شروعاتي سياح جن جا سفرناما اڄ به مشهور آهن
هنن کان اڳ يورپ وارن جو باءِ روڊ (خشڪي رستي) اچڻ وڃڻ ضرورهو. انڊيا، چين ۽ هندي سمنڊ تي ٻين آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن جي ڄاڻ يورپ وارن کي مارڪوپولو ۽ ابن بطوطا جي سفرن بعد پئي. ائين ته مارڪو پولو کان اڳ به ڪيترائي يورپي، خشڪيءَ رستي انڊيا ۽ چين آيا ويا پئي .... ويندي مارڪوپولو جي ڄمڻ کان اڳ هن جو پيءُ ۽ چاچو چين تائين ايندو ويندو رهيو ٿي پر دنيا وارن کي پنهنجي سفر جي لکت ۾ ڄاڻ پهرين مارڪو پولو ڏني. يا کڻي ائين چئجي ته سفرناما ته مارڪوپولو ۽ ابنِ بطوطا کان پوءِ به ڪيترن ئي لکيا ۽ اڄ به لکندا رهن ٿا پر مٿين همراهن جا شروعاتي ۽ تفصيلي سفرناما آهن جن مان يورپ وارن کي ڄاڻ پئي ته قسطنطنيه ۽ مراڪش کان اڳتي به ڪا دنيا آهي جنهن جي تهذيب بيحد قديمي آهي.
مارڪوپولو اٽلي جي شهر وينس جو رهاڪو هو ۽ سندس مادري زبان اطالوي هئي .... بعد ۾ ته هن کي هندي، فارسي ۽ چيني به اچي وئي. هن پنهنجي سفر جو احوال “Livres des merveilles du monde” نالي ڪتاب ۾ اطالوي ۾ لکيو آهي جيڪو 1300ع ڌاري انگريزي ۾ “Book of Marvels of the world” ۽ ”ٽريولس آف مارڪوپولو“ نالي ڇپيو. هن ڪتاب بعد ئي يورپين جون انڊيا، چين ۽ وچ ايشيا جي ملڪن بابت اکيون کليون. دراصل هڪ ڳالهه قابلِ غور آهي ته يورپي ماڻهن مان وري به ڪجهه پنهنجي سفر جو احوال لکي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن کي انهن ڏيهن ۽ ماڻهن جي آگاهي ڏني جنهن کان هو پهرين اڻ واقف هئا. ان ڄاڻ جي ڪري سندن ماڻهن کي فائدو رسيو. انگريز جهازران ڪئپٽن هاڪنس جهانگير مغل بادشاهه جي درٻار ۾ رهڻ دوران مغل سلطنت بابت ڳالهيون لکيون ۽ پنهنجي ملڪ انگلنڊ موڪليون. اهڙي طرح ڪيترن پورچوگالين پڻ سنڌ هند بابت لکيو. مارڪوپولو جي سفرنامي مان به يورپين کي ايشيا جي ملڪن ۽ اتي جي ماڻهن جي اوڻاين پوڻاين جي ڄاڻ ٿي. ڪولمبس پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿو ته مارڪوپولو جو سفرنامو پڙهي کيس سمنڊ رستي انڊيا وڃڻ جو شوق پيدا ٿيو .... پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هو رستو ڀلجي آمريڪا وڃي نڪتو.
مارڪوپولو جو پيءُ ۽ چاچو وڏي عرصي کان چين ڏي واپار وڙي خاطر ويندا رهيا ٿي جتي هنن جي قبلائي خان سان به ملاقات ٿي. 1254 ۾ جڏهن مارڪوپولو ڄائو ته ان وقت سندس پيءُ ۽ چاچو وينس (اٽلي) ڇڏي چڪا هئا. 1269 ۾ جڏهن اهي موٽيا ته مارڪوپولو ٻارهن تيرهن سالن جو ٿي چڪو هو ۽ ان بعد واري سفر ۾ هو مارڪوپولو کي ساڻ کڻي نڪتا. سندن هن سفر ۾ 24 سال لڳي ويا ۽ جڏهن پنهنجي وطن وينس پهتا ته وينس وارن جي جينوئا وارن سان لڙائي هلي رهي هئي جنهن ۾ هي به ڦاسي پيا ۽ مارڪو پولو کي ست سال کن جيل ۾ رهڻو پيو. هونءَ مارڪوپولو کي سفرنامي لکڻ جو خيال نه هو. هن ته وينس پهچي ٻه چار مهينا آرام ڪري وري ٻي سفر لاءِ نڪرڻ جو ارادو رکيو ٿي. جيل ۾ ماڻهو ڇا ڪري وقت پاس ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي سفر جا قصا پنهنجن ساٿين کي ٻڌائيندو رهيو جيڪي هن پاران لکندا رهيا. 1299 ۾ مارڪو پولو جڏهن جيل مان نڪتو ته ان وقت هن جي عمر 45 سال هئي. هو هڪ امير واپاري ٿيو، شادي ڪيائين ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ ٿيو. 1324 ۾ وفات ڪيائين.
