الطاف شيخ ڪارنر

تاريخ جو سفر

الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهاز ران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
  • 4.5/5.0
  • 3276
  • 1211
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تاريخ جو سفر

جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون

شروع جا سامونڊي سفر ٿا ياد اچن ته جهاز چاهي ممباسا ۾ هجي يا لندن ۾، عدن ۾ هجي يا هانگ ڪانگ ۾ اسان کي هر بندرگاهه ۾ سمجهه ۾ فقط شاپنگ سينٽر ۽ سئنيما هال آيا ٿي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون جهازن جي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي پاڪستان ۾ اڄ وانگر فارين جون شيون عام نه هيون، ان ڪري اسان ڌارين بندرگاهن مان جپاني واچون، آمريڪي قميصون، جرمن ڪئميرائون، فرينچ چاڪليٽ وٺي خوش ٿيندا هئاسين .... يا وري انڊين فلمون ڏسڻ جو شوق هوندو هو جو پاڪستان ۾ انهن تي بندش لڳي چڪي هئي. پاڪستان جا دوست اسان کي خوش نصيب سمجهندا هئا جو جهاز جي نوڪريءَ ۾ انڊين فلمون ڏسڻ جو موقعو مليو ٿي. ايتري قدر جوهڪ دفعي اسان جو جهاز لبنان جي بندرگاهه طرابلس (Tripoli) ۾ بيٺو هو ته اتان ٽئڪسي ڪري بيروت ويا هئاسين.... ڪو تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ نه پر انڊين فلم ڏسڻ لاءِ! .... سا به شمي ڪپور جهڙي جي ”ايوننگ ان پئرس“. پر سائين انهن ڏينهن ۾ شمي ڪپور اسان جي دلين تي راڄ ٿي ڪيو جو ان وقت تائين اميتاڀ بچن، راجيش کنا ۽ ششي ڪپور جهڙا اڃان ميدا تي نه آيا هئا. سو اسان لاءِ دنيا جو هر بندرگاهه فقط ۽ فقط سئنيمائن ۽ دڪانن جو مجموعو هو. پر پوءِ سالن جا سال سمنڊ تي ڊگها سفر ڪرڻ دوران گهڻي کان گهڻا تاريخي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو ته ان سان گڏ هر بندرگاهه ۾ نواڻ محسوس ٿيڻ لڳي .... اتي جي عمارتن توڙي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ماضيءَ جون جھلڪون نظر اچڻ لڳيون. ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان لنگهندي خيالن ۾ واسڪوڊا گاما کي پهريون دفعو هي سمنڊ اڪري انڊيا ڏي ايندو ڏٺو. سنگاپور ۾ ايندي انگريز حاڪم رئفلز ياد اچڻ لڳو جنهن 1819 ۾ هي ٻيٽ ملئي راجا کان انگريز حڪومت لاءِ خريد ڪيو. سمنڊ جي ڪناري تي سنگاپور جي هڪ هوٽل ”رئفلز هوٽل“ ۾ چانهه پيئڻ وقت هميشه انگريزي ليکڪ هيمنگوي ياد اچڻ لڳو جيڪو اڄ کان سئو سال اڳ هن هوٽل ۾ اچي رهندو هو ۽ هر ايندڙ خلاصيءَ کان هن جي سامونڊي سفر جو احوال وٺي ڪهاڻيون لکندو هو. ناروي جي بندرگاهن ۾ ايندي ارڙهين صديءَ جا سامونڊي ڦورو ”وائيڪنگ“ ياد اچڻ لڳا جيڪي پنهنجين خاص ٻيڙين ۾ ڀر وارن ملڪن ۾ وڃي ڦرون ڪندا هئا ايتريقدر جو جرمني جا ماڻهو به انهن کان ڊڄندا هئا .... جرمن مائرون پنهنجن نٺر ۽ بي چئن ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ ”وائيڪنگ“ جي اچڻ جو دڙڪو ڏينديون هيون.
