الطاف شيخ ڪارنر

تاريخ جو سفر

الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهاز ران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
  • 4.5/5.0
  • 3276
  • 1211
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تاريخ جو سفر

اسان وٽ هر گورو ماڻهو ’انگريز‘ سمجهيو وڃي ٿو

ننڍي هوندي کان اسان جي دماغ ۾ اهو ويٺل آهي ته ”يورپي گورو“ معنيٰ ”انگريز“. هينئر خراب حالتن ڪري اسان کي ڪو فارين ٽوئرسٽ نظر نٿو اچي پر اڄ کان اڌ صدي اڳ ڪراچي جي صدر وارن دڪانن جي ٻاهران فارينرس ئي نظر ايندا هئا. ڪراچي ته وڏو شهر آهي پر اسان جي ڳوٺ هالا ۾ جنڊي، ڪاشي ۽ ٻين هٿ جي شين (هئنڊي ڪرافٽس) ڪري ڪيترائي فارينر نظر ايندا هئا. ستين ڪلاس تائين آئون هالا ۾ پڙهيس ۽ موڪل تي اسڪول کانگهر اچڻ وقت بازار مان لنگھندي هڪ ٻن هنڌن تي، خاص ڪري پيهون ۽ ڀڳڙا ٺهڻ وارن دڪانن تي يا هٿ سان جوتا ٺاهڻ وارن موچين جي دڪانن تي ڪجهه يورپي گورا ضرور ملندا هئا. اڄ ٿو سوچيان ته انهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪو فرينچ يا جرمن به هجي پر اسان هميشه اهو ئي چوندا هئاسين ته : ”اسان انگريز ڏٺا“. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن ٽوئرسٽن ۾ ڪجهه ۽ اسانجي مختلف کاتن ۾ ڪم ڪندڙ انگريز ئي هوندا هئا.
ڳوٺ ڇڏي پيٽارو جي ڪاليج ۾ اسانجو پرنسپال ۽ ڪجهه گورا ٽيچر جيڪي هئا سي سڀ انگريز هئا. ڇهه سال پيٽارو ۾ رهڻ تي انهن انگريزن جي هلڻ چلڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ عادتن کان چڱيءَ طرح واقف ٿي وياسين. پيٽارو بعد چٽگانگ ۾ به، اتي جي مئرين اڪيڊمي ۾، جيڪي گورا ڪئپٽن پڙهائڻ لاءِ آيا اهي به انگريز هئا. ظاهر آهي اسان جي ملڪ ۾ انگريزي هلي ٿي سو انگريزيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ انگريز ئي ايندا.
تعليم ختم ڪرڻ بعد جهازن تي چڙهياسين. جهاز ڪڏهن سري لنڪا ته ڪڏهن ملائيشيا يا سنگاپور جتي ڪٿي انگريزي ڳالهائڻ سان ڪم هلي ويو ٿي. يورپ پاسي وياسين ته رڳو انگلنڊ جا بندرگاهه لنڊن، ڊنڊي، هل، لورپول وغيره. هانگ ڪانگ، برما، نائيجيريا ۽ گهانا ۾ به انگريزي هلي ٿي. ٽئين يا چوٿين سفر ۾ دبئي کان نڪتاسين ته اچي ممباسا ۽ ان بعد زئنزيبار پهتاسين. ٻنهي هنڌن تي کوڙ گورا مليا .... اهي ته انگريزي پيا ڳالهائين پر اتي جا مقامي شيدي به انگريزي پيا ڳالهائين .... جيئن اسان جي ملڪ ۾ اسين ڳالهايون ٿا .... پوءِ سٺي يا خراب پر ڪم نڪريو وڃي. ان بعد اسان کي ڪيپ ٽائون وڃڻو هو پر جهاز مئڊاگاسڪر چئنل وٽ پهتو ته ڪراچي هيڊ آفيس کان وائرليس ذريعي نياپو مليو ته اڳتي وڃڻ بدران اتي ئي موزمبق ملڪ جي ”لارينزو مارڪس“ بندرگاهه ۾ هليا وڃو جتي اسان جي جهاز کي کڻڻ لاءِ ڪارگو مليو آهي. هيءَ سال 1970ع جي ڳالهه آهي. اڄ ڪلهه ان بندرگاهه جو نالو ”مُپوتو“ آهي. انهن ڏينهن ۾ اهو سمنڊ به سخت خراب هو. ممباسا ڇڏڻ بعد هڪ ڏينهن به ماٺو سمنڊ نه مليو هو. ڪيپ ٽائون پهچڻ ۾ اڃان به ٽي ڏينهن هئا. اسان جو ٻڌو ته اڳتي وڌڻ بدران اتي ئي موزمبق جي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيڻو آهي ته اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي. اسان هن ملڪ يا بندرگاهه بابت ڪنهن سينئر جهازيءَ کان نه ٻڌو هو .... جو اسان جي ملڪ جو ڪو به جهاز هن بندرگاهه ۾ نه آيو هو. اسانجو جهاز پهريون دفعو وڃي رهيو هو. بهرحال دل ۾ سوچيوسين ته ڪهڙو به بندرگاهه هجي سمنڊ جي لوڏن کان ته في الحال جان بچي. ڪجهه ڏينهن ترسڻ دوران طوفان ۽ سمنڊ ماٺو ٿي ويندو ۽ اسان اڳتي جو سفر آرام سان ڪري سگهنداسين.
