مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪَ ڳالهيون
• پهريون يورپي جيڪو ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ وارو سمنڊ ڪراس ڪري انڊيا پهتو اهو پورچوگالي واسڪوڊاگاما هو. هو پاڻ سان چار جهاز ساڻ ڪري نڪتو هو. واٽ تي ٻه جهاز ٻڏي ويا پر هو باقي ٻه جهاز مصالحي سان ڀرائي پورچوگال پهچي ويو. ان مصالحي مان هنن پنهنجي سڄي سفر ۽ ٻڏل جهاز جي خرچ کان 60 دفعا وڌيڪَ ڪمايو.
• انهن ڏينهن ۾ هڪ پائونڊ (يعني اڌ ڪلو) ادرڪ (سنڍ) جي قيمت هڪ رڍ برابر هئي. هڪ پائونڊ جاوتريءَ جو ٽن رڍن يا اڌ ڍڳيءَ برابر هو. ڪارا مرچ سڀ ۾ مهانگا هئا. اهي تور بدران، انهن جا داڻا ڳڻي وڪيا ويا ٿي.
• واسڪوڊاگاما جي انڊيا پهچڻ بعد يورپ ڏي مصالحو اچڻ وڌي ويو. ڪيترا سال ته هن سامونڊي رستن تي فقط پورچوگالين جو قبصو هو پوءِ يورپ جي ٻين قومن به اهي رستا ڳولي ورتا. ڊچن کي پورچوگالين انِڊيا ڏي يا انڊيا وٽان لنگهڻ نٿي ڏنو پر پوءِ هنن ماڳهين جاوا (جتي بانڊا ۽ مالوڪو (Maluku) جهڙا مصالحو پيدا ڪرڻ وارا ٻيٽ آهن، جيڪي سڏجن ئي مصالحي وارا ٻيٽ (Spice Islands) ٿا) اتي پهچڻ لاءِ ڊچن ڪيپ آف گڊ هوپ کان سڌو اوڀر ڏي رستو اختيار ڪيو ۽ انڊيا ڏي وڃڻ بنا سڌو ملايا ۽ انڊونيشيا پهچي ويا ٿي.
• مصالحن وارن ٻيٽن ۽ انهن تائين پهچڻ وارن سامونڊي رستن تي اختيار قائم ڪرڻ لاءِ، جيئن فقط سندن ڪمائي ٿئي ۽ ٻيا بک مرن، يورپي ملڪ ـــ خاص ڪري پورچوگال، اسپين، فرانس، هالنڊ ۽ برطانيا پاڻ ۾ ٽن صدين تائين خوني لڙائيون وڙهندا رهيا.
• سن 1000ع تائين عربن جو سنڌو ماٿريءَ تي قبضو ٿي چڪو هو. عربن پاڻ سان سعودي عرب، عراق، شام، کان جيڪي مصالحا انڊيا ۾ آندا انهن ۾ سڪا ڌاڻا (Coriander) ۽ جِيرو (Cumin) آندو جيڪو انڊيا ۾ ٿيندڙ ڪارين مِرين (مرچن)، سنڍ (ادرڪ) ۽ هئڊ (Turmeric)سان ملائي جيڪو مڪس مصالحو ٺاهيو ويو ٿي اهو آهستي آهستي نه فقط سڄي انڊيا (هند سنڌ) ۾ پر سڄي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن: سيام (اڄ واري ٿائلنڊ)، ملايا (اڄ وارو اولهه ملائيشيا)، انڊونيشيا کان ويٽنام، ڪمبوڊيا، برما، سريلنڪا ۾ مشهور ٿي ويو. صدين بعد جڏهن انگريز جهازرانن انڊيا اچڻ شروع ڪيو ته هنن هن مصالحي کي ”ڪَري پائوڊر“ جي نالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور ڪرايو.
• عرب سوداگرن انڊونيشيا توڙي ٻين ايشيائي ملڪن ۾ ٿيندڙ مصالحو انڊيا مان ئي خريد ڪيو ٿي. انڊيا جي واپارين دلال (مڊل مئن) جو ڪم ڪيو ٿي. انڊيا وارن جو ٻن صدين کان جاوا ٻيٽن تي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي جتي بانڊا ۽ مالوڪو جهڙن ٻيٽن تي ته رڳو مصالحو ٿيو ٿي. هاڻ پنجاهه سٺ سالن کان اسان وٽ سنڌ جي وڏن دڪانن تي هر قسم جو مصالحو ملڻ شروع ٿيو آهي نه ته سٺ واري ڏهي ۾ به اسان چٽگانگ (بنگلاديش) ۽ ڪولمبو (سلون) کان موٽندا هئاسين ته اتان سوپاريون ۽ مصالحا وٺي ايندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ اسان وٽ گهرن ۾ رڌ پچاءَ ۾ لوڻ، مرچ، هئڊ ۽ ڪارين مرين جوئي استعمال ٿيندو هو. جئڦل ۽ جاوتري جهڙا نالا ته مون ٻڌا ئي نه هئا. ڪولمبو ۾ رهندڙ هڪ هندو فئملي جڏهن مونکي زبردستي وٺرايا ۽ ڳوٺ کڻي آيس ته منهنجي ڏاڏيءَ کي به سمجهه نه آيو ته انهن جو ٻوڙ ۾ استعمال ڪيئن ٿو ٿئي. اهڙين شين جا نالا اسان هالا ۾ فقط ٻن پسارين: عبدالعزيز انصاري ۽ ايسرداس جي دڪانن تي ٻڌا ٿي.
