سون کان قيمتي مال !
دنيا جي ٻئي پاسي يعني هندي وڏي سمنڊ ۾ عرب، ايراني ۽ انڊين ناکئا پنهنجن جهازن کي ننڍي کنڊ جي چوڌاري يا آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهن: ممباسا، ميلندي، دارالسلام، زنجبار وغيره تائين وٺي آيا ويا ٿي. اهي به آفريڪا جو ڪنارو وٺي آخري ڇيڙي تائين هيٺ نٿي ويا جتي ڪيپ آف گڊ هوپ وارو خطرناڪ سمنڊ آهي. البت اڳتي وڌڻ جي ڪوششن ۾ هر سال ڪئين جهاز ٻڏندا رهيا ٿي. ائين ناهي ته ڪو انڊيا ۽ آفريڪا جي رهاڪن کي خبر نه هئي ته يورپ به آهي ۽ ساڳي وقت يورپ وارن کي به خبر هئي ته انڊيا، چين ۽ جپان به آهن ڇو جو هو باءِ روڊ تي هڪ ٻئي وٽ آيا ويا پئي. جنهن جي خبر 200 سال اڳ مارڪو پولو ڪري چڪو هو. سو انهن ملڪن جو خشڪي رستي واپار وڙو ته هليو پئي. هندي سمنڊ وارن بندرگاهن کان سامان ڳاڙهي سمنڊ تائين آيو ٿي جتان پوءِ عربستان، ايران، مصر، ترڪي مان باءِ روڊ هلي اٽلي پهتو ٿو جتان پوءِ وينس بندرگاهه يا ٻين بندرگاهن کان يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پهتو ٿي. اهڙيءَ ريت ڪا به شيءِ انڊيا يا چين کان فرانس جرمني يا پورچوگال وغيره پهتي ٿي ته رستي تي ڪيترن ئي هنڌن تي ٽئڪس ۽ ڀتا ڏيڻ ڪري منزل تي مهانگي اگهه ۾ وڪامي ٿي. ان ڪري يورپ وارن کي سخت آنڌ مانڌ لڳي رهي ٿي ته ڪنهن به طرح سمنڊ ذّريعي انڊيا ۽ ان پاسي جي ملڪن ملايا، انڊونيشيا (ايسٽ انڊيز) وغيره جو رستو ڳولي وٺجي جيئن هو سنئون سڌو اتي پهچي سودو خريد ڪري سگهن.
ڪيترن پڙهندڙن کي شايد اها ڄاڻ نه هجي ته اها ڪهڙي شيءِ هئي جيڪا خريد ڪرڻ لاءِ سڄي يورپ جا ماڻهو ايڏو پريشان هئا. نه فقط عام ماڻهو پر يورپ جي ملڪن جون حڪومتون، بادشاهه ۽ راڻيون ان شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ انڊيا تائين سامونڊي رستو ڳولڻ جا خواب ڏسي رهيون هيون. مختلف يورپي ملڪن جي وڏن واپارين گڏجي، يا ڪجهه ملڪن جي بادشاهن پنهنجي خزاني مان وڏو پئسو ڪڍي وڏا وڏا جهاز ٺهرائي ملڪ ملڪ جي بهترين ناکئن جي حوالي ڪيا ٿي ته وڃو، سامونڊي لهرن ۽ ڪُنن سان مقابلو ڪري انڊيا جو رستو ڳوليو ۽ جهازن کي سامان سان ڀري اچو.