اسان جو جهاز رات جو ٻارهين هڪ بجي ڌاري لارينزو مارڪس بندرگاهه ۾ جيٽيءَ سان لڳي راس ٿيو. ڪناري تي رسا ڇڪڻ وارا اهڙا ئي شيدي هئا جهڙا هن کان اڳئين بندرگاهه ممباسا ۽ زئنزيبار ۾ هئا. البت ڪسٽم ۽ اميگريشن جا اعليٰ آفيسر جيڪي اسان جا سفري ڪاغذات چيڪ ڪرڻ آيا هئا اهي گورا هئا. جهاز جون مشينريون بند ڪرڻ ۾ رات جا ٻه ٿي ويا ان بعد سمهي رهياسين جيتوڻيڪ دل ته چيو ته ڪلاڪ کن به هيٺ لهي بندرگاهه جو چڪر هڻي اچجي پر سڀ ٿڪل ٿي لڳا جو هڪ به هيٺ نه لٿو. ٻئي ڏينهن 8 بجي نيرن ڪري آئون ۽ جهاز جا ڪجهه ٻيا آفيسر، جن جي شام جي ڊيوٽي هئي اهي ٽنگ ڊگهي ڪرڻ ۽ نئين بندرگاهه جو نظارو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ٻاهر نڪتاسين. مون سان گڏ جهاز جو ريڊيو آفيسر ۽ فرج انجنيئر هو. آئون انهن ڏينهن ۾ ففٿ انجنيئر هوس. بندرگاهه جو جهڙو نالو ولائتي هو اهڙو ئي پاڻ هو. چوڌاري ڪارا شيدي نه هجن ها ته يورپ جو شهر ٿي لڳو، خاص ڪري شهر جو اهو صدر علائقو جتي اسان چڪر هڻي رهيا هئاسين. وڏين وڏين گاڏين ۾ يورپي هلي رهيا هئا. عورتون اسڪرٽن ۾ رعب سان خريداري ڪري رهيون هيون جن جو سامان، يا جن جي ٻارن جا گاڏا، هيسيل حبشي مرد يا عورتون ڇڪي رهيون هيون. اسان پنهنجي موج مستي ۾ واڪ به ڪندا رهياسين ته هر ڳالهه ۽ هرشيءِ تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪندا رهياسين. اسان کي هتي جي ريسٽورنٽن جو نمونو به وڻيو. گورا يورپي پنهنجين زالن يا گرل فرينڊس سان هوٽلن جي ٻاهران فوٽ پاٿ تي نيرن به ڪري رهيا هئا ته اس جو سيڪ به وٺي رهيا هئا. جولاءِ يا آگسٽ جو مهينو هو ڪراچي ڇڏڻ وقت اتي توڙي ممباسا ۾ سخت گرمي هئي جو اتي اونهاري جي موسم هئي پر هاڻ اسان خط استوا ٽپي ڌرتيءَ جي هيٺين ڏکڻ اڌ گول جي بندرگاهه ۾ هئاسين جتي هي مهينا سياري جا ٿيندا آهن. Southern Hemisphere ۾ نومبر ۽ ڊسمبر ۾ گرمي ٿيندي آهي جڏهن اسان وٽ پاڪستان، ايران، افغانستان ۾ اهي مهينا سياري جا ٿيندا آهن.
