الطاف شيخ ڪارنر

تاريخ جو سفر

الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهاز ران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
  • 4.5/5.0
  • 3276
  • 1211
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تاريخ جو سفر

ڇا انگريز سٺا جهازران (Navigators) هئا.....؟

انگريزن ننڍي کنڊ تي ٻه سؤ سال حڪومت ڪئي. انگريزن جو ملڪ انگلئنڊ يا سڄو برطانيا پاڪستان يا انڊيا جي هڪ صوبي سنڌ، گجرات يا مهاراشٽرا کان به ننڍو ٿيندو پر اسان ننڍي هوندي کان اهوئي پڙهندا اچون ته هو جهازراني ۾ قابل هئا، هنن جهاز ٺاهيا. ان زماني ۾ جنهن وٽ مضبوط جهاز هئا ان جو سمنڊ تي راڄ هو ۽ جنهن جو سمنڊ تي راڄ هو ان جي دنيا تي حڪومت ٿي .... بلڪل صحيح آهي. انگريز سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ به اسان ايشين ۽ آفريڪن کان ڪافي اڳتي هئا ۽ جڏهن ته اسان تلوار ۽ ڀالن سان لڙائيون پئي ڪيون ته هنن بندوقن ۽ توبن ذريعي اسان کي ڏڪائي ڇڏيو .... اسان تي حاوي ٿي ويا. ان جو رعب انگريز اسان تي هڻندا رهن ٿا ته هو ڪيئن واپار جي بهاني آيا، علاج ڪرڻ لاءِ هندوستان جي مغل بادشاه وٽ پهتا ۽ انعام اڪرام وٺڻ بدران هنن واپار جي اجازت ورتي ۽ آهستي آهستي ڪري سڄي هندستان تي قبضو ڪري ورتو. ننڍي هوندي کان انگريزي رسالن ۽ ڪتابن ۾ انگريزن جي بهادري ۽ جهازرانيءَ بابت پڙهندا اچون ۽ جڏهن به سمنڊ تي رستا ڳولڻ يا جهاز هاڪارڻ جي ڳالهه ٿي نڪري ته اسان انگريزن کي زبردست Sea farer قوم سڏيون ٿا.
انڊيا جي تاريخ ۾ اسان سڀ وليم هاڪنس، سر ٿامس رو ۽ وليم فِنچ جهڙن انگريزن جا قصا پڙهون ٿا ته اهي شروعاتي انگريز هئا جيڪي مغل شهنشاهن جي درٻارن ۾ آيا ۽ هنن پنهنجي قوم جي ماڻهن لاءِ انڊيا تي قبضو ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي.
ڪئپٽن وليم هاڪنس انگلئنڊ جي بادشاهه ’جيمس ون‘ طرفان مغل شهنشاهه لاءِ سوکڙيون پاکڙيون ۽ خط کڻي 1607ع ۾ ”هيڪٽر“ نالي جهاز ۾ لنڊن کان روانو ٿيو ۽ 1608ع ۾ گجرات جي بندرگاهه سورت ۾ اچي لنگر انداز ٿيو. اڪبر بادشاهه جنهن جي مڙيئي انگلنڊ ۾ ڪجهه هاڪ هئي اهو ٽي سال اڳ 1605ع ۾ گذاري چڪو هو ۽ هاڻ هندوستان جو حاڪم اڪبر بادشاهه جو پٽ شهنشاهه جهانگير هو. اڪبر وڏو عرصو هندستان تي راڄ ڪيو.... اٽڪل اڌ صدي ۽ هي اهو دور هو جڏهن انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ اول هئي.
