيٺ گهري پاڻيءَ ۾ وات کوليو سمهيو پيو هيو، ان کي هن جا آواز ٻڌڻ ۾ نه آيا ۽ هن جي نظر جڏهن به ان نانگ تي پوندي هئي ته هو رڙيون ڪري ان کي ڀڄي وڃڻ لاءِ چوندو هيو پر ارڙ نانگ پٿر جي بي جان بت جيان هڪ هنڌ ڪنهن به حرڪت کان سواءِ وات کوليون پيو هوندو هيو، ماڻهو ڪڏهن هشڪر ڏئي نوريئڙي کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر نوريئڙو پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مست هوندو هو جو ان کي هن ماڻهوءَ ڏانهن ڏسڻ جي فرصت به مشۡڪل سان ملندي هئي، ماڻهو ڪڏهن بيزار ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن تمام گهڻي خوشيءَ مان ابتيون سبتيون قلابازيون کائي مالهه جي رسين ۾ پيو جهوليندو هيو ۽ ائين ان جو صبح شام گذرندو رهيو.
ڪڏهن ماڻهوءَ جي دل چوندي هئي ته هو ٽپو کائي کوهه مان ٻاهر نڪري ڀڄي وڃي پر ڪناري تي جڏهن هن جي نظر شينهن تي پوندي هئي ته هو هيسجي ويندو هيو، شينهن ساڳي طاقت ۽ توانائي سان ڪناري تي اکيون ڳاڙهيون ڪيو ويٺو هوندو هيو ۽ ڪڏهن بيزار ٿي کوهه جي ٻني تي گول چڪر هڻي وري اچي پنهنجي جاءِ تي ويهندو هيو ۽ پوءِ ڪاوڙ مان ان ماڻهوءَ ڏي ڏسي وڏيون گاجيون ڪري پيو هر شيءِ کي ڏڪائيندو هيو. شينهن جي ڄڻ هاڻي اها روزمره جي زندگي ٿي وئي هئي. هو ان ماڻهوءَ کان سواءِ ڪنهن به شيءِ کي پسند نه پيو ڪري ۽ صرف ان جو ئي شڪار ڪري هو سرخرو ٿيڻ پيو چاهي پوءِ چاهي ان عمل ۾ هن جا ڪيترا سال يا صديون ڇو نه لڳي وڃن، ماڻهو ڪڏهن پريشان ٿي شينهن سان اکيون اکين ۾ ملائي ان کي گاريون ڏيندو هيو ۽ شينهن ڪناري تي بيهي گاج ڪري هن کي پري کان چنبو اولاريندو هيو. کوهه جي مالهه شينهن جي پهچ کان پري هئي هن جي وس ۾ اها ڳالهه نه هئي ته هو ماڻهوءَ وانگر ٽپو کائي ان کاهيءَ کي پار ڪري وڃي ان مالهه جي رسين ۾ چنبڙي، ماڻهو ڪڏهن ماکي کائي خوشيءَ مان ڪاوڙيل شينهن کي پيو چيڙائيندو هيو ۽ ڪڏهن قلابازيون کائي نوريئڙي تي نظر پوڻ سان اداس ٿي ويندو هيو ۽ پوءِ هيٺ کوهه جي گهري پاڻيءَ ۾ ارڙ نانگ کي ڏسي روئي پوندو هيو. ڪڏهن هو خوش هوندي اهڙو ته سريلو آواز ڪڍي ڳائڻ شروع ڪندو هيو جو کوهه جي پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿي جلترنگ وڄائڻ لڳنديون هيون ۽ ڪڏهن درد جي ڪري اهڙيون دانهون ڪندو هيو جو ڳوڙها هن جي اکين مان ٽمي هيٺ پاڻيءَ ۾ ڪري درد جو ساز وڄائيندا هيا.”