ايراني نار جي بندرگاهن ۾ ته پهرين به اچڻ ٿي چڪو هو پر هاڻ سالن کانپوءِ، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي وڌيڪَ مطالعي بعد جڏهن اسان جو جهاز شط العرب (Shatt al Arab) نديءَ جي ڇوڙ وٽ ايراني نار واري سمنڊ ۾ اچي لنگر انداز ٿيو ته اسان آرام ڪرسيون کڻي اچي ڊيڪ تي ويٺاسين. جيتوڻيڪ سڀني کي ٻين سمنـڊن جي نيري سائي پاڻيءَ وانگر هن سمنڊ جو پاڻي به لڳي رهيو هو پر شط العرب نديءَ مان وهي هن ايراني نار جي سمنڊ ۾ مڪس ٿيندڙ هي پاڻي مونکي ماضيءَ جي تاريخ جي ورقن ۾ گهمائڻ لڳو. آئون غور سان ڏسندو رهيس. شط العرب نديءَ جو هي ڇوڙ وارو پاڻي هاڻ مونکي عام پاڻي نه لڳي رهيو هو .... تاريخي جاين وانگر هي پاڻي مونکي ٻڌائي رهيو هو ته آڳاٽين ۽ تاريخي ندين دجله ۽ فرات مان اچي پيو. اسانجو جهاز ڪويت، عراق ۽ ايران جي بارڊر وٽ بيٺو هو جتي شط العرب ندي دجله ۽ فرات جو پاڻي کڻي ڇوڙ ٿي ڪري. فرات ندي شام ملڪ مان شروع ٿي عراق ۾ اچي ٿي ۽ دجله ترڪيءَ مان شروع ٿي عراق ۾ گهڙي ٿي. هنن ندين جي وچ وارو سرسبز علائقو اهو آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ميسوپوٽاميا سڏبو هو .... جيڪو يوناني ٻوليءَ مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ ئي آهي ”ندين جي وچ واري ڌرتي“ جنهن کي عربيءَ ۾ ”بلاد الرافدين“ ۽ فارسيءَ ۾ ”ميان رودان“ سڏين ٿا. ماضيءَ جو ميسوپوٽاميا جو علائقو سمجھو ته اڄ وارو عراق ۽ ڪويت هو. ۽ ان ۾ شام جو ڪجهه اتراهون حصو ۽ ترڪي ۽ ايران جو ڪجهه ڏاکڻو حصو پڻ اچي ويو ٿي. فرات ۽ دجله (جن کي انگريزيءَ ۾ Euphrates ۽ Tigris سڏجي ٿو) آڳاٽيون ۽ وڏيون نديون آهن جن جو تاريخ سان اهم واسطو آهي. دجله جو ذڪر ٻه دفعا بائيبل ۾ به آيو آهي. جيئن گنگا يا سنڌو ندي جي ڪناري تي آڳاٽا ۽ تاريخي شهر آهن تيئن عراق مان لنگهندڙ هنن ٻن ندين جي ڪپرن تي لاگاش جهڙو پراڻو شهر اڄ کان 4400 سال اڳ 2400 ق.م ۾ دجله ندي جي ڀرسان آباد ٿيو هو جنهن کي دجله مان ڪئنال کوٽي پاڻي مهيا ڪيو ويو هو. ڪجهه ”موهن جي دڙو“ جهڙا شهر جيڪي اڄ دجله جي ڪناري تي نه آهن يا انهن جا نالا بدلجي ويا آهن، هن ريت آهن Nineveh (نينوي)، Ctesiphon (طيسفون) ۽ Seleucia (سلوقيا) وغيره.