بهرحال هاڪنس سورت کان، ان وقت مغلن جي گاديءَ واري شهر, آگري پهتو. جهانگير بادشاهه هن جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو. سڀني درٻارين سان هن کي ملايو ويو. انگلنڊ جي بادشاهه طرفان موڪليل سوکڙيون ۽ خط قبول ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ان بعد جهانگير هاڪنس سان 3 ڪلاڪ اڪيلائيءَ ۾ ملاقات ڪئي. ڪيترا اهو سوچيندا هوندا ته هاڪنس ته انگريز هو ۽ جهانگير بادشاهه فارسي ۽ هندي ڳالهائي ٿي. پر نه. انگريز يا يورپي وڏا سياڻاآهن. هنن ڪئپٽن وليم هاڪنس کي ان ڪري موڪليو هو جو هن کي ترڪش ٻولي آئي ٿي جنهن کان شهنشاهه اڪبر واقف هو. بهرحال هاڪنس جي پهچڻ کان اڳ اڪبر بادشاهه ته راهه رباني وٺي چڪو هو پر جهانگير بادشاهه ۽ سندس وزير کي ترڪ ٻولي آئي ٿي جيڪا بابر جي مادري زبان هئي ۽ جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جو احوال ”تزڪِ بابري“ به لکيو آهي جيڪو اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ هن جي هڪ رتن فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
انگريز هاڪنس جهانگير بادشاهه کي پهرين ملاقات ۾ ئي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هنن جي تمام سٺي دوستي ٿي وئي.... ٻئي پيالي ڀائي هئا. ڪنهن هنڌ پڙهيو هوم ته:
“….. in due course of time Hawkins got so intimacy with the “talented drunkard” emperor that no Europeans had ever after wards”
جهانگير کي هاڪنس جي ڪچهري ڏاڍو مزو ڏيندي هئي جيڪو هر وقت بادشاهه کي رنن جا قصا ۽ گندا لطيفا ٻڌائڻ ۾ ڪاريگر هو ۽ جهانگير اهي چرچا ڀوڳ ۽ ڪهاڻيون ٻڌي، کل ۾ کيرو ٿي ويندو هو. مغل بادشاهه هن کي مغل ڪورٽ ۾ گهرو سفير ڪري رکيو ۽ کيس مغل درٻارين جي پوشاڪ پهرڻ جي پڻ اجازت ڏني ۽ وڏي قرب مان کيس ”انگلش خان“ يا ”خان هاڪنس“ جي نالن سان سڏيندو هو. کيس هڪ سهڻي آرميني ڪنيز تحفي ۾ ڏني هئائين. کيس شاهي دسترخوان ۾ شامل ٿيڻ جي پڻ اجازت هئي. هاڪنس جهانگير جي ويجھو هجڻ ڪري خوب حرمسراءِ جي اندر ۽ ٻاهر جا قصا ۽ ڪاروايون لکيون. هاڪنس جون مغل درٻار جون يادگيريون ٿيون پڙهجن ته هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته:
”بادشاهه سلامت دولت، زمين ۽ سپاهه جي خيال کان مشرق جو عظيم شهنشاهه چئي سگهجي ٿو پر عوام جو وڏو حصو هن سان نفرت ڪري ٿو جو اهو هر وقت خوف ۾ رهي ٿو“.
هاڪنس هڪ دفعو شهنشاهه کي پنهنجي سيڪريٽريءَ کي قتل ڪندي ڏٺو جيڪو فقط شڪ جي بنياد تي هو ته سيڪريٽري ساڻس وفادار نه آهي. هڪ دفعي هڪ سپاهيءَ بادشاهه سلامت کي پنهنجي پگهار وڌائڻ لاءِ عرض ڪيو ته نشي ۾ ڌت بادشاهه سلامت، هن کي پڃري ۾ بند شينهن سان ملهه وڙهڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان سپاهي سان گڏ پاسي اوسي ۾ بيٺل ڏهه کن بدنصيب واٽهڙو به مارجي ويا. معمولي بحث تي جهانگير ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي پٽ کي نڙيءَ ۾ کڻي سوئو هنيو.
