يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ
جن جو سمنڊ تي راڄ آهي انهن جو دنيا تي راڄ رهي ٿو. انگريز جهازرانن جا سامونڊي قصا، سامونڊي سفر ۽ مهم جويون اسان ڪتابن ۾ پڙهون ٿا ۽ فلمن ۾ ڏسون ٿا. انگريز نيويگيٽرن، Oceanographers، مئرين سائنٽسٽن جا لکيل درسي ۽ ٽيڪنيڪل ڪتاب مئرين اڪيڊمين ۽ يونيورسٽين جي اعليٰ ڊگرين تائين اسان پڙهون ٿا .... بلڪل صحيح آهي پر ان سان گڏ اهو به صحيح آهي ته جهازراني، سمنڊ تي رستا ڳولڻ، طوفانن ۽ خوفناڪ سمنڊن جو دليري سان مقابلو ڪرڻ ۽ مشڪلاتن ۾ risk کڻڻ ۾ سڀ کان اڳرا پورچوگالي رهيا آهن. پورچوگال، جنهن جا رهاڪو پورچوگالي سڏجن ٿا، يورپ جو اولهه وارو ملڪ آهي. ميڊيٽرينين سمنڊ يا يورپ جي نقشي ڏي نظر ڪندائو ته پورچوگال بلڪل آخر ۾ کاٻي پاسي نظر ايندو جنهن بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي. سندس اتر ۽ اوڀر ۾ اسپين آهي. پورچوگال جو ڏکڻ ۽ اولهه ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڇولين حوالي آهي.
پورچوگال ۾ رهندي آئون هر وقت اهو سوچيندو هوس ته هن ملڪ جو ٻچو ٻچو ڄمڻ سان سمنڊ جي ڇِتين ڇولين جو نظارو پسي ٿو ۽ وڏو ٿي انهن جو مقابلو ڪري ٿو. اهو ئي حال برطانيا يعني انگلنڊ، اسڪاٽلئنڊ، ويلس ۽ آئرلئنڊ وارن جو آهي. پورچوگال جي ٻئي پاسي يعني آفريڪا کنڊ جي اتر ۾ موراڪو آهي.
پورچوگال، اسپين، انگلنڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن جي جهازرانن جو پنهنجي يورپي ملڪن ڏي ۽ آفريڪا جي اتراهن ملڪن (آلجيريا، ٽيونيشيا، لبيا وغيرهه) ڏي پنڌرهين صديءَ جي آخر تائين، اچ وڃ ٿيندي رهي ٿي ۽ ٿورو گهڻو آفريڪا جي اولهه واري ڪناري جي ويجهو وارن ملڪن (موراڪو، موريطانيا، سينيگال، آئوري ڪوسٽ، لائيبيريا) جي بندرگاهن تائين به هو پهچي ويا ٿي. باقي اڳتي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اولهه طرف وڃڻ يا آفريڪا جي اولهه واري ڪناري ڏي وڌيڪ اڳتي وڃڻ جي هنن پاڻ ۾ همت نٿي ساري. هو اڳتي وڃڻ لاءِ پنهنجي جان ۽ جهازن کي جوکي ۾ ڇو وجھن. هڪ ته طوفان ۽ سامونڊي ڇوليون ۽ ٻيو اڳتي جي پڪ به نه هئي ته ڪا زمين آهي يا نه. ۽ انهن ڏينهن تائين جهاز وري ڪهڙا مضبوط هئا! اهي سمنڊ جون ڇوليون جيڪي اڄ جي ماڊرن لوهي ۽ ويلڊنگ وارن جهازن کي به ٻه اڌ ڪريو ڇڏين سو انهن ڏينهن جا ڪاٺاڻا ٻيڙا جيڪي انجڻ سان نه پر هوا جي زور تي هليا ٿي (هوا اتر جي لڳي ٿي ته هو ڏکڻ طرف هليا ٿي، ڏکڻ جي لڳي ٿي ته اهي واپس اتر ڏي آيا ٿي) ڪهڙي سَٽَ جهلي سگهيا ٿي. ڪپڙي جا وڏا وڏا سڙهه هوندا هئا جيئن گهڻي کان گهڻي هوا انهن تي لڳي ۽ جهاز تکو تکو اڳتي ڌڪجي. آزمودگار ۽ هوشيار ناکئا (ڪئپٽن) وڌ ۾ وڌ ايترو ڪري سگهندا هئا جو جهاز تي موجود ٽن يا چئن سڙهن کي ٿورو ڪنڊائتو ڪري رکندا هئا جيئن جهاز سڌو اتر يا ڏکڻ طرف وڃڻ بدران سندن مرضي مطابق ٿورو پاسائتو اتر اولهه يا اتر اوڀر طرف به هلي سگهي يا وري ڏکڻ اولهه يا ڏکڻ اوڀر طرف.