اتر کان ايندڙ فرات ۽ دجله نديون سڄو عراق لتاڙي ڏکڻ ۾ بصري وٽ اچي ملن ٿيون. ان بعد هي ٻه نديون هڪ ٿي شط العرب جي نالي سان سؤ کن ميلن جو باقي سفر طئه ڪري ايراني نار (Persian Gulf) واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون جتي اسانجي جهاز سان گڏ ٻيا به ڪيترن ملڪن جا جهاز لنگر ڪيرائي هاءِ ٽائيڊ ”وڏي ڇول“ جو انتظار ڪري رهيا آهن جيئن هو ايران، ڪويت يا عراق جي ڪنهن بندرگاهه ۾ وڃي سگهن.
هنن ندين جي ڇوڙ وٽ ايران کان ايندڙ قارون ندي به ملي ٿي جنهن ۾ تمام گهڻي مٽي (Slit) هجڻ ڪري هن ڇوڙ وٽ سمنڊ جي پاڻيءَ جو رنگ آسمان جهڙو بلو يا سائو هجڻ بدران ميرانجھڙو آهي. هي علائقو کجيءَ جي جنگلن کان دنيا ۾ مشهور آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي کجور جو پنجون حصو هتان ٿو اچي. پر چون ٿا ته عراق ۽ ايران جي جنگ بعد لوڻياٺ ۽ جراثيمن (Pests) جي گهڻائيءَ ڪري کجيءَ جي فصل کي وڏو نقصان رسيو آهي. آڳاٽي فارسي ادب ۽ فردوسيءَ جي شاهنامي ۾ (جيڪو هن 977 ۽ 1010 جي وچ ۾ لکيو) اروند دجله نديءَ لاءِ ليکيو ويو آهي جيڪا شط العرب نديءَ سان اچيو ٿي ملي. بهرحال شط العرب ندي جنهن ۾ ايراني بندرگاهه ابادان جو ”خورم شهر“ ۽ عراقي بندرگاهه ”بصرو“ آهي، مسي سپي نديءَ وانگر اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ نيويگيشن جو مسئلو هوندو آهي ته نديءَ ڪيترو اڌ ويندڙ جهازن جي آهي ۽ ڪيترو اڌ سامهون کان ايندڙ جهازن لاءِ.
جتي موصل، سامارا، القط ۽ بصري جهڙا شهر دجله نديءَ تي آهن اتي فرات ندي جي ڪپر تي يا اوسي پاسي ڪربلا، رماضي، النجف ۽ النصيريا جهڙا شهر آهن جيڪي اسلام جي ڏينهن ۾ خلفاءِ راشدين جي خلافت جي گاديءَ جا هنڌ هئا. هيءَ فرات ندي ئي ته آهي جنهن لاءِ حضرت عمر بن خطاب پنهنجي خلافت جي ڏينهن ۾ چيو هو ته فرات نديءَ جي ڪناري تي ڪو ڪتو به بک وگھي مري ويو ته هن جي ذميواري چئبي .... اڄ هنن ندين مان جانورن جا ته ڇا ماڻهن جا لاش به لڙهيو اچيو سمنڊ ۾ پون. عراق ۾ ته جهڙي باهه ٻري پئي آهي. ڇا خوشحال ملڪ اڄ ويراني ڏي وڌي رهيو آهي .... ڪجهه ڌارين تباهي آندي آهي ته ڪجهه پنهنجن. اڄ ڪٿي آهن دجله ۽ فرات جي ندين ۾ اهي ٻيڙيون جن مان ٽهڪن ۽ رباب جا آواز ايندا هئا. اڄ ڪٿي آهي هنن علائقي جي ڳوٺن ۾ اها خوشحالي ۽ سڪون. وڏيون وڏيون ڪارون ۽ هوٽلون ته چوڌاري آهن پر ڪو مقامي ماڻهن جا ڏک درد به ٻڌي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ان کان به ابتڙ حالت آهي. سنڌو ندي هجي يا سنڌو ماتر جا ڳوٺ .... هڪ خوف ۽ بدحاليءَ جو اولڙو جتي ڪٿي نظر اچي ٿو.
