عالمي ڄاڻ جي سمونڊ ۾ بحري جهاز جيڏو ڳرو سنڌي
سندس لکيل ستر اسي ڪتابن کي پڙهڻ جو موقعو ته نه مليو پر سندس ٻه درجن کن ڪتاب پڙهي چُڪو آهيان. پهرئين ڏينهن کان جنهن ڳالهه مون کي سائين الطاف شيخ جي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اُتساهيو اُها آهي عالمي ڄاڻ. يعني دنيا جي ٻين مُلڪن بابت ڄاڻ، هُو جتي به وڃي ٿو اُن مُلڪ جي سير دوران پڙهندڙ کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃي پيو. فرض ڪريو اوهان سندس ڪتاب ”نيو هالا کان نيويارڪ“ پڙهي رهيا آهيو. هي آمريڪا جو سفرنامو آهي پر ڪتاب پڙهندي ائين محسوس ٿيندو، اوهان ان هنڌ تي بيٺا آهيو جنهن هنڌ جو الطاف شيخ ذڪر ڪري رهيو آهي. يا هُو توهان کي ان ڪردار سان ملائي رهيو آهي جنهن بابت هُو لکي رهيو آهي. سفر دوران پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ ئي اصل ۾ سفرنامي جو ڪمال يا سفرنامي جي دلچسپي آهي. الطاف شيخ جو سفرنامو چوڻ جي حد تائين سفرنامو آهي، پر اصل ۾ سندس هر سفرنامو انٽرنيشنل رليشن (IR) عالمي تعلقات جو اهم وسيلو هوندو آهي. ڇو ته ان سفرنامي ۾ حياتيءَ جو هر پهلو ملندو، تاريخ به ملندي، تهذيب به ملندي، ريت ۽ روايتون به ملنديون، ثقافتون ۽ لوڪ ادب به ملندو. الطاف ڪنهن به مُلڪ ۾ وڃي اُن مُلڪ بابت جيڪڏهن سفرنامو لکي ٿو ته اُن ۾ ڄاڻايل مُلڪ جي سماجي ۽ اقتصادي حالت به ملندي ته اُتي آيل انقلاب، سماجي تبديلين، معاشي اُٿل پُٿل سان گڏ انهن تبديلين جا ڄاڻايل مُلڪ تي پوندڙ اثرن ۽ لاڙن کان به ڄاڻ ڏئي ٿو. هي اها ڄاڻ ڪو پنهنجي تجزيي آهر نه پر ان مُلڪ جي ماڻهن جي زباني، ساڻن ٿيل ڪچهرين، ملاقاتن، انٽرويوز ۽ اُن مُلڪ جي لکڻين آهر ٻڌائي ٿو. ان ڪري اُهو سفرنامو هڪ مڪمل تحقيق تي ٻڌل هُجي ٿو. الطاف شيخ جو سفرنامو سنڌي ادب جو ايڏو ته ڪارائتو پهلو آهي جيڏو اڄ جي دؤر ۾ ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ- گلوبل وليج جو نعرو هڻندڙن کي ڪير ٻڌائي ته هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ مئرين انجنيئر چاليهه سال اڳ ان زماني ۾ سنڌين کي سڄي دنيا بابت ڄاڻ ڏيندو رهيو جڏهن اڃا ڪمپيوٽر دنيا تائين ڪونه پهتو هُئو. بحري جهاز هلائيندڙ هي سامونڊي ليکڪ منهنجي حساب سان اسان سنڌين لاءِ عالمي ڄاڻ جي سمونڊ ۾ بحري جهاز جيڏو وزنائتو ليکڪ آهي، جنهن جي سفرنامن ۾ ڪمال جي ڪاريگري ته اها ملندي جو سندس هر دليل يا ڀيٽ جي شروعات به سنڌ آهي ته پُڄاڻي به سنڌ آهي. يعني جيڪڏهن ڪنهن آفريڪي ٻيٽ ۾ کاڌي جي ڳالهه ڪبي ته ان جي ڀيٽ سنڌي کاڌن سان ڪبي. جاپان جي لوڪ ادب تي لکبو ته ان ۾ سنڌي هائيڪو يا ٽيڙو تي ڳالهه ڪبي، سندس سفرنامن جو پهريون پهلو، عالمي ڄاڻ، ٻيو پهلو سنڌ سان ڀيٽ، ٽيون پهلو وري ذات، نسل، رنگ، قوم، مذهب ۽ هر قسم جي سماجي اوچ نيچ کان مٿاهون ٿي ماڻهپي تي اڏول ٿي بيهڻ آهي. سندس ويجهن دوستن ۾ عرب مسلمان ملندا ته يهودي ۽ عيسائي به ملندا. مديني جا ٺپ وهابي به ملندا ته ايران جا پڪا مولائي به ملندا. سندس دوستن ۾ فلسطيني، سوڊاني، بنگالي، يمني، ڪويتي، عراقي ۽ لبناني ملندا ته اتي عيسائي، هندو، سک، پارسي، آفريڪي ۽ يورپي به ملندا. پر سندس آڏو دوست صرف دوست آهي. ساڳي ريت هُو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي اتي رهندڙ سنڌين کي ڳولي ساڻن پڙهندڙن جو تعارف ڪرائي ٿو پر ان سان گڏ هر مُلڪ ۾ سندس دوستن ۾ پنجابي، سرائيڪي، پشتو، بلوچي، ڪشميري، گلگتي، چترالي، هندڪو ۽ اردو ڳالهائيندڙ به شامل آهن. ان جي باوجود اڌ صديءَ کان هُو جتي به ويو کيس هر هنڌ سنڌ ۽ سنڌيءَ جي ڳولا ضرور لهي. شايد اُهوئي ڪارڻ هُجي جو سندس سفرنامن جا نالا به بلڪل سنڌي نالن، سنڌي شهرن، ڳوٺن جي نالن سان ڀيٽ ڪيل آهن. مثال طور مڪليءَ کان ملاڪا تائين، ملير کان مالمو، ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن، نيوهالا کان نيويارڪ، بخشو لغاري کان بالٽيمور، ڪراچيءَ کان ڪوڪورا، وغيره ائين ئي وري سندس ڪتابن ۾ لکيل مختلف ماڻهن ۽ علائقن تي لکيل الڳ الڳ باب ملندا جن ۾ ڀيٽ ڏيڻ وقت سنڌ جي ڪنهن شهر، ڳوٺ، رواج يا ذات جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيئن، ”نيو جرسي ۾ نواب شاهه جي ميمڻ جو دوڪان“ يا اهو لکڻ ته آمريڪا ۽ جاپان وچ ۾ ٽيلي فون تي ڳالهائڻ ايترو ته سستو آهي جو حيدرآباد کان هالا ڳالهائڻ به مهانگو آهي. يا ”حبيب آمريڪن بئنڪ جو سنڌي مئنيجر يا ماتلي ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو آمريڪا ۾ فراڊ ڪري آمريڪين کي به بيوقوف بڻائي ويندا آهن.“ يعني ڪنهن مثبت ڳالهه جو مثال هُجي يا منفي پر ان ۾ سندس محور بهرحال سنڌ ئي آهي. منهنجو خيال آهي ته سندس اهو انداز سؤ سيڪڙو فطري به آهي ۽ سؤ سيڪڙو عوامي به. تڏهن ئي شايد سندس سفرنامي ۾ شروع کان وٺي آخر تائين پڙهندڙ جي دلچسپيءَ سان گڏ هُو پاڻ اُن ۾ شامل رهي ٿو. ڇو ته عام زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو ڳوٺ کان شهر ڪمائڻ ايندو آهي ته سندس لاءِ شهر پرديس هوندو آهي. ان ڪري هُو شهر جي هر ڳالهه جي ڀيٽ ڳوٺ سان ڪندو آهي. ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ ڪنهن همراهه کي جيڪڏهن ڪاڇي مان آيل ڪو ڳوٺائي ملي وڃي ته کانئس ڳوٺ جا سڀ حال احوال پڇندو ۽ کيس شهر جا سڀ حال احوال وري ٻڌائيندو. هاڻي ان حال احوال کي جيڪڏهن عوامي انداز ۾ ڪير لکي سفرنامي جو روپ ڏئي ته اُهو الطاف شيخ ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪو هڪ ته سمونڊ ۾ ڊگها سفر ڪندو رهيو پر اُن سان گڏ هُو جتي به ويو اتي سنڌي ماڻهو ڳولي لڌائين. سندن ڪتابن ۾ اسان کي انهن سنڌين بابت مڪمل ڄاڻ ملي ٿي. حنيف سانگي جيڪڏهن آمريڪي فوج ۾ پهريون سنڌي آهي ته الطاف لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه هُجي ٿي. پر سندس دوست فلڪ شير جي ملئي زال جيڪڏهن سنڌي ڳالهائي ٿي ته تڏهن به کيس خوشي ٿئي ٿي. مون کي سندس سفرنامن جا هي ننڍا وڏا مثال بلڪل ”ريسرچ ورڪ“ ٿا لڳن. تحقيقي ڪم آهي. جيتوڻيڪ دنيا جي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي سامونڊي جهازن جي سفر ۽ ڪرت بابت سبق سيکاريندو آهي پر سندس سفرناما عالمي ڄاڻ جي سمونڊ ۾ رهندڙ سنڌين بابت پي ايڇ ڊي کان گهٽ ناهن. جيڪڏهن ڪير دنيا ۾ رهندڙ سنڌين بابت پي ايڇ ڊي ڪري ته کيس الطاف شيخ جا سفرناما ڪارائتا لڳندا پر الطاف پاڻ ڄڻ ته عالمي ڄاڻ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هُجي. ورلي ڪو اهڙو مُلڪ هُجي جنهن جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، ٻولي، ريتن، رسمن، کاڌي، رهڻي ڪهڻي، ادب، سماج ۽ ڪلاسڪ جي باري ۾ کيس ڄاڻ نه هُجي. مون کي لفظ ”انسائيڪلو پيڊيا“ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. الطاف شيخ هن صديءَ جو جيئرو جاڳندو اُهو سنڌي انجنيئر آهي جيڪو ڄاڻ جو بحري جهاز کڻي گهمندو پيو وتي ۽ ڪتابن جي صورت ۾ اُهو ڄاڻ اسان سڀني سان شيئر ڪندو رهي ٿو.
الطاف شيخ جي اسي واري ڏهاڪي ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جي نالن ۾ ڀٽائيءَ جو سُر سامونڊي ملندو هُئو، تڏهن سندس ڪتابن جا نالا هن ريت هوندا هئا، ”سمونڊ جن ساڻيهه“، ”وايون وڻجارن جون“، ”بندر بازاريون“، ”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“،”سمونڊ جي سيوين“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، وغيره وغيره. پر نوي جي ڏهاڪي ۾ وري سندس ڪتابن جي نالن ۾ به نواڻ آئي ”ايران ڏانهن اُڏام“، ”لنڊن تائين لفٽ“، ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“، ”سنگاپور ٿو سڏ ڪري“،”دهليءَ جو درشن “، وغيره. ايڪيهين صديءَ جي هلندڙ ڏهاڪي ۾ الطاف شيخ وري سنڌي سماج ۽ سنڌي پڙهندڙ کي اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجيءَ جي زماني ۾ وٺي آيو آهي. سندس سفرنامن، انٽرنيٽ جي مختلف ويب سائٽس ۽ سندس مختلف