پهرين ته، جڏهن اهو اڃان ثابت نه ٿيو هو ته دنيا بال وانگر گول آهي ۽ ماڻهن ان کي رومال وانگر فلئٽ ٿي سمجھيو، تيستائين ته ملاحن پنهنجن ٻيڙن کي يورپ کان اولهه طرف يعني اڄ واري آمريڪا ڏي وٺي وڃڻ نٿي چاهيو جو هنن کي ڊپ هو ته ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي سمنڊ ختم ٿي وڃي ۽ سندن ٻيڙو ڪنهن کاهيءَ ۾ ڪري پوي. جيئن ڪو گهر جي کڏ تي اکيون پوري ڊوڙندو ته کُڏ ختم ٿيڻ بعد هيٺ وڃي ڦهڪو ڪندو. انهن ڏينهن ۾ سڀني سمجھيو ٿي ته ڪل دنيا ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا آهي جنهن جو وچ ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. بلڪه هن سمنڊ جي نالي جي معنيٰ ئي آهي ڌرتيءَ جي وچ وارو سمنڊ جيئن ان جو سنڌيءَ ۾ نالو ڀؤنچ يعني ”ڀونءِ“ (زمين) جي ”وچ“ وارو سمنڊ.
اسان واري پاسي به ان وقت جا اهي ڪاٺاڻا ٻيڙا عرب ملڪن (بحر احمر) کان اسان واري عربي سمنڊ ۾ ايندا رهيا ٿي يا ٻئي پاسي آفريڪا جي اوڀر وارو ڪنارو ڏئي جبوتي، مغديشو (سوماليا)، ممباسا (اڄ وارو ڪينيا)، زنجبار (تنزانيا)، ويندي موزمبق تائين پهتا ٿي. باقي ان کان اڳيان ڏکڻ آفريڪا وٽ ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي مڙڻ يا ٻئي پاسي ڏکڻ انڊيا، سلون (سريلنڪا) يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان پري ڏکڻ ڏي وڃڻ (جيڏانهن پوءِ آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ ايجاد ٿيو يعني نظر آيو) کان گھٻرايا ٿي. وڌ ۾ وڌ هڪ يا ٻه ڏينهن اڳيان وڃي ”موٽو ڙي موٽو“ رڙي پويان پير ڪيا ٿي ته اڳيان خبر ناهي ڪٿي سمنڊ کٽي ۽ هو وڃي هيٺ اوڙاهه ۾ ڦهڪو ڪن.