بهرحال سنڌ جا هندو واپاري جن جو واپار خاطر صدين کان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي اهي البت جاوا ۽ سماترا (اڄ جي انڊونيشيا) ڏي به ويندا رهيا ٿي ۽ هنن جي اتان آندل مال تي تمام وڏي ڪمائي هئي جو جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته صدين تائين مصالحو سون کان به مهانگو وڪاميو ويو ٿي. جاوا ويندڙ مصالحي جا واپاري نه فقط عرب، گجراتي، پورچوگالي، ڊچ ۽ انگريز خوش حال رهيا ٿي پر سنڌ جا سنڌي واپاري پڻ. تڏهن ته شاهه لطيف کي چوڻو پيو:
سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا
ڪري وڻج واپار، سي سگهو ٿيا ساوا
• انڊيا جي مالابار ڪناري تي خاص ڪري ڪوچين وغيره ۾ ڪافي مصالحو ٿيو ٿي پر ملايا (ملائيشيا) ۽ انڊونيشيا جا ٻيٽ جاوا سماتر وغيره ڄڻ ته مصالحن جا گهر هئا. ايتريقدر جو جاوا جي ڀر وارا بانڊا (Banda) ٻيٽ ۽ مالوڪو (Maluku) ٻيٽ ته صدين کان ”مصالحي وارا ٻيٽ“ (Spice Islands) سڏجن ٿا. عربن جو هند سنڌ ۽ سلون جي بندرگاهن ۾ ته صدين کان اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي جو انهن ڏينهن ۾ جهازراني ”ڪناري راني“ هوندي هئي يعني تارن رستي سمنڊ تي واٽ ڳولڻ جي ڪا گهڻي ڄاڻ نه هئي ۽ نه وري اٿاهه سمنڊ جي وِيَٽ ۽ ماپ جي. لاري بندر يا ديبل بندر کان نڪتل ٻيڙا اٿاهه سمنڊ ۾ وڃڻ بدران ڪڇ، گجرات جو ڪنارو ڏيندا، مالابار ڪناري تي پهتا ٿي جتان پوءِ سلون پهتا ٿي. سڙهن وارا ٻيڙا هئا جيڪي هوا جي زور تي هليا ٿي، مٿيون سفر يعني سنڌ کان سري لنڪا جو يا عرب ۽ ايراني بندرگاهن کان سنڌ ۽ سلون جو يعني اتر کان ڏکڻ طرف وڃڻ جو هميشه سياري جون اتراهون هوائون لڳڻ سان يڪدم شروع ڪيو ويو ٿي. اتر جي پهرين هير لڳڻ سان ناکئا وٺ وٺان ۾ اچي ويندا هئا. هو مائٽ مٽ، نيون شادي شده ونيون، عيد براتون ڇڏي ڏکڻ طرف سفر جو سانباهو ڪندا هئا. بقول شاهه لطيف جي:
”لڳي اتر هيرَ، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير.“
تن ڏينهن ۾ سنڌ جا رهاڪو هندو ۽ ٻوڌي هئا. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي سٺا سامونڊي هئا .... سٺا ناکئا هئا .... جن جو واپار کان علاوه قذاقي (سامونڊي ڦرن) ۾ به وڏو نالو هو. عرب به سٺا جهازران هئا ۽ انڊيا مان انڊونيشيا جو مصالحو خريد ڪري مصر جي شهر ۽ بندرگاهه سڪندريا ۾ اچي بازار لڳائي ٿي جتان پوءِ رومن (انهن ڏينهن ۾ ترڪي تي رومن جي حڪومت هئي) اهي خريد ڪري اٽلي جي وينس ۽ جينوا شهرن ۾ وڪرو ڪندا هئا جتان پوءِ سڄي يورپ ۾ هي وکر (مصالحا) جيڪو سون ۽ قيمتي پٿرن کان مهانگو هو، پهتو ٿي. انڊيا جي رهاڪُن، عربن ۽ وينس جي يورپين ان مان خوب ڪمايو ٿي.
• ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عرب سٺا ماهر فلڪيات رهيا آهن يعني هو تارن جي علم Astronomy ۾ هوشيار هئا. هنن جلد ان بابت سوچيو ته تارن جي چرپر، اڀرڻ لهڻ ۽ ٻي معلومات ذريعي هو سمنڊن تي رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪن. ۽ هو ان ۾ بلڪل ڪامياب رهيا. هنن جي تارن بابت ڄاڻ اڄ به يورپ جي جهازرانيءَ جي اسڪولن ۾ پڙهائي وڃي ٿي. هو ان زماني ۾ تارن جي ڄاڻ مان فائدو وٺي اڄ واري انڊونيشيا ۽ ملائيشيا پهچي ويا جتي جا ٻيٽ مصالحن کان مشهور هئا. هاڻ هو انڊيا مان فقط انڊيا جو مصالحو وٺڻ لڳا باقي ٻيو مصالحو انڊونيشيا پهچي اتي جي ٻيٽن بانڊا ۽ ملوڪو تان خريد ڪرڻ لڳا ۽ پهرين کان به وڌيڪَ فائدو حاصل ڪرڻ لڳا. هوڏانهن قسطنطنيه، سڪندريا، ۽ ويانا ۾ ويٺل عيسائي جن اڳتي يورپ جي ملڪن ۾ سپلاءِ ڪيو ٿي، اهي به فائدو وٺندا رهيا. يورپين لاءِ مصالحو ان ڪري ضروري هو جو هڪ ته انهن ڏينهن ۾ اليڪٽرسٽي ۽ ريفريجريشن نه هئي ۽ ٻيو ته هائجن جو معيار به ڪو ايترو بهتر نه هو. سو گوشت کي بئڪٽيريا کان بچائڻ لاءِ ۽ گوشت ۾ خوشبوءِ ۽ سواد پئدا ڪرڻ لاءِ مصالحن جي ڊمانڊ تمام گهڻي هئي. مختلف مصالحا خوشبوءِ طور به استعمال ٿيا ٿي جيئن ته ڦوٽا (الائچي)، لونگ وغيره. ڪجهه مصالحا دوائن ۽ معجونن ڪُشتن ۾ به استعمال ٿيا ٿي.
• يورپي درويش گهر ويٺي مهانگو مصالحو حاصل ڪري، سڄي زندگي خوش ويٺا هجن ها ۽ اسان ڏي اچڻ جو رخ ئي نه ڪن ها. پر پوءِ ڇا ٿيو جو 1453 ۾ ”قسطنطنيه“ عثمانيا سلطنت جي قبضي ۾ اچي ويو. هاڻ آيل مصالحي تي ٽئڪس هڻڻ وارا رومن عيسائي نه پر ترڪ مسلمان حاڪم ٿي ويا. هنن هڪ هٽيءَ مان فائدو وٺي مصالحي تي ايڏو کڻي ٽئڪس هنيو جو يورپين جون وايون بتال ٿي ويون. هو سوچڻ لڳا ته مسلمانن کي ٽئڪس ڏيڻ بدران ۽ مصالحي جو اگهه گهٽائڻ لاءِ ڪو سامونڊي رستو ڳولڻ کپي جنهن ذريعي سڌو انڊيا ۽ انڊونيشيا پهچي مصالحو آڻجي.
يورپي سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ جون راهون ڳوليندا رهيا. هر يورپي ملڪ پنهنجا سٺا سٺا جهازران، نون نون جهازن ۾ ڏکڻ طرف موڪليندا رهيا جو هنن کي ايتري idea ٿي وئي هئي ته آفريڪا کنڊ جي ختم ٿيڻ بعد ئي انڊيا اچي ٿي. جهاز ٻڏندا رهيا جهازران مرندا رهيا پر هر ملڪ پنهنجي ڪوشش قائم رکي. 1488 ۾ اهو ڪارنامو ٿيو جو پورچوگالي ناکئو برتولومو (Bartolomeu Dias) آفريڪا کنڊ جي هيٺين tip (کاڏيءَ) تائين پهچي موٽي آيو. هو طوفانن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ اڳيان وڌڻ بدران موٽي آيو. 1492 ۾ اسپين جي بادشاهه طرفان موڪليل اطالوي ناکئو ڪراسٽافر ڪولمبس انڊيا جي ڳولا ۾ هڪ نئين دنيا ”آمريڪا“ ڳولي آيو. ان بعد پوءِ 1497 ۾ واسڪوڊاگاما جيڪو پڻ پورچوگالي هو اهو آفريڪا جي ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ سمنڊ اُڪري انڊيا تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوءِ ته پورچوگالي جهازن جي انڊيا ڏي قطار لڳي وئي ۽ مصالحي جي واپار تي پورچوگالين جو قبضو ٿي ويو. نه فقط مصالحي تي پر موزمبق، گوا، ملاڪا جهڙن ملڪن تي پڻ قبضو ڪري ويهي رهيا.