سوال آهي ته اهو ڪهڙو سامان هو جنهن ۾ اسان جا ايشيائي ملڪ مالا مال هئا ۽ يورپي ماڻهو ان لاءِ ايڏو چريا هئا جو هو سالن تائين بلڪه صدين تائين پئسو خرچ ڪندا رهيا، پنهنجا ماڻهو ۽ جهاز ٻوڙائيندا رهيا. ڇا اهو مال سون ۽ چاندي هو يا ان کان به وڌيڪ قيمتي؟ اهو سامان، اها شيءِ، ان وقت، سون ۽ چانديءَ کان به مهانگي هئي. اڄ جو ماڻهو ان تي يقين نه ڪندو پر اها حقيقت آهي ته صدين تائين انڊيا ۽ ايسٽ انڊيز ۾ پيدا ٿيندڙ مصالحو سون کان به مهانگو وڪاميو ٿي _ خاص ڪري ڪارا مرچ (Peppers) جنهن کي سنڌ ۾ ”مِريون“ به سڏين، جاوتري (Mace)، لونگ (Cloves)، جائڦل Nutmeg، دار چيني (Cinnamon) ۽ ڦوٽا جنهن کي الائچي به سڏجي ٿو (Cardamom) جهڙن مصالحن لاءِ ته يورپ جا امير امرا چريا هئا. اهي مصالحا هندستان جي مالابار ڪناري وارن شهرن ۽ انڊونيشيا جي جاوا ۽ ٻين ٻيٽن کان ٻيڙين ذريعي ۽ پوءِ خچرن، گڏهن ۽ اٺن ذريعي افغانستان، ايران، ترڪي جي رڻ پٽن ۽ جابلو علائقن مان ٿيندا جڏهن وينس (اٽلي) پهتا ٿي ۽ اتان پوءِ لسبن، لنڊن، پئرس، بارسلونا ۽ ٻين يورپي شهرن جي سوداگرن تائين پهتا ٿي ته انهن جي اگهن آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪيون. ائين ته يورپي ماڻهو لوڻ، هئڊ، هنگ، گدامڙي، ادرڪ، ٿوم، ڪمال پٽ، اجوين جهڙين شين لاءِ به ديوانا هئا. آئون اڄ به اهو سوچيندو آهيان ته ڇا مصالحي جهڙي شيءِ جيڪا کاڌي ۾ خوشبو يا سواد پئدا ڪري ٿي ايڏي مهانگي ٿي سگهي ٿي! پر پوءِ زعفران (Saffron) جنهن کي ’ڪيسر‘ به سڏجي ٿو ان جو ٿو سوچيان ته اڄ هيترين قسمن جون ساسون ۽ خوشبوئون ايجاد ٿيڻ جي باوجود زعفران ڪيڏي مهانگي آهي! آئون ته جڏهن به ايران يا اسپين ويس ٿي ته منهنجن دوستن فقط ان جي ئي فرمائش ڪئي ٿي.
پراڻي وقت ۾، يورپ ۾ جڏهن ڪارن مرچن جو اگهه سون برابر هو ته جائڦل (Nutmeg) مصالحو سون کان به مهانگو هو. ويندي سورهين صديءَ ۾ به مصالحي جو ايڏو مانُ هو جو لنڊن جي بندرگاهه۾ ڌڪي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي بونس ۾ پئسن بدران لونگ مليا ٿي. 410 ۾ جڏهن وسيگاٿ (Visigoths) وارن روم فتح ڪيو ته هنن رومين کان ڀُنگ خاطر ٽي هزار پائونڊ (يعني ڏيڍ هزار سير) ڪارن مرچن جي گهر ڪئي. رومن سپاهين کي ڪڏهن ڪڏهن پئسن بدران پگهار ۾ لوڻ ملندو هو. عباسي سلطنت کي جائڦل ۽ دار چيني جهڙن مصالحن جي وڪري امير بنايو. هو انڊيا کان آيل اهو مصالحو بصري ۽ بغداد مان گهرائي وڏي اگهه تي قسطنطنيه ۽ اٽلي جي شهرن وينس ۽ جينوا ڏي روانو ڪندا هئا.
راميسس دوم مصر جو فرعون جنهن 1279 ق.م کان 1212 تائين حڪومت ڪئي ان جي مميءَ (ميڻ ۾ ڍَڪيل جسم) جو جڏهن جائزو ورتو ويو ته هن جي ناسن (نڪ جي سوراخن) ۾ ڪارن مرچن جي ٻوٽي جا پن مليا جنهن جي ول انڊيا جي مالابار ڪناري تي پوکي وڃي ٿي. ان مان لڳي ٿو ته ان وقت به مصالحو انڊيا کان مصر تائين پهتو ٿي.
مصالحو نه فقط کاڌن ۾ پر دوائن، شهوتي طاقت وڌائڻ لاءِ معجونن ۽ خاڪن ۾ ۽ دفن ڪفن جي رسمن ۾ به استعمال ٿيندو اچي. مصالحن جي تاريخ ايتري ئي آڳاٽي لڳي ٿي جيتري انسان ذات جي. مصالحي خاطر دنيا ۾ جنگيون لڳيون، سلطنتون ٺهيون ۽ ڊهيون، ويندي نوان ملڪ ايجاد ٿيا. مصالحي جي لوڙ نه هجي ها ته ڪرسٽافر ڪولمبس ڪو گهران نڪري ها. هو ته مصالحي خاطر انڊيا ڏي روانو ٿيو ته رستو ڀلجي آمريڪا کان وڃي نڪتو.
چون ٿا ته آڳاٽي وقت کان، گهٽ ۾ گهٽ 3500 ق.م مصر جي ماڻهن مختلف مصالحن کي رڌ پچاءَ، خوشبوءِ، سينگار ۽ مُردن کي ليپو (Embalming) ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ٿي. ان بعد مصالحي جو استعمال وچ اوڀر ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ جي آسپاس وارن ملڪن ۾ عام ٿيو. اٽڪل 5000 سال عربن جو هن واپار تي قبضو رهيو. پوءِ جڏهن يورپين انڊيا تائين پهچڻ جو سامونڊي رستو ڳوليو ته بازي بدلجي وئي. مصالحي جو واپار پورچوگالين ۽ ٻين يورپين جي هٿ ۾ اچي ويو.