بند ڪمري جو راز
معاشرو ان ٻار جو نالو هيو جيڪو غلاظت جي ڍير جي پيداوار هيو. هو مفلسيءَ ۾ ڄائو هيو، هن جي آس پاس صرف غربت، بک ۽ جهالت هئي. پوڙهي پروفيسر ان کي گندگي جي ڍير مان کڻي هڪ اهڙي ڪمري ۾ بند ڪيو هيو، جيڪو هر غلاظت کان پاڪ ۽ بک کان پري هيو، اتي جهالت نه هئي هر طرف سونهن، صفائي، پوشاڪ ۽ خوراڪ هئي.
پوڙهي پروفيسر پنهنجي سوچيل نظريي تحت اهو تجربو ڪرڻ چاهيو ٿي ته جيڪڏهن هڪ ٻار جي پالنا بلڪل مختلف انداز ۾ ڪري هن کي جهالت، بک ۽ برباديءَ کان ڏور رکي ان کي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون مهيا ڪري هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ان جي سڀني کان الڳ پالنا ڪري وڌائي وڏو ڪجي ته هو، دنيا جي لاءِ هڪ سڌريل، ٻاهرين پکڙيل ڇڙواڳيءَ جي سوچن کان پاڪ، هڪ اهڙو انسان ٿي سگهي ٿو، جنهن کي ڏسي ٻيا انسان به ان جي پٺڀرائي ڪندي اهڙي تربيت شروع ڪندا جيڪا بلڪل هن جي نظريي تي ٺهڪي ايندڙ هوندي.
”توهان اسان کي ان ٻار سان ملڻ ڏيو“. پاڙي وارن مان ڪنهن چيو ”اسين ڏسڻ چاهيون ٿا ته ٻار جيئرو آهي يا مري ويو“.
ان کان اڳ جو پوڙهو پروفيسر ڳالهائي، انهن مان هڪ دروازي وٽ بيهي اندر ڪنائڻ شروع ڪيو.
”نه ٻار جيئرو آهي“. ان ڪنائيندڙ شخص چيو ”اندران ڪجهه رانديڪن جي هلڻ جو آواز ۽ ٻار جو ڳالهائڻ ٻڌجي رهيو آهي. ائين جيئن هو ڪنهن مشيني رانديڪي سان دل وندرائيندو هجي“.
”مون هن کي وندرائڻ لاءِ دنيا جا خوبصورت رانديڪا ڏنا آهن“. پوڙهي پروفيسر چيو ”هو بي حد خوش آهي“.
”پر آخر هن ڪمري جو تالو ڪڏهن کلندو؟“ پاڙي وارن مان وري ڪنهن ڳالهايو.
”جڏهن معاشرو دماغي ترقي ڪري ٻاهر نڪرڻ جي قابل ٿي ويندو“.
”ته پوءِ پڪ سان اهو جوان ٿي پوءِ ٻاهر ظاهر ٿيندو؟“
”نه“ پوڙهي پروفيسر چيو ”اهو ان جي دماغي ترقيءَ تي مدار آهي ان جي جواني يا پوڙهائپ تي نه“.
سڀ حيران ٿي ويا.
”ته پوءِ ٿي سگهي ٿو اهو مرڻ تائين ٻاهر نه نڪري“.
پوڙهي ڪو به جواب نه ڏنو.
”اهو ته سراسر ظلم آهي“. پاڙي جي ڏاڍي مڙس جنهن کي کائڻ پيئڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ميسر هيو تنهن چيو ”مون کي هڪدم ٻار سان ملاقات اجازت ڏني وڃي“.
”تون هن کي گمراهه ڪري غربت جي انڌيرن ۾ ڌڪي ڇڏيندين“ پوڙهي پروفيسر جوش ۾ ايندي چيو ”تون هن جي ذهني ترقي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندين، جڏهن ته هو پهريون کان گهڻو خوشحال ۽ مطمئن آهي“.
”ها“ پوڙهو پروفيسر ٺيڪ چئي رهيو آهي“ پاڙي جي پيڙهيل رهاڪن هڪ آواز ۾ چيو ”زندگيءَ جون ضرورتون هر انسان کي ميسر هجڻ گهرجن، انسان کي غربت واري زندگيءَ کان الڳ پروفيسر جي نظريي تحت ترقي ڪندڙ معاشري جيان زندگي گذارڻ گهرجي، جتي زوراور ۽ پيٽ ڀريل پاڙي وارن جو ڪو به عمل دخل نه هجڻ گهرجي.