بعد ۾ زمانو گذرڻ سان جڏهن هنن کي اها ڳالهه ٿوري ٿوري سمجهه ۾ آئي ته ٻيلي هيءَ دنيا رومال وانگر سڌي نه پر سج ۽ چنڊ وانگر گول کينهونءَ وانگر آهي ته به يورپين نه ائٽلانٽڪ سمنڊ جي اولهه طرف ـــ جيڏانهن آمريڪا هئي، رخ ٿي رکيو ۽ نه اسان جي عربن، ايرانين، هندستانين هندي سمنڊ ۾ سلون کان اڳتي ڏکڻ طرف ٿي رخ ڪيو ۽ نه وري جپاني ۽ چيني پئسفڪ سمنڊ جي اوڀر طرف ٿي وڌيا جيڏانهن هوائي ٻيٽ آهن. اڄ جهڙا وڏا لوهي انجڻين وارا جهاز ان وقت هجن ها ته پوءِ اها مهم جوئي ڪرڻ ۾ ڪو ايڏو خوف نه ٿئي ها جو هوا کڻي ڪهڙي پاسي کان به لڳي هي جهاز هلائڻ واري جي خواهش مطابق سڌو ئي سڌو هلن ها. اڄ جي جهازن ۾ وڏين ٽانڪين ڪري مهيني مهيني جي استعمال جو تيل ۽ پاڻي کڻي سگهجي ٿو ۽ جنريٽر، پمپ، اليڪٽرڪ سٽي ۽ ايئرڪنڊيشن سسٽم هجڻ ڪري ڇهه ڇهه مهينن جي خوراڪ ـــ ڪٺل سئو کن ٻڪريون، ڍڳيون، مڇي ۽ کاڌي جو سامان ڪولڊ اسٽورن ۾ کڻي سگهجي ٿو. پر پنڌرهين صديءَ جي آخر تائين به جيتوڻيڪ ڪولمبس جهڙن ناکئن کي خبر هئي ته دنيا گول آهي پر دنيا جو نقشو يا ماپ جي ته خبر نه هئي ته هي ڌرتي جو گولو ڪيڏو وڏو آهي. جي سمنڊ ڏي منهن ڪري نڪري به پئجي ته ڪيترن ڏينهن بعد ڪنارو ايندو ۽ اوستائين پاڻي ۽ کاڌو ڪٿان ايندو.
ڪولمبس اسپين مان انڊيا لاءِ نڪرڻ وقت هيٺ ڏکڻ طرف اچي ڪيپ آف گـڊ هوپ وٽان ڦيرو ڪري اوڀر طرف انڊيا ڏي رخ ڪرڻ بدران، اسپين کان اولهه طرف روانو ٿيو. هن اهو ئي سوچيو ته دنيا گول آهي. هن طرف کان ويندس ته به وڃي انڊيا کان نڪرندس. جيڪڏهن هن واقعي اهو سوچيو ته بلڪل صحيح سوچيو پر هن درويش کي يا ڪنهن ٻئي کي ان وقت اها ته خبر ئي نه هئي ته دنيا جو گولو ڪيڏو وڏو آهي جنهن جي اسان کي اڄ ته خبر آهي ته دنيا جو چوڌاري ڦيرو 24000 ميل آهي. پر ڪولمبس ان وقت پنهنجي سوچ يا عقل موجب شارٽ ڪٽ سمجھي روانو ٿيو ته اجھو ٿو ٽن چئن ڏينهن ۾ انڊيا پهچان. بلڪه هن کي شڪر ڪرڻ کپي ته رستي تي آمريڪا کنڊ جو ڪنارو اچي ويو ۽ هن جي زندگي بچي وئي ۽ کيس مجموعي طور سمنڊ ۽ موسم به سڻائي ملي ۽ جلد پهچي ويو نه ته اهي ٻئي خراب ملنس ها يا آمريڪا کنڊ اڃان به هزار ڏيڍ هزار ميل پري هجي ها ته ڪولمبس پنهنجي Crew (خلاصين) سميت بک ۽ اڃ ۾ مري وڃي ها ۽ جهازن جا مالڪ جن ڪولمبس جهڙن کي عقلمند سمجهي نوان جهاز ٺهرائي ٿي ڏنا ته هو انڊيا جي مالابار ڪناري ڏي وڃي انهن جهازن کي مصالحن سان ڀرائي اچن، سي منهن مٿو پٽي ويهي رهن ها. ۽ جيڪڏهن آمريڪا کنڊ جو وجود نه هجي ها ته پوءِ ان هنڌ کان پئسفڪ سمنڊ ته ائٽلانٽڪ کان به وڏو آهي. ان کي جھاڳڻ لاءِ هنن کي يا ٻي ڪنهن انسان کي، انهن ڪاٺ جي ٻيڙن (Sailing Ships) ۾، ڪا همت نه هئي. بعد ۾ جڏهن آمريڪا کنڊ تي يورپين جو قبضو ٿي ويو ته اتي پوک جا ڪم ڪرائڻ لاءِ آفريڪا جي شيدين کي غلام بڻائي، زنجيرن ۾ ٻڌي آمريڪا وٺي ٿي آيا. وقت سان گڏ جهازن جو معيار به بهتر ٿيو پر ان هوندي به ڪڏهن موسم يا سمنڊ جي خراب ٿيڻ تي جهاز توائي ٿي ٿي ويا ۽ ڏينهن تي ڏينهن پوڻ سان بک ۽ اڃ وگھي جهاز جا خلاصي ۽ شيدي غلام مرڻ لڳندا هئا. پوءِ ايتريقدر جو مينهن جو پاڻي گڏ ڪري پيئندا هئا. مري ويل غلامن جو گوشت رڌي باقين کي کارائيندا هئا جيئن آمريڪا پهچڻ تائين اهي ته بچي سگهن ۽ سندن وڪري مان هو چار پئسا ڪمائي سفر جو خرچ ڪڍي سگهن. اها شيدي غلامن جي به الڳ درد ڀري ڪهاڻي آهي جيڪا ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪنداسين جنهن ۾ نه فقط يورپي گورا پر اسان جا عرب مسلمان ۽ خود آفريڪا جا شيدي سردار، وڏيرا، ڀوتار Involve هئا جن جي ڪجهه جھلڪ Roots فلم ۽ ناول مان به پئجي ٿي.
