الطاف شيخ ڪارنر

تاريخ جو سفر

الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهاز ران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
  • 4.5/5.0
  • 3276
  • 1211
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تاريخ جو سفر

وچ ايشيا جو سفر

[b]• اسانجي ۽ مغرب جي ٽوئرسٽ ۾ فرق.....
[/b]ملائيشيا جي شهر ملاڪا جي مئرين اڪيڊمي جتي مون کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي ملڪن جي جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن پڙهايو ٿي اتي آفيس جي ڪمن لاءِ مڪاني ملئي ڇوڪريون رکيل هيون. هڪ دفعي انهن مان ڏهاڪو کن ڇوڪريون گروپ ٺاهي هفتي کن لاءِ آذر بائيجان جي شهر باڪوءَ ۾ موڪلون گذارڻ ويون. انهن ۾ اسان جي مئرين ڊپارٽمينٽ جي ٽائپسٽ ”چڪ (Cik) زهره“ ۽ اسٽوڊنٽس ڪوآرڊينيٽر ”پُئان (Puan) سيتي فاطمه“ به هيون. هيڏانهن ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي پاسي ويندي ڏکڻ ٿائلينڊ ۾، ڪنواري ڇوڪريءَ کي ”چِڪ“ يعني مِس سڏين ۽ شادي شده يعني مسز کي ”پئان“. ملئي رومن لکڻيءَ ۾ ”چ“ جي اچار لاءِ انگريزيءَ جو اکر (C) استعمال ٿئي ٿو جيئن اسان وٽ (C H) ٿئي ٿو.
مون کي به آخري ڏينهن ۾ خبر پئي ته هو باڪو وڃي رهيون آهن جنهن لاءِ هو نوان نوان چمپل ۽ باجو ڪرونگ (ملئي ڊريس جنهن ۾ مٿي بلائوز جهڙو چولو ٿئي ٿو ۽ هيٺ گوڏ جهڙو اسڪرٽ) ٺهرائي رهيون آهن. مون خبردار ڪيومان ته ”اتي جي موسم ڪا ملائيشيا جهڙي ناهي جتي ٻارهوئي گرمي ۽ مينهن لڳو پيو هجي. آذر بائيجان ايران کان به مٿي اتر ۾ آهي جتي مارچ جي مهيني ۾ جنهن ۾ هو وڃي رهيون هيون، سخت سيءُ هوندو. انهن ملئي سرونگن (گوڏين/ اسڪرٽن) بدران پتلونون ۽ هڪ اڌ سوئيٽر يا جئڪيٽ کڻي وڃو.“
ملائيشيا جا ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نه نڪتا آهن انهن کي اهو احساس ئي ڪونهي ته سيءُ ڇا ٿو ٿئي. جيئن سئيڊن، ناروي پاسي جي ماڻهن کي گرميءَ جو احساس ناهي ـــ ايتري قدر جو اتي جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي، جن جو ڪڏهنايشيا يا آفريڪا ته پري جي ڳالهه آهي پر ڏکڻ يورپ جي اٽلي، اسپين، يونان ۽ البانيا جهڙن ملڪن ۾ به وڃڻ نه ٿيو آهي انهن ڪڏهن ايئرڪنڊيشن يا اليڪٽرڪ جو پنکو (Fan) به نه ڏٺو آهي. ظاهر آهي انهن جو اونهارو به ٿڌو ٿئي ٿو. ايتري قدر جو بسين ۾ شيشي جون دريون ته ضرور ٿين پر کلڻ بدران سِيل ٿن. اهڙي طرح ڪيترن ملئي ماڻهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن سئيٽر يا ڪوٽ نه پاتو هوندو. ملائيشيا ۾ گرم ڪپڙن جا دڪان ئي ناهن. ڪئالالمپور ۾ هڪ آڳاٽو دڪان انگريزن جي ڏينهن کان هو ۽ ان بعد هاڻ ٻيو کليو آهي. انهندڪانن تي ڪنهن ملئي ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي چڙهندو ڏسو ته سمجهي وڃجو ته هو اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ، آسٽريليا يا نيوزيلينڊ ڏي پيو وڃي.
موڪلن بعد جڏهن اڪيڊمي کلي ته ملئي ڇوڪرين جي چهرن ۽ ڳالهين مان لڳو ته هو خوب Enjoy ڪري آيون آهن. ڇا باڪوءَ جي ٿڌڪار واري موسم، ڇا اتي جا نظارا، اتي جي بندرگاهه ۾ ايندڙ ويندڙ جهاز ۽ فيريون..... ۽ انهن مان لهندڙ ايراني، روسي، ترڪمنستاني، قزاقستاني ۽ مڪاني آذربائيجاني سهڻا ماڻهو سهڻن وڳن ۾.... ۽ باڪو شهر ۾ دنيا جا ٽوئرسٽ ڏسي هي ڇوڪريون واقعي موهجي ويل ٿي لڳيون.
چانهه جي وقفي ۾ آئون انڊيا جي سک ڪئپٽن تيجپال سنگهه سان ويٺو هوس ته پئان سيتي فاطمه مون کي مختلف جهازن تان آيل آفيسرن جي ٽائيپ ٿيل لسٽ اچي ڏني جن مئرين انجنيئرنگ جا مختلف ڪورس ڪرڻ لاءِ بڪنگ ڪرائي هئي. مون کائنس باڪوءَ جو پڇيو.
”انچڪ الطاف! ڏاڍو مزو آيو. توهان ته ضرور ڏٺو هوندو“، هن چيو.
ملئي زبان ۾ جناب يا محترم لاءِ ”اِنچڪ“ لفظ استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزيءَ ۾ ”مسٽر“ ۽ جپانيءَ ۾ سان (San).
”جي ها، فاطمه“، مون مرڪندي وراڻيو پر هن کي اهو لڳو ڄڻ هن اهو سوال مون کان ڪري غلطي ڪئي هجي.... هوءَ يڪدم ملئي ٻوليءَ ۾ ”معافڪن معافڪن“ (ساري! ساري!) چئي، انگريزيءَ ۾ چيو: ”ڏس ته صحيح مسٽر الطاف! آئون اهو سوال ڪنهن کان ته ڪري رهي آهيان. توهان جو جهاز ته باڪوءَ ۾ خبر ناهي ڪيترا دفعا ويو هوندو“.
”هڪ دفعو به نه،“ مون وراڻيو مانس، ”سوال ئي نٿو پيدا ٿئي جو اسانجي ملڪ جو ڪو جهاز آذربائيجان جي بندرگاهه باڪو ۾ داخل ٿي سگهي“.
”پر مون ٻڌو آهي ته اسان جي ملڪ جي جهازن يا ماڻهن کي فقط اسرائيل جي بندرگاهن ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي. باڪو ته هڪ مسلمان ملڪ جو بندرگاهه آهي“. پئان سيتي فاطمه چيو.
”توکي خبر آهي ته ايمرجنسيءَ ۾ اسان بمبئي ته ڇا پر اسرائيل جي بندرگاهن: حائفان، ايلات ۽ اشدود ۾ به جهاز کي وٺي وڃي سگهون ٿا پر باڪو بندرگاهه ۾ پهچڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي“.
منهنجي ڳالهه کي هن ڪجهه ڪجهه چرچو سمجهي هوءَ ڪئپٽن تيجپال سنگهه ڏي ڏسڻ لڳي. تيجپال جيڪو شروع کان اسان جي گفتگو ٻڌي مرڪي رهيو هو تنهن سيتي فاطمه جي اکين ذريعي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو: ”فاطمه الطاف سچ ٿو چوي.... الطاف ته ڇا پر آئون يا ٻيا تنهنجا اڌ درجن مختلف ملڪن جا ڪئپٽن جيڪي هتي پڙهائين ٿا ۽ جيڪي ويهه ويهه سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي پنهنجا جهاز هلائي هتي پهتا آهن انهن مان به ڪو جپان، ڪوريا يا انگلينڊ ۽ آمريڪا جي بندرگاهن کان جهاز کي باڪو نٿو پهچائي سگهي“.
فاطمه وائڙي ٿي وئي، پر يڪدم عقل کان ڪم وٺي چيو: ”توهان چئو ٿا ته باڪو ۾ دنيا جو ڪو به جهاز نٿو پهچي سگهي پر مون ڏٺو ته باڪوءَ جو بندرگاهه جهازن ۽ ٻيڙين سان ڀريو پيو هو. هڪ دفعي ته اسان جي اڳيان هڪ پئسينجر فيري (جهاز) باڪو آيل ٽوئرسٽن کي کڻي قزاقستان ملڪ جي بندرگاهه آق تائو (Aktau) وڃي رهيو هو ۽ هڪ مال بردار جهاز ايران جي بندرگاهه راشت (Rasht) کان به آيو هو، مسٽر الطاف!“.
”بلڪل صحيح ٿي چوين پر“، مون پاران منهنجي ساٿي پروفيسر ڪئپٽن تيجپال سنگهه کيس جواب ڏنو، ”تون اتي هجڻ دوران بندرگاهه يا ڪنهن جهازران ڪمپنيءَ کان پڇين ها ته اتان ڪو جهاز ملائيشيا، انڊونيشيا يا پاڪستان ۽ هندوستان به وڃي ٿو؟ يا ايران جي بندرگاهه راشت ڏي ويندڙ جهاز وارن کان اهو پڇين ها ته اهو جهاز يا ان ڪمپنيءَ جو ڪو ٻيو جهاز ايران جي بندرگاهه ڇا بهار يا بندر عباس وٺي هلندو؟“.
”ڪئپٽن تيجپال! چڱو جو سيتي فاطمه انهن جهاز وارن کان اهو نه پڇيو،“۽ پوءِ سيتي فاطمه کي مخاطب ٿيندي چيم، ”اجايو ماڻهو کلن ها“.
اسان جون ڳالهيون ٻڌي فاطمه سخت پريشان ٿي وئي. اسان کي به چانهه پيئڻ دوران مڙيئي بڪ شڪ ڪرڻ جو سٺو موقعو مليويو.
”ريئلي؟ سايا تيداق فهام! سايا بَالڪ دي بِلڪِ سايا“- (سچ پچ مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي. چڱو آئون پنهنجي ڪمري ڏي موٽان ٿي). اهو چئي فاطمه هلڻ لڳي ۽ اسان به چانهه جي آخري سرڪ ڀري اٿياسين. رستي تي مون فاطمه کي پريشانيءَ مان ڪڍڻ لاءِ حقيقت ٻڌائي ته اهو ان ڪري جو ڪئسپين سمنڊ جنهن جي ڪناري تي باڪو يا ايران جو بندرگاهه راشت ۽ قزاقستان جو بندرگاهه آق تائو آهي، هڪ کليل سمنڊ نه پر ڍنڍ آهي. ڍنڍ ۾ فقط اهي جهاز هلي سگهن ٿا جيڪي اتي ڄمن ٿا يعني اتي ٺاهيا وڃن ٿا. اهي جهاز ڍنڍ جي چوڌاري خشڪي لتاڙي نه ٻئي سمنڊ ۾ وڃي سگهن ٿا ۽ نه ٻين ملڪن جا جهاز هن ڍنڍ ۾ اچي سگهن ٿا. جهاز هڪ سمنڊ کان ٻئي تائين تڏهن پهچندو جڏهن انهن جي وچ ۾ ڪا سامونڊي گهٽي هوندي جيئن هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي وچ ۾ هي ملاڪا ڳچي سمنڊ (The Malacca Strait) آهي.“ مون اسان جي اڪيڊمي اڳيان وهندڙ درياهه جهڙي سمنڊ ڏي اشارو ڪري چيو ـــــ جنهن جي پرئين ڪناري پاسي انڊونيشيا جو ٻيٽ سماترا آهي جنهن جا جبل اسان جي گهرن ۽ آفيسن مان صاف نظر اچن ٿا.
”اوه! تيريما ڪاسيح- ڪاش مون کي وڃڻ کان اڳ اها ڄاڻ هجي ها ته اها ڳالهه اتي تصور ڪري وڌيڪ لطف وٺان ها“. هن ملئي ٻوليءَ ۾ ٿورا مڃيندي چيو.
”مون ته توکي وڃڻ کان اڳ بار بار چيو پئي ته جنهن شهر ۽ ملڪ ۾ وڃين پئي ان جي تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافت جي ڄاڻ ۽ ان جي شهر جي عمارتن ۽ روڊ رستن جا نقشا جانچي وڃ. پر توکي رڳو ڪپڙا سبرائڻ جو يا هوٽل جا بروشر ڏسڻ جو شوق هو ته فور اسٽار هوٽل آهي يا فائو اسٽار.... روز جي مسواڙ ۾ نيرن به شامل آهي يا نه.... شاپنگ لاءِ ڪهڙيون شيون ۽ ڪهڙا دڪان آهن جيڪي ڊسڪائونٽ ڏين ٿا.... چڱو هاڻ منهنجي آفيس اچي وئي.... خدا حافظ“.
آفيس پهچي ٿورو ٿورو افسوس ضرور ٿيو ته منهنجن دڙڪن تي مائي وڏيءَ پنهنجي بيعزتي نه محسوس ڪئي هجي. دراصل اهو ئي فرق آهي اسان ايشيائي ٽوئرسٽن (سياحن) ۽ مغرب جي ٽوئرسٽن ۾. گورا يورپي توڙي آمريڪن ڪو ملڪ يا ان جو ڪو شهر گهمڻ لاءِ نڪرندا ته ان کان اڳ ڪيترائي ڏينهن هو ان شهر ۽ ملڪ جي جاگرافي ۽ تاريخ جو مطالعو ڪندا رهندا.... شهر جي هڪ هڪ گهٽي ۽ ڏسڻ جهڙين اهم عمارتن جا نالا ياد ڪري ڇڏيندا.... ويندي مختلف علائقن ڏي ويندڙ بسين جا نمبر ۽ ممبئي يا تهران جهڙن شهرن ۾ هلندڙ لوڪل ريل گاڏين يا ميٽرو ٽرينن جي ريلوي اسٽيشنن جا نالا به ياد ڪري ڇڏيندا. اسان جا ماڻهو سفر تي نڪرڻ کان اڳ اتي پائڻ لاءِ نوان نوان وڳا ٺهرائيندا ۽ بوٽ خريد ڪندا. يورپي ماڻهو هڪ ئي جينز جي وڳي ۽ جاگر شوز ۾ پيا هلندا.... پوءِ اسان جي ماڻهن کان واپسي تي احوال پڇبو آهي ته هنن جو سڄو زور ان تي هوندو آهي ته هوٽل جي ڪمرن جو غاليچو ۽ پڙدا واهه جا هئا. روز مئڪڊونالڊ ۽ ڪي ايف سي ۾ ڊنر ڪندا هئاسين. هوٽل طرفان جيڪا نيرن ملندي هئي ان ۾ ڏهه ڊش هوندا هئا.... وغيره وغيره.