مٿي دجله نديءَ جي ڪناري تي بيان ڪيل آڳاٽن شهرن مان سلوقيا سڪندر اعظم جي فتوحات بعد اڏيل شهر هو جيڪو ميسوپوٽاميا ۾ دجله ندي جي اولهه ڪناري تي 305 ق.م سڪندر اعظم جي هڪ جرنيل سلوقس (Seleucus Nicator) جي نالي سان ٺهرايو ويو هو. 323 ق.م ۾ سڪندر اعظم وفات ڪئي ان بعد اڄ واري هن عراق ۽ ايران وارن حصن تي سڪندر اعظم جي ٻن جرنيلن حڪومت ڪئي. سلوقس انهن مان هڪ هو.
سلوقيا جي بلڪل سامهون هڪ ننڍڙو ڳوٺ طيسفون (Ctesiphon) هو جيڪو پوءِ اڳتي هلي بيحد مشهور ۽ وڏو شهر ٿيو ۽ پرشيا (اڄ واري ايران) جي اشڪانيان (Parthian) ۽ ساساني گهراڻي جي حاڪمن جي دؤرِ حڪومت ۾ 247 ق.م کان 224ع تائين اٽڪل پوڻا پنج سؤ کن سال گاديءَ جو هنڌ رهيو. هي شهر هن ميسوپوٽاميا (بلاد الرافدين) جو عظيم شهر مڃيو ويو ٿي. اڄ ”موهن جو دڙو“ جهڙي هن آڳاٽي شهر جي فقط هڪ عمارت جو حجرو نشاني طور نظر اچي ٿو جنهن کي Archway of Ctesiphon سڏين ٿا جنهن اڳيان اسان جهڙا سياح بيهي فوٽو ڪڍرائين ٿا ۽ اهو ئي سوچين ٿا ته ”کنڊرات يه بتاتي هين ڪي عمارت عجيب ٿي ....“ اهڙن موقعن تي مونکي پنهنجو خدا آباد ۽ ڪوٽ ڏيجي ياد ايندو آهي. طيسفون جا هي کنڊهر بغداد شهر کان 22 ميل (35 ڪلوميٽر) ڏکڻ ۾ آهن. طيسفون شهر 570ع کان 637ع ۾ مسلمانن جي قبضي ۾ اچڻ تائين دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر هو .... بعد ۾ استنبول ۽ اصفهان جهڙا شهر ٿيا. پهرين جنگ عظيم (1915ع ۾) انگريزن ۽ سلطنت عثمانيه جي سپاهين جي ويڙهه دجله جي ڪناري تي طيسفون جي کنڊرن وٽ لڳي هئي. برطانيا وارن بغداد تي قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو پر ترڪن کين 40 ميل پري تائين ڊوڙائي ڪڍيو ۽ پنهنجي شڪست جي آڻ مڃيائون.
اهڙي طرح نينوي (Nineveh) به ميسوپوٽاميا جو آڳاٽو شهر هو ۽ دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪپ تي هو. هن شهر لاءِ به چون ٿا ته 55 سال کن دنيا جو وڏو شهر ۽ آشوريا سلطنت جي گادي جو هنڌ ٿي رهيو پر پوءِ خانگي جنگين 612 ق.م ۾ هي شهر تباهه ٿي ويو. هي شهر نينوي ان هنڌ تي هو جتي اڄ ڪلهه عراق جو ماڊرن شهر ”موسل“ آهي.
هن پَٽَ جو هڪ آڳاٽو شهر لاگاش آهي جيڪو فارسي نالو آهي ۽ عرب هن کي لجش (Lagash) سڏين ٿا جو عربيءَ ۾ ”گ“ جو اچار ناهي .... جيئن ايراني شهر ”گيلان“ کي عرب ”جيلان“ سڏين ٿا .... ان ڪري هن شهر جا اسانجي ملڪ ۾ رهاڪو جيلاني به سڏجن ٿا ته گيلاني به.
