مغل حرمسراءِ جون عورتون
مغل حاڪمن جي زالن جي سڄي زندگي حرم ۾ گذرندي هئي. اڄ به ڪو مغل حرم بابت ٻڌي ٿو ته هن کي تجسس ۽ رازن سان ڀريل زندگي جو احساس ٿئي ٿو. مغل حاڪمن جون زالون، ڪنيزائون، ٻانهيون، ناچ گاني ۽ ٻي عياشيءَ لاءِ رکيل آرمينن، پرشن، آذربائيجاني، افغاني ۽ ترڪ مسلمان، عيسائي ۽ هندو ڇوڪريون توڙي حاڪمن جون مائرون ڀينرون، ڌيئرون، سندن وفات ڪري ويل پيئرن جون زالون ۽ دلپسند عورتون سڀ ان محل نما ڏيڍيءَ (حويليءَ) ۾ رهيون ٿي جنهن تي نر پکيءَ جي به جھار رهي ٿي. ڪيتريون ته حويليءَ اندر ڄايون ٿي ته سڄي زندگي گذاري سندن لاش دفن لاءِ ٻاهر نڪتا ٿي. حاڪم جي ڪنهن ڌيءَ، ڀيڻ يا پڦيءَ جي شادي ورلي ٿي ٿي نه ته هنن کي پنهنجي سڄي جواني محل اندر اڪيلو رهي فقط حاڪم ۽ ان جي نر اولاد کي ٻانهين ۽ نوڪرياڻين سان عيش ڪندي ڏسڻو پيو ٿي. باقي کين ڳهه ڳٺن، ڪپڙن گندين، کاڌن پيتن ۽ خذمتگار نوڪرياڻين جي ڪا کوٽ نه هئي. البت ڪا ڪا خوش نصيب هوندي هئي ته اها ستن پڙدن ۾ پالڪين ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ رواني ٿيندي هئي. حويلين جي چوڪيداريءَ لاءِ يا حاڪمن جي خاص زالن ۽ دل پسند ٻانهين (ڪنيزائن) تي نظر رکڻ/جاسوسي ڪرڻ لاءِ ترڪ ۽ افغاني نوجوان کدڙا هئا .... بلڪه انهن قومن جي نوجوان ڇوڪرن جي Castration ڪرائي کدڙو بنايو ويو ٿي. زئنزيبار ۽ ممباسا پاسي کان غلام شيدين جو اچڻ اڃان شروع نه ٿيو هو. بعد ۾ بهتر جهازراني ٿيڻ تي آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري جا شيدي غلام انڊيا، عرب ۽ ترڪي جي مارڪيٽن ۾ وڪامڻ لڳا ۽ اولهه ڪناري جا گرفتار ڪيل شيدي آمريڪا لاءِ وڪرو ٿيڻ لڳا.
مغل بادشاهن ۽ شهزادن جي حرم، عياشين، کاڌن ۽ خوراڪن، ٺٺ ٺانگر، زالن ۽ ٻانهين (Concubines) جي وڏي ڳاڻيٽي بابت گهڻو ئي ڪجهه لکيو ويو آهي .... جنهن ۾ ڪجهه ته ڌڪيبازي به ڪئي وئي آهي. ملڪ جي غريب عوام پنهنجي حاڪمن جي عياشين جو سوچي به نٿي سگهيا. مغل عورتون جيڪي حاڪمن جي خاندان جي ڏاڏين پوٽين مان هيون اهي ڪي عام عورتون نه هيون اهي شاهي خاندان جون عورتون سمجھيون ويون ٿي ۽ انهن جي زندگي اڃان به وڏي عيش عشرت ۽ شان و شوڪت سان گذري ٿي.
اطالوي ليکڪ ۽ سياح منوچي (Niccolao Manucci) مغل شهنشاهن جي حرم بابت لکي ٿو ته: ”شهنشاهه جي محل ۾ مختلف صوبن ۽ قومن جون ٻه هزار عورتون رهيون ٿي.“ مسلمان عورتن کان علاوه، محل ۾ هندو عورتون، ويندي راجپوت زالون ۽ عيسائي مايون رکيون ويون ٿي. بابر ۽ همايونءَ جو حرم وري به گهٽ سائيز جو هو پر اڪبر کان وٺي ٻين شهنشاهن جي حرم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اڪبر 500 عورتون رکيون. جهانگير، شاهجهان ۽ ويندي مولوي سڏائڻ واري اورنگزيب جي حرم ۾ عورتن جي تعداد جي ڳالهه ئي نه پڇو. انگريز سياح هاڪنس (William Hawkins) جي لکڻ مطابق شهنشاهه جهانگير کي 300 زالون هيون جن مان چئن زالن کي اهم درجو ڏنو ويو ٿي ۽ اهي راڻيون سڏيون ويون ٿي. هڪ ٻئي انگريزي تاريخدان ٽيريءَ مطابق جهانگير جي چئن خاص زالن، عام زالن، ٻانهين (Concubines) ۽ ٻين خذّمتگار ڇوڪرين کي ملائڻ سان جملي تعداد هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ٿيو ٿي.
جڏهن ڪو مغل شهنشاهه جي حرم جو سوچي ٿو ته هن جي دماغ ۾ فقط شهنشاهه جون زالون، ڪنيزائون، ٻانهيون، نوڪرياڻيون، خذمتگار عورتون، وندرائڻ لاءِ ڳائڻيون ۽ ڊانس ڪرڻ واريون اچن ٿيون. پر حرم ۾ فقط ان قسم جون زالون نه پر ٻيون به ڪيتريون عورتون رهيون ٿي، جيئن ته شهنشاهن ۽ شهزادن جون سڳيون ۽ ويڳيون مائرون، ڀيڻيون، پڦيون، نيپاج ڪندڙ مائرون، ماسيون، ڌيئرون ۽ ٻيون ويجھيون مائٽياڻيون، ويندي پٽاوان ٻار محل ۾ رهيا ٿي جيسين هو بالغ ٿين. ان بعد انهن کي ڌار ڪيو ويو ٿي. ان ميڙ کان علاوه رڌ پچاءَ ۽ ٻين ڳالهين جي نظرداريءَ لاءِ ڪيتريون ئي نوڪرياڻيون ۽ غلام ڇوڪريون رهيون ٿي. ڪجهه عورتون ۽ کدڙا محل جي چوڪيداريءَ ۽ جاسوسيءَ لاءِ مقرر هئا جن جو ڪم محل ۾ رهندڙ عورتن جي هر چرپر تي نظر رکڻ هو. محل ۾ نوڪرياڻين جي آمد شادي، ڄم، خريداري، مقري (appointment) يا تحفي ۾ ٿي ٿي.