ڪجهه سيءَ ڪري ۽ ڪجهه هلڻ ڪري هاڻ اسان به روڊ سائيڊ واري ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ ويهي ٿڪ ڀڃڻ سان گڏ چانهه پيئڻ ٿي چاهي. اسان هڪ ريسٽورنٽ جو شيشي جو در کولي اندر گهڙياسين ته ڪائونٽر وٽ بيٺل سفيد يونيفارم ۾ ملبوس نوجوان ۽ سمارٽ ڪارا شيدي بئرا اسان ڏي وڌيا ۽ هو ڪنهن زبان ۾ اسان کي ڪجهه چوڻ لڳا ۽ ان در ڏي اشارو ڪرڻ لڳا جنهن مان اسان گهڙيا هئاسين. بعد ۾ خبر پئي ته هو پورچوگالي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن. اسان جي انگريزي نه انهن کي سمجهه ۾ آئي ۽ نه ويٺل گورن نوجوان مهمانن کي. آخر انهن ۾ هڪ پوڙهو هو جنهن ٽٽل انگريزيءَ ۾ سمجھايو ته هيءَ هوٽل ڪارن (Blacks) لاءِ نه آهي. اسان جي جهاز جو جھونو ريڊيو آفيسر جيڪو اسان جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، اهو ٻڌي چپ ٿي ويو. مون کيس اڙدوءَ ۾ چيو ته چئينس ته: ”اسان شيدي ته نه آهيون جو هو ڪارو ٿو سمجھي. اسان ته جهاز جا عزتماب ڪڻڪ رنگا آفيسر آهيون“. پر اسان جي پوڙهي ۽ گھاٽ گھاٽ (هر بندرگاهه) جو پاڻي پيتل ريڊيو آفيسر گوري جي ڳالهه سمجھي ويو ۽ اسان کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيو ته: ”بابا گهڻو ضد ڪبو ته اها ٿيندي جيڪا گانڌيءَ سان سائوٿ آفريڪا ۾ ٿي. هن ملڪ تي پورچوگالين جو راڄ آهي ۽ هنن لاءِ مقامي ماڻهن سان گڏ اسين به ڪارا ٿياسين.“
”پر اسان جي ملڪ ۾ انگريز ٽوئرسٽ ايراني هوٽلن تي چانهه ۾ بن ٻوڙي پيا کائين اهي ته اهڙا نخرا نٿا ڪن“. مون چيو.
”هاڻ نٿا ڪن. 1947ع ۾ اهي هنن کان به وڏا لاٽ صاحب هئا. انهن ئي ته گانڌيءَ کي ريل گاڏيءَ مان ٻاهر اڇليو. ممبئي جي تاج محل هوٽل جي مالڪ کي انگريزن هوٽل واٽسن ۾ گهڙڻ نه ڏنو. 1868 ۾ جڏهن ممبئي ۾ انگريزن واٽسن هوٽل کولي ته ان ۾ فقط انگريز ۽ يورپين وڃي سگهيا ٿي. ڪتن ۽ مقامي ماڻهن کي اندر وڃڻ تي پابندي هئي پوءِ انهن ۾ ڪو ڀلي جمشيد ٽاٽا جهڙو امير هجي. بلڪه هوٽل واٽسن مان لوڌجڻ بعد جمشيد ٽاٽا غيرت ۾ اچي تاج محل هوٽل ٺهرائي جيڪا 112 سال گذرڻ بعد اڄ به دنيا جي بهترين هوٽلن مان هڪ آهي.
مهاتما گانڌي (موهن داس ڪرمچند گانڌي) 1869 ۾ گجرات جي پور بندر شهر ۾ هڪ برهمڻ جي گهر ۾ ڄائو. گانڌيءَ جو نالو کڻڻ سان اسان کي پٺيءَ اگھاڙو، گوڏ ۾ ملبوس هڪ فقير جهڙو ماڻهو ڌيان ۾ اچي ٿو پر هن جو هڪ امير گهر سان تعلق هو. هو انڊيا جي اعليٰ ڪاليجن مان B.A ڪري LAW پڙهڻ لاءِ لنڊن ويو هو. جتي هو فرينچ به سکيو، ويندي ڊانس جا به ڪلاس اٽينڊ ڪيائين. سندس مادري زبان گجراتي هئي ۽ انگريزي اسڪولن مان پڙهيو. لنڊن مان LL.B ڪري هن انڊيا اچي وڪالت شروع ڪئي ۽ جلد پنهنجو نالو پئدا ڪيو. ڪنهن ڪيس لاءِ سائوٿ آفريڪا جي هڪ مسلمان فئمليءَ هن کي وڪيل ڪيو جنهن لاءِ هنن گانڌيءَ کي اسٽيمر (پاڻي جي جهاز) جي سورت کان ڪيپ ٽائون جي ٽڪيٽ ۽ اتان ”پريٽوريا“ شهر تائين ريل جي ٽڪيٽ موڪلي. موهن داس گانڌي پريٽوريا ڏي ريل جي فرسٽ ڪلاس دٻي ۾ وڃي رهيو هوته واٽ تي پهرين اسٽيشن پيٽرميرزبرگ تي ڪجهه يورپي مسافر ان دٻي ۾ داخل ٿيا. جيتوڻيڪ وڪيل صاحب (گانڌي) ڪمپليٽ سوٽ ۾ جينٽل مئن لڳي رهيو هو پر سائين يورپي باهه ٿي ويا ته هڪ ڪاري جي اها مجال جو هنن جي دٻي ۾ وهڻجي همت ڪري. گانڌيءَ گاڏو ڇڏڻ کان انڪارڪيو ته هنن کيس کڻي ٻاهر پليٽ فارم تي اڇلائيو.