اڄ جا جهاز هلائڻ ايترو ڏکيو ڪم ناهي جو اهي مضبوط ۽ ماڊرن آهن، سڄي دنيا جي سمنڊن جا نقشا آهن ۽ سمنڊ جو هڪ هڪ ميل مَيل ۽ ماپيل آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن سڙهه جا ڪاٺ جا ٻيڙا هئا ته جهاز هلائڻ وارا پنهنجي مرضيءَ مطابق جڏهن وڻين يا جيڏانهن وڻين تيڏانهن نٿي وڃي سگهيا. هنن کي هر ڳالهه ۽ هر طرف لاءِ موسم ۽ هوا جي رخ کي ڌيان ۾ رکڻو پيو ٿي. پورچوگالي واسڪوڊا گاما هيڏو قابل ۽ دلير جهازران هو جنهن سڀ کان اڳ ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ اُڪري اوڀر آفريڪا جي بندرگاهه ممباسا ۽ ان بعد ميلندي ۾ اچي نڪتو. هن کي اها خبر هئي ته انڊيا جو مالابار ڪنارو سڌو اوڀر طرف آهي پر هن کي اها خبر نه هئي ته اوڏانهن وڃڻ لاءِ سال جي ڪهڙي مند بهتر رهندي ۽ ان سفر ۾ هن کي ڪهڙي ڪهڙي طرف کان هوائون ملنديون ۽ سمنڊ جي ڇولين جو رخ ڪهڙي طرف هوندو جنهن موجب سڙهن کي سيٽ ڪرڻو پوندو جيئن جهاز (ڪاٺ جو ٻيڙو) توائي (Drift) ٿيڻ بدران سڌو منزل ڏي ويندو رهي. ان لاءِ هن ميلندي مان هڪ قابل سونهون ناکئو ٻول تي (يعني پگهار تي) کنيو. هن لاءِ ڪي چون ٿا ته عرب هو ته ڪي چون ٿا ته گجراتي هو. هُن واسڪوڊا گاما کي ميلندي (اڄ واري ڪينيا جي بندرگاه) کان ڪوچين (انڊيا) 27 ڏينهن ۾ آڻي پهچايو. اڄ جا جهاز ته اهو سفر ست اٺ ڏينهن ۾ ڪريو وڃن جو اهي ڪَلَ (انجڻ) تي هلن ٿا پر تن ڏينهن ۾ سڄو مدار هوا جي رختکائي، ۽ سڙهن جي مضبوطگيءَ تي هو.
