وسري ويل ماڻهو
هو به ٻين جيان سياح هيو پر مختلف هيو، هو فطرت جو ڄاڻو ۽ ان کي خوبصورت لفظن جي تصويرن ۾ محفوظ ڪندڙ هڪ خاموش ڪلاڪار هيو، هن لاءِ نظارا وڏي اهميت جا مالڪ هيا جنهن ڪري سياحت هن جو مشغلو هئي، هو به ٻين سان ساڳي ٻيڙيءَ ۾ ان ٻيٽ ڏانهن وڃي رهيو هيو جنهن ۾ ٻيا به ڪيترائي سياح موجود هئا. هن ٻيٽ جي وڏي تعريف ٻڌي هئي، هو ان جي نظارن کي پنهنجي اک ۾ سمائي لفظن جي روپ ۾ ورجهائڻ پيو چاهي. ان ٻيٽ ڏي وڃڻ لاءِ صرف اها ٻيڙي ئي هڪ ذريعو هئي جيڪا صبح جو رواني ٿي سج لهڻ کان ٿورو پوءِ ان ٻيٽ کان واپس وري ڪناري ڏانهن موٽي ايندي هئي، هو به انهن زندهه دل انسانن سان آهستي آهستي ان ٻيٽ طرف وڌي رهيو هيو جتي هن کي سارو ڏينهن گذاري وري واپس ڪناري ڏانهن موٽڻو هيو پر هن جي طبيعت هن کي ڏاڍو غيراهم بنائي ڇڏيو هيو، هو ڪنهن به صورت ۾ انهن زندهه دل انسانن جهڙو ٿي نه سگهيو، هن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته هو به مصنوعي ٿي انهن جيان داد حاصل ڪري پر اهو هن جي فطرت جي خلاف هيو. هو ان ٻيڙيءَ ۾ ويٺو ته هيو پر ڄڻ هيو ئي ڪو نه. هن پاڻ کي ڪڏهن محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هو هوا جيان هيو جيڪا بي حد اهم هوندي به نظر نه ايندي آهي پر اها پنهنجو وجود محسوس ڪرائڻ لاءِ تيز هلڻ شروع ڪندي آهي، پاڻ سان گڏ مٽيءَ جا ذرا کڻي اڏامڻ شروع ڪندي آهي.
هو ظاهري طرح غيراهم هيو هن تي نه ڪنهن سوچيو ۽ نه وري ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سموري سفر ۾ صرف هڪ پوڙهيءَ هن جي ڀرسان ويهي پنهنجي ڏندن بنا مهارن سان نرم صوف چٻاڙيندي هن کي هڪ دفعو مخاطب ڪيو. اهو ٿيو هيئن جو ان پوڙهيءَ صوف کي چار ڦارون ڪندي هڪ پاڻ کاڌي ۽ جڏهن ٽي ڦارون ٻين ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو هٿ لاشعوري طور هن ڏانهن وڌي ويو. ان هن کي صوف جي ڦار ڏني. هن اها ورتي ۽ ڪنڌ کي لوڏي ان پوڙهيءَ جي مهرباني مڃي، صوف جي ڦار کائڻ شروع ڪئي.
”تون هن ملڪ جو نه پيو لڳين“ پوڙهيءَ هن کان پڇيو ”ڪٿا آيو آهين؟“ هن ڪجهه پريشان ٿي ان کي ڏٺو.
”مان به هن ئي ملڪ جو باشندو آهيان“. هن چيو ۽ پوءِ روئڻ جهڙي آواز ۾ کلڻ جي ڪوشش ڪئي، پوڙهيءَ ڪجهه دير هن جي نامڪمل جواب جو انتظار ڪيو ۽ پوءِ هن جي اکين ۾ رحم جهڙين نظرن سان ڏسندي هلي وئي.
ڪچڙي منجهند ٿي ته سمنڊ جي گجگوڙن ۾ پکين جا آواز به شامل ٿي ويا. اڇيءَ گج ۾ ڇولين تي هيٺ مٿي ٿيندڙ پکي وڏو فساد مچايون ٻيٽ جي آسپاس موجود هيا. هڪڙا ولر اڏريا پئي ته ٻيا لٿا پئي. پري کان پهريون ناريل جي وڻن جون چوٽيون ظاهر ٿيون ۽ ان کان پوءِ انهن جا ٿڙ سمنڊ مان مٿي نڪرندا ظاهر ٿيندا ويا، هر طرف نيراڻ ساوڪ ۾ تبديل ٿي وئي، جڏهن ٻيڙي ان ٻيٽ جي ڪناري وٽ اچي بيٺي ته ٻين سان گڏ هو به هيٺ لٿو ۽ چوڌاري نهاريو، سڀ سياح ڪناري تي ڦهلجي پکڙجي ويا ۽ هو به سونهن جي ڳولا ۾ هڪ طرف الڳ ٿلڳ هليو ويو.