ٻن يورپي ڊاڪٽرن مانوچي (Noccolae Manucci) ۽ برنيئر (Francois Bernier) مطابق، جيڪي مغل بادشاهن جي درٻار ۾ ڊاڪٽر هئا ۽ جن جو تپاس ۽ علاج لاءِ ڪڏهن ڪڏهن حرمسراءِ ۾ اندر به وڃڻ ٿيندو هو، لکن ٿا ته حرمسراءِ ۾ رهندڙ عورتن کي سخت پڙدي ۾ رکيو ويو ٿي. هنن کي پنهنجي مرضي سان ٻاهر نڪرڻ جي ڪا آزادي نه هئي. جيڪڏهن ڪن خاص حالتن ۾ ڪنهن لاءِ ٻاهر نڪرڻ ضروري سمجھيو ويو ٿي ته هن کي پنهنجو منهن نقاب ذريعي چڱيءَ طرح ڍڪڻو پيو ٿي پر حرمسراءِ اندر هو مٿو اگھاڙو ڪري پنهنجي مرضيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن ٻين زالن وٽ يا تلائن ۽ باغيچن ۾ گهمنديون رهيون ٿي. حرمسراءِ اندر هر وقت خوشي ۽ جشن جي زندگي گذري ٿي. هر هڪ لاءِ الڳ الڳ بهترين نموني سان سجايل ڪمرا هئا جن جي اڳيان باغيچا ۽ پاڻيءَ جا ڦوهارا هئا، مختلف واٽر ڪورسن (چئنلن) ذريعي انهن باغيچن ۽ تالابن ۾ پاڻي آيو ٿي. هر هڪ زال توڙي ڪنيزا بهترين اوچي ڪپڙي ۽ اوچي ڀرت جا وڳا پاتا ٿي. مٿي کان پيرن تائين هيرن موتين سان جڙيل ڳهه نظر آيا ٿي. هنن مان ڪا ورلي ٻاهر نڪتي ٿي پر جڏهن ڪن سببن ۽ مجبورين ڪري ڪنهن شاهي عورت کي نڪرڻو پيرو ٿي ته بقول برنيئر جي ڇا ته ٺٺ ٺانگر سان هن سواري ڪئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪي موٽر ڪارون نه هيون. عوام گڏهن گھوڙن تي سواري ڪندا هئا. بادشاهن جي راڻين، دلپسند زالن ۽ ڀيڻين، ڌيئرن، مائرن پڦين لاءِ هاٿين تي خوبصورت پالڪيون سجايون ويون ٿي ۽ انهن جي اڳيان پويان غلام عورتون ۽ کدڙا هليا ٿي .... بهرحال هي ڳالهيون مانوچي ۽ برنيئر بيان ڪيون آهن جيڪي ڊاڪٽر سوما مکرجيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن.
هتي منهنجي خيال ۾ مٿين ٻن يورپي ليکڪن ڊاڪٽر مانوچي ۽ برنيئر بابت ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن منهنجا پڙهندڙ جيڪي انهن کان اڻ ڄاڻ آهن انهن جي معلومات ۾ ڪجهه واڌارو ٿي سگهي، ۽ مغل بادشاهن جي زندگي ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ انهن يورپين جون لکڻيون پڻ enjoy ڪري سگهن. بابر مغل بادشاهه 1493ع ۾ ڄائو هو. 43 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1526ع ۾ هن پاڻيپٽ جي پهرين لڙائيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري هندستان ۾ مغل سلطنت قائم ڪئي. 1530ع ۾ سندس وفات بعد هن جو 22 سالن جو پٽ همايون تخت تي ويٺو. وچ ۾ 1540ع کان 1554ع تائين شير شاهه سوري ۽ اسلام شاهه سوري جي حڪومت رهي ان بعد 1555ع کان همايون وري بادشاهه ٿيو. 1556ع ۾ وفات بعد سندس 14 سالن جو پٽ اڪبر هندستان جو شهنـشاهه ٿيو. هن 50 سال کن حڪومت ڪرڻ بعد 1605 ۾ وفات ڪئي سندس پٽ جهانگير تخت ڌڻي ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ هندستان ۾ قدم ڄمايا ۽ هتي آيل يورپي مغلن جي حرمسراءِ کان واقف ٿيا. جهانگير لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هر وقت نشي ۾ ڌت رهيو ٿي ۽ حڪومت جون واڳون هن جي راڻي صاحبه نورجهان جي حوالي هيون. 1627ع ۾ جهانگير (58 سالن جي ڄمار) ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ شاهه جهان تخت تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر عروج تي پهتو. تاج محل، لال قلعو، جهانگير جو مقبرو ۽ لاهور وارو شاليمار باغ شاهه جهان ٺهرايو.
شاهه جهان 1666ع ۾ وفات ڪئي. سندس جيئري ئي سندس پٽ اورنگزيب 1658ع ۾ کيس تخت تان لاهي پاڻ بادشاهه ٿيو. اورنگزيب به پنهنجي پڙ ڏاڏي اڪبر وانگر هڪ وڏو عرصو (49 سال) حڪومت ڪئي. 1707ع ۾ سندس وفات بعد بهادر شاهه اول بادشاهه ٿيو. هن جي ڏينهن کان وٺي مغل سلطنت ڪمزور ٿيندي وئي ۽ 1837ع تائين، سوا صدي تائين مختلف مغل بادشاهه (جهاندار شاهه، فرخسيار، رفع الدرجات، نقوسيار، محمد ابراهيم، محمد شاهه، احمد شاهه، عالمگير دوم، شاهجهان سوم، شاهه عالم دوم، اڪبر شاهه دوم) ٿيندا رهيا پر ڪنهن به ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻاريو. هندوستان ۾ سک، مرهٺا ۽ انگريز طاقتور ٿيندا رهيا. مغلن جو آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر جيڪو 1775ع ۾ ڄائو 62 سالن جي ڄمار ۾ 1837ع ۾ بادشاهه ٿيو جنهن کي 1857 جي جنگ آزاديئ بلوي بعد انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ تخت تان لاهي برما (ميانمار) جي شهر رنگون موڪلي ڇڏيو جيڪو شهر اڄ ڪلهه ينگون سڏجي ٿو. اتي 1862ع ۾ سندس وفات ٿي. 1857 کان 1947 تائين انڊيا تي برطانيا جو راڄ رهيو.