[b]• ڪئسپيئن ـــ هڪ عجيب سمنڊ.....
[/b]مٿي آذر بائيجان ملڪ جي خوبصورت بندرگاهه باڪوءَ جي ڳالهه ڪندي ڪئسپين سمنڊ جو ذڪر نڪتو. هتي ڪجهه سٽون هن عجيب سمنڊ بابت لکڻ ضرور ٿو سمجهان. ڏٺو وڃي ته دنيا جا سڀ سمنڊ هڪ ٻئي سان پاڻمرادو ڳنڍيا پيا آهن جيئن عربي سمنڊ، ايراني نار، هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ وغيره. يا وري سوڙهين سامونڊي گهٽين (نارن ۽ ڳچي سمنڊن) ذريعي مليل آهن يا وري سئيز، پاناما ۽ ڪِيل ڪئنال جهڙن هٿرادو کوٽايل ڪئنالن ذريعي. ڪي سمنڊ جيڪي بند بند آهن... بحر اسود (Black Sea) ۽ ڀونچ سمنڊ جهڙا ــــــ اهي به ڪنهن هڪ يا ٻن هنڌان ٿورا کليل آهن جن مان جهاز ۽ سمنڊ جو پاڻي ٻين سمنڊن ڏي ايندو ويندو رهي ٿو. پر ڪئسپين سمنڊ سنئون سڌو يا ڪنهن سامونڊي درياهه ذريعي ڪنهن بهٻئي سمنڊ سان ڳنڍيل ناهي.مثال طور ڀونچ سمنڊ (Mediterranean)خلا مان ڏسڻ سان بند سمنڊ لڳي ٿو پر ائٽلانٽڪ سمنڊ سان جبرالٽر ڳچي سمنڊ ذريعي مليل آهي جنهن جو عربي نالو ”مضيق جبل طارق“ آهي.
ڪئسپين سمنڊ جي چوڌاري پري پري تائين خشڪي آهي. ڪو سمنڊ ويجهو هجي ها ته سئيز يا پاناما جهڙي هٿرادو ڪئنال سان کين ڳنڍيو وڃي ها. ڪئسپين سمنڊ جي چوڌاري هي ملڪ آهن: اتر اوڀر ۾ قزاقستان ته اتر اولهه ۾ روس آهي. بلڪل اولهه ۾ آذربائيجان آهي جنهن جو بندرگاهه باڪو هن سمنڊ جو وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي. ڏکڻ اوڀر ۾ ترڪمنستان آهي ته بلڪل ڏکڻ ۾ ايران آهي. راشت بندرگاهه ڪئسپين سمنڊ ۾ ايران جو وڏو بندرگاهه آهي.
چوڌاري زمين هجڻ ڪري جيڪي ماڻهو ڪئسپين سمنڊ کي ڍنڍ سمجهن ٿا اهي به غلط نه آهن. ننڍي هوندي جاگرافيءَ ۾ اهو ئي پڙهايو وڃي ٿو تهڌرتيءَ جو ٽڪرو جنهن جي چوڌاري پاڻي آهي ته اهو ”ٻيٽ“ سڏجي ٿو ۽ اهو پاڻيءَ جو تالاب جنهن جي چوڌاري خشڪي آهي ته اها ”ڍنڍ“ ٿي. سو ان حساب سان ڪئسپين دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ٿي. جيئن آمريڪا ۽ ڪئناڊا بارڊر وٽ 82،100 چورس ڪلو ميٽر جي Lake Superior ڍنڍ آهي. يا وڪٽوريا ڍنڍ جيڪا آفريڪا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي ـــ (اٽڪل 69000 چورس ڪلوميٽر) جنهن جي چوڌاري يوگنڊا، ڪينيا ۽ تنزانيا جهڙا ملڪ آهن. اهڙي طرح روس جي 31،500 چورس ڪلوميٽر بائيڪل (Baikal) نالي ڍنڍ آهي.
ڏٺو وڃي ته ”مردار سمنڊ“ جنهن کي عربي ۾ ”البحر الميت“ يعني Dead Sea ۽ ”بحريه لوط“ به سڏيو وڃي ٿو اهو پڻ ڍنڍ ٿيو. هي سمنڊ ٽن ملڪن جي وچ ۾ آهي. سندس اولهه ۾ اسرائيل ۽ فلسطين (ويسٽ بئنڪ) آهي ته اوڀر ۾ اردن (جارڊن). هي سمنڊ ۽ سندس ڪنارو دنيا جي سامونڊي سطح (Surface Level) کان 400 ميٽر هيٺ آهي. هي علائقو دنيا جو بلڪل هيٺاهون علائقو چئي سگهجي ٿو. اسرائيل کان فلسطين جي ويسٽ بئنڪ تائين وارو هاءِ وي دنيا جو هيٺاهون ترين رستو آهي. هن سمنڊ ۾ تازو پاڻي فقط اردن نديءَ مان اچي ٿو جيڪا هن ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڏينهون ڏينهن وڌندڙ پوک (کيتي ٻاڙي) ڪري ڇوڙ ڪندڙ پاڻيءَ جو مقدار وڃي گهٽبو جيئن اسان وٽ سنڌونديءَ جو ڇوڙ آهي. ڪوٽڙي کان پوءِ وڃي پاڻي گهٽبو ۽ عربي سمنڊ ۾ ڪو پاڻيءَ ڦڙو مس داخل ٿئي ٿو. پر اهو آهي ته عربي سمنڊ هن مردار سمنڊ وانگر الڳ ٿلڳ ناهي. اهو هندي وڏي سمنڊ سان مليو پيو آهي ۽ هندي سمنڊ جي هڪطرف ائٽلانٽڪ سمنڊ ڳنڍيو پيو آهي ته ٻئي طرف ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ. ان ڪري هڪ سمنڊ جو پاڻي ٻئي سان ملي نه فقط کاراڻ (لوڻ جي ليول) پر پاڻيءَ جي ليول هڪ جهڙي قائم رکي ٿو. گرميءَ ۾ سمنڊن جو پاڻي ٻاڦ ٿي ڪڪر ٿين ٿا. پاڻي جي کوٽ ضرور ٿئي ٿي پر وسڪارو يا برف باري ٿيڻ تي پاڻي واپس سمنڊ ۾ داخل ٿي ليول ۽ لوڻياٺ قائم رکي ٿو. ان کان علاوه اتر کان ايندڙ برف جون ڇپون Ice Bergs به سمنڊ جي ليول کي برابر ڪن ٿا.پر مردار سمنڊ (Dead Sea) دنيا جو اهو سمنڊ آهي جنهن مان هر سال جيترو پاڻي Evaporate ٿئي ٿو اوترو دريائن جي صورت ۾ منجهس داخل نٿو ٿئي. صدين کان هن سمنڊ جو پاڻي وڃي Evaporate ٿيندو ۽ ان جو لوڻ پٺيان رهجيو وڃي. ان ڪري هن سمنڊ جي کاراڻ 34 سيڪڙو تي وڃي پهتي آهي. يعني هن سمنڊ جي گلاس پاڻيءَ ۾ 34 حصا لوڻ آهي ته 66 حصا پاڻي، دنيا جي سمنڊن جو پاڻي ايڏو کارو آهي جو اڃ ۾ پاهه ٿيل ٻڏندڙ انسان به پي نٿو سگهي ۽ هن مردار سمنڊ جو پاڻي دنيا جي ٻين سمنڊن: ائٽلانٽڪ، پئسفڪ، عربي سمنڊ ۽ ايراني نار جي سامونڊي پاڻيءَ کان 9 دفعا وڌيڪ کارو آهي. سندس Densitty 1.25kg/ litre يعني مردار سمنڊ جي هڪ لٽر پاڻيءَ جو وزن سوا ڪلو آهي. نتيجي ۾ هن سمنڊ ۾ بنا هٿ پير هڻڻ جي آسانيءَ سان Float ٿي سگهجي ٿو. توهان هن سمنڊ جا ڪيترا فوٽا ڏٺا هوندا ته ماڻهو سمنڊ جي مٿان ليٽي اخبار پڙهي رهيا آهن. سخت کاراڻ ڪري هن سمنڊ ۾ نه ڪو گاهه ٻوٽو ۽ نه ڪا مڇي گانگٽ جيئرو رهي سگهي ٿو.
اڄڪلهه هن سمنڊ (Dead Sea) جي پکيڙ ڪا 600 چورس ڪلوميٽر مس وڃي بچي آهي ڇو جو روز سج جي تپش ڪري ان جو پاڻي ٻاڦ ٿيو پيو وڃي ۽ نئين پاڻي اچڻ جو ڪو گس ناهي. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هن مردار سمنڊ ۾ فقط اردن ملڪ جي نهراردن ڇوڙ ڪري ٿي سا به پوک جي ڪري ڇوڙ وٽ ڪوئي جو پڇ ٿي وئي آهي.... يعني پاڻي صفا نه برابر وڃي رهيو آهي جيئن اسان جي سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا جو حال آهي. پوڇڙ ۾ پاڻي آهي ئي ڪو نه. هڪ هنڌ- شايد ملائيشيا جي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ اپوح، جي هڪ ڊپلوما شاگرد پڇيو ته مردار سمنڊ جو پاڻي بخار ٿي اڏامندو رهي ٿو ته ان سان گڏ ان ۾ شامل لوڻ به ڇو نٿو هليو وڃي. بهرحال سائنس جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکندڙ ٻار به سمجهي ٿو ته گرمائش تي پاڻي پنهنجي شڪل بدلائي ٻاڦ ٿيو وڃي ۽ ٻاڦ گئس هجڻ ڪري اڏاميو وڃي. لوڻ (سوڊيم ڪلورائيڊ) يا ان جهڙيون ٻيون شيون پٺيان رهجيو وڃن. ان ئي طريقي سان ته اسان جهاز تي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهيون ٿا. اسان جي شروع وارن ڏينهن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي تائين ته هلندڙ پراڻن جهازن تي ديڳ جهڙو بئالر هوندو هو جنهن جي هيٺان ڪوئلا، ڇوڏا، رڌڻي جو ڪِن سِن ساڙي پاڻيءَ کي 100 ڊگرين تائين ٽهڪايو ويو ٿي جيئن ٻاڦ پيدا ٿئي ــــــ جيڪا پائيپ ذريعي ٻئي ڊرم ۾ پهچائي وئي ٿي جتي اها ٻاڦ ٿڌي ٿيڻ تي مٺو پاڻي ٿِي ٿي.
1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جيڪي نوان جهاز ٺهڻ لڳا انهن ۾ ”فريش واٽر ايووپريٽر“ فِٽ ڪيو ويو ٿي. هن ۾ پڻ سمنڊ جي پاڻيءَ مان ٻاڦ ٺاهي وئي ٿي پر ان کي باهيون ٻاري گرم ڪرڻ جي تڪليف ۽ خرچ کان بچي وياسين ٿي. هن ۾ معمولي گرمائش 40 کان 45 ڊگرين تي پاڻي ٽهڪڻ لڳي ٿو. يعني هن کان وڌيڪ گرمي ته سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ٿئي ٿي. اسان وٽ Atmospheric Pressure تي ديڳڙي ۾ پاڻي 100 ڊگرين تي ٽهڪي ٿو. فريش واٽر ايوو پريٽر ۾ اسان ان جي اندر جو پريشر گهٽائي زيرو ڪري ڇڏيندا آهيون جنهن ڪري پاڻيءَ جي ٽهڪڻ (Boiling) جي ڊگري گهٽجي 40 تي وڃيو پهچي ۽ اسان کي باهه ٻارڻ جي ضرورت ئي نٿي پوي. بهرحال پڙهندڙ هن مونجهاري ۾ نه پون. جيڪڏهن ڪو ان بابت دلچسپي رکڻ چاهي ٿو ته هو اها ڳالهه ڪنهن B.Sc. جي شاگرد کان تفصيل سان سمجهي سگهي ٿو.
مردار سمنڊ (Dead Sea) جو پاڻي ٻاڦ ذريعي گهٽبو وڃي ۽ ٻاهران مٺو پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪي خاص نديون نه آهن سو هن سمنڊ جي ايراضي وڃي گهٽبي. پاڻيءَ جي کوٽ ڪري سندس چوڌاري ميلن تائين گپ، چڪڻ ۽ خشڪ ڌرتي ٿي وئي آهي ۽ هاڻ مردار سمنڊ جي پکيڙ اسان جي دادو ضلعي کان به گهٽ اٽڪل 600 چورس ڪلوميٽر وڃي بچي آهي. پراڻي زماني جا ڪيترا جهاز جن هن سمنڊ ۾ ٻڏي وڃي تر ورتو هو اهي هاڻ هن سمنڊ جي خشڪ ٿي ويل حصي ۾ ڌرتيءَ جي مٿان نظر اچن ٿا. هڪ ٻي ڳالهه ته هن سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا لوڻ ۽ ڪيميائي شيون موجود هجڻ ڪري هي پاڻي چمڙيءَ جي ڪيترين ئي بيمارين لاءِ فائدي وارو آهي ۽ دنيا جا ڪيترائي چمڙيءَ جي بيمارين جا مريض هن سمنڊ ۾ وهنجڻ لاءِ اچن ٿا. ان کان علاوه پنهنجي جسم جي چمڙيءَ کي نرم و نازڪ ۽ ترو تازه بنائڻ جي شوقين عورتن جا پڻ ڪٽڪ اچن ٿا ۽ مردار سمنڊ جي چوڌاري ڪيتريون ئي Spa ڪلنڪون آهن جن ۾ هن سمنڊ جي ڪاري گپ سان هو پنهنجي چهري ۽ سڄي جسم کي ليپ ڏيارين ٿيون. چون ٿا ته هن سمنڊ جي گپ ۾ Medicinal (علاج معالج جون) خاصيتون آهن ۽ Therapy ۽ اها گپ جسم کي شانت بنائي ٿي.