گهڻي ڳالهائڻ ڪري صوفيءَ جو وات خشڪ ٿي ويو هيو. هن گرمي ۽ اڃ کي اجهائڻ لاءِ ٺڪر جو پيالو پاڻيءَ سان ڀري منهن تي چاڙهيو، ريڍار خاموشيءَ سان ٽڪ ٻڌي صوفيءَ ڏي نهاري رهيو هيو ۽ شدت سان انتظار ڪري رهيو هيو ته صوفي اڳتي ڳالهه شروع ڪري، صوفيءَ پاڻي پي ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ اکيون بند ڪري ڪجهه دير لاءِ پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو، هن ڪجهه گهرا ساهه کنيا جيئن هو گهڻو هلڻ ڪري سهڪي پيو هجي، جڏهن هن ڪجهه آرام محسوس ڪيو ته پوءِ اکيون کولي ريڍار ڏي نهاريو، ريڍار هن ڏانهن تجسس ۽ حيرت مان نهاري رهيو هو.
”ها صوفي پوءِ ان ماڻهوءَ جو انجام ڇا ٿيو؟“ ريڍار هن کان پڇيو.
”پوءِ“ صوفي گهري سوچ ۾ موٽندي چيو. ”ماڻهوءَ جي ان سهاري جنهن تي ان جي حياتي منحصر هئي، اها مالهه هڪ هڪ تاندورو ٿي ٽڪجندي رهي ۽ هيٺ هن جي ڪرڻ کان پوءِ ارڙ نانگ جو وات هن جي هڙپ ٿيندڙ وجود جو انتظار ڪندو رهيو. ماڻهو پنهنجي ابتدا ۽ انتها کي ڄاڻيندي به خوش ۽ مزي سان حياتي گهاريندو رهيو، وقت سان گڏ هن جا روپ بدلجندا رهيا، هو ڪڏهن پاڻ کي عاشق سڏائڻ لڳو ته ڪڏهن محبوب، ڪڏهن هاري ٿي ويو ته ڪڏهن زميندار، ڪڏهن ظالم ٿي ويو ته ڪڏهن مظلوم، مالهه ۾ ڦاٿل هن جو وجود مختلف روپ ڌاري هن جي اڳيان ايندو رهيو، هو ڪڏهن ڌاڙيل جي روپ ۾ اچڻ لڳو ته ڪڏهن ڀاڳي جي روپ ۾، هو ڪڏهن وڏو عالم ۽ سخي ٿئي ٿي ويو ته ڪڏهن جابر ۽ مغرور، ڪڏهن عام انسان جي روپ ۾ ٿي نظر آيو ته ڪڏهن ولي ۽ پيغمبر جي روپ ۾، ڪڏهن حڪمران ته ڪڏهن محڪوم، ڪڏهن آقا ته ڪڏهن غلام. ڪڏهن عظيم قائد رهيو ته ڪڏهن غدار ۽ بزدل. ڪڏهن سخي ۽ بزرگ ته ڪڏهن ڪنجوس ۽ حاسد، ڪڏهن بيمار ته ڪڏهن تندرست، ڪڏهن سرمائيدار ته ڪڏهن مزدور ۽ محنت ڪش. هو زندگيءَ جا مختلف روپ کڻي ان مالهه تي چنبڙي حياتيءَ جا ڏينهن گذاريندو رهيو، مختلف روپن ۾ هوندي به اهو ئي مالهه ۾ ٽنگيل ماڻهو جنهن جي مٿان رسيءَ کي ٽڪيندڙ نوريئڙو ويٺو هيو ۽ هيٺ وات ڦاڙي هن جي وجود جو انتظار ڪندڙ ارڙ نانگ.