اطالوي ليکڪ نڪولائو مانوچي شاهه جهان بادشاهه جي حڪومت جي آخري سالن ۾ هندستان آيو ۽ اورنگزيب جي حڪومت جو وڏو عرصو ڏٺائين. مانوچي 1639ع ۾ ڄائو هو ۽ 1717ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ سندس ڪتاب “Storia do Mogor” ڪري وڏي مشهوري ماڻي جنهن ۾ هن مغل بادشاهن جي تاريخ ۽ زندگي بابت تفصيلي احوال لکيو آهي. هي ڪتاب ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ مغل درٻار جي قصن ڪهاڻين جو هي جامع ڪتاب سمجھيو وڃي ٿو جنهن ۾ هن ٻين کان ٻڌل ڳالهيون نه پر پنهنجي اکين ڏٺو ۽ ڪنن ٻڌو احوال لکيو آهي. هو پنهنجي ڪتاب بابت لکي ٿو ته:
“I must add that I have not relied on the knowledge of others; and I have spoken nothing which I have not seen or undergone…..”
بهرحال ڪجهه ڳالهين تي ماڻهن کي اعتراض ۽ شڪ آهي ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته مانوچيءَ جيڪي لکيو ائين ان ٻوليءَ ۾ نه ڇپيو. مانوچيءَ تقريبن پنهنجي سڄي زندگي هندوستان ۾ گذاري ۽ اتي جو احوال اطالوي ٻوليءَ ۾ هڪ فرينچ تاريخدان فرئنڪوس ڪاترو (Francois Catrou) ڏي 1707ع ۾ موڪليو جنهن وري پنهنجي ٻولي فرينچ ۾ ترجمو ڪري 1715ع ۾ ڇاپيو. ٻن سالن بعد 1717ع ۾ مانوچي گذاري ويو.
مٿين يورپي ليکڪ مانوچيءَ وانگر هڪ ٻيو يورپي ليکڪ برنيئر (Francois Bernier) پڻ مغل بادشاهن ۽ هنن جي حرمسراءِ ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت تمام گهڻو لکيو آهي. برنيئر فرينچ فزيشن هو. مانوچيءَ وانگر برنيئر به پهرين شهزادي دارا شڪوهه وٽ ذاتي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ رهيو. دارا شڪوهه مغل بادشاهه شاهجهان جو وڏو پٽ ۽ تخت جو وارث هو. شاهه جهان ۽ دارا جي ڀيڻ شهزادي جهان آرا بيگم جي اها ئي خواهش هئي ته شاهجهان بعد هندستان جي تخت تي داراشڪوهه وهي پر پوءِ ڀائر نه ٺهيا. هڪ ٻئي ۾ خوب ويڙهاند هلي جنهن ۾ اورنگزيب ڪامياب ٿي ويو 1659ع ۾ پبلڪ ۾ دارا کي سندس پٽ اڳيان قتل ڪيو ويو. ان بعد پنهنجي پيءُ شاهجهان کي نظر بند ڪري پاڻ هندوستان جو بادشاهه ٿيو.
اسان وارو ڪالم نويس ۽ دانشور حسن نثار اڪثر شاهجهان جي پٽن جو مثال ڏيندو آهي جڏهن هن کان اسانجي ملڪ جي سياستدانن ۽ جمهوريت جو پڇيو ويندو آهي..... ”اسان جي جمهوريت کان ته مغلن جي بادشاهت ڀلي هئي،“ هو چوندو آهي، ”هنن ۾ اهو ڀاءُ حاڪم ٿي ٿيو جنهن پنهنجي طاقت ۽ قابليت مڃرائي ٿي. اسان وٽ ته جيڪو حاڪم ٿو ٿئي اهو ڀانئين ته هن بعد سندس پٽ به حاڪم ٿئي پوءِ ڀلي اهو چريو کريو هجي.“
بهرحال دارا شڪوهه کي مستقبل ۾ بادشاهه بنائڻ لاءِ سندس پيءُ جهانگير کيس ڪيترن سالن تائين فوجي ۽ انتظامي سکيا ڏيندو رهيو. هن ڪيترن لڙائين ۾ حصو ورتو ۽ جرنل جي عهدي تائين پهتو. ان کان علاوه هن کي الهه آباد جو ۽ بعد ۾ گجرات صوبي جو گورنر پڻ مقرر ڪيو. مٿيان ٻئي يورپي، پهرين دارا شڪوهه جي ئي حوالي هئا جنهن جي قتل بعد هو اورنگزيب سان لاڳو رهيا. فرينچ ڊاڪٽر برنيئر پهريون ليکڪ آهي جنهن انسانن جي مختلف قومن (Races) بابت لکيو. پر هن جي گهڻي مشهوري Travels in the Mughal Empire ڪتاب ڪري آهي جنهن ۾ هن داراشڪوهه ۽ اورنگزيب جي حڪومت بابت لکيو آهي. هي سڄو ڪتاب برنيئر جي ذاتي مشاهدن، تجربن، مغل حاڪمن سان گڏ ڊگهن سفرن ۽ درٻار جي اهم ماڻهن کان ورتل ڄاڻ تي مشتمل آهي. ٻين لفظن ۾ توهان اهو چئي سگهو ٿا ته برنيئر جون مغل درٻار ۽ حرمسراءِ بابت خبرون فرسٽ هئنڊ آهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته فرئنڪوس برنيئر 1620ع ۾ فرانس جي علائقي Anjou ۾ ڄائو. ننڍي هوندي يتيم ٿي ويو ۽ هن کي چاچي نپائي وڏو ڪيو. 15 سالن جي ڄمار ۾ هو پئرس روانو ٿيو جتي هن ”ڪاليج ڊي ڪلر مونٽ“ ۾ تعليم حاصل ڪئي. جيڪي پئرس يا فرانس کان واقف آهن يا جن کي تعليمي ادارن جي ڄاڻ آهي انهن لاءِ لکندو هلان ته اهو مٿيون ڪاليج اڄ واري مـشهور يونيورسٽي “Lycee Louis-le-Grand” آهي. تعليم ۽ ڪجهه عرصو فرانس ۾ نوڪري ڪرڻ بعد 35 سالن جي ڄمار ۾ (1655ع ڌاري) هو مشرق جي ٽوئر تي نڪتو. رستي تي هو فلسطين، مصر، عربستان ۾ رهندو 1658ع ۾ گجرات جي بندرگاهه سورت ۾ آيو جتي هن کي مغل درٻار ۾ ميڊيڪل آفيسر طور رکيو ويو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ داراشڪوهه جي زوال ۽ اورنگزيب جي حڪومت جو سربستو احوال لکيو آهي. هو گهڻو ڪري اورنگزيب سان گڏ هليو ٿي 65-1664ع ۾ ساڻس گڏ ڪشمير به ويو جتان موٽڻ بعد هن ڪشمير بابت جيڪو احوال لکيو آهي اهو ڪشمير بابت پهريون آهي جيڪو ڪنهن يورپيءَ لکيو. 1668ع ۾ برنيئر مغل بادشاهه جي نوڪري ڇڏي هڪ دفعو وري سورت ۾ آيو جتي هن انڊين ڪامرس بابت The Memoir on Indian Commerce ڪتاب لکيو. 1669ع ۾ هو پنهنجي شهر پئرس ۾ موٽي آيو جتي 1688ع ۾ سندس وفات ٿي.