ٻيٽ جون ننڍيون وڏيون ساوڪ سان ڀرپور ٽڪريون انهن مان ڦٽندڙ ننڍا وڏا مٺي پاڻيءَ جا چشما، هرطرف ڦهليل سرسبز ٻوٽا ۽ وڻ، گاهه ۽ ان تي ويٺل اڏامندڙ لهندڙ خوبصورت پکي،اهو سڀ ائين هيو جيئن سمنڊ جون بوندون مٿي اڏامي سج جي روشنيءَ اڳيان ستن رنگن ۾ ورهائجي ويون هجن.
هر ڪو پنهنجي کاڌي پيتي جو سامان ٻيڙيءَ مان لاهي ان ٻيٽ جي رنگينين ۾ گم ٿي ويو، هو به فطرت جي ڳولا ۾ ٻيٽ اندر گهڙي ويو. هو اڪيلو هيو، هن جو ڪو به ساٿي يا دوست نه هيو، ماڻهو هن لئي غير اهم ٿي چڪا هيا، ٻيٽ ۾ اندر هلندي هن ڏٺو گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾ پاڇو به هن جو ساٿ ڇڏي ويو، پاڇي کي نه ڏسي هن کي پنهنجي وڇڙيل محبوبا ياد اچي وئي جيڪا اڃان به هن جي سوچن جو مرڪز هئي، هر نظاري ۾ ان جي تصوير هئي، هر منظر ۾ اها موجود هئي، تنهن جا لفظ هن کي ياد آيا.
”تون دنيا جو ڪڏهن به وڏو ڪلاڪار نه ٿو ٿي سگهين، تون ڪيترو به سٺو سوچيندڙ ۽ لکندڙ ڇو نه هجين جيستائين تون ماڻهن سان ها ۾ ها نه ملائيندي تيستائين ماڻهو تو سان ها ۾ ها نه ملائيندا“.
هو پنهنجي محبوبا جي ان ڳالهه تي مرڪيو هيو.
”نه ائين نه آهي“ هن اختلاف ڪيو هيو ”انسان جي حياتيءَ جي هڪ حد مقرر آهي جتي ان کي ختم ٿيڻو آهي، پوءِ صرف فن ئي آهي جيڪو وڃي رهندو، ماڻهن سان لاڳاپن واري اهميت به حياتيءَ جي حد تائين محدود آهي، جڏهن ته دنياکي اسان جي حياتيءَ کان پوءِ رهڻو آهي بلڪل اسان جي فن جيان، مان تنهن ڪري اهڙي اهميت جو ڪڏهن به خواهشمند نه رهندس جيڪا منهنجي حياتي جي ختم ٿي وڃڻ سان ختم ٿي وڃي“.
هن جي محبوبا هن کان ناراض ٿي وئي.
”ته پوءِ تون اڪيلو رهجي ويندين“ ان چيو هيو.
”ها“ هن جواب ۾ چيو هيو ”سچ ته خدا به اڪيلو آهي جو ان جهڙو ٻيو ڪو به نه آهي“.
”ته پوءِ تون اڪيلو ئي ٺيڪ آهين.“ هن جي محبوبا آخري دفعو چيو هيو، ”مان وڃي رهي آهيان، ڇو جو توکي اهميت جي ضرورت نه آهي“. پوءِ اها هن کي هميشه لاءِ ڇڏي هلي وئي ۽ هو اڪيلو رهجي ويو.