ڊاڪٽر شعوقي ابو خليلي جي ويجهڙائيءَ ۾ ڏنل فتويٰ پڙهي رهيو هوس ته اسان مسلمانن کي هن مردار سمنڊ جي هر شيءِ کان سختيءَ سان پرهيز ڪرڻ کپي. ياد رهي ته هن پاسي جا محقق اهو ئي چون ٿا ته هن سمنڊ وارو علائقو اهو آهي جتي حضرت لوط عليه السلام جي قوم رهي ٿي جنهنتي الاهي عذاب نازل ٿيو ۽ اها هن هنڌ تي ڌرتيءَ اندر غرق ٿي وئي. حضرت لوط عليه السلام جو مقبرو به هن مردار سمنڊ (جنهن کي عرب بحر لوط به سڏين ٿا) جي ڀر واري ٽائون بني نعم (bani Naim) ۾ آهي.
هونءَ ڏٺو وڃي ته مردار سمنڊ (Dead Sea) سُسُي سُسُي ايترو ننڍو ٿي پيو آهي جو هن کي ڍنڍ چوندي به عجيب ٿو لڳي آخر منڇر ڍنڍ به ته چڱي خاصي وڏي آهي.... جيڪا مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي. مردار سمنڊ جو پاڻي آمريڪا جي رياست اتاح (Uttah) جي مشهور ڍنڍ ”گريٽ سالٽ ليڪ“ وانگر کارو ۽ ڳرو آهي يعني Salinity ۽ Density گهڻي اٿس.
مردار سمنڊ کي سمنڊ سڏي سگهجي ٿو يا نه پر ”ڪئسپين سمنڊ“ ۾ سمنڊ ۽ درياهه جون ٻئي خصلتون موجود آهن. اهو ڪيڏو ته وڏو آهي ـــ اٽڪل 371000 چورس ڪلوميٽر (143200 چورس ميل)! ڏٺو وڃي ته اهو سنڌ ۽ پنجاب جيڏو ٿيو. (سنڌ جي ايراضي 140،900 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پنجاب جي 205،344 چورس ڪلوميٽر).ڪئسپين سمنڊ ۾ جهاز هلن ٿا. سندس گهڻي کان گهڻي اونهائي 1025 ميٽر آهي جيڪا هڪ ڪلوميٽر ٿي پر ساڳي وقت ڪئسپين سمنڊ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ پڻ سڏجي ٿو. مون کي اها ڄاڻ ناهي ته اسان جي منڇر ڍنڍ ۾ جڏهن گهڻو پاڻي اچي ٿو، خاص ڪري گهڻي برسات ڪري ندين نين مان يا ٻوڏ ۾ اچي ٿو، ته اهو Over flow ٿي ڪيڏانهن وڃي ٿو.... عربي سمنڊ ۾ ئي ويندو هوندو. پر مردار سمنڊ وانگر ڪئسپين سمنڊ مان پاڻي ٻاهر خارج ٿيڻ يعنيOut Flow جو ڪو بندوبست ناهي.... فقط Evaporate ٿيندو رهي ٿو يعني ٻاڦ ذريعي نڪرندو وڃي ٿو. منڇر ڍنڍ ۾ به اونهاري جي سخت تپش ۾ پاڻي ٻاڦ ٿي نڪرندو رهي ٿو پر مٺو پاڻي هجڻ ڪري اهو پٺيان لوڻ جهڙيون شيون نٿو ڇڏي. ڪئسپين سمنڊ ۽ مردار سمنڊ (بحرِ لوط) ڍنڍون ضرور آهن پر کاري پاڻيءَ جون آهن ۽ مٺو پاڻي (H2O) نڪرڻ تي پٺيان سوڊيم ڪلورائيڊ (Nacl) جهڙا لوڻ هنن ڍنڍن کي وڌيڪ کارو ڪندا رهن ٿا جيئن مردار سمنڊ لاءِ ٻڌائي چڪو آهيان ته ان جي کاراڻ دنيا جي عام سمنڊن جي کاراڻ کان 9 دفعا وڌيڪ آهي.
ان اصول سان ڪئسپين سمنڊ جيڪو پڻ مردار سمنڊ وانگر هڪ ڍنڍ آهي ان جو پاڻي به سخت کارو هجڻ کپي. پر نه، ائين ناهي. بلڪه ڪئسپين سمنڊ جو هڪ چڱو حصو ته درياهه جهڙي مٺي پاڻيءَ جهڙو آهي ۽ باقي حصو به عام سمنڊن کان گهٽ کارو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جتي مردار سمنڊ ۾ فقط هڪ ندي ”نهراردن“ ڇوڙ ڪري ٿي جنهن ذريعي ايندڙ پاڻي ايترو گهڻو ناهي جو مردار سمنڊ جي ليول وڌائي. بهرحال جتي مردار سمنڊ جي ليول ۽ ايراضي، ڏينهون ڏينهن گهٽبي رهي ٿي اتي ڪئسپين سمنڊ ۾ انيڪ نديون ڇوڙ ڪرڻ ڪري ڪئسپين سمنڊ جي ايراضي گهٽ ٿيڻ بدران وڌندي رهي ٿي. چوڌاري ايران، آذر بائيجان، روس قزاقستان ۽ ترڪمنستان ملڪن کان 130 کان مٿي نديون هن سمنڊ ۾ڇوڙ ڪن ٿيون ۽ جيترو پاڻي بخار (Evaporation) جي صورت ۾ اڏامي وڃي ٿو ان کان وڌيڪدريائن/ ندين جو مٺو پاڻي ايندو رهي ٿو. ايتريقدر جو ڪئسپين سمنڊ جي ڪن حصن جو پاڻي خاص ڪري جتي وولگا (عربي نالو نهر فولغا ۽ فارسي نالو رود وولگا)، ارل ندي (Ural) جيڪا مقامي ٻولي باشقوُرت ۾ ”يايئق“ ندي سڏجي ٿي، ڪُرا (Kura) ندي، آمو درياهه (Amu Darya) جيڪا آڪس ندي به سڏجي ٿي، ازباءَ ندي ۽ سير دريا (Syr Darya) جنهن کي عرب ”سيحون ندي“ سڏين ٿا، اچيو ڇوڙ ڪن ٿيون، اتي چڱو مٺو آهي.

[b]• يورپ جون وڏيون نديون: وولگا ۽ ڊئنيوب ....
[/b]ڪئسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ندين مان ٻن ٽن دلچسپ ۽ مشهور ندين تي ڪجهه سٽون لکڻ چاهيان ٿو. وولگاندي يورپ جي وڏي ۾ وڏي ندي آهي. ائين ته يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ وڃ ته اهي ڊئنيوب نديءَ جي ڳالهه ڪندا. يورپ ويندڙ اسان جهڙن ٽوئرسٽن جو واسطو به ڊئنيوب نديءَ سان ئي پوي ٿو. لنڊن وڃ ته ٿيمس ندي نظر اچي ٿي جو اها شهر جي وچمان لنگهي ٿي جيئن گنگاندي بنارس جي وچمان يا ڪرناڦلي ندي چٽگانگ جي وچ مان لنگهي ٿي. نيويارڪ وڃ ته اتي شهر جي وچمان هڊسن ندي وهندي نظر اچي ٿي يا نيل ندي قاهري (Cairo) مان لنگهي ٿي. پر يورپ جي ڊئنيوب ندي اها آهي جيڪا يورپ جي ڪيترن مشهور، تاريخي ۽ خوبصورت شهرن مان گذري ٿي. 2860 ڪلوميٽر جي سفر ۾ ڊئنيوب ندي چئن ملڪن جي گادي وارن شهرن مان ته ائين لنگهي ٿي جو ان شهر جو اڌ هڪ پاسي ته ٻيو اڌ ٻئي پاسي ٿي پيو آهي جيئن سنڌونديءَ جي هڪ پاسي روهڙي آهي ته ٻئي پاسي سکر.
مٿيان چار گاديءَ وارا شهر جن مان يورپ جي ٻيو نمبر وڏي ندي ڊئنيوب (Danube) لنگهي ٿي، هن ريت آهن: ويانا (آسٽريا)، براٽيسلاويا (سلو واڪيا)، ٻڍاپيسٽ (هنگري) ۽ بلگريڊ (سربيا). ڊئنيوب نديءَ کي نقشي ۾ ڏسبو ته اها وچ يورپ کان شروع ٿي، هيڏانهن هوڏانهن ور وڪڙ کائڻ بدران نانگ وانگر سڌي مشرقي يورپ تائين نظر اچي ٿي. ان ڪري پاڻي جي جهاز ۾ يا ڪار رستي هن نديءَ جو ڪنارو ڏئي هلڻ ۾ سفر به سٺو طئي ٿئي ٿو ته چوڌاري يورپ جي مختلف ملڪن جو نظارو ۽ ڪلچر پسڻ جو به موقعو ملي ٿو.
ڊئنيوب ندي جرمني جي ”بليڪ فاريسٽ“ کان شروع ٿي ”بلئڪ سي“ (بحر اسود) ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي. اها جرمني لتاڙڻ بعد نو ٻين ملڪن مان به لنگهي ٿي يا بارڊر ٺاهي ٿي.... جيئن ته: آسٽريا، سلوواڪيا، هنگري، ڪروشيا، سربيا، بلغاريا، مولدووا، يوڪرين ۽ رومانيا. بحر اسود ۾ اوڊيسيا بندرگاهه کان رومانيا جي بندرگاهه ڪانستنزا اچبو هو ته اڌ رستي تي هن ندي ڊئنيوب جو ڇوڙ (ڊيلٽا) نظر ايندو هو جيئن ڪراچيءَ کان ڪولمبو ڏي رخ ڪجي ٿو ته ڪجهه ڪلاڪن بعد سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽان گذر ٿئي ٿو.
بهرحال يورپ جي هن ندي ڊئنيوب جي ڇا ڳالهه ڪجي جنهن سان يورپ جي مختلف ملڪن جي ٻولين جي شاعري ڀري پئي آهي.... ناولن ۽ ڪهاڻين کان علاوه ڪيترين ئي فلمن ۽ ٽي وي سيريل ۾ هن نديءَ جو ذڪر آهي. آڳاٽي زماني جا حاڪم هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ هن نديءَ کي ترجيح ڏيندا هئا. وڏي عرصي کان ڊئنيوب ”بادشاهن جي ندي“. (The River of Kings) سڏبي اچي. نئپولين ته ڊئنيوب نديءَ کي يورپ جي ندين جي راڻي (Queen of Europe’s Rivers) سڏيندو هو. اڄ به لکين يورپ ايندڙ ٽوئرسٽ ۽ مڪاني ماڻهو ڊئنيوب نديءَ ذريعي گهمن ٿا.
اڄ کان 200 سال اڳ آسٽريا جي واپارين ٻاڦ تي هلندڙ جهازن جي DDSGنالي هڪ ڪمپني کولي جنهن جا آگبوٽ (Steam Ships) ماڻهن کي ڊئنيوب نديءَ جو سير ڪرائيندا هئا يا ڊئنيوب ندي تي آباد هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ وٺي ويندا هئا. هيءَ ڪمپني پنهنجي نالي ۽ مسافر ۽ مال بردار جهازن کان وڏو عرصو مشهور رهي. سندس سڄو نالو (جنهن جو DDSG شارٽ فارم آهي) هو:Donaudampfschiffahrtsgesellsehaft
هن ڪمپنيءَ کي 1200 کن جهاز هئا جيڪي مسافرن کان علاوه هر قسم جو مال: کاڌي پيتي جي شين کان ڪپڙو گندي، ڪوئلي کان چوپايو مال هن نديءَ جي ڪنارن تي ايندڙ هڪ شهر کان ٻئي تائين پهچايو ٿي. هاڻ ته ريل گاڏيون، ڪارون، ٽرڪون ۽ هوائي جهاز ٿي پيا آهن پر ان هوندي به اڄ ڊئنيوب نديءَ جي وڏي اهميت آهي جو جرمني، آسٽريا ۽ رومانيا جي ڪروڙن ماڻهن کي هيءَ ندي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري ٿي. اسان وٽ جتي ڪبوتر ۽ ڳيري جهڙو پکي به اسان کان پيو ٽهي اتي اسان جي ماڻهن کي هن نديءَ جو سير ڪندي جتي ڪٿي ڪنارن تي بدڪن، ڪازن، هنجن، چيڪلن ۽ تلورن کي بي ڊپو ٿي انسانن جي اڳيان چهل قدمي ڪندو ۽ چڳندو ڏسي ضرور حيرت ٿيندي هوندي. ايترا گهڻا ان قسم جا پکي مون سئيڊن ۾ به نه ڏٺا. بقول ڪنهن جي ته:
Danube is home to over one Million Swans & Ducks
بهرحال پاڻ ڪئسپين سمنڊ جي ڳالهه پئي ڪئي جنهن جي ڪناري واري هڪ ملڪ آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪو مان اسان جي ملائيشيا جي آفيس جون ملئي ڇوڪريون گهمي آيون هيون. ڪئسپين سمنڊ ۽ مردار سمنڊ (جنهن کي بحر لوط ۽ البحرالميت به سڏجي ٿو) چوڌاري بند هجڻ ڪري ڍنڍون ئي چئبيون ۽ ٻنهي سمنڊن جو پاڻي عام سمنڊن کان وڌيڪ کارو هجڻ کپي پر ڪئسپين سمنڊ جو پاڻي عام سمنڊن جي پاڻيءَ کان به گهٽ کارو آهي جو ان ۾ ڪيتريون ئي نديون اچيو ڇوڙ ڪن جن جو مٺو پاڻي آهي. سڀ کان گهڻو مٺو پاڻي (80 سيڪڙو) وولگا ندي جي ڇوڙ (Delta) مان ملي ٿو.