پاڻ بئنگلور جي ماسترياڻي ”ڊاڪٽر سوما مکرجي“ جي ڪتاب “Royal Mughal Ladies” جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هن پنهنجي ڪتاب ۾ شاهي خاندان جي عورتن جي رهائش ۽ انهن جي روز مرهه جي زندگي بابت لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته حرمسراءِ ۾ رهندڙ شهنشاهه ۽ عورتن جون روزمرهه جون مختلف ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شاهي کاتا (ڊپارٽمينٽ) هئا. سڀني راڻين، شهزادين ۽ ٻين شاهي خاندانن سان واسطو رکندڙ عورتن جي لاءِ شاهي بورچيخاني مان ماني آئي ٿي جنهن کي هو ”متباخ“ سڏيندا هئا. متباخ ۾ بورچين، مددگارن، ماني پهچائڻ وارن، ٿانون ڌوئڻ وارن جي هڪ وڏي فوج هئي جنهن ۾ گهڻو تڻو جوان ڇوڪرين ڪم ڪيو ٿي. اهڙيءَ طرح ”اڪبر خانا“ نالي هڪ ٻيو ڊپارٽمينٽ هو جنهن طرفان حرم جي عورتن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ شراب مهيا ڪيو ويو ٿي. اونهاري جي موسم ۾ برف جهڙو ٿڌو پاڻي پهچايو ويو ٿي. ”ميوه خانا“ طرفان ميوو ۽ ”رقاب خانا“ (بيڪري) طرفان نانَ سپلاءِ ڪيا ويا ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ ڊپارٽمينٽ ”شاهي ڪارخانا“ نالي هوندو هو جتي سونارا، درزي ۽ ڀرت جو ڪم ڪرڻ وارا هئا جن جو ڪم حرمسراءِ ۾ رهندڙ عورتن جي لاءِ ويس وڳا سبڻ ۽ هر هڪ جي پسند موجب ڳهه ڳٺا ٺاهڻ هو. ڪنهن به شيءِ لالي سرخيءَ کان مسواڪ پائوڊر جي ضرورت پوري ڪرڻ هن ڊپارٽمينٽ جو ڪم هو. ان بابت فرينچ ڊاڪٽر برنيئر به پنهنجي ڪتاب Travels in the Mughal Empire ۾ لکي ٿو ته ڪيترائي وڏا هال آهن جيڪي ڪارخانا سڏجن ٿا جتي مختلف ڪاريگر ڪپڙن جي سلائي ۽ ڀرت جي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا. هو ان وقت جي ڪپڙي ۽ ڀرت جي ڏاڍي تعريف لکي ٿو:
“Manufactures of Silk, fine brocade, and other fine muslins, worn by Mughal females, were one of the most expensive forms of clothing in the world…..”
جيئن ته حرم جي عورتن کي ورلي ٻاهر ڪڍيو ويو ٿي ۽ هنن جو سڄو وقت محل اندر ئي گذريو ٿي ان ڪري هنن راڻين، شهزادين ۽ ڪنيزائن پنهنجو وقت پنهنجي هار سينگار ۽ ٺاهه جوڙ ۾ لڳايو ٿي. هنن جي وندر لاءِ ناچ ۽ گاني لاءِ ڪيتريون ئي ڳائڻيون ۽ ڊانسر موجود رهيون ٿي. حرم جي عورتن ليوڊو، چنهر چُسي، شطرنج جهڙيون ڪيتريون ئي انڊور رانديون کيڏيون ٿي. ڪيتريون پڙهيل ڳڙهيل به هيون ۽ هنن محل اندر رهي ڪتاب پڙهيا ٿي .... خاص ڪري شيخ سعدي شيرازيءَ جا فارسي ڪتاب ”گلستان“ ۽ ”بوستان“. مغل خاندان جون ڪجهه عورتون ته ٻه قدم اڳتي به ويون ۽ هنن عمارتون ۽ باغيچا به ٺهرايا .... ڪن ادبي مضمون به لکيا، ڪن واپار وڙي ۾ به حصو ورتو ته ڪن جو سياست ۾ به عمل دخل رهيو ٿي.
هونءَ ته ڏٺو وڃي ته هر مغل عورت جي زندگي شهنشاههِ وقت جي چوڌاري ڦري ٿي. حرم ۾ عورتن جو هڪ وڏو تعداد رهيو ٿي پر سڀني جي حيثيت هڪ جهڙي نه هئي، هر عورت جي شان، رعب تاب ۽ اٿارٽي جو مدار ان تي هو ته هن جي شهنشاهه جي زندگي يا هن جي دل ۾ ڪيتري جاءِ آهي ـــ هنن جا ظاهري طرح پنهنجو پاڻ ۾ تعلقات جيتوڻيڪ دوستاڻا رهيا ٿي پر اندر ۾ هڪ ٻئي لاءِ ساڙ ۽ حسد پڻ هو. هر هڪ شهنشاهه کي خوش ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ هن کي اهو تاثر ڏنو ٿي ته هوءَ خوش مزاج ۽ سٺي طبيعت جي آهي. هنن ڪڏهن به نٿي چاهيو ته شهنشاهه کي اهو محسوس ٿئي ته هو چڙ جون تکيون ۽ ساڙ سڙيون آهن. شهنشاهه کي پهريون ٻار پٽ ڏيڻ هڪ وڏي عزت جي ڳالهه سمجھي وئي ٿي ۽ هر هڪ ان مقابلي ۾ لڳي رهي ٿي ته پٽ ڄمي ته بادشاهه جي دل کٽيان. ان مقابلي ۽ ساڙ جي چڪر ۾ هو ٻين کي اهڙيون ديسي ڦڪيون کارائينديون ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪنديون رهيون ٿي جن سان هنن جا ٻار ضايع ٿين.