وڻن جي ڇانو مان جڏهن هو ٻاهر نڪتو ته هن جو پاڇو ظاهر ٿي پيو ۽ هو ان کي ساڻ ڪري هڪ ننڍڙي سرسبز ٽڪريءَ تي چڙهي ويو جتي هڪ آبشار هيو ان جي ڪرندڙ پاڻيءَ ۾ ڪي آواز هيا جن کي هن ڪنائڻ شروع ڪيو ۽ انهن سان مخاطب پڻ ٿيو، هو ويٺو ته پاڇو به ويٺو ۽ هو سمهيو ته پاڇو به هن سان گڏ سمهي پيو. ٻيٽ جيڪو ڪجهه دير اڳ انسانن کان خالي هيو هاڻي اتي چپ چري رهيا هيا، رکي رکي ڪٿان ڪي ٽهڪ ٿي اڀريا ۽ عرش ڏانهن ويندي آتش بازيءَ جي ڦٽاڪي جيان ڦاٽي چڻگون ڇڏيندي هيٺ ٿي ڪريا. سڀ هٿ هٿ ۾ ڏئي ٿي نچيا ۽ ڪناري جي واريءَ تي هيڏانهن هوڏانهن پئي ڊوڙيا، گٽار جي تارن ڄڻ ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻي پئي ماتم ڪيو، گريبان کليل رانديگر ڪنهن ايندڙ ٽورنامينٽ تي تبصرو ٿي ڪيو ۽ هر دل عزيز اداڪار هر ڳالهه ۾ پاڻ کي مصنوعي ڪري پئي پيش ڪيو، دانشور هڪ ٻئي تي واهه واهه ڪري رهيا هيا، ڪامورا جتان ٿي لنگهيا تاڙيون پئي وڳيون، عام ماڻهوءَ هر ڪنهن آڏو آٽوگراف بوڪ ٿي ڦهلايا، سڀ خوش ٿي ڏٺا، اهي پي رهيا هيا ۽ کائي رهيا هيا، جيئن وقت ڏينهن کي کائي رهيو هيو جيئن نوريئڙا وڻن کي ٽڪي رهيا هيا، وقت گذرندي گذرندي ٿڪيل سج جو وجود رتوڇاڻ ٿي ويو، اٻهرو سج جيڪو اڀرڻ ۽ لهڻ وقت تڪڙو هوندو آهي باقي وچ آسمان جو سفر آهستگيءَ سان ڪندو آهي، وڍيل سج جي وجود مان ٽمندڙ رت سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڪرڻ کان اڳ ئي ٿڌو ٿي ويو، جيئن انسان قبر ۾ لهڻ کان پهريون مري وينديو آهي، ٻيٽ جي وڻن جا پاڇا قداور ٿيندا ويا، آسمان مان هلڪي اوندهه ڇڻڻ لڳي، سڀني پنهنجا سامان ويڙهيا ۽ ٻيڙيءَ تي پهچي ويا.
”سڀ پورا آهيو؟“ ٻيڙيءَ جي ملاح رڙ ڪري پڇيو:
”ها.....بلڪل.“ سڀني هڪ آواز ۾ چيو.
آس پاس هيڏي هوڏي نهاريو، ٻيٽ خالي هيو اتي اوندهه واسو ڪري رهي هئي ڪنارا سنسان هيا، پکين بدران ڪارنهن سمنڊ ۾ ڪري ڪناري کي ٿي لڳي. سمنڊ جي آلاڻ، لالاڻ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ سج پاڻيءَ ۾ وهنجي رهيو هيو، فنڪار، اديب، شاعر، اداڪار، ڪلاڪار، رانديگر، ڪامورا ۽ عام ماڻهو سڀ ٻيڙيءَ ۾ موجود هيا ”ٻيڙي کي اڳتي وڌايون؟“ ملاح رسو ڇوڙيندي هڪ دفعو وري پڇيو.
”هائو بيشڪ“ وري سڀني گڏيل آواز ۾ چيو ۽ ٻيڙي جهوليندي لهندڙ سج اڳيان اٿندڙ ڇولين ۾ هلڻ لڳي، اها هلندي رهي، اڳتي وڌندي رهي، تان جو ٻيٽ تي بيٺل ناريل جي وڻن جون چوٽيون به گم ٿي ويون ۽ پوءِ ٻيٽ تمام پري رهجي ويو، ٻيڙي وچ سمنڊ ۾ اچي پهتي.
پوڙهي عورت کي ڪجهه بک محسوس ٿي هن ڇليءَ ۾ هٿ وجهي ان مان صوف ڪڍي ان جون چار ڦارون ڪيون، هڪ پاڻ کاڌي باقي ٽي جڏهن ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جي ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. ”اسين هن کي ٻيٽ تي وساري آياسون“. هن وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي ڪنهن کي ڳولهيندي چيو ”ها....اهو خاموش شخص... جيڪو هن ڪنڊ ۾ ويهي سمنڊ کي نهاري رهيو هيو“.
سڀ حيران پريشان ٿي ويا.
”هتي ٻيو ڪير به نه هيو“. ڪنهن ٿڪيل شخص چيو، ”توکي وهم آهي، اسين سڀ پورا آهيون“. ان ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”نه... اهو هيو توهان ان کي وساري رهيا آهيو.... مون پاڻ هن سان ڳالهايو هيو”، پوڙهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو.