گانڌيءَ ان کي پنهنجي وڏي بي عزتي سمجھي ۽ دراصل اها Turning Point هئي جنهن کانپوءِ هن انگريزن جي حڪومت خلاف احتجاج شروع ڪيو جنهن اڳتي هلي انگريزن کي ننڍي کنڊ مان لڏرايو. ان واقعي کانپوءِـ گانڌيءَ سوٽ ٽايون ڇڏي فقير ٿي ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ سياست شروع ڪئي _ ايتريقدر جو هڪ انگريز ٽوڪيندي چيس:
“You are a saint meddling in politics”.
گانڌيءَ جواب ڏنس:
“No, I am a politician trying to be a saint”.
بهرحال اسان ”ڪارن“ جي ڪا هوٽل ڳولڻ بدران، چانهه تان ئي هٿ کڻي لارينزو مارڪس شهر جي ”سِٽي سروي“ ڪرڻ لڳاسين. فٽ پاٿ تي هڪ ٺاهوڪي حبشڻ ڇوڪري کاريءَ ۾ بوهي مڱ (Pea Nuts) وڪڻي رهي هئي. ان کان ڊالر جا چئنورا (بوهي مڱ) ورتاسين ۽ ان سان ڪجهه چرچا ڀوڳ ڪري کلياسين. الائي هن به چرچن جو جواب چرچن ۾ پئي ڏنو يا گاريون پئي ڏنيون جو اسان جنهن اڙدو ۽ انگريزيءَ ۾ پئي هن سان ڳالهايو اها هن کي سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ جنهن زبان (پنهنجي مادري بنتو يا سواحلي ۽ ڪجهه ڪجهه پورچوگاليءَ) ۾ هوءَ ڳالهائي رهي هئي اها اسان جي سمجهه کان ٻاهر هئي. بس مڙيئي جيسين هوءَ بوهي مڱ توري ڪاغذ جي لفافن ۾ وجھي، اسان ”ٽِٽَ مسخري“ ڪندا رهياسين ۽ هوءَ شايد enjoy ڪندي رهي جو سندس ڪوئلي جهڙي چهري تي جپاني سچن موتين (Pearls) جهڙا کير جهڙا سفيد ڏند خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيا هئا. هن آمريڪن ڊالر وٺڻ بدران مقامي موزمبق جو سڪو يا پورچوگالي نوٽ جي گهر ڪئي پر اسان وٽ ان جو هڪ پئسو به نه هو. آفيس طرفان پگهار کڻي ايندڙ مقامي ايجنٽ جي پهچڻ کان اڳ اسان جهاز ڇڏي چڪا هئاسين سو اسان وٽ اڳئين بندرگاهه ممباسا جا بچيل ڪينيا جا نوٽ هئا يا آمريڪنڊالر. اسان کيس اشاري سان سمجھايو ته مَني چئنجر هن کي ان ڊالر جي بدلي ۾ ڪافي مقامي پئسا ڏيندو نه ته ٻي صورت ۾ اسان کيس ٻئي ڏينهن مقامي سڪي ۾ ملهه ڏينداسين.“
شهر جي مارڪيٽن مان لنگھندي هڪ بوهريءَ جو دڪان نظر آيو. اسان به ڪافي وقت کان ان انتظار ۾ هئاسين ته هي ڪهڙو شهر آهي جتي ڪنهن هم شڪل انڊين يا پاڪستانيءَ جو دڪان نظر نٿو اچي. نه ته آفريڪا يا يورپ جو ڪهڙو شهر آهي جتي انڊين دڪاندار نه هجن .... خاص ڪري گجراتي ۽ سنڌي هندو. بوهريءَ دڪاندار ٻڌايو ته هو پاڪستاني سڏجي ٿو باقي موزمبق، نميبيا ۽ ائنگولا اهي آفريڪن ملڪ آهن جتي توهان کي ڪو انڊين دوا لاءِ به نه ملندو. جيڪي هئا اهي سڀ لڏي ويا.