مارڪوپولو جي ياد ۾ دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون نظر اچن ٿيون. خاص ڪري اٽليءَ جي شهر وينس جي ايئرپورٽ جو نالو ”وينس مارڪو پولو ايئرپورٽ“ آهي.
هڪ ڳالهه آهي ته مارڪوپولو گهر کان 24 سال پري رهيو پر اهو آهي ته هن سان گڏ هن جو پيءُ ۽ چاچو به هو. ان مقابلي ۾ ابنِ بطوطا کي شابس هجي جنهن اڪيلي سر سفر ڪيو. پنهنجي شهر طنج (Tangier) جڏهن ڇڏي رهيو هو ته بقول سندس سفرنامي جي، هن جي توڙي هن جي ماءُ پيءُ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا جيتوڻيڪ ان وقت هو حج جي ارادي سان نڪتو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ آفريڪا کنڊ جي ان علائقي مراقش، جنهن سان هن جو واسطو هو يا ڀر وارن ملڪن ماريطانيا يا مالي جي ماڻهن کي حج جي اوٽ موٽ سفر ۾ ٻه سال کن لڳي ويا ٿي. پيرين پنڌ ۽ ڪجهه فاصلو اٺن تي ڪرڻ سان کين اوٽ موٽ سورهن مهينا لڳا ٿي. اهڙا ڇهه اٺ مهينا مڪي مديني ۾ رهڻ جا. اڄ ڪلهه حج لاءِ ويندڙ ماڻهو مهيني کان به گهـٽ وقت رهن ٿا نه ته اسان جڏهن ننڍا هئاسين ۽ حاجي فقط پاڻي واري جهاز ”سفينهِ حجاج“ ۾ ويندا هئا ته ان وقت به اهي مڪي ۾ چار مهينا کن رهندا هئا.
بهرحال حج لاءِ روانو ٿيل ابن بطوطا اتان واپس ورڻ بدران اڳتي انڊيا، چين، وچ ايشيا، وچ مشرق، اتر آفريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن مان ٿيندو جڏهن واپس پنهنجي وطن تنج پهتو ته هن جي عمر 45 سال هئي .... يعني هن جو به هي سفر مارڪو پولو وانگر 24 سالن جو رهيو. ڪيترا ماڻهو سفرناما لکڻ ڪري مونکي ”ابن بطوطا“ سڏين ٿا پر اڄ ڪلهه جي ماڊرن دور ۾ اسانجا سفر ابن بطوطا جي سفرن وانگر اهڙا ڏکيا نه رهيا. چئن پنجن مهينن ۾ جهاز ڏهه ٻارهن ملڪن مان چڪر هڻي هوم پورٽ پهچي ويو ٿي. وڏو ڇيهه ته اٺ نوَ مهينن جو سفر ٿيو ٿي. ان بعد به جهاز هوم پورٽ ۾ نٿو آيو ته موڪلون ملهائڻ لاءِ هوائي جهاز رستي پنهنجي ملڪ پهچي وياسين ٿي. جهاز تي رهائش ۽ کاڌو به فائو اسٽار هوٽل جهڙو رهي ٿو .... يعني آرام جي زندگيءَ ۾ رهياسين ٿي. ها البت ڪڏهن ڪڏهن طوفانن ۽ خراب سمنڊن کي منهن ڏيڻو پيو ٿي ۽ ان لاءِ ئي ته اسانکي پگهار ملي ٿو. ابن بطوطا ته ڪٿي پنڌ، ڪٿي اٺن تي سفر ڪيو ٿي. سمنڊ رستي سلون کان مالديپ ٻيٽ ويو يا عدن کان جبوتي ته ان دور جي جن ضعيف ٻيڙين ۾ هن سفر ڪيو ٿي اهي اڄ جي لحاظ کان Non Sea Worthy ۽ خودڪشي برابر هيون. بهرحال اها ٻي ڳالهه آهي ته ابن بطوطا پڙهيل ڳڙهيل هو ۽ ديني تعليم کان واقف هجڻ ڪري هن جي گهڻن هنڌن تي عزت ڪئي وئي ٿي. ۽ کيس قاضي (جج) جهڙيون نوڪريون به مليون ٿي. رهڻ لاءِ گهر ۽ خذمت چاڪريءَ لاءِ نوڪرن جي لوڌ هُيس ۽ شادي ته لڳي ٿو جتي بُل لڳس ٿي اتي ڪيائين ٿي. جيتوڻيڪ اها چوڻي اسان جهازرانن (Sailors) لاءِ مشهور آهي ته Sailor’s life, new port new wife پر ان تي عمل سختيءَ سان مولانا ابن بطوطا الطنجيءَ ڪيو ٿي.