وولگاندي يورپ کنڊ جي سڀ کان وڏي ندي آهي. اها حقيقت آهي. پر توهان يورپ جي ڪنهن به ملڪ جي عام ماڻهو ۽ ويندي ڪيترن پڙهيل لکيلن کان پڇندائو ته يورپ جي وڏي ندي ڪهڙي آهي ته هو توهان کي ڊئنيوب ندي ٻڌائيندو. ڪيترا ته وولگا جو نالو ٻڌي وائڙا ٿي ويندا آهن! اهو ڇو آهي؟ منهنجي خيال ۾ ته اهو ان ڪري آهي جو وولگا ندي جيڪا 3690 ڪلوميٽر آهي. يعني ڊئنيوب کان 830 ڪلوميٽر وڏي آهي، اها فقط روس جي شهر ماسڪو وٽان شروع ٿي روس ۾ ئي ڦري گري ڪئسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي سو ظاهر آهي روس کان پري جرمني، آسٽريا يا انگلينڊ، فرانس جي رهاڪوءَ کي ڪهڙي خبر ته روس ۾ ڪهڙيون نديون آهن جيئن اسان وٽ ڪيترن کي اها به خبر نه هوندي ته اراودي ندي برما جي وڏي ۽ تاريخي واقعن کان مشهور ندي آهي يا ڪرناڦلي ۽ مڌومتي بنگلا ديش جون نديون آهن جيڪي ڪنهن زماني ۾ مشرقي پاڪستان جون سڏيون ويون ٿي ۽ جن ندين نالي اسان جي قومي شپنگ ڪمپني PNSC کي پاڻيءَ جا مالبردار جهاز به هئا. پر مون کي ياد آهي ته پڙهيل ڳڙهيل به جهاز تي اچي پڇندا هئا ته هي نالو ڪنهن تان رکيل آهي..... خاص ڪري ”مڌو متي“ جهاز تي.
هڪ ٻي ڳالهه هتي لکڻ چاهيان ٿو ته جيئن ترڪي ايشيا کنڊ ۾ آهي ته يورپ کنڊ ۾ به.... بلڪه ترڪي جي خوبصورت بندرگاهه استنبول جي وچ مان جيڪو سامونڊي درياءُ ”باسفورس“ وهي ٿو ان جي هڪ پاسي وارو استنبول ايشيا ۾ آهي ته ٻئي پاسي وارو يورپ ۾. اهڙي طرح مصر ملڪ جو ڪجهه حصو ايشيا کنڊ ۾ آهي ته باقي آفريڪا کنڊ ۾. روس جيڪو اسان کي افعانستان جي مٿان يعني اتر ۾ هجڻ ڪري ائين لڳي ٿو ته اهوفقط ايشيا کنڊ ۾ آهي پر روس ٻين رياستن کان ڌار ٿيڻ بعد به اڪيلي سر دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي جنهن جي ايراضي 17075200 يعني اٽڪل سترهن ملين چورس ڪلوميٽر آهي. يعني اهو ايڏو وڏو ملڪ آهي جو اسان جهڙي ملڪ پاڪستان (جيڪو ڪو گهٽ ننڍو نه آهي، سندس پکيڙ اٽڪل 882،000 چورس ڪلوميٽر آهي) جهڙا 18 ملڪ ٺهن. ان روس جو وڏو حصو يورپ کنڊ ۾ آهي.
دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ملڪ روس آهي ٻئي نمبر تي ڪئناڊا، ٽي نمبر تي USA ۽ چوٿين تي چين۽ ان بعد پنجين تي برازيل آهي. سو اسان جي ملڪ جي اتر ۾افغانستان آهي ۽ ان جي مٿان روس نظر اچي ٿو پر اهو روس ايڏو وڏو آهي جو ساڄي پاسي اوڀر ۾ سڄي ايشيا کنڊ کي ورايو ويٺو آهي ۽ چين، منگوليا ۽ نارٿ ڪوريا تائين وڃيو نڪري ۽ کاٻي پاسي اولهه ۾ پولينڊ، فنلئنڊ ويندي ناروي سان وڃي ٿو ملي. هونءَ به وولگا ندي روس جي يورپ واري حصي ۾ آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته ڊئنيوب ندي يورپ کنڊ جي ڏاکڻي حصي ۾ هجڻ ڪري سياري ۾ به وهندي رهي ٿي. ان ۾ سڄو سال ”پئسينجر فيريون“ ۽ ”مال بردار ٻيڙا“ هلندا رهن ٿا پر وولگا نديءَ جو وڏو حصو اتر ۾ (ماسڪو واري ويڪرائي ڦاڪ ۾) هجڻ ڪري سياري ۾ سخت ٿڌ پوي ٿي ۽ ان جو پاڻي ٽي مهينا ته گهٽ ۾ گهٽ ڄميل رهي ٿو ان ڪري وولگا نديءَ ۾ آمدرفت بند ٿيو وڃي. ٻي ڳالهه ته وولگا نديءَ ۾ سفر ڪرڻ سان فقط هڪ ملڪ روس ڏسي سگهجي ٿو.
روس جي اتراهن علائقن ۾ ڀلي ٿڌ هجي.... وولگا نديءَ جو اتراهون حصو توڙي بحراسود (Black Sea) جي سمنڊ جو مٿاهون حصو ڄمي برف ٿي ويو هجي پر وولگا جي ڇوڙ (Delta) وارو حصو ٻارهو ئي رونق وارو ۽ زندگيءَ سان ڀرپور رهي ٿو. ڪنهن چيو ته آذربائيجان جو شهر باڪو جيڪو ڪئسپين سمنڊ تي آهي ان جي آبهوا لاجواب آهي. نه فقط باڪوءَ جي پر هر ان شهر جي آب هوا خوشگوار آهي جيڪو ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهي. اسان جي مقابلي ۾ ايران جي آبهوا بهترين آهي جتي بهار واقعي بهار ٿئي ٿي ۽ گل گلڪاريون ۽ بلبلون چهڪندي نظر اچن ٿيون. ايران ۾ توهان جون يا جولاءِ جي مهيني ۾ ويندائو ته به گرمي محسوس نه ڪندائو.... ٿڌڙي هير پئي لڳندي. اسين دنيا جا ماڻهو تهران، مشهد، اصفهان، تبريز، ڪرمان، قم، زاهدان ڏسڻ لاءِ ايران وڃون ٿا پر اتي جي مقامي ماڻهن کي ڏسبو ته هو هر وقت گيلان، مازندران ۽ اردابيل صوبن ڏي گهمڻ ۽ موڪل جا ڏينهن گذارڻ جي خواهش جو اظهار ڪن ٿا. ايران 31 صوبن ۾ ورهايل آهي جن مان مٿيان ٽي صوبا ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري سان لڳل آهن ۽ جن جا شهر راشت، استرا، آستانه اشرفيا، ساري (شهر تاجان)، امول، نور، تنڪابن، اردابيل ته ٻارهوئي ٽوئرسٽن سان ڀريا پيا آهن.... جتي ٻاهرن ملڪن جي سياحن ۽ گهمڻ جي شوقينن سان گڏ ايراني به نظر اچن ٿا. خاص ڪري گيلان جي شهر راشت ۾ جيڪو ڪئسپين سمنڊ ۾ باڪو بعد ٻي يا ٽي نمبر تي وڏو بندرگاهه آهي. اردابيل صوبي جو نالو آهي ته صوبي جي گادي واري شهر جو به. گيلان اهو صوبو آهي جتي جا ماڻهو گيلاني اسان جي ملڪ ۾ به نظر اچن ٿا. عربيءَ ۾ گ جو اکر نه هجڻ ڪري عرب ملڪن ۾ (توڙي اسان وٽ به) گيلاني کان وڌيڪ جيلاني سڏجن ٿا. بهرحال هتي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته ڪئسپين سمنڊ جي آس پاس علائقن جي آبهوا لاجواب آهي. ويندي روس جهڙو ملڪ جنهن جي موسم ظالم سڏجي ٿي ان جو اهو حصو جيڪو ڪئسپين سمنڊ تي آهي ۽ جتي روس جي.... بلڪه يورپ جي وڏي ندي وولگا اچي ٿي ڇوڙ ڪري باڪو ۽ راشت جهڙي آب هوا آهي. ان جي ڇوڙ وٽ ئي روس جو تاريخي، سدا جاڳندڙ ۽ چهڪندڙ شهر ۽ بندرگاهه استراخان (Astrakhan) آهي.

[b]• روس جو بندرگاهه استرا خان ....
[/b]ڪئسپين سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز، جن اوسي پاسي جي وڏن بندر گاهن جو ٽوئرسٽن کي سير ڪرائين ٿا انهن ۾ آذربائيجان جي باڪو ۽ ايران جي راشت بندرگاهه بعد گهڻو مشهور روس جو استراخان آهي.روس جي هن بندرگاهه ذريعي روس جو سامان پاڻيءَ جي جهازن ذريعي ايران، آذربائيجان، ترڪمنستان ملڪن ڏي ٻارهوئي ايندو ويندو رهي ٿو، نه ته روس جا ٻيا بندرگاهه سال جا ڪيترائي مهينا سمنڊ جو پاڻي ڄمڻ ڪري ويران ۽ سنسان پيا آهن. هڪ ڳالهه هتي پڙهندڙن لاءِ لکندو هلان ته هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ سامان هوائي جهاز يا خشڪي رستي به موڪلي سگهجي ٿو.... پوءِ چاهي پراڻي زماني ۾ اٺن ۽ گڏهن ذريعي ويو ٿي ۽ هاڻ ٽرڪن، ٽرينن (مال گاڏين) ۽ ٽالرن ذريعي وڃي ٿو پر سڀ کان سستي ٽرانسپورٽ اڳ توڙي اڄ پاڻيءَ (درياهن/ سمنڊن) ذريعي آهي. مثال طور خشڪي تي ڊيزل يا پيٽرول کڻي هلندڙ آئل ٽينڪر وڌ ۾ وڌ 10000 گئلن کڻي هلن ٿا. پر سمنڊ تي هلندڙ تيل بردار جهاز، جي هڪ لک ٽن جو آهي ته معني 2500 ٽئنڪرن (ٽرڪن) جيترو سامان کڻي پيو وڃي. هر ملڪ خرچ ۽ کٽراڳ کان بچڻ لاءِ سمنڊ/ درياهه رستي سامان موڪلڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. ڇو جو هڪ ئي وقت فقط هزار کن ٽرڪون ڪراچيءَ کان ٿيون نڪرن ته سپر هاءِ وي توڙي واٽ تي ايندڙ شهرن: حيدرآباد، مٽياري، سڪرنڊ، مورو، خيرپور، روهڙي، سکر ۾ ٽرئفڪ جئم ٿيو وڃي. پر جي سنڌو ندي گهڻو اڳ وانگر جهازراني (Navigation) جي قابل هجي ها ته گهڻي ڀاڱي سامان وڏين بارجن (تانگهين ٻيڙين) ذريعي ڪراچي کان گهٽ ۾ گهٽ ملتان تائين معمولي خرچ سان پهچي وڃي ها. ڇو جو پاڻيءَ ۾ وڏي کان وڏي بارج کي به فقط هڪ ننڍڙي لانچ (انجڻ واري ٻيڙي) آسانيءَ سان ڇڪي سگهي ٿي. اهو ڪم ڪيترن ئي ملڪن ۾ هلي ٿو جيئن بئنڪاڪ يا چٽگانگ جهڙن بندرگاهن ۾ جڏهن اسان جهاز کي لنگر انداز ڪندا آهيون ته جهاز جي هڪ طرف سامان کي خشڪيءَ تي لاهيندا آهيون جيڪو ٽرڪن يا مال گاڏين ذريعي اندروني ملڪ ويندو آهي ته ٻيو سامان جهاز جي ٻئي پاسي پاڻيءَ ۾ بيٺل بارجز ۾ لاهيندا آهيون جيڪي بئنڪاڪ بندرگاهه واري چائو فرا ۽ چٽگانگ جي ڪرناڦلي نديءَ ذريعي ڪوٽڙي، ڄامشورو، هالا، درٻيلي جهڙن انهن ملڪن جي دريائي بندرگاهن تائين پهچن ٿيون.
هاڻ ڳالهه اها آهي ته روس ملڪ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي جيڪو مغرب ۾ ڏورانهن يورپي ملڪن فنلئنڊ، اسٽونيا ۽ لٽويا وغيره سان وڃيو ملي ۽ مشرق ۾ چين ۽ ڪوريا تائين پکڙيل آهي پر سندس بيهڪ گهڻو اتر ۾ هجڻ ڪري اتي ٻارهوئي ٿڌ رهي ٿي. سندس اتر وارا حصا جيڪي سمنڊ سان مليل آهن اهي سال جا ته جهڙوڪر ڏهه مهينا برف ٿيا پيا آهن ۽ انهن بندرگاهن تائين پهچڻ ۾ وڏو خرچ ٿو اچي. اڳ ۾ جڏهن روس سوويت يونين (USSR) هو ته ٻيا اوسي پاسي جا ملڪ: جارجيا، يوڪرين، بيلا روس وغيره سڀ هڪ هئا ۽ روس ملڪ جو سامان اسان اوڊيسا بندرگاهه ۾ لاهيندا هئاسين.پر سوويت يونين جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تي اوڊيسا يوڪرين جو بندرگاهه هجڻ ڪري روس سان واسطو ختم ٿي ويو. بهرحال جڏهن يوڪرين روس جي قبضي ۾ هو تڏهن به اوڊيسا ڪو ڀلو تڙ نه هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو وري به ٿڌ گهٽ ٿيڻ ڪري سال جو وڏو عرصو کليل رهي ٿو پر بحر اسود (Black Sea) سمنڊ ۾ هجڻ ڪري اتي پهچڻ ڏکيو ڪم هوندو هو جو هي ”ڪارو سمنڊ“ چوڌاري بند بند آهي. ان ۾ داخل ٿيڻ جي فقط ترڪيءَ وٽان هڪ واهَه آهي جيڪا ترڪي جي شهر استنبول جي وچ مان وهندڙ سامونڊي واهُه آهي. ۽ ان واهه باسفورس مان لنگهڻ وقت هر جهاز کي ترڪيءَ جي حڪومت کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوي ٿي ۽ ٻڌائڻو پوي ٿو ته جهاز ڪهڙو سامان کڻي ڪڏهن گذرندو.