لاگاش دجله ۽ فرات ندي جي سنگم کان 14 ميل اوڀر ۾ هو جتي اڄ جو ماڊرن شهر الشطره آهي. لاگاش (جنهن کي اڄ ڪلهه الهِبا به سڏين ٿا) هڪ تمام جھونو ڊٺل شهر آهي جنهن جي پهريون دفعو کوٽائي 1887ع ۾ ٿي هئي. اهڙي طرح يوناني سلطنت جي شهر سلوقيا جي کوٽائي جي شروعات 1927ع ۾ ٿي.
دنيا جي سواءِ چند شهرن جي، جيئن ته مڪو شريف آهي جيڪو بيت الله جي چوڌاري آهي، دنيا جا آڳاٽا شهر ندين جي ڪنارن تي آباد ٿيا ڇو جو انسان توڙي جانور جو پاڻيءَ بنا جياپو مشڪل آهي. ڏٺو وڃي ته مڪي ۾ به زم زم جي پاڻيءَ بعد مختلف قبيلن جي ماڻهن اچڻ ۽ رهائش اختيار ڪئي. نه فقط سنڌو ندي سنڌ جي يا نيل ندي مصر جي جياپي جي تند آهي پر گنگا، جمنا، اراودي، فرات ۽ دجله جهڙيون نديون به جن ملڪن مان لنگهن ٿيون انهن لاءِ جياپو آهن .... سواءِ انهن ملڪن جي جن ۾ بارش تمام گهڻي ٿئي ٿي جيئن ته ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره .... اتي جون گموڪ، ڪلانگ، ملاڪا ۽ سنگاپور جهڙيون نديون انسان جي جياپي لاءِ نه پر چرپر لاءِ بهتر آهن ڇو جو روڊ رستا ٺهڻ کان صديون اڳ تائين اهڙن ملڪن جي گهاٽن جنگلن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ جو ذريعو فقط ٻيڙيون ئي هيون جيڪي هنن ندين ۾ هليون ٿي.
دجله ندي اتر ۾ ترڪيءَ کان شروع ٿي هيٺ ڏکڻ ڏي عراق ۾ پهچي ٿي ۽ سڄي عراق کي سيراب ڪري ڪويت ۽ ايران وٽ ”ايراني نار“ (Persian Gulf) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. بنا ڪنهن شڪ جي بغداد دجله نديءَ جو وڏو شهر آهي جيئن سنڌ ۾ سنڌو نديءَ تي روهڙي شهر آهي. بغداد وانگر عراق جو هڪ ٻيو شهر موصل (Mosul) آهي. دجله ندي جيئن ئي عراق ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان جي مغربي ڪناري تي هي شهر موصل آهي جنهن جي بلڪل سامهون يعني مشرقي ڪناري تي آڳاٽو آشورين شهر نينوي (Nineveh) هو. هاڻ ته آدم شماري ايڏي وڌي وئي آهي جو ان پاسي به موصل شهر ٿي ويو آهي. هتي جي ”موصل يونيورسٽي“ هن تر جي مشهور وڏي يونيورسٽي آَهي. جيڪا گذريل سال داعش (دولة الاسلاميه عراق و شام) وارن جي حملن ڪري بند ٿي وئي هئي پر هاڻ اها وري نين عمارتن ۾ زور شور سان ڪم ڪري رهي آهي.