بهرحال واسڪوڊا گاما وڏو قابل ملاح هو آفريڪا کان انڊيا پهچڻ لاءِ رستو ۽ هوائن جو رخ سمجھي ويو. واپسي تي به هن سونهين (سمنڊ جي ڄاڻوءَ) سان موٽڻ چاهيو ٿي. ان لاءِ هن صحيح مُند جي اچڻ جو ٽي چار مهينا انتظار ڪرڻ چاهيو ٿي پر جيئن ته انڊيا ۾ سندس مقامي سردارن سان ڦڏو ٿي پيو ان ڪري هن يڪدم ڀڄي جان بچائڻ چاهي ۽ صحيح موسم ۽ وقت جي اچڻ کان اڳ هنن آفريڪا ڏي واپسي جي سفر لاءِ پنهنجا ٻيڙا هاڪاريا. واسڪوڊا گاما کي واپسي جي رستي جي ته ڄاڻ ٿي وئي هئي پر انهن ڏينهن ۾ (ان مند ۾) هوائن جو رخ صحيح نه هجڻ ڪري هنن جو ايندي وقت وارو 27 ڏينهن جو سفر مس مس 132 ڏينهن ۾ پورو ٿيو. بک، اڃ، بيمارين (خاص ڪري چمڙيءَ جون ۽ وٽئمن سي جي کوٽ ڪري Scurvy جهڙيون بيماريون، جيڪي ان زماني ۾ سمنڊ تي ڊگهي سفر ۽ اڻ پوري کاڌي ڪري ٿينديون هيون)، ڪري هن جا اڌ کان وڌيڪَ ماڻهو مري ويا.
اسان بار بار ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ واري سمنڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن جي خوف بابت، اسان مان ڪيترن، ٻين کان به ٻڌو هوندو يا ڪتابن ۾ پڙهيو هوندو. منهنجي خيال ۾ ان بابت هتي ٻه ٽي سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته جيئن پڙهندڙن کي ڄاڻ رهي ته اهو سمنڊ جو ڪهڙو حصو آهي ۽ اهو ڇو ايڏو خطرناڪ آهي جو اُن سالن، بلڪه صدين کان يورپ وارن کي هيڏانهن اسان جي ايشيائي ۽ اوڀر آفريڪا جي بندرگاهن ۾ پهچڻ کان روڪيو ٿي.
اهو سمنڊ جو حصو جيڪو ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ سڏجي ٿو آفريڪا کنڊ جي هيٺان واري سمنـڊ جو حصو آهي جتي کاٻي پاسي کان، يعني اولهه کان ”ائٽلانٽڪ سمنڊ“ ۽ ساڄي پاسي کان، يعني اوڀر پاسي کان ”هندي وڏو سمنڊ“ هڪ ٻئي سان ٽڪرائي جبلن جيڏيون ڇوليون پيدا ڪن ٿا جن ۾ اڄ جا لوهي آفت جيڏا طاقتور انجڻين تي هلندڙ جهاز به ڇوڏي وانگر لڳن ٿا. ان کان علاوه هن علائقي ۾ يعني سائوٿ آفريڪا ملڪ جي ڊربن، ايسٽ لنڊن ۽ پورٽ ايلزبيٿ بندرگاهن کان ’ڪيپ ٽائون‘ تائين .... بلڪه ’سالدنها‘ بندرگاهه تائين يا ان کان به ٿورو مٿڀرو جتان پوءِ نميبيا جو ملڪ شروع ٿئي ٿو، هر وقت تيز طوفاني هوائون لڳنديون رهن ٿيون. انهن طوفانن جي ڪري ئي سمنڊ جو هي علائقو “Cape of Storms” سڏبو هو پر پوءِ جڏهن يورپي جهازران هن سمند کي ڪراس ڪري انڊيا، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پهچي ويا ۽ اتان ان وقت جي قيمتي خزاني ”مصالحن“ (ڪارا مرچ، لونگ، ڦوٽا، جاڦل، جاوتري، وغيره) سان جهاز ڀري پنهنجي ملڪ اچڻ لڳا ته پنهنجن ملڪن: پورچوگال، اسپين، هالئنڊ، انگلئنڊ کي خوشحال ڪري ڇڏيائون. ان خوشيءَ ۾ هو هن سمنڊ کي ”طوفاني سمنڊ“ سڏڻ بدران ”سٺي اميد جو سمنڊ“ سڏڻ لڳا. هي ئي سمنڊ ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ هو جنهن يورپين کي اسان ڏي اچڻ کان صديون روڪي رکيو ۽ هنن کي اهڙي عياشي ڪڏهن به نصيب نه ٿي جهڙي هن سمنڊ کي ڪراس ڪرڻ جون اٽڪلون اچڻ بعد.