سڀني پنهنجي ٿڪيل ذهنن سان سوچيو
”هائو بيشڪ هڪ الڳ ٿلڳ شخص هيو جيڪو ٻيڙيءَ جي هن ڪنڊ وٽ ويٺو ڪجهه سوچي رهيو هيو“. ڪنهن چيو
”ته پوءِ ڇا اسين سچ پچ ان کي وساري آيا سين“. ٻيڙيءَ ۾ چوٻول پئجي ويو.
”پر اسين ٻيٽ ته ڪافي پوئتي ڇڏي آيا آهيون، هاڻي ته ڪنارو به اچڻ وارو آهي“ ڪنهن بيزاريءَ مان چيو.
ملاح ٻيڙيءَ کي روڪيو ۽ سڀ چپ ٿي ويا.
”منهنجو خيال آهي ته ان کي ڇڏي ڏيو.... اسان سڀني کي دير ٿي رهي آهي“ اداڪار چيو.
”هائو بيشڪ ڪهڙو وري چڱو مڙس آهي؟“ رانديگر چيو.
”ڇا فائدو هڪ غيراهم ۽ الڳ ٿلڳ ماڻهوءَ لاءِ پريشانيءَ مان“ دانشورن چيو، ”هلو اڳتي منزل جي طرف وڌو، هاڻي منزل گهڻي ڏور نه آهي. تيز قدم وڌايو“.
جڏهن سڀني پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني ته ٻيڙيءَ جو ملاح ڪاوڙجي پيو.
”مون ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ توهان سڀني کان پڇيو هيو ته سڀ پورا آهيو ته پوءِ توهان ڇو ها ڪئي هئي“. هن زور سان ڳالهائيندي چيو. توهان جي بهتري ان ۾ هئي ته توهان چپ رهو هان مان ماڻهو ڳڻي پنهنجو حساب پورو ڪري وٺان هان... سڀ منهنجي جوابداري هئي پر توهان سڀ لوفر ۽ جاهل آهيو، جن ڳالهين جو توهان کي علم نه هوندو آهي انهن تي به ها ڪري پنهنجي ڪوڙي ڄاڻ جو ثبوت ڏيندا آهيو، جيڪڏهن رات جو ان وساري آيل شخص کي ڪو خوني يا زهريلو جانور ماري ويو ته اها ڪيڏي نه بدنصيبي ٿيندي”
”اسان جو فرض هيو ته ٻيڙي روڪي ٿوري دير ان شخص جو انتظار ڪريون ها“ پوڙهي عورت چيو ”جيڪڏهن هو پوءِ به نه پهچي ها ته ننڍڙي ٻيٽ ۾ ان کي ڳولي اطلاع ڪرڻ آخر ڪهڙو ڏکيو ڪم هيو“.
سڀني مايوسيءَ مان ڪنڌ کي ها ۾ لوڏيو ۽ هڪٻئي ڏانهن نهاريو.
”اسان جي بهتري ان ۾ آهي ته واپس هلي ان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري وٺي اچون“. ملاح چيو “جيڪڏهن اهو رات مري ويو ته ان جي موت جا ذميوار اسين سڀ ٿينداسين.”
آخر سڀ ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته ٻيڙيءَ کي واپس ڪري ٻيٽ تي پهچي ان کان معافي وٺجي ۽ پوءِ واپس آڻجي.
ٻيڙي واپس مڙي ته ڪافي اوندهه ٿي چڪي هئي، ستارا چمڪي رهيا هيا ۽ اڌ چنڊ آسمان ۾ بيٺو هيو.
ٻيڙي ڳورهاري عورت جي چال جيان چنگهندي جڏهن واپس ٻيٽ جي ڪناري وٽ پهتي ته اهي حيران ٿي ويا، انهن سوچيو هيو ته اهو شخص ضرور ڪناري تي پريشانيءَ جي حالت ۾ بيٺل هوندو پر اتي ڪير به ڪو نه هيو، هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ڪو به انساني پاڇو چرپر نه ڪري رهيو هيو. ملاح ٻيڙيءَ کي هڪ پاسي ڏانهن بيهاريو ۽ وسارجي ويل شخص جي حياتيءَ لاءِ دعا گهرڻ لڳو، ”خدا ان کي محفوظ رکجان“ هن چيو ۽ سڀ مايوس ٿي ويا.