هونءَ اسان جا زائرين جڏهن عراق ۽ شام اچن ٿا ته هو گهڻو ڪري بغداد، بصري، ڪوفي ۽ ڪربلا جهڙن شهرن مان ٿي موٽيو وڃن جيئن ايران ۾ هو فقط مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ وڃن ٿا. ايران جي ٻين اهم ۽ تاريخي شهرن اصفهان، تبريز، همدان يا شيراز ڏي وڃڻ لاءِ هنن کي نه وقت ملي ٿو ۽ نه ارادو رکن ٿا. اهڙي طرح عراق ۾ به گهمڻ ۽ ڏسڻ لاءِ فرات ۽ دجله نديءَ جي ڪنارن تي ڪيترائي شهر آهن جن مان موصل به هڪ آهي. نمرود ۽ نينوي جهـڙن آڳاٽن شهرن جا دڙا ۽ کنڊهر به ان ئي هنڌ تي آهن جن جي رکي رکي کوٽائي هلندي رهي ٿي. ان قسم جا شهر ائين آهن جيئن اسان وٽ موهن ۽ ڪاهوءَ جا دڙا آهن. سن 638 ڌاري اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر ابن الخطاب جي ڏينهن ۾ هي شهر موصل ان وقت جي مشهور جرنيل عتبيٰ بن فرقد السلاميءَ خلافت راشدين جي سلطنت سان ملايو. موصل جي سڀ کان آڳاٽي ۽ پهرين مسجد جيڪا ”اميه مسجد“ جي نالي سان سڏجي ٿي سن 640 ۾ عتبيٰ بن فرقد ئي ٺهرائي هئي. عراق جي شهرن ڪوفي ۽ بصري جو پڻ حضرت عمر رضه جي ڏينهن ۾ 636ع ۾ بنياد رکيو ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته موصل ڪيڏو پراڻو شهر آهي ۽ نينوي ۽ نمرود شهر جن جي جاءِ تي هاڻ موصل شهر آهي جيئن موهن جي دڙي وٽ کڻي چئجي ته هاڻ ڏوڪري يا لاڙڪاڻو آهي، اڄ به کوٽائي هيٺ آهن. بصري ۽ ڪوفي شهرن جا بنياد رکڻ ۾ حضور صلعم جن جي ساٿي اصحابي سعد ابن ابي وقاص جو وڏو هٿ هو. جيڪو بعد ۾ چين ۾ سفير ٿي رهيو ۽ سنڌ تي محمد بن قاسم جي حملي کان به اڳ اتي مسجد ٺهرائي جنهن جو تفصيلي احوال چين جي سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان.
اميه گهراڻي جي راڄ ۾، يعني اٺين صديءَ ۾ هن شهر موصل کي ميسوپوٽاميا جي گاديءَ واري شهر جو Status مليل هو ۽ ان دور ۾ موصل جي خوشحالي عروج تي هئي. عباسي گهراڻي جي حڪومت ۾ موصل کي کڻي گاديءَ واري شهر جي حيثيت نه هئي پر ڪراچيءَ وانگر هي شهر ٽريڊ سينٽر هو جتي انڊيا، پرشيا (ايران) ۽ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) رستي واپار جي آمد رفت هلي ٿي.
يارهين صديءَ ۾ ”موصل“ سلجوقن جي قبضي ۾ آيو ۽ 1127 ڌاري زنگيان گهراڻي جي طاقت جو مرڪز رهيو. صلاح الدين ايوبيءَ به هن شهر کي حاصل ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو پر پهرين 1182 ۾ ناڪام ٿيو پر پوءِ ٻئي دفعي 1186 ۾ ڪاميابي حاصل ٿيس. تيرهين صديءَ ۾ هلاڪو خان منگولن جو لشڪر وٺي هن شهر کي پنهنجي حوالي ڪيو. بعد ۾، گهڻو گهڻو پوءِ، مملوڪن هن شهر موصل کي منگولن جي قبضي مان ڇڏرايو. موصل بعد ۾ وري بهتر ٿيڻ لڳو پر اهو شان شوڪت حاصل ڪري نه سگهيو.
1534 ڌاري عثمانيا سلطنت جي سلطان سليمان موصل کي پنهنجي سلطنت ۾ داخل ڪيو ۽ جيتوڻيڪ هي شهر چار صديون ترڪن جي حوالي رهيو پر سڄي مشرق وسطيٰ ۾ هن پنهجي حيثيت الڳ ٿلڳ قائم رکي. جاسوسي ناولن جي مشهور ليکڪا، ڊراما نويس ۽ افسانا نِگار اگاٿا ڪرسٽي هن شهر موصل ۾ وڏو عرصو رهي چڪي آهي. انهن ڏينهن ۾ سندس آثار قديمه جو ماهر مڙس نمرود شهر جي کوٽائي ۽ کوجنا جي ڪم ۾ مشغول هو. اگاٿا جي پيدائش جو سال 1890 آهي. پاڻ 1976 ۾ وفات ڪيائين. هتي اهو به لکندو هلان ته عرب جرنيل محمد بن قاسم جنهن سنڌ فتح ڪئي، اٺين صديءَ ۾ هن شهر موصل ۾ وفات ڪئي.