”ڇو ڀلا؟“ اسان پڇيو.
”ان ڪري جو انهن ملڪن تي پورچوگال وارن جو راڄ آهي ۽ 1961ع کان جڏهن انڊيا پورچوگالين کان گوا (Goa) کسي ورتو آهي تڏهن کان، پورچوگالي انڊيا سان سخت ناراض آهن.“
گوا انڊيا جي سڀ کان ننڍي رياست آهي جنهن تي پورچوگالين جو 500 سال راڄ رهيو. 1947ع ۾ انڊيا کي خودمختياري ملڻ بعد به پورچوگالين گوا جو قبضو نه ڇڏيو ۽ گوا ۾ رهندڙن وٽ پورچوگال جو پاسپورٽ هو ۽ رٽائرڊ آفيسرن کي اڄ به پورچوگال کان پينشن اچي ٿي. انڊيا حڪومت پورچوگال وارن کي منٿ ميڙ ڪئي ته هاڻ هنن جي ڌرتيءَ جي پچر ڇڏي وڃي پر هنن صاف انڪار ڪيو. 19 ڊسمبر 1961ع تي انڊيا جي فوج ملٽري آپريشن ڪري گوا کي انڊيا ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ 1987ع ۾ گوا کي انڊيا جي 25 هين رياست قرار ڏنو ويو.
بوهري دڪاندار ٻڌايو ته هتي ڪو به انڊين دڪاندار نه آهي پر ڪجهه ڏينهن بعد اسان کي ٻه دڪاندار ملي ويا جيڪي ٻئي سنڌي هئا. هنن ٻڌايو ته هو شروع کان انڊين سڏرائڻ بدران سنڌي سڏرائين ٿا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ به سنڌي هندو رهن ٿا جتي پورچوگالين جو راڄ آهي. لارينزو مارڪس جي هڪ سنڌي دڪاندار جنهن جي دڪان جو نالو تاج محل يا شايد شالامار هو _ هن وقت چڱيءَ طرح ياد نه اٿم. باقي همراهه جو نالو يا ذات ته ان وقت به نه پڇي هيم جيتوڻيڪ هاڻ اڌ صدي گذرڻ بعد افسوس پيو ٿئي ته اهڙن ماڻهن جو جيڪي ورهاڱي کان به گهڻو اڳ سنڌ کان هنن ڏورانهن ڏيهن ۾ اچي رهيا انهن جو تفصيلي انٽرويو وٺجي ها. پر انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هئي انهن ڳالهين ۾ دلچسپي. بهرحال ان دڪاندار کان جڏهن پڇيم ته توهان جو سنڌ کان هتي اچڻ ڪڏهن ٿيو ته هن کلندي وراڻيو: ”اهي ڳالهيون نه ئي پڇو. اسان جي فئملي هن تر ۾ تمام آڳاٽي آهي. ائين کڻي سمجھو ته اسانجا وڏا ان وقت آيا جڏهن واسڪوڊا گاما ٻيو دفعو انڊيا مان ٿي موٽيو هو يا ٿي سگهي ٿو ان کان به اڳ جڏهن هتي فقط عرب، ايراني ۽ بلوچ آيا ٿي.“
بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي جو هنن کي هتي رهي به وڏو عرصو ٿي ويو هو جو اهو دڪاندار جيڪو مون کان اٺ ڏهه سال وڏو ٿي لڳو (آئون انهن ڏينهن ۾ 26 سالن جو هوس) ڀر واري شهر بيرا ۾ ڄائو هو ۽ سنڌيءَ کان بهتر پورچوگالي ٿي ڳالهائي. هن ٻڌايو ته هو ڪڏهن سنڌ نه ويو آهي البت هن جو ڏاڏو جيستائين جيئرو هو هر سال سنڌ جي شهر ڪوٽڙيءَ مان ٿي ايندو هو.
انهن ڏينهن ۾ اسان جو ملڪ آزاد ٿي چڪو هو ۽ 1947ع ۾ منهنجي عمر ٽي سال کن مس هئي سو اسان کي اهو احساس نه هو ته غلامي ڇا شيءِ ٿئي ٿي ۽ اسان جي ملڪ ۾ انگريزن پنهنجو پاڻ کي ڪيئن اتم ۽ اعليٰ ٿي سمجھيو. پر هتي موزمبق ۾ اچي پهريون دفعو ڏٺوسين ته ڪيئن يورپي (پورچوگالي) گورا پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو مالڪ سمجھن ٿا ۽ مقامي باشندا پنهنجي ڌرتيءَ تي ويڳاڻا ۽ نڌڻڪا رهن ٿا.