هاڪنس لکي ٿو ته جهانگير جي حرم ۾ 5000 عورتون هيون ۽ انهن کان الڳ اندر وارن ڪمرن ۾ شاهي خاندان جون 300 زالون هيون. ان کان علاوه جهانگير جي شوق جي تبديليءَ لاءِ 1000 ڳڀرو ڇوڪرا هئا. محل جي ڀرسان جانورن جو به چڱو خاصو ’زو‘ هو جنهن ۾ 12000 ته هاٿي هئا، 10,000 سان‏، 2000 اٺ، 3000 هرڻ، 4000 ڪتا، 100 پاليل شينهن، 500 مينهون ۽ 10,000 ٽپال جو ڪم ڪندڙ ڪبوتر هئا.
ٻه سال هاڪنس جهانگير جو فئوريٽ يار ٿي رهيو پر پوءِ درٻار جي نوابن جي ساڙ، حسد ۽ چغلين ڪري جهانگير جو قرب گهٽجڻ لڳو ۽ هاڪنس عقلمندي ان ۾ سمجھي ته هاڻ ڀڄي پري ٿجي ۽ هو چپڙي ڪري آگري مان نڪري پنهنجي وطن روانو ٿي ويو پر انگلنڊ پهچڻ کان اڳ واٽ تي گذاري ويو.
هاڪنس کان علاوه مغلن جي تاريخ ۾ هڪ ٻئي انگريز سر ٿامس رو (Sir Thomas Roe) جو به ذڪر اچي ٿو جيڪو پڻ جهانگير جي دور ۾ انڊيا آيو. جهانگير آرٽ، خاص ڪري چترڪاريءَ (Paintings) جو شوقين هو ۽ ٿامس هن کي ان قسم جون شيون انگلئنڊ مان گهرائي ڏنيون ٿي. ”هاڪنس“ توڙي هن انگريز ”سر ٿامس رو“ جو ان تي زور هو ته مغل بادشاهه انگريزن کي انڊيا ۾ واپار جي اجازت ڏئي. ان ۾ هاڪنس ته ڪامياب نه ٿيو پر ”سرٿامس رو“ جي درخواست تي 1615 ۾ جهانگير بادشاهه انگريزن کي بنا ٽئڪس ڏيڻ جي واپار جي اجازت جو فرمان جاري ڪيو.
هڪ ٻيو انگريز وليم فِنچ نالي پڻ هاڪنس سان گڏ سورت بندرگاهه ۾ آيو هو جتان پوءِ هو آگري آيو ۽ هاڪنس سان گڏ مغل ڪورٽ ۾ سال ڏيڍ رهيو. هاڪنس جي موٽڻ بعد به فِنچ ڪجهه عرصو رهي پيو ۽ هن بيانا، لاهور ۽ ٻيا ڪيترا شهر ڏٺا. فنچ مختلف شهرن جي واپار وڙي ۽ قدرتي پئداوار جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو ۽ هر معلومات انگلنڊ موڪليندو رهيو. فنچ 1612 ۾ شام جي شهر ”اليپو“ وڃي رهيو هو ته رستي تي بابل ۾ زهريلي پاڻي پيئڻ ڪري گذاري ويو.