سرگرمين ۾ مڪمل طور تي ڊاڪيومينٽيشن ملي رهي آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪتابن ۾ تصويرون ته نوي جي ڏهاڪي ۽ ان کان اڳ به ڇپجنديون رهيون پر سندس ويجهڙائي ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ مڪمل دستاويزي ثبوت ملندا. اهو ڪم منهنجي ان موقف کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيو آهي ته الطاف شيخ سفرنامن ۾ مڪمل تحقيق جو ڪم ڪري رهيو آهي. اديب، ليکڪ ۽ جاکوڙي انجنيئر سان گڏ هُو پنهنجي سفرنامن ۾ مڪمل طور تي هڪ محقق پڻ نظر اچي رهيو آهي ۽ هڪ صحافيءَ ناطي مون لاءِ سندس اِهو پهلو ڏاڍو اهم آهي. ڇو ته اڄ جي زماني ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان ڏاڍو گهٽ ٿي رهيو آهي، ڇو ته انٽرنيٽ عالمي دماغ بڻجي چُڪو آهي. پر ان زماني ۾ به ريسرچ سڀ کان اهم مضمون آهي. ريسرچ يا تحقيق ۾ پڙهندڙ جي دلچسپي برقرار آهي. ڇو ته ريسرچ وسيلي ڄاڻ جي کوجنا جاري رهي ٿي. ليکڪ ڪانه ڪا نئين ڄاڻ جڏهن پنهنجي پڙهندڙ سان شيئر ڪري رهيو آهي، پوءِ اها ڄاڻ انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي به مات ڏئي وجهندي آهي. مثال طور هڪ هنڌ لکي ٿو ”سعودين ۽ مصرين جي پاڻ ۾ چانڊين- مگسين واري لڳي ٿي. مصري سعودي وارن کي گاريون ڏيندا ته ڄٽ آهن، جاهل آهن، تعليم نه اٿن، اڻ آريا آهن، پر پهرين ئي موقعي ملڻ سان هر مصري سعودي عرب ۾ نوڪري لاءِ هليو ايندو. کين عربي اچڻ ڪري اسان جي مقابلي ۾ سٺي نوڪري ۽ سُٺا پورهيا ملن ٿا. هڪ ٻئي سان ساڳي زبان جي ڄاڻ ڪري سٺو گذارو ڪري سگهن ٿا. جيئن پاڪستان ۽ هندوستان جون حڪومتون ڀل هڪ ٻئي کي گاريون ڏينديون رهن پر پاڪستان ۽ هندوستان کان ٻاهر پاڪستاني ۽ هندوستاني پاڻ ۾ سڀ کان سُٺا دوست ٿي گڏ هلندا آهن ۽ گڏ رهندا آهن. ڇو جو سندن زبان، کاڌو پيتو، ويس وڳو، ڪلچر ۽ معاشي مسئلا ساڳيا آهن.“ هن قسم جي ڀيٽ ته اُهوئي ماڻهو ڪري ٿو جيڪو هن صورتحال کان ويجهڙائپ کان ڏسي ٿو ۽ پوءِ ”اي روڊ ٽو مدينه“ نالي سفرنامي ۾ ان جو ذڪر ڪري ٿو. هن سفرنامي ۾ الطاف سعودي عرب جي ملان ازم ۽ سندن وري مصر ۾ وڃي عياشيون ڪرڻ جا قصا ڏاڍي زبردست انداز ۾ لکي ٿو، جنهن جي ڀيٽ وري هيئن ڪري ٿو ته ”جيئن اسان وٽ هرڪو آمريڪا کي گاريون ڏئي ٿو پر هر ڳالهه لاءِ آمريڪا ڀڄي ٿو ويندي ڌيئرن جا رشتا به آمريڪي گرين ڪارڊ جي شرط تي ڏنا وڃن ٿا. آمريڪا ويزا لاءِ لاٽري جي آڇ ٿو ڪري ته اسان جو به ننڍو وڏو مُلون، مولوي هر هڪ اوڏانهن وڃڻ جا خواب ڏسي ٿو.