ڪيئي سال لنگهي ويا ماڻهوءَ جي حياتي ان چرخي سان چرندي رهي، هن وقت سان گڏ محسوس ڪيو، هن جي عضون ۾ هاڻي اها شڪتي ۽ توانائي نه رهي آهي جيڪا هو پهريون محسوس ڪندو هيو، مالهه جي واڍ ۾ لڙڪندي لڙڪندي هن جي جسم جي چمڙي ڍلي ٿي وئي هئي ۽ هٿ سخت، ٿڪاوٽ کان هن جو ڪرنگهو هيٺ جهڪي ويو هيو ۽ هن جو سنڌ سنڌ سور کان ڀڄي رهيو هيو، هن جو هر عضوو ڏڪي رهيو هيو، هن جي جسم کي هاڻي ان ماکيءَ جي به گهڻي ضرورت نه رهي هئي جيڪا پهريون جيان پنهنجي ڀرپور مقدار ۾ هن مٿان لڙڪي رهي هئي، هن کي هاڻي گهڻي بک محسوس نه ٿيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ٻانهن مٿي ڪري ان ٽاريءَ جي لامن کي لوڏي ماکي حاصل ڪرڻ ۾ هن کي تڪليف محسوس ٿيندي هئي، سور ۽ درد کان هن جو ڏيل ڏٻرو ٿي ويو، اکين جي روشني پهريون کان گهٽجي وئي، هو ڪنڌ مٿي ڪري ڪڏهن ان نوريئڙي کي نهاريندو هيو ۽ محسوس ڪندو هيو ته نوريئڙو پنهنجو گهڻو ڪم ڪري ويو آهي، ٻانهن جي ويڻي جيڏي ٿلهي رسيءَ جون باقي ڪي ڪجهه تندون وڃي بچيون آهن جن تي هن جو وجود لڙڪي رهيو آهي ۽ جڏهن هو ڪنڌ ورائي هيٺ ڏسندو هيو ته ارڙ نانگ جيڪو هن کي پهريون پٿر جيان ساڪت نظر ايندو هو اهو هاڻي اکيون ڦاڙي پڇ لوڏي وڏو وات ڦاڙي هن جي هيٺ ڪرڻ جو انتظار ڪندو نظر ايندو هيو. جڏهن هو شدت سان ان ڳالهه کي محسوس ڪندو هيو ته هاڻي هن جي موت ۾ ڪي گهڙيون وڃي بچيون آهن ته هو تيز آواز ۾ خدا کي ياد ڪري ان کي مدد لاءِ پڪاريندو هيو. ”اي خدا تون هن ارڙ نانگ جي چنبي کان بچاءِ، تون پنهنجو رحم ڪر ۽ هن تڪليف کان پناهه ڏئي“. هو ڍاڍيون ڪري خدا کان پنهنجي حياتي ۽ مصيبت کان دور رهڻ جون دعائون گهرندو رهيو. هن جي دردناڪ رڙين تي کوهه جي ڪناري تي ويٺل شينهن به ڪڏهن گهٻرائجي هيجسي ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجن چنبن تي منهن رکي اکيون بند ڪري ڇڏيندو هو. آخر اهڙو وقت به آيو جو نوريئڙي پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو، ان مالهه جي رسيءَ جي ڇڏڻ سان ماڻهوءَ جي هڪ اڀ ڏاريندڙ رڙ پيدا ٿي، پوءِ کوهه جي پاڻيءَ ۾ هڪ ڇٻڙڪو ٿيو، ارڙ نانگ پڇ لوڏي پنهنجو وڏو وات کڻي بند ڪيو ۽ پوءِ هرطرف خاموشي ڇائنجي وئي“.
صوفيءَ ڳالهه ختم ڪري ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ ريڍار ڏي نهاريو، ريڍار اڃا به هن ڏانهن اکيون کڻي حيرت ۽ عجب مان نهاري رهيو هيو.
”پر اهو ماڻهو ڪير هيو؟“ ريڍار سوال ڪيو.
”اها هڪ راز جي ڳالهه آهي، آئون توکي اهو راز نه ٻڌائيندس، ڇو جو آئون سمجهان ٿو ته ٿوري سوچڻ کان پوءِ ان راز کان وقف ٿي ويندين ۽ اها ڳالهه تنهنجي لاءِ نئين نه رهندي“. صوفيءَ چيو، شام ٿي چڪي هئي ۽ سج لڙي چڪو هيو، صوفي پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ آهستي آهستي قدم کڻندو بستيءَ واري پيچري کي لتاڙيندو اوڏانهن وڌڻ لڳو.
(مرڪزي خيال ورتل)