ڏٺو وڃي ته هاڪنس، ٿامس رو ۽ وليم فِنچ پهريان انگريز هئا جن هندوستان جي مغل درٻار ۾ داخلا ورتي ۽ ان وقت جي بادشاهه جهانگير جي دل جيتي نه فقط پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي ماڻهن لاءِ انڊيا جي سرزمين تي واپاري ڪوٺيون Trading Posts جي اجازت حاصل ڪيائون پر مال تي اڪٽ (Inland Toll) ۽ ٽئڪس ڏيڻ جي به ڇوٽ ورتائون. هيءَ سن 1608ع کان 1616ع تائين جي ڳالهه آهي جڏهن هاڪنس جهانگير بادشاهه جي درٻار ۾ آيو. ان بعد 1609 ۾ شهنشاهه جهانگير انگريزن کي سورت شهر ۾ فئڪٽري کولڻ جي اجازت ڏني ۽ 1613 ۾ انگريزن جي واپاري اداري ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ سورت ۾ ڪارخانو کوليو. ”سورت“ گجرات رياست جو احمد آباد بعد ٻيو نمبر وڏو شهر آهي ۽ گجرات جي گادي واري شهر ”گانڌي نگر“ کان 284 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. جن ڏينهن ۾ مٿيان انگريز آيا هئا ۽ 1613 ۾ فئڪٽري لڳي، انهن ڏينهن ۾ ــــ بلڪه شهنشاهه بابر جي ڏينهن کان، سورت هندستان جو اهم بندرگاهه هو. سمنڊ رستي حج تي وڃڻ وارا به سورت مان جهاز ۾ چڙهندا هئا ته مديني جي ڀر ۾ ينبو بندرگاهه ۾ اچي لهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جدو هڪ فشنگ وليج (مهاڻن جو ڳوٺڙو) هو. ممبئي (بمبئي) جو ته نالو نشان ئي نه هو. اهو ته پوءِ هڪ صدي کن بعد انگريز شهزادي چارلس ٻئي (Charles-II) جي پورچوگالي شهزادي ڪئٿرين سان 1662 ۾ شادي ٿي ته اهي پنج ڇهه ويران ٻيٽ جيڪي پورچوگالين جي هٿ ۾ هئا، سي چارلس وارن کي ڏيج ۾ ڏنا ويا جن لاءِ انگريزن کي ٻه چار سال ته سمجهه ۾ نه آيو ته انهن کي ڇا ڪجي. پر پوءِ 1668 ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ شهزادي چارلس کان چند پائونڊن جي عيوض مسواڙ تي ورتا. لڳي ٿو ته هن کي فقط خوش ڪرڻ لاءِ جو اهي ٻيٽ ان بعد به ڪيترائي سال ائين ئي بيڪار رهيا. پر پوءِ وقت سان گڏ جڏهن جهازن جي سائيز وڌي ۽ سورت جو بندرگاهه سوڙهو محسوس ٿيڻ لڳو ته انگريز ڪمپنيءَ هنن ڏيج وارن پورچوگالي ٻيٽن تي ڌيان ڏنو جو اتي پاڻيءَ جو ڊرافٽ گهڻو هو .... يعني اونهو سمنڊ هو. بهرحال ممبئي جي تفصيلي ڪهاڻي انڊيا جي سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪُر ۾“ ۾ ڏئي چڪو آهيان.
سورت جي بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ سمنڊ کان ڪجهه ميل درياهه تاپتي (جيڪو تاپي به سڏجي ٿو) ۾ اندر وڃڻو پيو ٿئي. يعني سورت بندرگاهه درياهه جي ڪناري تي ائين آهي جيئن ڪوٽڙي، ڄامشورو يا هالا پراڻا ”سنڌو ندي“ تي، آمريڪا جو بندرگاهه نيو اورلينس ”مسي سپي“ نديءَ تي، بئنڪاڪ بندرگاهه ”چائو فريا“ نديءَ تي يا چٽگانگ جو بندرگاهه جتان آئون مئرين انجنيرنگ پڙهيس ”ڪرنا ڦلي“ نديءَ تي. تاپتي نديءَ تي ڊئم ٺهڻ ڪري هاڻ جهاز سورت تائين نٿا پهچي سگهن نه ته انهن ڏينهن ۾ سورت جو بندرگاهه بلي بلي هو. فارس (ايران) کان اٺين صديءَ ۾ جيڪي پارسي (آتش پرست) آيا هئا سي به هن شهر سورت ۾ اچي رهيا. اهي نه رڳو واپاري طبيعت جا هئا پر سٺا هنر مند پڻ هئا جيڪي پنهنجي هنرن سان سڃاتا ويا ٿي جيئن ته دارون والا، لڪڙي والا، تامبي والا، ڪشتي والا وغيره. هنن انگريزن کي ڪارخانن ۽ جهاز راني ۾ وڏي مدد ڪئي. بعد ۾ جڏهن انگريزن مٿين ويران ٻيٽن کي ملائي بمبئي نالو رکيو ۽ اوڏانهن شفٽ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته عام ماڻهن سان گڏ سورت ۾ رهندڙ پارسين ۽ يهودين پڻ پنهنجي رهائش ۽ ڪاروبار بمبئي ۾ شفٽ ڪيو.