دنيا جي نقشي ۾ توهان آفريڪا کنڊ کي ڏسندائو ته اهو ماڻهوءَ جي منهن جهڙو آهي جنهن جو مٿو مصر، لبيا، ٽيونيشيا، الجيريا ۽ موراڪو ملڪ آهن ۽ ان مٿي تي وارن بدران ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. ماريطانيا ۽ سينيگال ان ماڻهوءَ جو اولهه پاسي وارو ڪَنُ آهي ۽ اوڀر پاسي وارو ڪَنَ ڳاڙهي سمنڊ وٽان ڪٽيل نظر اچي ٿو. ان قسم جي ماڻهوءَ جي منهن جهڙي نقشي ۾ ان ماڻهوءَ جي کاڏي سمجهو ته ”سائوٿ آفريڪا“ ملڪ آهي. ان ماڻهوءَ جي منهن جي اوڀر ۾ هندي وڏو سمنڊ آهي جيڪو وڌيڪَ اوڀر ۾ انڊيا ۽ ملائيشيا تائين وسيع آهي ۽ اولهه طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي جيڪو وڌيڪَ اولهه ۾ آمريڪا کنڊ تائين هليو وڃي ٿو. ٻئي سمنڊ اٿاهه آهن ۽ دنيا جي پنجن وڏن سمنڊن (Oceans) مان آهن. ٻنهي سمنڊن جون ڇتيون ڇوليون آفريڪا کنڊ جي پاسن تي لڳنديون رهن ٿيون يعني هن ماڻهوءَ جي ڳلن تي لڳي شانت ٿينديون رهن ٿيون. کاڏيءَ تائين ته اهو سلسلو رهي ٿو پر پوءِ کاڏيءَ هيٺان انهن ٻنهي سمنڊن جون ڇوليون هڪ ٻئي سان ٽڪرائي جيڪو ويل پئدا ڪن ٿيون ان کان اسان جهاز هلائڻ وارا منهن مٿو پٽيندا آهيون ته اهڙي سامونڊي نوڪري کان ڳوٺ ۾ ويهي پڪوڙا وڪڻجن ها. ۽ اهو سامونڊي علائقو .... يعني کاڏيءَ کان هيٺ وارو حصو جيڪو پورٽ سينٽ جان ۽ ڊربن کان شروع ٿي ڪيپ ٽائون بندرگاهه تائين هلي ٿو، اڪرڻ ۾ ٻه اڍائي ڏينهن لڳيو وڃڻ. جهاز جي رفتار کڻي ڪيتري به رکون پر جي سمنڊ خراب آهي يا طوفان آهي ته جهاز ڇولين تي هيٺ مٿي ٿيڻ تي ان جو پنکو (Propeller) ڪڏهن پاڻيءَ ۾ ته ڪڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر نڪريو اچي ۽ سامونڊي جهاز فقط تڏهن اڳيان وڌي سگهندو جڏهن ان جو پروپيلر (جهاز جي تري ۾ لڳل پنکو) لڳاتار پاڻيءَ اندر ڦرندو رهندو.
سامونڊي وڏين ڇولين ۽ طوفانن ڪري جهاز جو ”هيٺ مٿي ٿيڻ“ جنهن عمل کي ”پائونڊنگ“ ۽ ”پچنگ“ سڏجي ٿو، نه فقط جهاز کي پر هلائڻ وارن کي به تڪليف ڏئي ٿو .... سِي سڪنيس ڪري الٽيون ۽ مايوسي هڪ طرف ٿئي ٿي ته جهاز جو ڪم الڳ وڌي ٿو. هڪ عام ماڻهوءَ کي شايد سمجهه ۾ نه اچي پر انجنيئرنگ جي شاگردن لاءِ ٻه چار سٽون لکندو هلان ته Rough Sea ۾ يعني بگڙيل سمنڊ ۾ جڏهن جهاز وڏين ڇولين تي مٿي کڄي هيٺ ٿو ڦهڪو ڪري ته جهاز جي ٻاهرين Structure کي هڪ طرف نقصان رسي ٿو ته جهاز جو پروپيلر جيڪو سمنڊ اندر ته 125 يا 130 چڪر منٽ ۾ (rpm) هڻي رهيو آهي اهو جهاز جو پٺيون حصو مٿي کڄڻ تي جيئن ئي پاڻيءَ بدران هوا ۾ اچي ٿو ته هن جي رفتار يڪدم وڌيو وڃي جيڪا 200 تائين به پهچندي دير نٿي ڪري ۽ جيسين انجڻ جو ”گورنر“ ان جي رفتار کي جھڪو ڪري، انهن ڪجهه سيڪنڊن لاءِ پروپيلر جي وڌيڪ رفتار _ ٻين لفظن ۾ انجڻ جي پسٽنن جو وڌيل Reciprocating Motion جهاز جي انجڻ کي ايترو ته Overload ڪريو ڇڏي جو اهڙين حالتن ۾ Relief Valve ته کڄندو رهي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو پسٽن يا سلينڊر به ايڏي پريشر جي دٻ نه جهلي Crack ٿيو پوي ۽ پوءِ اهڙي خراب موسم ۾ اسان کي جهاز کي ويجھي بندرگاهه تائين پهچائڻ لاءِ وڏا جتن ڪرڻا پون ٿا.