روس کڻي وڏو ۽ طاقتور ملڪ هو ۽ اڄ به آهي پر هو ان معاملي ۾ ترڪي وارن سان داداگيري ڪري نٿو سگهي جو ترڪي وارن کي باسفورس سامونڊي نهر ۾ فقط هڪ ننڍڙو جهاز ٻوڙڻو پوندو ان بعد جيڪو جتي اهو اتي ٿي ويندو. نه ڪو جهاز ڪاري سمنڊ کان نڪري سگهندو ۽ نه ان ڏي وڃي سگهندو ۽ يوڪرين ۽ ان سان گڏ لاڳو روس به جڏو ٿي پوندو.
بهرحال روس سامان موڪلڻ لاءِ اوڊيسا وري به سٺو تڙ (بندرگاهه) هو جتي يعني ڪاري سمنڊ ۾ سواءِ مهيني ٻن جي برف نٿي ڄمي ۽ اسان جا جهاز ايندا ويندا رهيا ٿي. پنهنجن شروعاتي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته هڪ دفعي مارچ جي مهيني ۾ اسان جو جهاز اوڊيسا بندرگاهه ۾ لنگر انداز هو ته هڪ رات ايڏي ته ٿڌ ٿي جو صبح جو اٿي ڏسون ته سڄو بندرگاهه برف ٿيو پيو آهي جنهن ۾ سڀ جهاز ڦاٿا پيا آهن. اهو به شڪر آهي ۽ قدرت جا ڪمال آهن جو جتي هر شيءِ ٿڌ ۾ سُسي ٿي اتي پاڻي برف بڻجي واليوم ۾ وڏو ٿئي ٿو ۽ برف پاڻيءَ کان هلڪي ٿيڻ ڪري سمنڊ ۾ هيٺ وڃڻ بدران سمنڊ جي سطح تي رهي ٿي. هڪ دفعو سمنڊ جي مٿان فٽ ڏيڍ فٽ جو تهه ٿي وڃي ته پوءِ اهو Insulation جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٻاهر ڀلي منفي 20 ڊگريون ٿڌ ٿي وڃي ۽ ڪيڏي به ٿڌي هوا پئي لڳي پر برف جي تهه هيٺان سمنڊ جو پاڻي برف جي ٿڌ يعني زيرو ڊگريءَ کان وڌيڪ ٿڌو نٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هيٺ رهندڙ مڇين جو بچاءُ ٿيو وڃي. اهي سامونڊي ساهوارا جيڪي سطح سمنڊ تي يا ڪناري تي به نظر اچن ٿا اهي به ٻاهر جي ٿڌ ۽ ٿڌين هوائن کان بچڻ لاءِ برف جي تهه هيٺان لڪيو وڃن. جيڪي اتر يورپ جي ٿڌ ۾ رهيا هوندا انهن کي اها ڄاڻ هوندي ته اتي جو سيارو خاص ڪري جي ٿڌ جو پد منفي 10 کان به هيٺ ٿو وڃي ته ڏڪڻي وٺيو وڃي. پر وري به گرم ڪوٽ، سئيٽر پائڻ سان بچاءُ ٿيو وڃي پر جي اهڙي سيءَ ۾ هوا ٿيلڳي ته اها وڌيڪ ظالم ثابت ٿئي ٿي. اها ٿڌي هوا جسم کي جهڙو ڪپي ٿي. هوا جي شروع ٿيڻ تي ته هٿن تي به جوراب ضروري ٿيو پون. ڳچيءَ ۾ مفلر ۽ گرم ٽوپ هوندي به هٿ پير کيرا محسوس ٿين ٿا. اهڙين حالتن ۾ پارڪن يا درياهه جي ڪناري وٽان لنگهندي ڏسندو آهيان ته پکي پکڻ، توڙي نوريئڙا ۽ سانڍا ڪنهن برف جي ڇپ هيٺان يا پويان لڪي ويٺل نظر ايندا آهن. هو سياڻا آهن ته برف جنهن جي ٿڌ فقط ٻڙي آهي ٻاهر جي ڪاٽو 15 يا ڪاٽو 20 ڊگرين کان گرم آهي. جيستائين پکين جو سوال آهي ته سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ٿڌن ملڪن جا رهاڪو پکي سيپٽمبر آڪٽوبر اچڻ سان ڏکڻ ڏي گرم ملڪن طرف لڏيو وڃن جيئن ڪونجون وغيره سائيبيريا کان اسان وٽ سنڌ، ڪڇ، گجرات کان اچيو نڪرن. باقي سئيڊن جهڙن ملڪن جا ٿلهي بج (Fur) ۽ گهڻن کنڀن وارا پکي جن کي قدرت ٿڌن ملڪن جي سياري لاءِ ٺاهيو آهي، اهي گهڻي ٿڌ- خاص ڪري ٿڌي هوا لڳڻ تي ڄمي ويل پاڻي (برف) جي پٺيان يا هيٺان پيا پاڻ لڪائيندا آهن. ان تان مون کي اهو به ڌيان ۾ اچي رهيو آهي ته اسان جهڙن گرم ملڪن جا شاگرد جڏهن سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ اعليٰ تعليم يا نوڪريءَ لاءِ وڃن ٿا ته هنن کي کپي ته روزانو گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ٽي وي تي موسم جو ضرور معلوم ڪن ته ڪيتري ٿڌ رهندي، هوا جي ڇا رفتار رهندي، بارش ٿيندي يا نه. ۽ پوءِ ان مطابق ڪپڙا اوڍي نڪرن. ڇو جو گهٽ گرم ڪپڙن ۾ نڪرڻ ڪا پهلواني ناهي. جيئن اسان وٽ اونهاري ۾ گرمي ڪري ڏينهن لڳيو وڃي اهڙي طرح ٿڌن ملڪن ۾ سياري جي موسم ۾ يڪدم ٿڌ لڳيو وڃي ۽ نمونيا، لقوه (وات جو ڦري وڃڻ)، اڌرنگ جهڙيون بيماريون ٿيو پون.
بهرحال اوڊيسا بندرگاهه ۾ رات جو پارو وسڻ ڪري سمنڊ جو مٿيون تهه برف ٿي ويو. اسان کي ان ئي ڏينهن بندرگاهه ڇڏڻو هو سو جيئن ئي جهاز اسٽارٽ ڪيوسين ته هن جي لوهي پليٽن ۽ پنکي (Propeller) برف جو اهو تهه ڀڃي جهاز کي اڳتي هلڻ لاءِ راهه ڏني.
هاڻ اوڊيسا جهڙو بهترين بندرگاهه روس جو نه رهيو آهي. سوويت يونين (USSR) جنهن ۾ روس سان گڏ اوسي پاسي جا ٻيا 14 ملڪ جارجيا (گرجستان)، قزاقستان، آرمينيا، تاجڪستان، ترڪمنستان، ازبڪستان وغيره مليل هئا جن سڀني مٿان رعب ۽ حڪومت روس جي ئي هئي. اهي سڀ ملڪ/ رياستون 1991ع ۾ الڳ الڳ ٿي ويا. اڄ به روس باقي رياستن کان وڏو ۽ طاقتور آهي پر هاڻ هر ملڪ جو پنهنجو نظام آهي. روس جو مٿن اهو دٻاءُ ناهي جو پهرين هو. نه ته هر ملڪ کي اسان جهڙو عام ماڻهو روس سمجهندو هو. انهن رياستن USSR جي ٽٽڻ بعد به سال ڏيڍ تائين آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته اوڊيسا روس ۾ آهي پر پوءِ کڻي نقشو ڏسان ته اهو هاڻ ڌار ٿيل ملڪ يوڪرين (اوڪرانيا) آهي. جنهن ملڪ جو گاديءَ جو شهر ڪيف (Kiev) آهي.

[b]• دنيا جي ڊگهي ريلوي لائين....
[/b]هونءَ روس کي پنهنجا بندرگاهه کوڙ آهن پر تمام مٿي اتر ۾ هجڻ ڪري ڪم جا نه آهن، جيئن روس جي بلڪل اوڀر واري ڇيڙي وٽ تمام مشهور ۽ وڏو بندرگاهه والادي ووستوڪ (Vladivostok) آهي پر اهو جپان جي اتراهين ڇيڙي کان به مٿي اتر ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي. سياري ۾ جتي جپان جي ڏاکڻن بندرگاهن ٽوڪيو، يوڪوهاما، ڪوبي ۽ اوساڪا جهڙن بندرگاهن ۾ ئي ٿڌ ٿي ٺاري ۽ جپان جي اتر واري حصي هڪيدو ۾ برف ڄمي پئي هوندي آهي اتي، اڃان مٿي اتر ۾، روس جي بندرگاهه ”والادي ووستوڪ“ ۾ جهاز کي وٺي وڃڻ تي ڪنهن جي دل چوندي، ۽ جتي اسان وٽ ڪراچي کان 40 ڪلوميٽر پري پورٽ قاسم ۾ سامان لهي ٿو ته سامان جا مالڪ ۽ جهازن جا ايجنٽ دانهون ڪن ٿا ته سامان کي پورٽ قاسم کان ٽرڪن رستي ڪراچي آڻڻ ۾ تڪليف، خرچ ۽ ٽائيم ٿو ضايع ٿئي جو آخرڪار ٻاهران آيل سامان ملڪ جي مختلف صوبن ۽ شهرن ڏي ڪراچيءَ کان ئي موڪليو وڃي ٿو اتي ولادي ووستوڪ کان ماسڪو باءِ روڊ سامان موڪلڻ ۾ ڪيڏي دقت ٿيندي هوندي. اوڊيسا کان ماسڪو ته فقط 1300 ڪلوميٽر آهي يعني لڳ ڀڳ ڪراچيءَ کان اسلام آباد جيترو فاصلو ٿيو جو اهو 1430 ڪلوميٽر آهي. پر سائين ولادي ووستوڪ کان ماسڪو 9100 ڪلوميٽر آهي. يعني ڏينهن رات بنا ترسڻ جي ڪار 116 ڪلاڪ وٺي ٿي. ٻين لفظن ۾ ماسڪو مان جي ڪو سامان ڪولمبو، بمبئي يا ڪراچيءَ موڪلڻو هجي ته ٽرڪن ذريعي پهرين ولادي ووستوڪ موڪلجي جتان جهاز کڻي اسان ڏي نڪري، فقط جهاز جو سفر به ڪوريا ۽ جپان کان وڏو ٿيو. يعني ٽڪي جي شيءِ ٽي رپيا ڀاڙو ٿيو.... ان ڪري ته روس جڏهن ٻين ڀر وارن ملڪن سان گڏ USSRبڻيل هو ۽ دنيا ۾ آمريڪا جي ٽڪر جو پاور هو ته جڪ کائيندو هو ته ڪنهن ريت افعانستان تي قبضو ڪري بلوچستان کي پنهنجو ڪريان ته جيئن سندس عربي سمنڊ ۾ گوادر يا ايران جو چابهار جهڙو بندرگاهه ٿي پوي ته ٻارهوئي سندس شپنگ جاري رهي.... ان ڏس ۾ هن افغانستان تي قبضو به ڪري ورتو ۽ هاڻ پاڪستان جي بلوچستان صوبي ۾ اک هيس ته ان کي به پاڻ سان ملايان پر ٻين جا ملڪ کسڻ واري جو پنهنجو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو.
روس جو هي مشرقي ڪنڊ تي پئسفڪ سمنڊ وارو بندرگاهه ولادي ووستوڪ جنهن لاءِ مٿي لکيو اٿم ته جپان جي هڪيئدو ٻيٽ کان به مٿي اتر ۾ آهي. يعني سائيبيريا وارو علائقو ٿيو اتي برف پوڻ ڪري بندرگاهه بلاڪ ڇو نٿو ٿئي؟ اهو ان ڪري جو روس جي حڪومت وڏو خرچ ڪري هن بندرگاهه ۾ هر وقت ”برف ڀڃندڙ“ Ice Breaker جهاز هلائيندي رهي ٿي جيئن ڄميل برف ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي رهي ۽ جهازن جي آمدرفت لاءِ رستو کليل رهي. هونءَ روس جي هن بندرگاهه جي اهميت جنگي جهازن جي اڏي ڪري به آهي. روس جا گهڻي ڀاڱي جنگي جهاز هن بندرگاهه ۾ بيٺل رهن ٿا جيئن اوس پاس جي ملڪن، خاص ڪري چين، جپان، ڪوريا جهڙن کي اک ڏيکاري سگهجي. مال بردار ۽ مرچنٽ نيوي جي جهازن لاءِ به هي بندرگاهه چڱو ڪارآمد آهي جو جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن لاءِ ته سڏ پنڌ تي آهي پر ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي مغربي ڪناري (West Coast) وارن بندرگاهن: لاس اينجلس، وئنڪوئر، سئن فرانسسڪو جهڙن پئسفڪ سمنڊ وارن بندرگاهن لاءِ روس جو هي بندرگاهه ولادي ووستڪ ويجهو ٿيو. پر ڳالهه اها آهيته ولادي ووستڪ تائين سامان پهچڻ تي اهو سامان روس ملڪ ۾ ته پهچي ويو پر ان پاسي ته ڪو ايڏو ڪاروبار يا آبادي ناهي. روس جو وڏو حصو ٿر وانگر ويران آهي. ريتي ۽ واري بدران سائيبيريا جي برف ۽ ٿڌيون هوائون آهن. زندگي سڄي ماسڪو ۽ سينٽ پيٽرس برگ جي آسپاس آهي ـــــ جيڪي روس جا علائقا يورپ کنڊ ۾ آهن ۽ ولادي ووستڪ بندرگاهه کان 9000 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهن. روس جي هن ڏورانهين ترين پئسفڪي بندرگاهه ولادي ووستڪ (Vladivostok) کان ماسڪو تائين آمدرفت لاءِ 1915 ۾ ”ٽرانس سائيبيرين ريلويز“ نالي ريلوي لائين تيار ڪئي وئي جنهن جو مقصد اهو ئي هو ته يورپي روس جي شهرن کي ايشيا جي روس سان ملايو وڃي. هي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ريل جو سفر آهي جيڪو مفاصلي جي لحاظ کان 9300 ڪلوميٽر ٿئي ٿو. رستي تي اٽڪل 120 ريلوي اسٽيشنن تي گاڏي بيهي ٿي جن مان ڪوٽڙي ۽ روهڙي جنڪشن وانگر ڪن جنڪشن اسٽيشنن تان منگوليا، چين ۽ اتر ڪوريا ڏي به گاڏيون وڃن ٿيون.