پورچوگالين جو موزمبق تي چار صديون راڄ رهيو. 1975ع ۾ مس مس هنن جان ڇڏي. اسان جو 1975 کان پوءِ به موزمبق ۾ اچڻ ٿيندو رهيو پر افسوس جو موزمبق جڏهن آزاد ٿيو ته مقامي ماڻهن پنهنجي ملڪ کي ٺاهڻ بدران ان جي ستيا ناس ڪري ڇڏي. سياستدانن، سرڪاري ڪامورن، فوجين، وڏيرن ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي. ڌارين حاڪمن يعني يورپين کي ته هونءَ به اسان جي ملڪن سان ڪهڙي همدردي! پر هتي هڪ ڳالهه جو اعتراف ڪندس ته تقريباً سڄي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي يورپين جو راڄ رهيو ۽ ڪنهن به ان کي پنهنجو ملڪ ڪري نه سمجھيو پر انهن ۾ وري به انگريز بهتر هئا. موزمبق بعد انڊونيشيا، ويٽنام، سينيگال جهڙن ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو جن تي ڊچن، فرينچن ۽ يورپين جو راڄ هو. انهن جي مقابلي ۾ اهي ملڪ جن تي انگريزن جو راڄ هو جيئن ته انڊيا، پاڪستان، ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ڪينيا، يوگنڊا، نائيجيريا، گھانا وغيره، انهن ۾ نهري نظام، ريلوي، پوسٽ آفيس، جوڊيشري، پوليس سسٽم، تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سان انگريزن اتي جي عوام لاءِ سُک ۽ سهوليت مهيا ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ خراب گورننس ڪري تعليمي ادارا توڙي ريلوي سسٽم خراب ٿي چڪا آهن. اهڙيءَ طرح اسان وٽ پوليس توڙي PWD جهڙن کاتن ۾ به سياستدانن جا سفارشي ۽ ڪرپٽ عملدار اچڻ ڪري تباهي مچي وئي آهي نه ته انگريزن جي دور جا تعليم گاهه توڙي ريلوي سسٽم انڊيا، ملائيشيا، سنگاپور ۽ ويندي ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ ته هلي ڏسو. ماڻهو يورپ مان انهن ملڪن ۾ اچي ريل جو سفر ڪن ٿا .... تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺن ٿا. عوام جي خدمت ڪندڙ پوليس ۽ تڪڙو انصاف پهچائيندڙ جوڊيشريءَ ڪري سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ يورپ جو ڏيک ڏين ٿا.
موزمبق قدرتي نظارن کان هڪ تمام سهڻو ملڪ آهي جتي اسان جي ملڪ جي اتراهن علائقن وانگر جبل نديون، ڍنڍون، جنگل آهن. ترڪيءَ جي ايراضيءَ جيڏي هن ملڪ جي ايراضي 310 هزار چورس ميل (اٽڪل 802 هزار چورس ڪلوميٽر) آهي. سندس ڏکڻ ۾ سوازي لئنڊ ۽ سائوٿ آفريڪا آهي ۽ اتر ۾ تنزانيا ۽ کاٻي پاسي اولهه ۾ زمبابوي، زئمبيا ۽ ملاوي آهن ۽ اوڀر ۾ هندي وڏو سمنڊ. ”زمبيزي“ ملڪ جي وڏي ندي آهي جيڪا ملڪ کي ٻن حصن اتر ۽ ڏکڻ ۾ ورهائي ٿي. موزمبق جي بلڪل سامهون هندي وڏي سمنڊ ۾ ’مئڊا گاسڪر‘ ٻيٽ آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ’ملاگاسي‘ سڏبو هو. ٻنهي ملڪن يعني موزمبق ۽ مئڊا گاسڪر جي وچ وارو سمنڊ ”موزمبق چئنل“ سڏجي ٿو. نالي ۾ ته چئنل آهي پر ڪافي ويڪرو آهي ۽ هڪ ڇيڙي کان ٻئي تائين اسان جي جهازن کي ٻه ڏينهن ٻه راتيون لڳيو وڃن ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هي چئنل يعني سامونڊي Passage اڪثر خراب ملي ٿو. طوفان ۽ جَھڪون هڪ طرف ته سمنڊ ۾ اٿل پٿل ۽ ڪُنون (Under Currents) ٻئي طرف. شروع جي سفرن ۾ مون کي ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ (جتي دنيا جا ٻه وڏا سمنڊ: هندي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ ٽڪرائڻ ڪري وڏيون ويرون اڀرن ٿيون) ايتري سي سڪنيس نه ٿيندي هئي جيتري هن موزمبق چئنل ۾.