ايران جي شهر مشهد ۾ جنهن هوٽل ۾ آئون رهيل هوس ان ۾ هڪ موصل شهر جو عراقي عرب به هو. هن ٻڌايو ته حضرت يونس عليه السلام جو به سندس شهر موصل سان واسطو هو. يعني نمرود ۽ نينوي آڳاٽن شهرن سان (جيڪي شهر دجله ندي جي رخ بدلائڻ ڪري ويران ٿي ويا) ۽ انهن جي جاءِ تي موصل شهر جنم ورتو.
هونءَ به هي عراق، شام، اردن .... يعني ميسيپوٽاميا ۽ بابل وارا علائقا اهي آهن جتي ڪيترن ئي نبين رهائش اختيار ڪئي. حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ نمرود جو به هن ڌرتيءَ سان واسطو چيو وڃي ٿو. نمرود نالي هن تر ۾ ڪيترائي شهر، کنڊر ۽ عمارتون سڏيون ويون. سڀ ۾ مشهور موصل جي ڀر وارو ويران شهر نمرود آهي. نمرود جو بائيبل ۾ به ذڪر آهي پر ان ۾ حضرت ابراهيم ۽ نمرود جي ملاقات جو ذڪر ناهي. پر تلمود ۾ پورو واقعو موجود آهي ۽ گهڻي حد تائين قرآن مطابق آهي. ان ۾ ٻڌايل آهي ته حضرت ابراهيم جو والد نمرود وٽ سلطنت جو سڀ کان وڏو عهديدار (Chief Officer of State) هو. حضرت ابراهيم جڏهن کلي عام شرڪ جي مخالفت ۽ توحيد جي تبليغ شروع ڪئي ۽ بتخاني ۾ گهڙي بتن کي ڀڃي ڇڏيو ته هن جي والد پاڻ ان جو مقدمو بادشاهه جي درٻار ۾ پيش ڪيو ۽ پوءِ جيڪو سوال جواب ٿيو اهو قرآن مجيد جي البقره سورت جي 258 آيت ۾ ڏنل آهي:
”(اي پيغمبر) تو انهيءَ شخص جي حالت تي غور ڪو نه ڪيو ڇا .... (هتي انهي شخص مان مراد نمرود آهي، جيڪو حضرت ابراهيم عليه السلام جي وطن (عراق) جو بادشاهه هو) .... جنهن حضرت ابراهيم سان سندس پروردگار جي باري ۾ بحث ڪيو. ڇو ته الله تعاليٰ کيس بادشاهي ڏني هئي (يعني بادشاهي جي فخر کان خود خدا بابت حجتون ڪرڻ لڳو) جڏهن حضرت ابراهيم فرمايو ته منهنجو پروردگار اهو آهي جو جياري ۽ ماري ٿو تڏهن هن بادشاهه (نمرود) چيو ته مان به جيئاريان ۽ ماريان ٿو (يعني پنهنجي بادشاهي ۾ جنهن کي وڻيم تنهن کي مارائي ڇڏيان ۽ جنهن کي وڻيم تنهن کي ڇڏي ڏيان) حضرت ابراهيم تنهن تي فرمايو ته الله تعاليٰ سج کي مشرق کان اڀاري ٿو تون اولهه کان اوڀاري ڏيکار. (هي جواب ٻڌي) اهو حق جو منڪر (نمرود) وائڙو ٿي ويو. الله (جو قانون آهي ته هو) ظالمن کي حق جي راهه نٿو ڏيکاري.“
(نوٽ: مٿي ڏنل قرآن جو ترجمو جناب علامه علي خان ابڙو صاحب جو آهي ۽ ان سان لاڳاپيل احوال سيد ابو الاعليٰ مودودي صاحب جي تفصير ”تفهيم القرآن“ تان آهي.... صفحو نمبر 198.)