“ هن قسم جي ڄاڻ اسان کي شايد انٽرنيٽ تي اهڙي قسم جي ڀيٽ سان نه ملندي پر الطاف شيخ ڏهه ٻارهن سال اڳ اسان کي اِهو ٻڌايو ”سعودي عرب جي ڪيترن گهرن ۾ مصري ٽي وي هلندي آهي، جنهن تي اڌ اگهاڙي لباس ۾ مصري دوشيزائون ولولا ۽ اشتعال انگيز ناچ ڏيکارينديون آهن. رات جو دير تائين سعودي عرب جون عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون پنهنجي ڀائرن، پيئرن ۽ مڙسن کان لڪي مصري ٽي وي ڏسنديون آهن.“ هي سڀ شيون هڪ ماڻهوءَ جي ذاتي مشاهدي جون آهن، جنهن سبب اڄ ايڪيهين صديءَ ۾ به الطاف شيخ جي لکڻين ۾ دم آهي. سندس سفرنامن ۾ وڏو وزن آهي. سندس هر ايندڙ سفرنامو گذريل سفرنامي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻ کڻي ايندڙ هوندو آهي، ان سان گڏ ان ۾ وڌيڪ جدت، وڌيڪ لفظ، وڌيڪ ٽيڪنالاجي ۽ وڌيڪ رنگ کڻي ايندو آهي. سنڌي سماج کي الطاف شيخ جهڙي قابل، ايماندار، جاکوڙي انجنيئر، دنيا ۾ علم جا ڏيئا روشن ڪندڙ استاد ۽ اڌ صديءَ کان سنڌ کي دنيا بابت ڄاڻ ڏيندڙ ليکڪ کي سلام ڪرڻ گهرجي. ماڻهن جي دلين ۾ وسي آباد رهڻ کان شايد ڪا ٻي وڏي مڃتا هُجي پر عالمي سطح جي هن گهڻ پاسائين شخص جو اسان کي احسانمند رهڻ گهرجي. سنڌ ۾ ”عظيم“ لفظ جون ڊگريون اسين روز ورهائجندي ڏسندا آهيون. الطاف کي شايد اهڙي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي گهرج ناهي. پر اسين هن جيئري جاڳندي علم جي بحري جهاز جو سندس حياتيءَ ۾ قدر ڪريون. هي ملائيشيا ۾ رهي ٿو، شايد ملائيشيا سندس وڻندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. پر سنڌي ٻوليءَ جي ستر اسي ڪتابن جي خالق الطاف کي سندس تاريخي ڪم تي سنڌي سماج پاران مانائتو مانُ ملڻ گهرجي. حڪومتون، سرڪاري مشينريون، اعليٰ عُهدا، ڪرسين لاءِ ڇڪتاڻ، سياست جي بند سوڙهي گهٽيءَ ۾ ڦاٿل سياست، اقتداري کيل ۾ روزانو کيڏاري ۽ روز نوان تماشائي تاڙيون وڄائي، ڪپڙا ڇنڊي هليا ويندا. تاريخ، تهذيب، ٻولي، ثقافت، ادب ۽ موسيقي زندگيءَ جا اُهي حصا آهن جيڪي سدائين جيئرا رهندا آهن. انهن کي زنده رکندڙ قومون ڪڏهن به نه مرنديون آهن. سنڌي ٻولي ڪائنات جي وجود جي آخري ذرڙي جي هُجڻ تائين زنده رهندي. اها خواهش نه يقين آهي. پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي زنده رکڻ لاءِ سنڌ کي الطاف شيخ جهڙن مڻيادار ماڻهن جي ضرورت آهي. ڇو ته ڄاڻ تائين پُهچ جيئن هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي تيئن ڄاڻ ٻين تائين پهچائڻ به هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي. ڄاڻ جي پهچ کان پوءِ ڄاڻ پهچائڻ تائين ڄاڻ پهچائيندڙ بابت ڄاڻڻ لازمي آهي. تاريخ ۾ جيئريون ته بي قدريون قومون به آهن.
عاجز جمالي
aajizjamali100@yahoo.com