هيءَ ريلوي لائين جيڪا 1891 ۽ 1916 جي وچ ۾ ٺهي ان لاءِ ان وقت جي حاڪمن: زار اليگزينڊر ٽئين ۽ زار نڪولس ٻئي خاص وزير مقرر ڪيا هئا. هينئر جڏهن سي پيڪ (CPEC) چائنا پاڪستان ايڪانامڪ ڪاريڊور ٺهي رهيو آهي ته روس جي حڪومت خواهش ظاهر ڪئي آهي ته ان TSR (ٽرانس سائيبيرين ريلوي) کي سي پيڪ ذريعي گوادر بندرگاهه سان ملايو وڃي. هيءَ روسي ريلوي لائين (TSR) روس جي جپان ڀرسان واري بندرگاهه ولادي واستڪ کان ماسڪو تائين پهچڻ ۾ 8 ڏينهن لڳائي ٿي. هن ريل TSR کي شروع ٿئي هڪ سئو سال پورا ٿي چڪا آهن ۽ يورپ ۽ ايشيا کنڊ جو سير ڪرڻ لاءِ هن ريل جو سفر خوبصورت ۽ سستو آهي ۽ روس جهڙي هڪ طلسماتي ملڪ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو جنهن لاءِ ونسٽن چرچل جو هڪ مشهور قول آهي ته:
Russia is a riddle wrapped in a mystery inside an enigma
دنيا جي هن ڊگهي ريلوي لائين تي ڪيتريون ئي فلمون ٺهيل آهن ۽ سفرناما لکيا ويا آهن. سيول (ڏکڻ ڪوريا) جي بندرگاهه کان جپان جي اتراهين ٻيٽ سپورو ڏي ويندي يا جپان جي نگويا، هيروشيما، شمنوسيڪي جهڙن بندرگاهن کان لاس اينجلس (USA) لاءِ روانو ٿيڻ وقت روس جي هن جپاني سمنڊ واري بندرگاهه ولادي ووستڪ وٽان اسان جو هميشه گذر ٿيندورهيو ٿي. شروع ۾ لکي آيو آهيان ته ولادي ووستڪ پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي ۽ هاڻ جڏهن لکيو اٿم ته ولادي ووستڪ جپاني سمنڊ ۾ آهي ته ٿي سگهي ٿو اها ڳالهه پڙهندڙ کي منجهائي. اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ڪراچي بندرگاهه جو مثال لکندس ته اهو عربي سمنڊ ۾ به چئي سگهون ٿا ته هندي وڏي سمنڊ ۾ به. عربي سمنڊ ”انڊيناوشن“ (هندي وڏي سمنڊ) جو هڪ ننڍڙو حصو آهي جنهن ۾ ڪراچي، گوادر، ممبئي وغيره آهي. اهڙي طرح ”پئسفڪ اوشن“ (پئسفڪ وڏي سمنڊ) جو ”جپاني سمنڊ“ هڪ ننڍڙو حصو آهي جنهن ۾ جپان ڪوريا جا ڪجهه بندرگاهه ۽ ”ولادي ووستڪ“ بندرگاهه اچيو ٿو وڃي.

[b]• ولادي ووستڪ جون اهم شخصيتون...
[/b]1960 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان سامونڊي نوڪري شروع ڪئي انگريزي فلمن جو هڪ هيرو يول برينر اسان جو دلپسند اداڪار هوندو هو. هونءَ ته اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ فلمي هيرو جي پهرين سڃاڻپ سندس گهاٽن وارن جو اسٽائيل هوندو آهي پر هي هيرو يول برينر (Yul Brynner) وارن بنا هو. يول برينر روس جو رهاڪو هو ۽ هن بندرگاهه ولادي ووستڪ ۾ 1920 ۾ ڄائو هو. سندس فلم (The King & I) جنهن ۾ هن ٿائلئنڊ جي بادشاهه مونگڪت (Mongkut) جو ڪردار ادا ڪيو، اڄ به بهترين فلمن مان هڪ مڃي وڃي ٿي. ان کان علاوه هن جي فلمن: (The Ten Commandments) ۽ (Magnificient Seven) جي به وڏي هاڪ ٿي. هي فلمون حيدرآباد جي صدر واري سئنيما نيوميجسٽڪ ۽ ڪراچي ۾ بامبينو ۽ پئلس ۾ ڪيترائي دفعا چڙهيون.... هر دفعي وڏي رش رهي ٿي. ڪنهن خوش نصيب کي لائين ۾ بيهڻ تي ٽڪيٽ ملي ٿي نه ته اسان جهڙن هميشه مڪراني دادائن کان بليڪ تي ٽڪيٽ خريد ڪئي ٿي. ڇا ته اهو زمانو هو جنهن جو تفصيلي ذڪر اسان جي ڳوٺائي ۽ همعمر پروفيسر قاضي خادم پنهنجين يادگيرين جي ڪتابن ۾ ڪيو آهي. هاڻ ته ڪنهن کي گهر ويٺي ٽي وي چئنل تي فلم ڏسڻ جو به ٽائيم ناهي. پر اسان جي ڏينهن ۾ ٻي ڪا وندر به ته نه هئي. خاص فلم ڏسڻ لاءِ هالا يا پيٽارو کان هلي حيدرآباد يا ڪراچي وڃڻو پوندو هو. يول برينر 1985ع ۾ گذاري ويو.
فلمن جي ڳالهه نڪتي آهي ته پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اهو به لکندو هلان ته سائوٿ انڊيا جي هڪ مشهور فلمي ائڪٽريس سواٿي مڌاپتي جيڪا اڄ ڪلهه ”ڪئڊبري ڊائري مِلڪ“ جي اشتهار ۾ نظر اچي ٿي اها پڻ روس جي هن بندرگاهه Vladivostok ۾ ڄائي هئي. مون کي به هن وقت اوچتو ان ڪري ياد اچي وئي جو گذريل هفتي ڪوالالمپور جي برڪ فيلڊ علائقي جي جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس ان جي سامهون واري سئنيما ۾ تيلگو ٻوليءَ جي فلم Ashta Chamma لڳل هئي جنهن جي پوسٽر تي هن فلم جي هيروئن ”سواٿي مڌاپتيءَ“ جي تصوير هئي. هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ تامل بئري ٻڌايو ته هيءَ ٽاپ جي فلم آهي. جيڪا ڪوالالمپور ۾ ٻيو يا ٽيو دفعو چڙهي آهي.
پڙهندڙن جي چاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جا ماڻهو ٽن مکيه قومن ۾ ورهايل آهن. ملئي ـــــ جيڪي مسلمان آهن جيڪي مڪاني ماڻهو- يعني ڀوميپترا سڏجن ٿا، چيني- جيڪي اڄ کان سئو ڏيڍ سئو سال اڳ چين کانپورهئي لاءِ هتي آيا ۽ واپس نه ويا. اهي ۽ ملئي ماڻهو پنجيتاليهه پنجيتاليهه سيڪڙو ٿيندا. ملائيشيا جي باقي ڏهه سيڪڙو آدمشماري انڊين سڏجي ٿي جنهن ۾ هڪ يا ٻه سيڪڙو گجراتي، سنڌي هندو، سک، پنجابي ۽ پٺاڻ، بوهري ۽ آغا خاني، پارسي ۽ بنگالي آهن باقي 8 سيڪڙو ڏکڻ هندستان جا هندو، مسلمان ۽ عيسائي آهن. جيڪي انگريزن جي حڪومت ۾ ريلوي ۽ ٻنين ٻارن ۾ پوک جي ڪم لاءِ ملايا (اڄ وارو مغربي ملائيشيا) آيا هئا. هنن جا ٻار هتي جي تامل اسڪولن ۾ پڙهن ٿا پر گهر ۾ پنهنجي ڏکڻ هندوستان جي مادري ٻولي تيلگو، مليالم، ڪنهڙ يا تامل ڳالهائين ٿا. اهي ٻوليون لڳي ٿو هڪ ٻئي سان ڪافي ملن ٿيون جيئن اسان وٽ اردو، سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابي.
ڪوالالمپور جو برڪ فيلڊ علائقو سائوٿ انڊين جي آباديءَ کان مشهور آهي ۽ هتي جي سئنيمائن ۾ ورلي ڪا هندي يا پنجابي فلم لڳي نه ته هميشه تامل، تيلگو ۽ مليالم فلمون ئي اچن. انڊين ٽي وي چئنلن مان ”اسٽارــــ ما“ (MAA) ٽي وي ـــــ تيلگو ٻوليءَ جو چئنل مشهور آهي. جيئن KTN سنڌي ٽي وي چئنل تان شام جو سهراب سومري ۽ علي گل ملاح جو مشهور پروگرام ”ايوننگ ڪَلرس“ هلي ٿو تيئن MAA ٽي وي جو ”ڪلرس“ نالي مشهور پروگرام ڪجهه سال اڳ هليو هو جنهن جي ميزبان (ائنڪر) هيءَ روس جي ڄاول ڇوڪري سواٿي مڌاپتي رهي ۽ اٽڪل 150 پروگرام ڪيائين. ان ٽي وي پروگرام سان گڏ هوءَ تامل، تيلگو ۽ مليالم فلمن ۾ به ايندي رهي ٿي. منهنجي سريلنڪا جي تامل دوست ڪئپٽن رڊرا ڪمار جي پٽ ٻڌايو ته هن جي پهرين فلم ”سبرا منيا پورم“ نالي تامل ٻوليءَ ۾ هئي ۽ کيس انڊيا جي فلم فيئر ۽ ناندي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. پاڻ انڊيا کان علاوه سري لنڪا، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي سائوٿ انڊين ۾ به مشهور آهي.
سواٿيءَ جو پيءُ انڊين نيويءَ ۾ هو ۽ سب مرينر جي ٽريننگ لاءِ ولادي ووستوڪ ۾ رهيل هو ته سواٿي ڄائي. هوءَ يارهن سالن جي ٿي ته حيدرآباد دکن جي ”سينٽ ميري ڪالج“ ۾ داخلا ورتي ۽ بايو ٽيڪنالاجيءَ ۾ گريجوئيشن ڪئي. ماڊل، ٽي وي، اشتهارن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کان علاوه هوءَ پلي بئڪ سنگر ۽ Voice Actor به آهي.... يعني هوءَ فلمن ۾ آواز به ڊب ڪري ٿي. سندس MAA ٽي وي جا تيلگو پروگرام يوٽيوب تي به مشهور آهن.