هونءَ پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو به لکندو هلان ته بمبئيءَ جي وڌڻ ويجھڻ ڪري سورت بندرگاهه جو اهو شان جيتوڻيڪ گهٽجي ويو پر سورت جو شهر اسان جو مانجھند يا ٺٽو نه ٿيو آهي. سورت شهر اڄ به ماڊرن شهر آهي. صفائي، سٺائي، تعليم، باغ باغيچن، واپار وڙي ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ کان انڊيا جو هڪ بهترين شهر آهي. منجھس روڊ رستن، پبلڪ پارڪن، عام ماڻهوءَ جي سواري جي سهولتن کان تعليمي ادارن ۽ اسپتالن جو معيار يورپ جي ملڪن جهڙو آهي. کيس ’ڊائمنڊ سٽي‘ به سڏيو وڃي ٿو. ڪجهه سال اڳ انڊيا جي شهرن جي سروي ڪئي وئي ته زندگي جي اعليٰ معيار ۽ شهري ضرورتن جي موجودگي کان سورت پهريون نمبر شهر قرار ڏنو ويو. ٻئي نمبر تي پوني ۽ ٽي نمبر تي احمدآباد ٿيو.
سورت شهر جيڪو پهرين ”ثرياپور“ يعني سج جو شهر سڏيو ويو ٿي هندو ڌرم ۾ به اهميت رکي ٿو، جو ان جو مهاڀارت ۾ ذڪر آهي ته ڪرشن ڀڳوان مٿرا کان دوارڪا ويندي هتي ترسيو هو.
هتي اهو به لکندو هلان ته دائودي بوهرن جو ”مرڪزِ دعوة“ جيڪو هاڻ ممبئي ۾ آهي اهو پهرين 1787 ۾ سورت ۾ کليو جڏهن بوهرين جو 42 هون دائي سيدنا يوسف نجم الدين هو. اهو 51 هين دائي طاهر سيف الدين (1965 ــــ 1915) تائين رهيو جنهن بعد ممبئي شفٽ ٿيو. دائودي بوهرين جا ست ذاتي متلق جا روضا سورت جي ”ديودي مبارڪ“ علائقي ۾ آهن ـــ سورت شهر جي وچ ۾ بوهرين جي اسلامڪ عربي اڪيڊمي ”الجامية سيفيه“ آهي جنهن جهڙا هنن جا مذهبي درسگاهه ڪراچي، نيروبي (ڪينيا) ۽ ممبئي ۾ آهن. سورت ۾ هن درسگاهه جو 1814 ۾ بوهرين جي 43 داعيءَ سيدنا عبدالعلي سيف الدين بنياد رکيو. 1920 ۾ هن کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو جنهن ۾ ڇوڪرن سان گڏ بوهرين جون ڇوڪريون به اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿيون. هن کي بين الاقوامي معيار جو ماڊرن درسگاهه بنائڻ ۾ بوهرين جي 52 داعي ڊاڪٽر سيدنا محمد برهان الدين جي وڏي جدوجهد آهي. هتي پاڻ ان وقت جي سورت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جڏهن اڃان بمبئي جو ڪو نالو نشان نه هو.
انگريزن، جن 200 سال ننڍي کنڊ تي راڄ ڪيو ان جي شروعات انگلنڊ جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1613 ۾ سورت شهر ۾ فئڪٽري لڳائڻ سان ڪئي. ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ هڪ پرائيويٽ واپاري ڪمپني هئي جيڪا انگريز اسٽاڪ هولڊرن 1600ع ۾ لنڊن ۾ ٺاهي هئي. هنن ان ۾ پئسو لڳايو ته جيئن پاڻي جا جهاز خريد ڪري ايشيا جي ملڪن، خاص ڪري انڊيا ۾ واپار وڙو ڪري پئسو ڪمائجي. هن ڪمپنيءَ کي هلائڻ لاءِ لنڊن ۾ هڪ ”بورڊ آف گورنرز“ ٺاهيو ويو جنهن وٽ هر ڪو جوابده رهيو ٿي. هيءَ ڪمپني پهرين ته فقط واپار لاءِ ٺاهي وئي پر پوءِ ته هن فوج به تيار ڪئي جيئن ڪٿي ڦڏو فساد ٿئي ته اها ڪمپنيءَ جي حقن لاءِ وڙهي _ ۽ جوڊيشري پڻ، جيئن هر ڳالهه جو ان ذريعي فيصلو ڪيو وڃي .... بس سمجھو ته هيءَ ڪمپني بذات خود حڪومت هئي جنهن تي ڪن ڳالهين ۾ برطانيا جي حڪومت جي به نٿي هلي.