موزمبق جي آفيشل ٻولي پورچوگالي آهي جيڪا اڌ کان وڌيڪَ آدمشماري ڳالهائي ٿي جيئن سنگاپور ۾ انگريزي آهي جتي عام طرح گهرن ۾ تامل، ملئي ۽ چيني ڳالهائي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح موزمبق ۾ گهرن ۽ گهٽين ۾ سواحلي، مکوا ۽ سينا ڳالهائي وڃي ٿي. آفريڪا ۾، خاص ڪري اوڀر وارن ملڪن ۾، سواحلي ٻولي تمام گهڻو هلي ٿي. ڪينيا، زئمبيا، تنزانيا يا يوگنڊا جا مقامي ماڻهو جڏهن هڪ ٻئي سان ملن ٿا ته هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه سواحلي ۾ ڪم ڪن ٿا. موزمبق ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعلق بنتو قبيلن سان آهي. ڪجهه عرب نسل جا به آهن. دراصل يورپ جا گورا ته بعد ۾ آيا، عرب ملڪن جا سوداگر صدين کان آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارن ملڪن جي بندرگاهن: ممباسا، دارالسلام، اوبيا، مغديشو، لامو، زنجبار، بيرا ۽ برتمولا تائين ايندا رهيا ٿي. انجڻ وارا جهاز (آگبوٽ) ته هاڻ سؤ سال کن اڳ کان شروع ٿيا آهن نه ته صدين کان، حضرت عمر رضه جي ڏينهن کان ته ڇا، اسلام کان به اڳ کان، جيڪي ڪاٺ جا ننڍا وڏا ٻيڙا هئا اهي ڪپڙي مان ٺهيل سڙهن تي هليا ٿي. اهي هوا جي زور تي هليا ٿي. سياري ۾ اتر کان لڳندڙ هوائن تي اهي سڙهن وارا جهاز عرب ملڪن کان هيٺ ڏکڻ طرف (ڪراچي، بمبئي، سري لنڪا ويندي ملائيشيا ۽ چين) طرف ويا ٿي ته ٻئي طرف آفريڪا جو ڪنارو وٺي مٿي بيان ڪيل آفريڪي بندرگاهن ۾ پهتا ٿي. اونهارو شروع ٿيڻ تي اهي واپس اتر طرف ويا ٿي جو چؤماسي جون هوائون ڏکڻ کان لڳن ٿيون. انهن کان علاوه مختلف مهينن ۾ مختلف طرفن کان جيڪي هوائون لڳنديون هيون، سياڻا ۽ تجربيڪار ملاح انهن جي مدد سان آفريڪا جي ڪناري کان انڊيا ڏي ۽ واپس ايندا ويندا رهيا ٿي. يعني اڄ جڏهن اسان کي فقط رستو ڳولهڻو پوي ٿو، ان وقت جي ناکئن (نيويگيٽرن) کي رستي سان گڏ هوائن جي ڄاڻ هجڻ پڻ ضروري هئي جو ان وقت جا جهاز سڙهن تي هلندا هئا. هوا نه لڳندي هئي ته هڪ هنڌ بيهي رهندا هئا يا سامونڊي ڇولين جي آڌار تي توائي ٿي ويندا هئا يعني هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي ويندا هئا. اهو ئي ته سبب آهي جو جڏهن يورپي ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي پهتا ته هنن اتي جي ملاحن کان هندوستان وڃڻ جو نه فقط طرف پڇيو پر هوائن جو رخ به معلوم ڪيو ٿي. سڀ کان پهريون يورپي واسڪوڊا گاما جڏهن ممباسا ۽ مليندي پهتو ته انڊيا وڃڻ لاءِ هن هڪ ڄاڻو ۽ تجربيڪار ناکئو، سونهين طور پاڻ سان کنيو جنهن نه فقط واسڪوڊا گاما جي جهازن کي هندوستان پهچڻ جو رستو ڏيکارڻ ۾ مدد ڪئي پر هنن کي هوائن بابت پڻ ٻڌائيندو هليو ته هاڻ هن پاسي هلو ۽ هوائن جو فائدو وٺڻ لاءِ سڙهن کي هن Angle تي رکو جيئن سفر جلد طئه ٿي وڃي. هو آفريڪي بندرگاهه مليندي ۽ ممباسا کان نڪتا ۽ 24 ڏينهن بعد انڊيا جي بندرگاهه ڪوچين پهچي ويا. هنن کي واپس ورڻ لاءِ موسم جو انتظار ڪرڻ کتو ٿي پر واسڪوڊا گاما جو مقامي راجائن سان ڦڏو ٿي پيو ۽ واسڪو صحيح هوا جي شروع ٿيڻ کان اڳ جان بچائڻ لاءِ وٺي ڀڳو ۽ کين آفريڪا جي کنڊ جي ڪناري تي پهچڻ ۾ هن ڀيري 24 ڏينهن بدران 132 ڏينهن لڳي ويا. کاڌي جي کوٽ ۽ پيدا ٿيندڙ بيمارين ڪري هنن جا ڪيترائي ملاح مري ويا.