جهاز جي هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري جهاز جي مين انجن يا جنريٽرن کي تيل (Lubricating oil) يا پاڻي پهچائڻ وارا پمپ suction پڻ ڇڏي ڏين ٿا ۽ جيئن انجڻ کي ٿڌو رکڻ واري پاڻي يا ان کي چڪنو رکڻ واري تيل جي سپلاءِ چند سيڪنڊن لاءِ به بند ٿئي ٿي ته مين انجڻ يا جنريٽر بند ٿيو وڃي. مين انجڻ جي بند ٿيڻ تي جهاز توائي ٿي ڇولين ۽ هوا جي رخ جي رحم و ڪرم تي لوڏا کائڻ شروع ڪري ٿو. جنريٽر بند ٿيڻ تي اونداهه ڪانڀار ٿيو وڃي. بلوئر بند ٿيو وڃن ۽ گرميءَ ۽ Suffocation ۾ ساهه گهٽجڻ لڳي ٿو ۽ جنريٽر يا جهاز جي انجڻ کي وري re-start ڪرڻ ۾ ڪافي دقت درپيش اچي ٿي. دير ٿيڻ تي تيل ٿڌو ٿيو وڃي ۽ انجڻ اسٽارٽ ٿيڻ ۾ مشڪل ڪري ٿو. ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ خط استوا کان ڪافي هيٺ آهي ۽ نومبر ڊسمبر ۾ جڏهن اتي اونهاري جي موسم آهي ان وقت به اتي ڪافي ٿڌ رهي ٿي پر جي جون، جولاءِ ، آگسٽ جهڙا مهينا آهن ته پوءِ سمجهو ته اتي پاري جهڙو سيءُ آهي. اهڙي سرديءَ ۾ ڏامر جهڙي خام crude oil کي سلينڊرن ۾ ساڙڻ لاءِ گرم ڪرڻ ۽ سندس Viscocityگهٽ ڪري ڇڍو ڪرڻ هڪ مسئلو رهي ٿو.
انجڻين کي جيڪي پمپ سمنڊ مان پاڻي ڇڪي، ٿڌو بڻائين ٿا انهن جا فلٽر سمنڊ جي اٿل پٿل ڪري مڇين (خاص ڪري جيلي مڇين) ۽ سامونڊي سنهي مخلوق ۽ گاهه سان ذري ذري چوڪ ٿيو وڃن جن مان هر هڪ کي هر هر کولي صاف ڪرڻ ئي پريشان ڪريو ڇڏي ۽ ٻيا ڪئين مسئلا خراب موسم ۽ خراب سمنڊ ٿيڻ تي ڪَرَ کڻن ٿا. ۽ جڏهن هي مسئلا اڄ جي جهاز هلائڻ واري کي ئي پِنائي رکن ٿا ته اڳئين زماني ۾ انهن جهازرانن (ناکئن) ۽ سندن سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جي ٻيڙن جو ڇا حال ڪندا هوندا. ان وقت جا جهازران ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ واري سمنڊ جي ويجھو ئي نه ايندا هئا. جيڪو ايندو هو ان جي ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو ڪونه هوندو هو. ٻي ڳالهه ته پنڌرهين صديءَ جي آخر تائين دنيا جو صحيح نقشو نه هو. ڪنهن کي خبر نه هئي ته آفريڪا کنڊ ماڻهوءَ جي منهن جيان آهي جنهن جو ساڄو ڳلُ ڏئي هيٺ کاڏيءَ وٽان مڙي مٿي کاٻي ڳل تي پهچي سگهجي ٿو جتي ممباسا، زئنزيبار، ميلندي تاريخي بندرگاه آهن ۽ جتان پوءِ اوڀر طرف رخ ڪرڻ سان انڊيا جو ڪنارو اچي ٿو.