[b]• روس جي اوڀر وارو بندرگاهه ولادي ووستڪ
[/b]ولادي ووستڪ (Vladivostok) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪو جپان جي اتراهين ٻيٽ هڪيدو کان به وڌيڪ اتر ۾ آهي. بس سمجهو ته روس جو سائيبيريا وارو علائقو ٿيو جتي اونهاري ۾ به اسان جي سياري جهڙي ٿڌ آهي ۽ سياري ۾ ته ڪاٽو 20 ڊگرين کان به ٿڌ جو پد (Temperature) گهٽ ٿو رهي. هونءَ ئي ٿڌن شهرن جي آدمشماري گهٽ هوندي آهي اهڙي طرح هن بندرگاهه جي آدمشماري گهڻي ناهي. پر ڏسان پيو ته هن شهر ڪيترائي قابل ۽ مشهور انجنيئر، ڊاڪٽر، سائنسدان، اديب، شاعر ۽ نيون ايجادون ڪرڻ وارا ماهر پيدا ڪيا آهن. منهنجي لاءِ اها حيرت جي ڳالهه رهي ٿي ته اتراهن علائقن جا ماڻهو، هيڏي ٿڌ ۽ ڏڪاڻيءَ جي باوجود هر فيلڊ ۾ قابل ڇو آهن! پوءِ سئيڊن ۾ تعليم جي سلسلي ۾ جڏهن لڳاتار ٻه سال رهيس ته اتي ڏٺم ته هر هڪ ماڻهو .... ننڍو توڙي وڏو، عورت توڙي مرد اسڪول يا آفيس جي ڊيوٽي ڏيڻ بعد هيڏانهن هوڏانهن رلڻ پنڻ بدران گهر ۾ ويٺا رهن ٿا. ههڙي سيءَ ۾ ڪير ٻاهر نڪري. اهڙي ٿڌ، جو ٻه جملا ڳالهايا نه ٿيندا هئا. آئون ته ڳوٺان گرم ”ڪن ٽوپ“ کڻي ويو هوس جنهن سان نه فقط مٿو پر ڳچيءَ تائين سڄو منهن ڍڪجي ويو ٿي، فقط اکيون نظر آيون ٿي. اهڙي سياري ۾ سئيڊن ۾ سال جا 8 مهينا کن ته ڏسندو هوس ته هر ڪو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو ڪجهه نه ڪجهه ڪري. ڪو ڪمپيوٽر تي لڳو پيو آهي ته ڪو هارمونيم پيو سکي، عورتون سلائي ۽ ڀرت پيون ڪن ته ٻار لکن پڙهن پيا يا اسڪرئبل جهڙي راند پيا کيڏن. اهو سڄو نظارو، گهرن وٽان لنگهندي ٻاهران نظر ايندو هو. سياري ۾ هنن اتراهن ملڪن ۾ شام جو 3 بجي ئي سج لهيو وڃي. اندران ڪمرن ۾ بتيون ٻرڻ ڪري ٻاهر جي راهگير کي اندر جي هر شيءِ صاف نظر آئي ٿي. پوءِ هو گهر ۾ ويٺي ويٺي سائنسدان ٿيو وڃن. اسان وٽ هڪ ته گرمي اهڙي آهي جو دماغ ۾ ڪا ڳالهه نٿي اچي ان مٿان لوڊ شيدنگ يعني نه بجلي نه پنکو آهي. اخبار لاءِ ڪالم لکندي به پگهر اچيو وڃن. ننڍي هوندي تارن جي جهڳمڳ ۾ اڱڻ ۾ سمهبو هو. اڄ به پيٽارو جون ٿڌيون هوائون ياد ٿيون اچن. ڳوٺ ۾ بجلي نه هئي، اڱڻ ۾ رکيل صندل تي لالٽين اڳيان ويهي پڙهبو هو. مون کي حيرت ٿي جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج توڙي ڄامشوري جي ماڻهن ٻڌايو ته هو مڇرن جي چَڪن کان ٻاهر اڱڻ ۾ نه وهن نه سمهن. واقعي! دنيا ۾ مليريا ختم ٿي وئي. اسان وٽ مليريا جو کاتو- مڇرمار 1955 ۾ شروع ٿيو..... سٺ سال گذرڻ بعد به مليريا قائم دائم آهي.... جيتوڻيڪ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن جهنگل ۽ پوسل وارن ملڪن ۾ جيڪي ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ اسان کان گهڻو پٺتي هئا اتي به مليريا ۽ ٽائيفائيڊ جهڙيون بيماريون اڄ کان 35 سال اڳ ختم ٿي ويون. اسان وٽ مڇر صاحب مليريا سان گڏ مليريا کان به خطرناڪ بيماريون: ڊينگي ۽ چڪون گونيا (Chikungunya) کڻيو پيا هلن. سو اسان وٽ ماڻهو مختلف مصيبتن کي منهن ڏين يا ايجادن ڏي ڌيان ڌرين. بهرحال اهو چوندس ته روس جي هن شهر ولادي ووستڪ تمام گهڻا اهم ماڻهو پيدا ڪيا آهن. هتي ٻئي ڪنهن اِگور انسف (Igor Ansoff) جهڙي حسابدان يا ولاديمير آرسينيو جهڙي رولاڪ Explorer جو احوال نٿو لکان ۽ نه وري نتاليا پوگونينا جهڙي شطرنج جي رانديگر يا Eugene Kozlovsky جهڙي روسي اديب ۽ صحافي بابت ٿو لکان جيڪو مون کان ٻه سال ننڍو آهي هو ولادي ووستڪ ۾ ڄائو، وڏو ٿيو اڄڪلهه ماسڪو ۾ رهي ٿو. سندس انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آتم ڪٿا پڙهڻ وٽان آهي .... هتي آئون ڪجهه سٽون فقط ولادي ووستڪ ڄائي ”ائنا شچيٽينيا“ بابت ضرور لکندس ته اها دنيا جي پهرين عورت آهي جيڪا مرچنٽ نيوي ۾ آئي ۽ پاڻي جي ڪيترن ئي جهازن کي ڪئپٽن جي حيثيت ۾ دنيا جي مختلف سمنڊن تي هلايو. منهنجي خيال ۾ پاڻي جي جهاز تي ڪنهن عورت جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ٿيڻ ”موت جي کوهه“ ۾ ڦٽڦٽي (موٽر سائيڪل) هلائڻ کان ڏکيو ڪم آهي. عورتن کي ڊاڪٽر، سرجن، هوائي جهاز جو پائلٽ..... ويندي ٽرڪ يا ٽرين هلائيندي ڏٺو آهي پر مرچنٽ نيوي جي جهازن تي آخري عهدي تائين پهچڻ بيحد حيرت جي ڳالهه آهي ۽ ان جو اندازو اهي لڳائي سگهن ٿا جن جو مالبردار يا مسافر جهازن سان واسطو آهي. سرجن يا پائليٽ جو ڪم به هڪ عورت لاءِ مشڪل نه آهي. جو هڪ هنڌ صاف سٿري ماحول ۽ موسم ۾ ڪرڻو پوي ٿو. هوائي جهاز هلائيندڙ پئليٽ عورت کي نيويگيشن جو به مسئلو ناهي جو هوءَ روزانو ساڳي روٽ تي ڪراچي کان لنڊن يا لنڊن کان نيويارڪ اچي وڃي پئي ۽ نقشي تي ٺاهيل رستي کي فالو ڪندي وڃي پر پاڻي جي جهاز کي لنڊن کان نيويارڪ وٺي وڃڻ ۾ ڏهاڪو کن ڏينهن لڳيو وڃن يا ولادي ووستڪ کان وئنڪوئر وٺي وڃڻ ۾ 15 ڏينهن لڳيو وڃن ۽ هر دفعي موسم ۽ سامونڊي ڇولين مطابق نئون نئون رستو اختيار ڪرڻو پوي ٿو. طوفانن ۽ مخالف سمنڊ ڪري هر وقت جهاز ٿڙيو وڃي ۽ روزانو حساب ڪتاب ڪرڻو پوي ٿو ته جهاز ڪهڙي طرف بتال ٿي ويو ان کي صحيح رستي تي ڪيئن آڻجي. طوفانن ڪري سامان جي اٿل پٿل، باهه يا پاڻي هيٺ ڀڳل جهاز سان ٽڪرائڻ ڪري پيش آيل حالتن کي منهن ڏيڻ، جهاز تي ڪم ڪندڙن جي بيمارين، حادثن ۽ جهيڙن جهٽن کي ٺاپر ۾ آڻڻ ۽ ڪڏهن ته خراب موسم، طوفانن يا سئيز ۽ پاناما ڪئنال مان لنگهندي يا جبرالٽر جي ڳچي سمنڊ ۽ سنگاپور وٽان ڦرندي جتي بي انتها ٽرئفڪ رهي ٿي اتي 24 ڪلاڪن کان مٿي پيرن تي بيهي اوجاڳو ڪرڻ اسان مردن کي ئي گهوماٽيو ڇڏي.... يا اهڙن موقعن تي جڏهن سيڪندن ۾ فيصلو ڪرڻو پوي ٿو ڇو جو پاڻيءَ جي جهاز کي ته بريڪ ناهي جو يڪدم بيهاري سگهجي نه خشڪي جي ٽرئفڪ وانگر هڪڙو ئي قانون آهي ته هن ملڪ (USA) ۾ هر هڪ کي پنهنجي ساڄي طرف هلڻو آهي يا هن ملڪ (انگلينڊ، پاڪستان، ملائيشيا وغيره) ۾ هر هڪ کي پنهنجي گاڏي کاٻي پاسي کان هلائڻي آهي. هتي سمنڊ تي مختلف طرفن کان ايندڙ جهازن کي وزن ۽ ماپ مطابق مختلف قانون تي هلڻو آهي جنهن جي ڄاڻ ۽ فيصلو تڪڙو ڪرڻو پوي ٿو نه ته حادثو ٿي سگهي ٿو.... ٿوري به سستي، ٿڪاوٽ، خوف ۽ اڻڄاڻائي جهاز ۽ ان ۾ سوار جانين کي ٻوڙي سگهي ٿي. اهي فيصلا ۽ ڊيوٽيون عورت لاءِ ڏاڍيون ڏکيون آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته تعليم دوران به آسان زندگي ناهي.، پڙهائي سان گڏ پي ٽي، پريڊ، اڪيلي سر چَپون هلائي Rowing ڪرڻ يا ڳرن سڙهن کي ڇڪي هوا جي رخ مطابق سيٽ رکي Sailing ڪرڻ، جهاز جي لوهي پليٽن جي چپنگ ڪري رنگ ڪرڻ، خاص ڪري جهاز جي ٻاهرين پليٽن کي جتي ڪرڻ سان ماڻهو هيٺ سمنڊ ۾ هليو وڃي..... هر ملڪ جي بندرگاهه ۾ اتي جي مزورن، سامان جي مالڪن، هيلٿ آفيسرن، ڪسٽم ۽ اميگريشن کي منهن ڏيڻ.... ڪي سولا ڪم نه آهن. جهاز جي نوڪري سخت جسماني ۽ ذهني ٽينشن واري رهي ٿي.... هر وقت پنجاهه مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو .... ۽ پهلوان ناکئن کي به پگهر اچيو وڃن ۽ سندن نروس بريڪ ڊائون ٿيو پوي اتي اهڙي جاءِ تي ڪنهن عورت کي ڏسي داد ڏيڻو پوي ٿو چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم وٺڻ دوران اسان ٻڌو هو ته سمنڊ تي هڪ عورت به آهي جيڪا روس جي ولادي ووستڪ ۾ ڄائي، اتي جي مئرين اڪيڊميءَ مان تعليم حاصل ڪري جهاز تي ٻه سال ڪئڊٽ Sail ڪيو ان بعد بين الاقوامي امتحان ڏئي سيڪنڊ ميٽ ۽ پوءِ چيف ميٽ رهي.... ان بعد وڌيڪ امتحان ڏئي جهاز جي پهرين ڪئپٽن ٿي آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته پاڪستان ۾ 1962ع ۾ جڏهن چٽگانگ ۾ مئرين اڪيڊمي کلي ته اها ايشيا جي ٽي اڪيڊمي ڳڻي وئي جو پهرين روس جي هيءَ ”ولادي ووستڪ مئرين اڪيڊمي“ هئي. ان بعد انگريز راڄ ۾ بمبئي ۾ ڊفرن نالي مئرين اڪيڊمي کلي ان بعد اسان وٽ مشرقي پاڪستان ۾ کلي. ان ئي ڏهاڪي ۾ عرب ملڪن ۾ تيل نڪرڻ ڪري هر امير ملڪ ۾ جهازن جو تعداد وڌڻ لڳو. ان سان گڏ هر ملڪ مئرين اڪيڊمي کولڻ لڳو ۽ ايران، جپان، فلپين کان سري لنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ مئرين اڪيڊميون کلي ويون ۽ گذريل صديءَ جي آخر تائين سامونڊي نوڪري (مرچنٽ نيوي) بهتر ڪئريئر سمجهيو ويو ٿي پر هاڻ ڏٺو وڃي ته هر شيءِ هوائي جهاز رستي موڪلي وڃي ٿي ۽ پاڻي جا جهاز گذريل ويهارو سالن کان تيل جا پئسا ڪڍڻ لاءِ به پريشان آهن. ڪيترن جهازن جي مالڪن پنهنجا جهاز اوڻي پوڻي ۾ وڪڻي وڃي هوٽلون کوليون..... اهو ئي سبب آهي جو هن ڪئريئر لاءِ جتي مون 1970 جو سڄو ڏهاڪو مضمون لکي نوجوانن کي همٿايو اڄ انهن کي هن فيلڊ ڏي اچڻ کان خبردار ڪريان ٿو جو سوين گرئجوئيٽ ته ڇا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر به بيروزگار ويٺا آهن .... جهاز ئي ڪو نه آهن ـــــ نوڪري ڇاتي ملي!
بهرحال جنهن زماني ۾ ”شچيٽي نينا“ جهاز هلايو ان دور ۾ ته هڪ عورت لاءِ پاڻي جو جهاز هلائڻ اڃان به وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ ۽ ڪمال جهڙي ڳالهه سمجهي وئي ٿي. شچيٽي نينا (سڄو نالو Anna Ivanovna Shchetinina) 1908 ۾ ڄائي. 1925 ۾ ولادي ووستڪ مئرين اڪيڊميءَ جي نيويگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي. گرئجوئيشن بعد پاڻي جي جهاز تي هن هڪ عام خلاصي Ordinary Seaman (بلڪه Sea Woman) جي حيثيت ۾ Sail ڪيو. 24 سالن جي ڄمار ۾ بين الاقوامي امتحان ڏئي هوءَ سيڪنڊ ميٽ ٿي ۽ 27 سالن ۾ ڪئپٽن ٿي. چون ٿا ته هن جڏهن ڪئپٽن جي حيثيت ۾ پهريون جهاز M.V.Chavycha هئمبرگ (جرمني)- جتي اهو نئون جهاز خريد ڪيو ويو هو، جي بندرگاهه کان ڪڍي يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جي ڪيترن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ڪندي پنهنجي هوم پورٽ ولادي ووستڪ پهتي ته سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ٻي جنگ عظيم دوران ۽ ان بعد به هوءَ ڪيترن ئي جهازن جي ڪئپٽن ٿي رهي. ان بعد هن کي پڙهائڻ جو شوق ٿيو ۽ مون وانگر مئرين اڪيڊمي جي ماسترياڻي ٿي. 1999ع ۾ سندس وفات ٿي. هن جو لکيل ڪتاب، جيڪو بعد ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري On the Seas & Beyond the Sea نالي ڇپيو ويو، اڄ به قدر جي نگاهه سان پڙهيو وڃي ٿو.

[b]• استرا خان ڪو ”خان“ نه پر ”بندرگاهه“ آهي.
[/b]پاڻ ڳالهه پئي ڪئي ته روس جيتوڻيڪ وڏو ملڪ آهي، طاقتور ملڪ آهي پر افسوس جو سامونڊي بندرگاهن ۾ غريب ملڪ آهي. هي ڏور اوڀر جو، پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري وارو ولادي ووستڪ بندرگاهه جيتوڻيڪ سال جو وڏو عرصو کليل رهي ٿو، سڻائي هنڌ تي آهي، ڪافي اونهو ۽ ماڊرن بندرگاهه آهي جتي وڏا وڏا جهاز به اچيو لنگر انداز ٿين پر هي بندرگاهه گادي واري شهر ماسڪوجتي زندگي آهي، جتي ملڪ جي آدمشماري جو وڏو حصو رهي ٿو، کان بيحد پري آهي.... انڊيا پاڪستان کان يا آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه کان روس لاءِ سامان جيڪڏهن ”ولادي ووستڪ“ بندرگاهه ۾ لاٿو ٿو وڃي ته هڪ ته سامونڊي رستو وڏو ٿئي ٿو سو ڀاڙو به وڌيڪ ٿيو ۽ پوءِ ولادي ووستڪ کان ماسڪو پهچڻ ۾ وڌيڪ ڏينهن ۽ وڌيڪ ڀاڙو خرچ ٿئي ٿو جو ماسڪو اتان 9000 کن ڪلوميٽر آهي. ان حالت ۾ ڪئسپين سمنڊ جيڪو ڍنڍ مثل آهي ان جو وولگانديءَ جي ڇوڙ وٽ روسي بندرگاهه استرا خان سڀ ۾ بهترين ئي چئبو جو ان جي سڏ پنڌ تي قزاقستان جو بندرگاهه اقتائو (Aktau) آهي ۽ ٿورواڳيان ترڪمنستان جو بندرگاهه ”ترڪمن باشي“ آهي ۽ ٻئي ڇيڙي تي، بلڪل ڏکڻ ۾ ايران جو بندرگاهه راشت (Rasht) آهي. راشت پري پري ته به فقط هڪ هزار ڪلوميٽرن جيفاصلي تي آهي. سو روس هر سال پنهنجي ضرورت جو وڏو حصو ايران کان سندن بندرگاهه راشت ذريعي پنهنجي بندرگاهه استرا خان ۾ گهرائي ٿو.اهڙي طرح پنهنجي ملڪ جو سامان به هن سمنڊ ذريعي ايران موڪلي ٿو جتان پوءِ ڀر وارن ملڪن توڙي آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن ڏي وڃي ٿو.اهڙي طرح روس جو سامان آذربائيجان جي بندرگاهه باڪو ڏي پڻ وڃي ٿو.