جڏهن سڙهن تي ٻيڙا هلندا هئا تڏهن موسمن ۽ هوا جي رخ جي وڏي اهميت هئي جيڪا شاهه لطيف جي بيتن مان به ظاهر آهي ته سيارو ٿيڻ تي ۽ اتر جون هوائون لڳڻ تي ملاحن ڏکڻ طرف يعني ممبئي ۽ سلون (سري لنڪا) ڏي روانو ٿيڻ شروع ڪيو ٿي.
”لڳي اتر هير، سامونڊين سڙهه سنباهيا
ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير
هينئڙي نت اڪير، کاري کيڙائن جي“
يا وري
”وڻجاري ڪانڌاءُ، مون ور ويٺي گھاريو
لڳي اتر واءُ، ڍوليو هلڻ جي ڪري
بهرحال اسان وٽ اڳئين زماني ۾ جڏهن اڃان انجڻ وارا جهاز ايجاد نه ٿيا هئا ۽ اسانجا ٻيڙا سڙهن (Sails) وارا هئا ته ان وقت سفر جو ٽرينڊ اهو ئي هو ته سياري جون اتراهون هوائون لڳڻ سان سنڌ کان ٻيڙا ڏکڻ طرف سلون (لنڪا) ڏي ويندا هئا ۽ پوءِ اتي ٽي چار مهينا بيٺا هوندا هئا ۽ اونهاري جو انتظار ڪندا هئا. جيئن ئي ”مان سون“ شروع ٿيندي هئي يعني ڏکڻ طرف کان چؤماسيءَ جون هوائون لڳنديون هيون ته سنڌي سوداگر ۽ ملاح اُتر طرف ديبل ڏي ۽ عرب گلف ڏي ڀڄڻ شروع ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ٽيليفون يا وائرليس سسٽم ته هو ئي ڪونه جو هوم پورٽ ۾ جهاز جي پهچ (Arrival) جو اطلاع پهچي. سامان جا مالڪ ۽ ملاحن جون زالون موسم ۽ هوا جي رخ مان Idea لڳائينديون هيون ته هاڻ انهن جا ور Homeward جرني لاءِ نڪتا هوندا .... جيئن شاهه لطيف فرمائي ٿو:
”کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا
سودو ڪن سون جو، وڏا وهائو
موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا“
پاڻ آفريڪا جي ملڪ موزمبق جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جتي پورچوگالين جي پهچڻ کان اڳ عرب واپارين جو اثر رسوخ هو .... بلڪه هن ملڪ جو نالو موزمبق به هڪ عرب سوداگر موسيٰ البق يا شايد ”موسيٰ بن م بقي“ جي نالي تان پيو جيڪو هتي آيل پهريون واپاري هو ۽ هتي اچي رهي پيو. هيءَ يارهين صديءَ جي ڳالهه آهي. ان بعد عرب دنيا کان ٻيا به واپاري ـــــ خاص ڪري يمن کان، پهرين ممباسا، دارالسلام ۽ زنجبار آيا ٿي ان بعد تنزانيا ۽ موزمبق تائين پهچي ويا ٿي. اهڙيءَ طرح هن پاسي انهن عرب واپارين ذريعي اسلام پکڙيو. اڄ موزمبق جو مذهب عيسائيت آهي پر ملڪ جا 20 سيڪڙو ماڻهو مسلمان آهن. جن ۾ گهڻا شافعي مڪتبِ فڪر جا سُني آهن. انهن کان علاوه اسماعيلي اهل شيعه پڻ آهن. مسلمانن ۾ ڪجهه مقامي باشندا به آهن نه ته گهڻا تڻا اهي آهن جيڪي عرب ملڪن، اتر آفريڪا جي ملڪن (لبيا، الجيريا، تيونس، موراڪو، مصر) ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن کان لڏي هتي آيا.