خشڪيءَ رستي يورپ کان ترڪي، ايران يا ”ريشم روڊ“ کان انڊيا پهچڻ جي هنن کي خبر هئي ۽ مارڪو پولو جهڙا سياح تيرهين صديءَ ۾ يورپ کان انڊيا، چين ۽ جپان پهچي چڪا هئا پر هنن کي اهو سمجهه ۾ نٿي آيو ته انهن ڏيهن ڏي سمنڊ رستي به پهچي سگهجي ٿو يا نه. هنن اهو ئي شڪ ڪيو ٿي ته هندي وڏو سمنڊ به ميڊيٽرينين يا بحر اسود (ڪاري سمنڊ) وانگر تالاب وانگر آهي. ڪن يورپين کي شڪ پيو ٿي ته شايد سندن ائٽلانٽڪ سمنڊ هندي وڏي سمنڊ سان ڳنڍيل هجي پر هنن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته اهو ڪٿي ملي ٿو. هڪ طرف ته ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ جي ڪري سندن ٻيڙا اڳتي وڌڻ ڪري ٻڏي ويا ٿي ۽ ٻئي طرف اولهه ڏي ويا ٿي ته پنج ڇهه ڏينهن بعد به انڊيا ته ڇا ڪو ڪنارو نظر نٿي آين. نتيجي ۾ هو ٿورو اڳيان وڌي وري ڊپ ۾ موٽي ٿي آيا ته متان راشن پاڻي نه کپي وڃي ته ڪيڏانهن وينداسين. انهن ڏينهن ۾ سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جا ڪمزور جهاز ڪنارو ڪنارو ڏئي هلندا هئا. اسان وٽان لاري بندر يا ديبل کان نڪرندا هئا ته گجرات ۽ مالابار جو ڪنارو ڏيندا ڏيندا سلون پهتا ٿي. سو اهڙي حالت ۾ سمنڊ جي ڪناري وارن يورپي ملڪن: انگلنڊ، اسپين، ڊئنمارڪ، هالنڊ، پورچوگال، اٽلي جي قابل ناکئن جو به ساهه ٿي ويو. پر پوءِ پنڌرهين صديءَ جي آخر ۾ هڪ طرف پورچوگالي برتولوميو ۽ واسڪوڊا گاما ”ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپڻ“ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته ٻئي طرف اسپين جي بادشاهه طرف موڪليل اطالوي ڪئپٽن ڪولمبس ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري نئين دنيا ”آمريڪا“ جي خبر اچي ٻُڌائي.
يورپين کي هي جوکائتا سفر ڪرڻ لاءِ ڪهڙيءَ ڳالهه مجبور ڪيو ۽ اهي شروع وارا جهازران ڪير هئا ۽ اهي ڪيئن انڊيا ۽ آمريڪا پهتا، انهن جو احوال ڪنهن ٻئي مضمون ۾ ڪنداسين. هتي ڪجهه احوال ان شروعاتي يورپي سياح مارڪو پولو جو ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان جيڪو خشڪيءَ رستي انڊيا ۽ چين پهتو. يورپ کان انڊيا ۽ چين تائين ته مارڪو پولو کان اڳ به ايڪڙ ٻيڪڙ يورپي ايندا رهيا ٿي پر وينس جو رهاڪو مارڪو پولو پهريون هو جنهن پنهنجي سفر جو احوال قلمبند ڪري يورپين کي انڊيا ۽ چين جي ڄاڻ ڏني ته هي ملڪ مشرق ۾ ڪهڙي هنڌ آهن ۽ اتي خشڪي رستي ڪيئن پهچي سگهجي ٿو. ۽ پوءِ سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ جي راهه پورن 220 سالن بعد پورچوگالي ناکئي واسڪو ڊا گاما ڏيکاري.