1613 ۾ سورت ۾ فئڪٽري لڳائڻ بعد ڪمپنيءَ 1616 ۾ انڊيا جي اوڀر واري ڪناري جي شهر ميسوپٽنام ۾ مٿين فئڪٽريءَ جي برانچ لڳرائي. ان بعد 1639 ڌاري ڪمپنيءَ انڊيا جي ڏاکڻي شهر مدراس ۾ ۽ ويهارو کن سالن بعد انڊيا جي اوڀر واري ڪناري جي شهر ڪلڪتي ۾ فئڪٽري لڳائي. ان دوران يورپ جي ٻين ملڪن پورچوگال، فرانس، هالنڊ ۽ ڊئنمارڪ جون ان قسم جون واپاري ڪمپنيون به ڪجهه ڪجهه واپار وڌائينديون رهيون پر هنن کي انگريزن جي ان ڊزائين جي خبر نه پئجي سگهي ته هو انڊيا جي چوڌاري سامونڊي ڪناري وارن اهم شهرن ۾ فئڪٽريون لڳائي انهن شهرن تي پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪري رهيا آهن.
1717 ۾ مغل بادشاهه فرخسيار (شهنشاهه اورنگزيب جو پڙپوٽو جيڪو 1707 ۾ اورنگزيب جي وفات بعد 1713 ۾ تخت تي ويٺو .... اورنگزيب جو پٽ بهادر شاهه اول 1712 تائين تخت تي هو ۽ ٻه ٽي مهينا ان جو پٽ جهاندار شاهه) بيمار ٿي پيو جنهن جو علاج انگريز سرجن وليم هئملٽن ڪيو. صحتمند ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ هن بادشاهه هئملٽن جي گُهر تي انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ کي ڍائي ڇڏيو. واپار وڙي جي معاملي ۾ انگريزن کي وڏي ڇوٽ ملي وئي ۽ هو انڊيا ۾ پنهنجا پير مضبوطيءَ سان ڄمائي ويا. واپار سان گڏ هو پنهنجي فوج ۽ هٿيار به وڌائيندا ويا ۽ مقامي نوابن، راجائن، ڀوتارن جي جھيڙن ۾ ڪنهن هڪ جو پاسو کڻي ٻئي کي موچڙا هڻي وڌيڪَ فائدا ورتا ٿي. 1757ع ۾ ڪمپنيءَ جي هڪ مليٽري آفيسر رابرٽ ڪلائيو بنگال جي نواب سراج الدوله جي فوج کي ”پلاسي جي لڙائيءَ“ ۾ شڪست ڏئي، بنگال جي ائڊمنسٽريشن هلائڻ شروع ڪئي ۽ ”ڪمپني راڄ“ مشهور ٿيو. 1764 ۾ بهار ۾ لڳل ”بڪسار جي لڙائيءَ“ ۾ به انگريزن جي فتح ٿي ۽ ”ڪمپني راڄ“ مضبوط ٿيندو ويو. انهن ڏينهن ۾ مغل بادشاهه شاهه عالم دوم هو ان کان انگريز ــــ (جن ڏيڍ صدي اڳ شروع ۾ جهانگير بادشاهه کان ته فقط سورت ۾ هڪ فئڪٽري هڻڻ لاءِ منٿون ميڙيون پئي ڪيون، تن) هاڻ ڏنڊي جي زور تي، مغل بادشاهه شاهه عالم کان زبردستي فرمان جاري ڪرايو ته بنگال، بِهار ۽ اوڙيسا جو ريونيو (ٽئڪس) انگريزن جي ڪمپني وٺندي. ”ائنگلو ـــ ميسور“ ۽ ”ائنگلو ـــ مرهٺا“ لڙاين ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ بعد انگريزي ڪمپنيءَ جو سڄي