ڪنهن به قسم جي ڏک يا فڪر جي ڳالهه حرم ۾ رهندڙن کان پري رکي وئي ٿي. موت جي خبر تي ته ڄڻ سينسر لڳل هو. ڪا به عورت بيمار ٿيندي هئي ته هن کي محل جي هڪ ڌار حصي ۾ شفٽ ڪيو ويو ٿي جيڪو ”بيمار خانا“ سڏبو هو. موت جو سوڳ فقط ان عورت جو ملهايو ويو ٿي جنهن جو بادشاهه جي نظرن ۾ اهم رتبو هو.
حرم ۾ رهندڙ عورتن مان جنهنجي جيتري اهم پوزيشن هوندي هئي ان کي اوتريون وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون ٿي. اهڙي اهم رتبي واري ۽ شهنشاهه جي دل واري زال کي اولاد نٿي ٿيو ته هن کي حرم جي ڪنهن ٻي زال جو ٻار پالڻ جي اجازت ڏني وئي ٿي ۽ اهو ٻار هن جو پنهنجو سمجھيو ويو ٿي. ماهام بيگم (بابر بادشاهه جي خاص زال ۽ همايون جي ماءُ) جا همايون بعد چار ٻار ضايع ٿي ويا ته هن کي بابر جي ٻي زال دالدار بيگم جا ٻه ٻار هندال ۽ گلبدن ڏنا ويا، جن کي هن نپائي وڏو ڪيو. شهنشاهه اڪبر جي زال رقيه سلطان بيگم کي وڏي عمر تائين ٻار نه ٿيو ته هن کي شهزادي سليم جو ٻار خرم نيپاج لاءِ ڏنو ويو جنهن کي هن وڏي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو. ان جو اظهار جهانگير پنهنجين يادگيرين ۾ لکيو آهي ته: ”منهنجي پيءُ اڪبر منهجو پٽ خرم هن جي حوالي ڪيو ۽ هن خرم جو هزار دفعا وڌيڪَ خيال ڪيو جيترو هوءَ پنهنجي پٽ جو ڪري ها جيڪڏهن کيس پنهنجو هجي ها.“
شاهجهان جو ٻيو نمبر پٽ شهزادو شجاع جهانگير جي خواهش مطابق نور جهان بيگم نپايو. مغل گهراڻي جي حڪومت دوران عورتن ۾ پري جوءِ (فرسٽ ليڊي) هميشه شهنشاهه جي ماءُ هوندي هئي سواءِ ٻن واقعن ۾ جن ۾ نورجهان ۽ ممتاز محل ٿي. ماءُ جي مرڻ بعد ئي شهنشاهه جي دلپسند زال ”چيف ليڊي“ (راڄ راڻي) ٿيندي هئي. بابر کان وٺي سڀني مغل بادشاهن پنهنجي ماءُ جي وڏي عزت ڪئي ٿي. ”بابر نامه“ ۽ گلبدن جي لکيل ڪتاب ”همايون ناما“ ۾ ڪيترا اهڙا مثال ملن ٿا جن مان بادشاهن جي پنهنجي مائرن لاءِ عزت احترام جي خبر پوي ٿي. تاجپوشي بعد اها ماءُ ئي هوندي هئي جنهن سان بادشاهه پهرين ملندو هو. ساڳي طرح عيد برات يا جنم ڏينهن جي فنڪشن ۾ هر مغل بادشاهه پهرين پنهنجي ماءُ سان ملندو هو، ان بعد ٻي سان.
اڪبر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پڙهيل ڳڙهيل نه هو. ايتري قدر جو هن کي پنهنجو نالو به لکڻ ڪونه ٿي آيو .... بهرحال مون جهڙن کي اهو انڊين فلم ”اڪبر جوڌاٻائي“ ڏسڻ تي معلوم ٿيو. پر اهو ضرور چوندس ته هن کي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو قدر هو ان ڪري ته هن جي درٻار ۾ هر وقت نو قابل ماڻهو رهيا ٿي جيڪي نورتن سڏيا ويا ٿي: بيربل، فيضي، توڏرمل، مَان سنگهه، تانسين، ملادو پيازو، ابو الفضل، عبدالرحيم خان خانان .... ڇهه سؤ سال گذرڻ بعد به اڄ انهن جو ذڪر هلي ٿو ۽ هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هنن کان واقف آهي. بهرحال اڪبر بادشاهه جي ڏاڏي بابر کي لکڻ پڙهڻ جو ضرور شوق هو تڏهن ته هن پنهنجي زندگيءَ جي يادگيرين جو ڪتاب ”بابر ناما“ لکيو جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. بابر نامو جيڪو اصل ۾ بابر ”تزڪِ بابر“ نالي سان ترڪي ٻوليءَ ۾ لکيو ان جو انگريزي ترجمن ۾ Book of Babur ۽ ”ليٽرس آف بابر“ پڻ نالو آهي. انگريز تاريخدان اسٽيفن فريڊرڪ مطابق بابر جي ترڪ لکڻيءَ ۾ هن فارسي جا به تمام گهڻا لفظ، پهاڪا ۽ شعرَ استعمال ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ بابر نه فقط پنهنجو احوال لکيو آهي پر ان وقت جي تاريخ، سياست، ايڪانامڪس ۽ جاگرافي جو پڻ احوال لکيو آهي. شهنشاهه اڪبر جي ڏينهن ۾ سندس درٻار جي هڪ رتن عبدالرحيم بابر جي لکيل هن سڄي ڪتاب جو 1589ع ۾ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
شهنشاهه اڪبر جي هڪ ٻئي رتن ابو الفضل ”اڪبر ناما“ لکيو جنهن ۾ اڪبر بادشاهه جي زندگي ۽ راڄ جو احوال آهي. اهڙيءَ طرح بابر جي پٽ همايون جي زندگي تي پڻ هڪ ڪتاب ”همايون ناما“ نالي آهي جيڪو شهنشاهه بابر جي ڌيءَ شهزادي گلبدن بيگم پنهنجي ڀائيٽي شهنشاهه اڪبر جي چوڻ تي لکيو. هن ڪتاب جو اصل نالو: ”احوالِ همايون پادشاهه .... جمع ڪردم گلبدن بيگم بنت بابر پادشاهه، اما اڪبر بادشاهه“ رکيو جيڪو پوءِ ”همايون نامه“ نالي سان مشهور ٿيو. مون وٽ ”همايون ناما“ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون آهن. هڪ اڙدوءَ ۾ جيڪو راشد اختر ندوي جو ترجمو آهي ۽ جنهن جي قيمت 250 روپيه آهي. انگريزي ۾ ترجمي وارو 330 صفحن جو آهي ۽ ترجمو ”انيتي“ (Annette. S. Beveridge) جو آهي.