هڪ ڳالهه جيڪا اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن روس ۾ پهچي محسوس ڪئي ٿي ۽ پڙهندڙ هي مضمون پڙهي ضرور حيرت کائيندا هوندا ته جتي روس جي شهرن جا نالا هنن جي پنهنجي حساب سان آهن ۽ اسان لاءِ ڏکيا ۽ اوپرا آهن اتي روس جي هن بندرگاهه جو نالو جيڪو يورپ جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي وولگا جي بلڪل ڇيڙي وٽ ڊيلٽا تي آهي، جتي اها ڪئسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪري، ”استرا خان“ هجڻ عجيب ٿو لڳي. ۽ سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو ته هيڏانهن روس پاسي ڪهڙا خان، ترڪ، منگول آيا جن هي شهر اهڙي نالي سان ٻڌرايو. هن پاسي جي تاريخ ٿي پڙهجي يا جهونن کان خبرون ٿيون پڇجن ته معلوم ٿو ٿئي ته هي ڪافي آڳاٽو شهر آهي جنهن جو پهرين ذڪر تيرهين صديءَ جي سياحن ڪيو. انڊيا وارو تيمورلنگ جيڪو 1336 ۾ ڀرواري ملڪ ازبڪستان جي ڪيش شهر ۾ ڄائو، 1370 ۾ بلخ شهر ۾ تاجپوشي ٿيس ۽ 1405 ۾ قزاقستان جي شهر اوترار ۾ گذاري ويو. تيمورلنگ (فارسي خطاب آهي جنهن جي معنا ٿي ’منڊو تيمور‘) پرشيا (ايران) ۽ وچ ايشيا ۾ تيمور سلطنت جو بنياد رکيو جنهن جو پهريون حاڪم پاڻ ٿيو. تاريخ ۽ هن تر جي ماڻهن واتان ٻڌجي ٿو ته هو وڏو طاقتور حاڪم هو. دراصل اسان گهٽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهن لاءِ تاريخ جون اهي ڳالهيون به ته منجهائيندڙ آهن ته 1857ع واري انگريزن سان ويڙهاند آزاديءَ جي لاءِ جنگ هئي يا بقول انگريزن جي اسان هندوستانين (Natives) طرفان بلوو! نادر شاهه ايران کان اچي دهلي ساڙي، هزارين ماڻهو ماري هيرن جواهرن وارو تخت طائوس به ڳوٺ (يعني ايران) کڻائي ويو.... ظاهر آهي وڏو ظلم ڪيائين اسين ننڍي کنڊ جا ماڻهو هن کي ڦورو، ڌاڙيل ۽ ظالم سڏيون ٿا پر ايران ۾ وڃ ته اتي جي اسان جي مسلمان ڀائرن لاءِ هو هيرو جي اهميت رکي ٿو. مشهد ۾ جتي امام رضا جو روضو آهي ان جي پسگردائيءَ ۾ سندس مقبرو آهي جنهن مٿان هن جي ياد ۾ گهوڙيسوار جو وڏو Statue آهي. هندستان جي ڀينگ ڪندڙ هي ۽ غوري ۽ غزنوي حاڪم جن جا ۽ مغل بادشاهن جا نالا وٺي اسان ٺرون پيا، ڏٺو وڃي ته انهن جي راڄ ۾ هندستان جي غريب عوام کي ته ٻه ويلا ماني به نه هئي.... مسلمان حاڪمن هوندي مسلمان رعيت به پير اگهاڙا ڪري پئي هلي. ان هوندي به اسان غوري يا غزنوي کي پنهنجو سمجهي پنهنجي ملڪ جي روڊ رستن-ــ ويندي ميزائيلن تي انهن جا نالا رکي فخر محسوس ڪريون ٿا ۽ ان ڳالهه تي افغانستان اسان تي چٿرون ٿو ڪري ته ”چريائو! اهي ڪڏهن توهان جا هئا؟ غزني غور-ــ اهي شهر ۽ انهن جا اهي ڏنگا مڙس ته اسان جا آهن.... اسان جا هيرو آهن.... ڇو جو توهان کي لٽي ڦري دولت هيڏانهن کڻي ٿي آيا ۽ اسان کي خوشحال ٿي ڪيو. توهان تي ته هنن حڪومت ڪئي جيئن بعد ۾ انگريزن ڪئي ۽ هاڻ وري توهان جا پنهنجا چند خاندان پيا ڪن“. منهنجي خيال ۾ مون حسن نثار کان پاڪستان جي ڪنهن ٽي وي چئنل تي ٻڌو ته افغانستان حڪومت پاڪستان حڪومت کي خط لکي ان اعتراض جو اظهار ڪيو آهي ته توهان اسان جي شهرن ۽ اسان جي هيرن جا نالا پنهنجين شين تي ڇو ٿا رکو؟.
تيمورلنگ لاءِ چيو وڃي ٿو وڏو جنگجو همراهه هو. هن مصر ۽ شام جي مملوڪن کي، اڀرندڙ سلطنت عثمانيه کي ۽ زوال پذير دهلي سلطنت (1526-1206) جي انهن ڏينهن جي تغلق گهراڻي جي حاڪم تي 1398 ۾ سوڀ حاصل ڪئي. (منهنجي خيال ۾ ان وقت تغلق گهراڻي جو حاڪم نصيرالدين محمد شاهه تغلق اتر انڊيا جو حاڪم هو)..... ۽ هي تيمور لنگ ئي هو جنهن هن شهر استرا خان کي سال 1395 ۾ ساڙي ڀسم ڪيوهو.
حيرت ٿي ٿئيته ان زماني ۾ نه هوائي جهاز هئا نه ٽرڪون ڪارون ـــــ تيمورلنگ، نادر شاهه، بابر يا سلطان غزنوي جهڙا حاڪم ٿي ڪري عام سپاهين سان گڏ سخت سردي توڙي گرميءَ ۾ خچرن گهوڙن تي يا ڪٿي پيرين پنڌ پنهنجي جنگي اصلح تيرن ڪمانن، نيزن، ڀالن بڻڇين سميت ميلن جا ميل سفر ڪيو ٿي! تيمورلنگ جنهن کي انگريزيءَ ۾ Tamerlane لکيو وڃي ٿو ازبڪستان جي ”گورِ امير“ ۾ دفن ٿيل آهي. دهليءَ ۾ همايون جي مقبري ۽ آگري جي تاج محل وانگر سمرقند جو هي ”گورِ امير“ هڪ تاريخي مقبرو آهي ۽ عمارتسازيءَ کان مشهور آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته هتي تيمورلنگ کان علاوه سندس پٽن شاهه رخ ۽ ميران شاهه، ۽ پوٽي الغ بيگ (مرزا محمد طارق بن شاهه رخ مرزا) جون قبرون پڻ آهن. تيمورلنگ جي مشهور ٽيچر سيد برقا (1403-1343) کي پڻ هتي دفن ڪري هڪ استاد جي عزت افزائي ڪئي وئي آهي. تيمورلنگ جي پٽ شاهه رخ ۽ سندس زال گوهر شاد بيگم (1457-1378) جنهن مشهد ۾ 1418 ۾ امام علي رضا جي روضي ڀرسان مسجد گوهر شاد ٺهرائي ۽ جنهن جي نالي ڪابل افغانستان ۾ 2003 ۾ وومين يونيورسٽي کولي وئي، ۽ سندس پٽ الغ بيگ جيڪو 1394 ۾ ڄائو ۽ 1449 ۾ وفات ڪيائين نه فقط حاڪم ٿي رهيو پر قابل حسابدان (Mathematician) ۽ ماهر فلڪيات (Astronomist) پڻ هو جنهن جا ثابت ڪيل ٽرگناميٽري جا فارمولا ۽ تارن جو حساب ڪتاب اسان جي جهاز راني (Navigation)سبجيڪٽ ۾ اڄ به دنيا ۾ پڙهايو وڃي ٿو.... انهن جو تفصيلي احوال مون پنهنجي ايران واري ”ايران ڏي اڏام“ سفرنامي ۾ ڪيو آهي. هو امير ڪبير جي خطاب سان سڏيو ويو ٿي. هن جي نالي ڪيترائي تعليمي ادارا ايران، ازبڪستان، تاجڪستان، ترڪمنستان، افغانستان، ڪرغستان ۽ قزاقستان ۾ آهن (جيڪي ملڪ هن جي ڏينهن ۾ سلطنت تيموريا جي قبضي ۾ هئا) خاص طور ايران جي امير ڪبير يونيورسٽي، تهران ۽ سمرقند ۽ بخارا جا ”الغ بيگ مدرسا“.
پاڻ ڪئسپين سمنڊ جي روسي بندرگاهه استراخان جي ڳالهه ڪريون جنهن تي ڪيترائي دور، حاڪم ۽ عروج زوال آيا. استراخان جو شپ يارڊ روس جي مشهور زار ”پيٽراعظم“ (Peter the Great) ٺهرايو ۽ ساڳي صديءَ ۾ روس جي هڪ خاتون حاڪم (زرينه) راڻي ڪئٿرين هن شهر ۾ خوب ڪارخانا ۽ فئڪٽريون لڳرائي مڪاني ماڻهن ۾ خوشحالي پيدا ڪئي.

[b]• روس جا زار ۽ زرينائون....
[/b]پيٽر دي گريٽ (پيٽر اعظم) روسي راڄ جو هڪ بهترين ۽ دلپسند شهنشاهه ٿي گذريو آهي. هو روس جي پهرين زار (Tsar) ميخائيل (سڄو نالو Mikhail Romanov) جو پوٽو هو.ميخائيل 1613 ۾ ”رومانوو گهراڻي“ جو بنياد رکيو جنهن جي آخري بادشاهه (زار) نڪولس ٻئي کي 1917 واري انقلاب ۾ تخت بدر ڪري سندس ۽ سندس ٻارن جو بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. هتي اهو لکندو هلان ته روس سلطنت جا هي بادشاهه پاڻ کي زار سڏائيندا هئا ۽ سندن راڻيون زرينائون(Tsarina) سڏبيون هيون ـــجيئن سلطنت عثمانيا (Ottoman Empire) جا حاڪم ”سلطان“ ۽ بنواميه ۽ عباسيه سلطنت جا حاڪم پاڻ کي ”خليفو“ سڏائيندا هئا. روس جي ڪن راڻين جيئن ته زرينا ايلزبيٿ جهڙين ايڏو ته نالو پيدا ڪيو جو سندن هاڪ اسان وٽ هند سنڌ ۾ به عام ٿي . ايتري قدر جو ڇوڪرين جو نالو زرينا رکيو وڃڻ لڳو جيئن ڇوڪرن جو رستم ۽ سهراب عام هو.... جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته نه ڪا زرينا ۽ نه رستم سهراب مسلمان هئا. تڏهن ته چوان ٿو ته اهي ”ڪافرن“ جا نالا ته اڄ به رکيا وڃن ٿا باقي باغن ۽ روڊن کي زوريءَ مسلمان بنائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جو ”رام باغ“ کي آرام باغ، ايمپريس مارڪيٽ کي KMC مارڪيٽ ۽ ايلفنسٽن اسٽريٽ کي زيب النساءِ اسٽريٽ بنايو ويو. تاريخي حقيقتن کي مِٽائڻ ڪا سٺي ڳالهه ته نه آهي.
هڪ ٻي ڳالهه ته انگريز حاڪمن جي نالن وانگر روس جي حاڪمن جا به ساڳيا ساڳيا نالا ڦرندا رهن ٿا جيئن ته انگريز بادشاهن جا نالا وليم، جارج، هينري، رچرڊ، ايڊورڊ، چارلس وغيره هلندا اچن. هڪڙا مرن ٿا ته انهن جا نالا وري انهن جي پوٽن پڙ پوٽن تي رکيا وڃن ٿا. تيئن روسي حاڪمن ۾ پيٽر، ڪئٿرين، پال، اِيوان هلندا رهيا ٿي. مون جهڙن موڳن لاءِ اها وڏي مونجهاري جي ڳالهه ٿئي ٿي. جيئن روس جي بندرگاهن ۾ وڃبو هو يا روسي جهاز وارن سان ملبو هو ته هو هميشه زار پيٽر دي گريٽ ۽ زرينا ڪئٿرين دي گريٽ جي تعريف ڪندا هئا ته هنن روس ملڪ ۽ ان جي عوام لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا. آئون اهو ئي سمجهندو هوس ته ڪئٿرين پيٽر دي گريٽ جي زال آهي پر هو ٻڌائيندا هئا ته هيءَ اها ڪئٿرين نه پر ٻي ڪئٿرين آهي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته ان ٻي ڪئٿرين جي مڙس جو نالو به پيٽر هو جيڪو پڻ زار (روس جو شهنشاهه) ٿي رهيو. بهرحال ڀلو ٿئي منهنجي سئيڊن يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ تيمورلو چنگيزي جو جيڪو هڪ روسي رياست آذر بائيجان يا شايد ترڪمنستان کان آيو هو. هو تاريخ ۽ ڪامرس جو ماهر هو. ٻه سال ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ دوران هن مون کي روس جي تاريخ ڄڻ ته ٽيوشنون ڏئي پڙهائين ۽ هتي تاريخ جي شوقين منهنجي پڙهندڙن لاءِ روسي زارن جو تعارف طور مختصر احوال لکان ٿو جيئن هو انهن بادشاهن ۽ راڻين سان واسطو رکندڙ منهنجيون ڳالهيون سمجهي سگهن.