هندستان تي راڄ ٿي ويو. اهو راڄ 1857 واري بلوي يا جنگ آزاديءَ تائين رهيو جنهن ۾ به انگريزن جي ڪمپني فوج کي سوڀ حاصل ٿي پر پوءِ انڊيا جون واڳون ڪمپنيءَ بدران برطانيا جي حڪومت حوالي ڪيون ويون. جڏهن 1600 ۾ لنڊن ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ ٺاهي وئي هئي ته ان وقت انگلنڊ جي راڻي ”ايلزبيٿ ون“ هئي ۽ هاڻ 258 سالن بعد جڏهن ان ڪمپني کي dissolve (ختم) ڪيو پئي ويو ته انگلنڊ جي راڻي وڪٽوريا هئي. هاڻ انڊيا تي ”ڪمپني راڄ“ بدران ”برٽش راڄ“ هلڻ لڳو، جيڪو 90 سال هليو جنهن بعد 1947ع ۾ انڊيا جي انگريزن پچر ڇڏي ۽ ساڳي وقت انڊيا جي ورهاڱي تي پاڪستان وجود ۾ آيو.
اڄ انگريز اسان جي ملڪ ۾ نه آهن پر انهن جون ٺاهيل ڪيتريون شيون، ريلوي، پوسٽ، بيورو ڪرئسي، جوڊيشري جهڙا ڪيترا نظام اسان وٽ قائم آهن. اسان وٽ انهن جي زبان ”انگريزي“ هلي ٿي. اسان جي تن ڏينهن جي حاڪمن ـــ مغل بادشاهن توڙي مير صاحبان ۾ نه اهو افعال هو نه فوجي پختگي جو ڌارين يورپي ٺڳن کي روڪي سگهن .... انگريزن جو جي قبضو نه ٿئي ها ته ڊچ قبضو ڪن ها ۽ انڊونيشيا وانگر اسان وٽ اسڪولن، ڪاليجن ۾ ڊچ ٻولي هلي ها يا پورچوگالي ڪن ها ۽ ائنگولا، نميبيا ۽ موزمبق وانگر هر ڳالهه پورچوگالي يا سينيگال ۽ موراڪو وانگر فرينچ ڳالهائي وڃي ها. ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو ته هيڏا ڌڪ کائڻ بعد اسانجا ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪ هاڻ ڀلا پاڻ ڀرا آهن؟ اسان جا اڄ جا حاڪم عوام جو خيال رکن پيا يا مغل بادشاهن وانگر هنن کي فقط پنهنجو حرم وڏو ڪرڻ جي تات آهي؟ ڇا اسان جا مقامي حاڪم مضبوط ڪردار ۽ عزم جا آهن ۽ ڇا هو ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي ڏي وٺي وڃي رهيا آهن؟ يا هو اڄ جي طاقتن: آمريڪا، انگلنڊ، يا اڄ جي پئسي وارن ملڪن سعودي عرب جهڙن وٽ وڪاميا پيا آهن ۽ هنن کي فقط پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي خوشحاليءَ جي اُڻ تڻ آهي! گهٽ ۾ گهٽ ملائيشيا، سنگاپور، چين، ايران جهڙن ملڪن تي، آئون نٿو سمجھان، ته ڪو آمريڪا جهڙي طاقت ”ڊو مور“ جهڙو حڪم هلائي سگهندي يا امير عرب رياستن جا شهزادا انهن ملڪن جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري، انهن ملڪن ۾ ڪونجن ۽ آڙين جو شڪار ڪري سگهندا.