اسان اسڪول جي ڏينهن ۾ تاريخ جي ڪتاب ۾ همايون جي بيمار ٿيڻ ۽ سندس پيءُ شهنشاهه بابر جي دعا تي صحتمند ٿيڻ جي جيڪا ڳالهه پڙهي هئسين اها دراصل گلبدن بيگم هن ڪتاب ”همايو ناما“ ۾ لکي آهي. هوءَ لکي ٿي ته سندس ڀاءُ همايون جڏهن 22 سالن جو ٿيو ته هڪ دفعي سخت بيمار ٿي پيو. گهڻو ئي حڪيمن جون ستيون ڦڪيون ۽ مولوين جا ڦيڻا ٽوڻا ڪيا ويا پر هن ۾ ڪا بهتري نه آئي. گلبدن ٻڌائي ٿي ته ”همايون کي مرڻ ويجھو ڏسي بابر بيحد گهڻو پريشان ٿي ويو. هو لڳاتار چار ڏينهن همايون جي بستر جي چوڌاري چڪر هڻي رب پاڪ کان اها دعا گهرندو رهيو ته ”منهنجا مولا! تون همايون کي صحت ڏي، ان بدران مونکي پاڻ وٽ گهرائي وٺ.“ اهو هڪ معجزو ٿي ويو جو بابر جي دعا الله وٽ قبول ٿي وئي ۽ پٽ چاق چڱو ڀلو ٿي ويو. 47 سالن جو پيءُ ان بعد يڪدم وفات ڪري ويو.
گلدبن بيگم هن ڪتاب ۾ همايون جي حميده سان شاديءَ جو احوال پڻ لکيو آهي .... مرزا جي تيرهن سالن جي ڀاڻيجي حميده بانوءَ سان پيار ٿي ويو. پهرين ته حميده شهنشاهه سان ملڻ لاءِ به انڪار ڪيو جو عمر ۾ همايون هن کان گهڻو وڏو هو پر پوءِ حرم جي ٻين عورتن جي سمجھائڻ تي حميده شهنشاهه سان شادي ڪرڻ جي هاڪار ڀري. ٻن سالن بعد 1542ع ۾ هن همايون کي اڪبر نالي پٽ ڄڻي ڏنو جيڪو مغل حاڪمن ۾ سڀ کان وڏو ۽ مشهور بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. گلدبن بانوءَ پنهنجي ڀاءُ همايون جي هن شاديءَ جو احوال ”همايون نامي“ ۾ نهايت چرچائي اندازَ ۾ لکيو آهي.
گلبدن بيگم هن ڪتاب ۾ پنهنجي حج جو به احوال لکيو آهي ته هوءَ ڪيئن پنهنجي ڀاڄائي حميده بانو سان گڏ خشڪيءَ رستي 3000 ميل سفر ڪري مڪي شريف پهتي. رستي تي هنن کي ڪيترائي جبل ۽ رڻ پٽ لتاڙڻا پيا پر هو بيحد سخت جان واريون عورتون هيون ۽ هنن تڪليفن هوندي به همت کان ڪم ورتو. مڪي ۾ هنن چار سال گذاريا ۽ واپسي تي هو سامونڊي رستي وطن موٽي رهيا هئا ته عدن وٽ سندن جهاز (جيڪو پڪ ڪاٺ جو ۽ سڙهن تي هلڻ وارو هوندو جو ان وقت آگبوٽ يعني انجڻ وارا جهاز اڃا ايجاد نه ٿيا هئا) ڀڄي پيو. جيسين ڪو ٻيو جهاز ملي تيسين هو ڪيترن مهينن لاءِ عدن ۾ انتظار ڪنديون رهيون. آخرڪار 1582ع ۾ سورت جي بندرگاهه ۾ پهتيون جتان پوءِ باءِ روڊ آگري آيون. آگري کان روانو ٿيڻ کان موٽڻ تائين هنن کي ست سال لڳي ويا.
اڪبر بادشاهه پنهنجي پڦي ۽ ماءُ جي سفر لاءِ ڪيترائي خذمتگار نوڪر ۽ ٻانهيون ساڻ روانيون ڪيون هيون. انهن سان گڏ ڪيترائي قيمتي تحفا پئڪ ڪرائي ڏنا جيئن مڪي پهچي اتي جي ماڻهن کي خيرات طور ڏئي سگهن. چون ٿا ته هنن عورتن يعني هندوستان جي شهنشاهه جي والده حميده ۽ ڀيڻ گلبدن کي ڏسڻ لاءِ شام ۽ وچ ايشيا کان ماڻهو مڪي اچي پهتا جيئن هنن کي به ڪجهه تحفا ملي سگهن. ظاهر آهي ان وقت جو عربستان اڄ جي عربستان وانگر امير نه هو.
شهزادي گلبدن بيگم 1523ع ۾ ڪابل ۾ ڄائي جتي ان وقت بابر جي حڪومت هئي. بعد ۾ 1526ع ۾ هن هندوستان فتح ڪيو ۽ پوءِ ڇهن سالن جي ڄمار ۾ گلبدن هندوستان ۾ آئي ۽ 80 سالن جي ڄمار ۾ 1603ع ۾ وفات ڪئي. وفات وقت هن وٽ شهنشاهه اڪبر جي والده حميده ۽ پهرين زال رقيه سلطانه (هندال جي ڌيءَ) موجود هيون. چون ٿا ته اڪبر کي پنهنجي هن پياري پڦيءَ جي وفات جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هر وقت غمگين رهيو ٿي. پورن ٻن سالن بعد 1605ع ۾ اڪبر بادشاهه به هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو.
مغل گهراڻي جون ڪيتريون ئي عورتون پڙهيل ڳـڙهيل هيون. گلبدن بيگم به انهن مان هڪ هئي هوءَ نه رڳو سٺي ليکڪا هئي جنهن ”همايون ناما“ جهڙو ڪتاب لکيو پر شاعره به هئي. هوءَ فارسي ۽ ترڪي ٻولين ۾ هوشيار هئي. افسوس جو ٻين لکڻين وانگر گلبدن جي شاعري به هيٺ مٿي ٿي وئي. بهرحال گلبدن جي شاعري بابت بهادر شاهه ظفر ۽ مير تقي مير پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻن ٽن هنڌن تي حوالا ڏنا آهن.