”مان توهان سڀني لاءِ ڇوٽڪاري جي واٽ ٺاهي رهيو آهيان“ پوڙهي پروفيسر چيو پوءِ هو ڪمري جي بند دروازي جو تالو کولي ان ۾ اندر هليو ويو ۽ ان در کي اندران مضبوطيءَ سان بند ڪري ڇڏيو. پاڙي وارن غور سان ڪمري کي جاچيو ان ۾ ڪو به سوراخ نه هيو جتان هو اندر ڏسي سگهن، اهو مڪمل طرح ڪبوتر جي آني جيان بند هيو، جنهن ۾ پروفيسر جي چوڻ موجب مستقبل جي امن جو پکي پلجي رهيو هيو. ان ڪمري اندر خاموشي هئي جهڙي ڪنهن وڏي جنگ جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ انسانن جي لاشن ۽ ڊٺل عمارتن جي مٿان هوندي آهي. انهن سوچيو معاشرو مطمئن آهي اهو وڌي وڏو ٿي رهيو آهي.
ڪيئي سال گذري ويا، پوڙهو روز بند ڪمري مان نڪري ٻاهر بيٺل ماڻهن کي مطمعن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هيو ۽ وري واپس ڪمري جو در انتهائي مضبوطيءَ سان بند ڪري هليو ويندو هيو. هن پنهنجا ڪيئي هم خيال پاڙي وارا پيدا ڪري ورتا هيا، هن پنهنجي زيرڪفالت جوان ٿيندڙ معاشري جي خوشحالي جو ذڪر وڏي شان ۽ مان سان ٿي ڪيو. هن ڪيترن سالن تائين هر ڪنهن کي اهو ٿي سمجهايو ته هو بدحالي ۽ غربت مان ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجن پنهنجن معاشرن جون الڳ الڳ دنيائون ٺاهي انهن جي پرورش ڪن. هو پنهنجي مقصد ۾ ڪنهن حد تائين ڏاڍو ڪامياب به ويو. بکايل ۽ پيڙهيل هن ۾ وڏيون اميدون رکي هن جي نظريي جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهرڻ لڳا.
وقت گذريو ته پوڙهو پروفيسر بلڪل هيڻو ۽ لاچار نظر اچڻ لڳو. هو بلڪل پوڙهو ٿي ويو، هلڻ گهمڻ کان لاچار ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ نظر اچڻ لڳو. هن کي زندگيءَ جي پڇاڙيءَ ڏاڍو ڪمزور ۽ پيلي چهري وارو ڪري ڇڏيو. هن جو وجود ٿورو ٿورو ڏڪڻ لڳو. بند ڪمري جو تالو کوليندي ۽ بند ڪندي هن جي هٿن ۾ پڪڙيل چاٻي هن جي نظر جي گهٽتائي سبب مشۡڪل سان تالي جي سوراخ ۾ ٿي وئي پر تنهن هوندي به هو ڏاڍو مطمئن ۽ پنهنجي ڪم ۾ هميشه جيان مصروف پئي رهندو آيو. هن ماڻهن کي ٻڌايو ته معاشرو هاڻي جوان ٿي چڪو آهي. هو بي انتها طاقتور، ويڪري ڇاتيءَ ۽ مضبوط ٻانهن وارو جوان ثابت ٿيو آهي. پر مان ڏاڍو هيڻو ٿي ويو آهيان شايد ان ڪري جو معاشرو ٻار نه رهيو آهي. هن کي کائڻ، پيئڻ، پائڻ ۽ رهڻ جي هر سهولت ميسر آهي.
آخر هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو سڀ حيران ۽ پريشان رهجي ويا. بند ڪمري مان پهريائين وڏا دهشت ناڪ آواز پيدا ٿيا، جيئن ان ۾ پڙاڏا هڪ ٻئي کي آواز ڏيندا هجن. ڪئي دل کي چيريندڙ رڙيون پيدا ٿيون. ڪمري جي اندران ڀڃ ۽ ڊاهه جا آواز آيا. ٿوري دير ٿي ته پوري شدت سان اندران ڪنهن لڳندڙ مضبوط لت ڪري ڌماڪي سان ڪمري جو دروازو کلي ويو ۽ ان مان نوجوان، مضبوط جسم ۽ هيڊي منهن سان نروار ٿيو. اهو چرين جيان رڙيون ڪندو ڪمري مان ڀڄندو ٻاهر نڪري آيو. آءُ ان خبيث پوڙهي کي ماري ڇڏيو، ان جو لاش اندر پيو آهي ۽ مان پنهنجا مضبوط هٿ ان جي ڳچيءَ ۾ وجهي ان کي دٻائي ڇڏيو..... مان هاڻي آزاد آهيان“ ان رڙيون ڪري هر ڪنهن کي ٻڌايو، ۽ پوءِ ٿڌي هوا ۾ ساهه کڻي چيو ”آهه...... تازي هوا کائڻ ۾ ڪيڏو نه لطف آهي.....شايد ماني کائڻ ۾ به نه!“