ابن بطوطا ۽ مارڪوپولو کي سندن سفرنامن لکڻ تي ان ڳالهه جو به ڪريڊٽ ڏئي سگهجي ٿو ته هنن سڄو سفر ڪرڻ بعد ان جو احوال لکيو. اسان يعني اڄ جا سفرناما لکڻ وارا، پنهنجي سفر جو احوال جون روز points لکندا رهون ٿا. پاڻي واري جهاز تي ته ڪافي ٽائيم مليو وڃي ـــ خاص ڪري اهي ڏينهن جن ۾ جهاز ڪنهن بندرگاهه ۾ اندر گهڙڻ کان اڳ بندرگاهه جي ٻاهران ڏينهن ٻه انتظار ڪري ٿو جنهن ۾ نه جهاز هلائڻو پوي ٿو ۽ نه ڪناري ڏي وڃي سگهجي ٿو. واندڪائي ئي واندڪائي هوندي آهي. باقي پراڻن توڙي اڄ جي سفرنامن مان پڙهندڙن جو فائدو ضرور ٿئي ٿو. ابن بطوطا ۽ مارڪو پولو جهڙن جي شروعاتي سفرنامن مان ته دنيا جي ماڻهن کي وڏو فائدو رسيو ۽ اڄ به اهي سفرناما تاريخ جو ڪم ڏين ٿا. منهنجي سفرنامن مان کڻي ٻيو فائدو نه ٿيو هجي پر نوجوان ٽهيءَ جي سامونڊي نوڪريءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ تمام گهڻا گهڻا آيا ۽ صحيح وقت تي آيا ــــ خاص ڪري ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جڏهن دنيا جي ”مرچنٽ نيوي“ تمام گهڻو flourish ڪري رهي هئي. پاڪستان جهڙي ملڪ کي به 80 کن جهاز هئا. پر هاڻ پاڻيءَ جا جهاز گهٽبا وڃن جو مسافر توڙي مال هوائي جهازن رستي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچي ٿو. هن وقت اسان وٽ ڪي پنج ڇهه جهاز به مس هوندا ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ٻي ڳالهه ته اڄ ڪلهه هر جهاز ۾ آٽوميشن اچڻ ڪري جهاز کي هلائڻ لاءِ 20 کن ماڻهو ڪافي آهن نه ته اسان جي ڏينهن ۾ (1980ع کان اڳ تائين)، هر جهاز تي 60 کان 70 ماڻهن جو هجڻ ته خير جي ڳالهه هئي.
مارڪوپولو سفر لاءِ پنهنجو شهر وينس 1269 ۾ ڇڏيو ۽ 1349 ۾ واپس پهتو. ابنِ بطوطا پاڻ کي پنهنجي شهر طنج سان به سڏرايو ٿي جيئن اسان وٽ هالائي، ڏيپلائي، دهلوي، شيرازي سڏرائين ٿا تيئن ابن بطوطا پاڻ کي ”محمد ابنِ بطوطا الطنجي“ سڏرايو ٿي. اسان وٽ ايشيا، آفريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ ابنِ بطوطا وڌيڪَ مشهور آهي. دبئي ۾ هڪ مشهور شاپنگ مال جو ته نالو ئي ”ابن بطوطا مال“ آهي. انڊيا ۾ ٻارن جي ڪتاب ۾ هڪ مشهور نظم (Nursery Rhyme) ”ابن بطوطا پهن ڪي جوتا“ آهي:
ابن بطوطا، پهن ڪي جوتا،
نڪل پڙي طوفان ۾.
ٿوري هوا ناڪ ۾ گهس گئي،
ٿوري گهس گئي ڪان ۾ .
ڪبهي ناڪ ڪو، ڪبهي ڪان ڪو،
مَلتا ابن بطوطا.
اسي بيچ ۾ نڪل پڙا،
ان ڪي پيرون ڪا جوتا.
اُڙتي اُڙتي ان ڪا جوتا،
پهنچ گيا جپان ۾.
ابن بطوطا خود ره گيا،
موچي ڪي دڪان مين.
ايئن ته 2010ع جي بالي وڊ فلم ”عشقيه“ ۾ به هڪ گاني جو ٽائيٽل ”ابن بطوطا“ آهي. ملائيشيا جي هڪ ڳائڻي ”نور عائيزا ادريس“ جو پڻ ملئي زبان ۾ ابن بطوطا بابت هڪ گانو بيحد مشهور آهي:
Layar Ibn-e-Batuta (تون سفر ڪندو رهه ابنِ بطوطا).