هتي ٻه ٽي سٽون رقيا سلطانه بيگم بابت پڻ لکڻ چاهيان ٿو. رقيه بيگم مغل شهنشاهه اڪبر جي زال ۽ سوٽ هئي. هوءَ اڪبر جي ننڍي چاچي شهزادي هندال مرزا جي ڌيءَ هئي. رقيه جي پڦي گلبدن بيگم هندال مرزا کان به ننڍي هئي. بادشاهه همايون، ڪامران، هندال مرزا، گلرنگ بيگم، گلچهرا بيگم ۽ گلبدن بيگم پاڻ ۾ ڀائر ڀينر ۽ ظهير الدين بابر جو اولاد هئا.
شهزادي هندال مرزا کي هڪڙو ئي ٻار رقيه سلطانه بيگم ٿيو. رقيه 1542ع ۾ ڄائي ۽ نون ورهين جي ڄمار ۾ هن جي شادي پنهنجي سوٽ اڪبر سان ڪابل ۾ ٿي. اڪبر انهن ڏينهن ۾ ڪابل ۾ پنهنجي پهرين پوسٽنگ ”وائسراءِ“ جي عهدي تي هو. هوءَ چوڏهن سالن جي عمر ۾ مغل سلطنت جي راڻي ٿي جڏهن هن جي مڙس اڪبر جي 1556ع ۾ تاجپوشي ٿي. رقيه بانو بيگم سڀ کان وڏو عرصو (49 سال) هندستان جي راڻي ٿي رهي. سندس 53 سال شادي شده واري عرصي ۾ ڪو به ٻار نه ٿيو ۽ ان بابت مٿي لکي چڪو آهيان ته هن اڪبر جي پوٽي (جهانگير جي پٽ) خرم کي نپايو جيڪو اڳتي هلي شاهجهان جي نالي سان مشهور ٿيو. مٿي اهو به لکي چڪو آهيان ته مغل گهراڻي جي ڪيترين ئي عورتن سياست ۽ ائڊمنسٽريشن ۾ به حصو ورتو. چون ٿا ته جڏهن سندس مڙس اڪبر بادشاهه ۽ ويڳي پٽ جهانگير جي وچ ۾ تعلقات خراب ٿي پيا ته رقيه سلطانا ٻنهي جو ٺاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جهانگير کي تخت جو وارث بنائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.
پاڻ سونا مکرجي جي ڪتاب “Royal Mughal Ladies & their Contributions” بابت ڳالهائي رهيا هئاسين جنهن ۾ هن مغل حرمسراءِ ۾ رهندڙ عورتن بابت لکيو آهي ته انهن جي محلات اندر ڪهڙي قسم جي زندگي هئي ۽ هن سان شهنشاههِ وقت جو ڇا ورتاءُ رهيو ٿي. مغل بادشاهن ۾ هڪ ڳالهه هئي ته هنن پنهنجين سڳين توڙي ويڳين مائرن ۽ انهن مائرن جن هنن جو نيپاج ڪيو ٿي ۽ پنهنجي پيئرن جي ٻين زالن جي وڏي عزت ۽ احترام ڪيو ٿي. جوڌا ٻائي شهنشاهه جهانگير جي سڳي ماءُ هئي پر هن کي پنهنجي پيءُ اڪبر بادشاهه جي ٻين زالن رقيه بانو بيگم ۽ سليما سلطان بيگم لاءِ به ايترو ئي احترام هو. اڪبر بادشاهه ”حاجي بيگم“ جي به تمام گهڻي عزت ڪئي ٿي. ڏاڏين، نانين، پڦين، چاچين ۽ ٻين وڏي عمر جي عورتن جو به تمام گهڻو خيال ڪيوويو ٿي. بابر ۽ جهانگير جي يادگيرين ۽ گلبدن بيگم جي همايون ناما ۾ ڪيترن هنڌن تي اهڙا مثال نظر اچن ٿا جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مغل حاڪمن حرم ۾ رهندڙ وڏي عمر جي عورتن جي عزت ڪئي ٿي.
گلبدن بيگم ”همايون ناما“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي ته: ”چار ئي سال جيڪي منهنجي پيءُ (بابر بادشاهه) آگري ۾ گذاريا هو هر جمعي تي پنهنجين پڦين جي خبر چار لهڻ لاءِ ويو ٿي. هڪ دفعي جمعي ڏينهن تمام گهڻي گرمي هئي ۽ عزت ماب، اسانجي سانئڻ (راڻي ماهم بيگم)، بادشاهه سلامت کي چيو: ”سائين! ٻاهر ڪيڏي لُڪَ پئي لڳي. ههڙي گرميءَ ۾ هن دفعي کڻي نه وڃو. بيگمات (توهان جون پڦيون) پڪ دل ۾ نه ڪنديون.“
منهنجي سرڪار جواب ڏنو: ”ماهم! تعجب آهي جو تون ٿي اهڙيون ڳالهيون ڪرين. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته آئون انهن عورتن جي خوشيءَ لاءِ نه وڃان جيڪي ابو سعيد سلطان مرزا جون ڌيئرون آهن جن جو هن دنيا ۾ نه پيءُ رهيو آهي نه ڀائر!“
مغل سلطنت جي راڄ راڻي ماهم بيگم مغل گهراڻي جي پهرين بادشاهه ظهير الدين بابر جي ٽيون نمبر زال هئي جنهن سان هن 1506ع ۾ هرات ۾ شادي ڪئي هئي. ماهم بيگم جي ٻين راڻين کان وڌيڪَ اهميت ان ڪري به آهي جو هن بابر کي همايون جهڙو پٽ ڄڻي ڏنو جيڪو بابر بعد مغل سلطنت جو ٻيو بادشاهه ٿيو. ماهم جو بابر جي خاندان سان ئي تعلق هو جو هوءَ تيمور گهراڻي مان هئي. همايون نامي ۾ گلبدن بيگم ماهم بيگم جون ڪيترن ئي هنڌن تي ذڪر ڪيو آهي. گلبدن به بابر جي ڌيءَ هئي پر ٻي زال مان پر کيس نپايو ماهم بيگم هو.