“لڳي ٿو اهو شخص مري چڪو آهي،” ڪنهن چيو، “نه ته اهو ضرور پريشانيءَ جي حالت ۾ اسان کي ڳولهيندو ملي ها.”
سڀ روئڻهارڪا ٿي ويا.
”اها سڀ تنهنجي خطا آهي“ هڪ دانشور ٻئي کي چيو، “ٻيڙي جڏهن ٻيٽ جي ڪناري کي ڇڏي ٿورو اڳتي هلي هئي ته تون مونکي شرارت مان اک هڻي چيو هيو ته اسين ان کي ڇڏي آياسين... ان غيراهم ماڻهوءَ کي ڀلي ان کي سزا هجي جيئن اهو پنهنجي طبيعت ۾ تبديلي آڻي... ڏس هاڻي ان ڳالهه جو نتيجو“. دانشور جذباتي ٿيندي چيو.
”ته پوءِ تون خبر هوندي به ٻيڙي ڇو ڪو نه روڪائي.“ ٻين ان جذباتي ٿيندڙ دانشور کي چيو.
”مان سمجهي رهيو هوس ته ان ڳالهه جي توهان سڀني کي خبر آهي، توهين سڀ ڄاڻي واڻي ان کي نظرانداز ڪري رهيا آهيو“ هن جي ڳالهه تي سڀ خاموش ٿي ويا.
”هاڻي ڳالهين ڪرڻ مان ڇا فائدو، هلو جلدي ڪريو ان کان اڳ جو اهو ڪنهن جانور جو شڪار ٿي وڃي، ان کي ڳولهي لهو“.
سڀ اڌ چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌيا، هنن وات جي چوگرد هٿن کي ڏئي هن کي پڪارڻ شروع ڪيو، هو پڪاريندا رهيا پر ڪٿان ڪو به جواب نه آيو، انهن جا سڏ پڙاڏو ٿي هڪٻئي سان ٽڪرائبا رهيا ۽ انهن کي پڪ ٿي وئي ته اهو زندهه نه آهي ضرور مري چڪو آهي.
”جيڪر اسين ان کان معافي وٺي سگهون“. ڪنهن چيو ”جيڪر اهو اسان کي ملي وڃي ته ڏوهه بخشرائي سگهون“.
هو وڻن جي اونداهي جهنڊ مان ٿيندا جڏهن هڪ ٽڪريءَ تي چڙهي مٿي پهتا ته پري کان انهن کي چنڊ جي روشنيءَ ۾ ڪو انسان آبشار ڀرسان گاهه تي ڪريل نظر آيو.
”اوهه اهو مري چڪو آهي“. ڪنهن روئندي چيو، ”ڏسو اهو ان جو لاش پيو آهي“.
سڀ تيزيءَ سان اوڏانهن وڌيا.
اهي جڏهن ان جي مٿان پهتا ته انهن ڏٺو اهو شخص بي سڌ ٿيو سڌو سنئون ليٽيل هيو، هنن جڏهن ان جي منهن ۾ نهاريو ته هن جون اکيون کليل هيون جيڪي ڄڻ آسمان ڏي نهاري رهيون هيون.
”ها هيءُ مري چڪو آهي“. ملاح چيو ”هاڻي توهان خدا کان ئي معافي وٺي سگهو ٿا“.
جڏهن سڀني کي پڪ ٿي وئي ته اهو مري چڪو آهي تڏهن اداڪار پهريون دفعو عام رواجي انسان جيان اڳتي وڌيو ۽ هن ان شخص جي سيني کي ڇهي دل جي حرڪت کي محسوس ڪرڻ چاهيو. جڏهن اهو ان جي مٿان جهڪيو ته اوچتو ان شخص جي جسم ۾ حرڪت پيدا ٿي ۽ اهو اکيون ڇنڀي ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهيو. هن مٿان بيٺل سڀني ماڻهن جي واتن مان ذري گهٽ رڙيون نڪري ويون، پر پوءِ انهن جي منهن تي سرهاڻ اچي وئي، جڏهن انهن محسوس ڪيو ته نه اهو جيئرو آهي، ان کان اڳ جو اهي سڀ هن کان معافي وٺن هن ڳالهايو. ”دراصل مان اکيون کولي چنڊ ۾ ڪنهن کي ڳولي رهيو هوس“ پوءِ هن هٿ ٻڌي سڀني کان معافي وٺندي چيو، ”نظارن ۾ مان ايترو ته گم ٿي ويو هوس جو مان توهان سڀني کي وساري ويٺس... دوستو مون کي معاف ڪجو“.