مغل بادشاهن نه فقط پنهنجي مائرن، پڦين، ويڳين مائرن جي عزت ٿي ڪئي پر پنهنجين سڳين ۽ ويڳين ڀينرن جو به هر قسم جو خيال رکيو ٿي. جنهن جو احوال پڻ گلبدن ”همايون نامه“ ۾ ڪيو آهي ته همايون ۽ بابر کي پنهنجين ڀيڻين لاءِ تمام گهڻو پيار هو. بابر پنهنجي وڏي ڀيڻ خانزاده بيگم لاءِ ته ساهه صدقي ڪيو ٿي ۽ هن به پنهنجي ڀاءُ خاطر ڪيتريون ئي تڪليفون سٺيون. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته گلبدن جيتوڻيڪ همايون جي سڳي ڀيڻ نه هئي پر همايون هن کي ۽ ٻين ڀيڻين کي بيحد گهڻو چاهيو ٿي ۽ خيال رکيو ٿي. ڪنهن به ڀيڻ تي ڪا مصيبت آئي ٿي .... اڪثر هلندڙ لڙائين ۾ هنن جا فوجي مڙس مارجي ويا ٿي ته بادشاهه هنن جي اجھي ۽ لٽي جو خيال ڪيو ٿي. جڏهن گلچَهرا بيوهه ٿي وئي ته همايونءَ يڪدم هن کي پاڻ وٽ آگري ۾ گهرائي ورتو. جهانگير بادشاهه پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ پنهنجين ڀينرن شڪرالنساءِ بيگم ۽ آرام بانو بيگم کي وڏي حب مان ياد ڪيو آهي جيتوڻيڪ اهي ٻين مائرن مان هيون.
هتي اهو به لکندو هلان ته سڀني مغل بادشاهن جي مائرن جو تعلق تيمور گهراڻي جي مسلمان عورتن سان يا ترڪ ـــ منگول خاندان سان نه هو. بابر جي ماءُ قتلخ نگار خانم ۽ همايون جي ماءُ ”ماهم بيگم“ جو تعلق ترڪن منگولن سان ضرور هو باقي ٻين ڪيترين جو فارسي (پرشن)، ڪشميري ۽ ٻين ٻولين وارن سان هو. ڪيترن ئي بادشاهن جي مائرن جو شادي کان اڳ هندو ڌرم سان واسطو هو. شهنشاهه جهانگير جي ماءُ ”مريم زماني“ جيسلمير رياست جي ”هيرا ڪنواري ٻائي“ هئي . شاهجهان جي ماءُ ”تاج بيبي بلقيس مڪاني“ مارواڙ (جوڌپور رياست) جي ماناوتي ٻائي هئي. اڪبر جي ماءُ حميده بانو ۽ اورنگزيب جي ماءُ ممتاز محل (ارجمند بانو) پرشن هيون. بهادر شاهه اول جي ماءُ بيگم نواب ڪشميري هندو ”اَنُو راڌا ٻائي“ هئي. اهڙيءَ طرح احمد شاهه بهادر جي ماءُ قدسيه بيگم (اڌم ٻائي)، عالمگير دوم جي ماءُ انوپ ٻائي (جيڪا شادي بعد به ساڳي نالي سان رهي) شاهه عالم دوم جي ماءُ زينت محل (بلال ڪنر) ۽ بهادر شاهه دوم جي ماءُ قدسيه بيگم (لعل ٻائي) هندو ڌرم جون هيون.
مغل راڻين ۾ اورنگزيب جي ماءُ ممتاز محل ”تاج محل“ جي ڪري اڄ ڏينهن تائين مغل گهراڻي جي سڀني راڻين کان گهڻو مشهور آهي. تاج محل ــــ دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ ممتاز محل جي ياد ۾ سندس مڙس شهنـشاهه شاهه جهان ٺهرايو. ممتاز محل (اصل نالو ارجمند بانو) 1593ع ۾ ڄائي، 19 سالن جي ڄمار ۾ 1612ع ۾ سندس شادي شهزادي خرم سان ٿي جيڪو پوءِ تخت تي وهڻ بعد شاهجهان سڏجڻ لڳو. ممتاز محل 19 سال شادي جا گذارڻ بعد 38 سالن جي ڄمار ۾ 1631ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جو سبب چوڏهون ٻار گوهرا بيگم ڄڻڻ وقت ويم جي تڪليف Complications هو. اورنگزيب بادشاهه انهن چوڏهن ٻارن مان هڪ هو جيڪو پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا کي قتل ڪري تخت جو مالڪ ٿيو.
مغل بادشاهه شاههجهان جي والده تاج بيبي بلقيس هڪ راجپوت شهزادي (راجڪماري) هئي جنهن جو اصل نالو ”ماناوتي ٻائي جي لعل“ هو. پاڻ مارواڙ جي ”راجا اڌئي سنگهه دوم“ جي ڏهون نمبر ڌيءَ هئي. سندس جهانگير بادشاهه سان 1986ع ۾ شادي ٿي. ان وقت هيءَ ان جي ٽين زال ٿي آئي هئي. پاڻ شهزادي خرم (مستقبل جي شاهه جهان) کي 1592ع ۾ جنم ڏنو. مغل بادشاهه جهانگير جي ماءُ مريم زماني بيگم به ڪافي مشهور راڻي رهي چڪي آهي .... بلڪه هڪ وڏو عرصو راڻي ٿي رهي .... 43 سال .... 1562ع کان 1605ع تائين. هن تي بالي ووڊ وارن 2001ع ۾ ”جوڌا اڪبر“ نالي فلم ٺاهي. ”مريم زماني“ هڪ راجپوت شهزادي هير ڪنواري (کيس هرڪا ٻائي ۽ جوڌا ٻائي به سڏيو ويو ٿي) راجپور جي سردار راجا ڀرمال جي ڌيءَ ۽ راجا پرٿوي سنگهه جي پوٽي هئي. پاڻ راجا مان سنگهه جيڪو بعد ۾ اڪبر جي نورتنن مان هڪ ٿيو، ان جي پڦي پڻ هئي. اڪبر بادشاهه جي هيءَ پهرين راجپوت زال هئي. هن کان اڳ هن کي ٻه مغل خاندان جون زالون هيون ۽ جوڌا (مريم زماني) بعد ٻين به ڪيترين مختلف مذهبن جي عورتن سان شادي ڪئي. جوڌا ٻائي جهانگير کي ڄڻيو ۽ هوءَ شهنشاهه شاهجهان جي ڏاڏي به ٿي.