ايراني نار واري سمنڊ جو هي حصو جتي عراق شام ۽ ترڪيءَ جون، بلڪه آڳاٽي زماني ميسوپوٽاميا جون مشهور نديون دجله ۽ فرات اچيو ڇوڙ ڪن، اهو هنڌ آهي جتي عراق، ڪويت ۽ ايران جي بندرگاهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مختلف ملڪن کان آيل جهاز کلئي سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي انتظار ڪن ٿا. پوءِ مٿين ملڪن جا پاڻي جي جهازن جا ڄاڻو ڪئپٽن، جيڪي پائليٽ سڏجن ٿا، ”پائليٽ بوٽ“ ۾ سوار ٿي اسانجي جهازن تي ايندا آهن ۽ اسان جي جهازن کي پنهنجي پنهنجي ملڪ جي بندرگاهن ۾ وٺي هلندا آهن. هر سامونڊي پائليٽ پنهنجي بندرگاهه تائين پهچڻ واري وڙ وڪڙن، سوڙهن توڙي تانگهن ۽ اونهن رستن کان چڱيءَ طرح واقف ٿئي ٿو. اسانجو ڪم فقط پنهنجي جهاز کي ڌارئين ملڪ جي بندرگاهه جي ٻاهران اچي بيهارڻ آهي. باقي بندرگاهه اندر وٺي هلڻ مقامي پائليٽ جو آهي. ۽ جيسين اڌ ڏينهن، سڄي ڏينهن، يا ويندي ٻن ٽن ڏينهن جي انتظار بعد اسانجي جهاز جو وارو اچي ۽ بندرگاهه جو پائليٽ اسان جي جهاز تي پهچي ان کي بندرگاهه اندر وٺي هلي، اسان اوٻاسيون پيا کائيندا آهيون، تاش پتي راند يا ناول ويٺا پڙهندا آهيون يا سمنڊ جون ڇوليون ڏسندا آهيون جيئن هينئر آئون سامهون بصري کان ايندڙ پاڻيءَ جي وهڪري کي ڏسي رهيو آهيان جيڪو اسان جي بيٺل جهاز وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي. بنا ڪنهن شڪ جي اهو فرات ۽ دجله ندين جو پاڻي آهي ـــ دجله نديءَ جو پاڻي موصل، سامارا، بغداد، القط ۽ بصري جهڙن شهرن مان ٿيندو هتي پهچي ٿو اهڙي طرح فرات نديءَ جو پاڻي هتي اسان جي جهاز وٽ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ اسلامي دنيا جي اهم ۽ تاريخي شهرن مان ٿيندو هتي پهچي ٿو .... جن شهرن کان اسانجو ٻچو ٻچو واقف آهن جيئن ته الرمادي، الفلوجه، ڪربلا، النجف ۽ الناصريا وغيره. جيئن ڪراچي کان ممبئي ڏي اسانجو جهاز روانو ٿيندو آهي ته واٽ تي پورٽ قاسم جي سامهون لنگهندي (جتي سنڌو نديءَ جو پاڻي ڇوڙ ٿو ڪري)، اسان چوندا آهيون ته هي پاڻي سکر، روهڙي، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي جهڙن شهرن جو ديدار ڪري هتي پهتو آهي.
سامارا، ڪربلا، ڪاضميا ۽ نجف سان گڏ ڪوفيٰ شهر به اهلِ شيعه مسلمانن جي پنجن اهم شهرن مان هڪ آهي. اسلام جي چوٿين خليفي علي ابن ابي طالب جي ڏينهن ۾ هن شهر ”ڪوفي“ گاديءَ جي شهر جو درجو رکيو ٿي. ڪوفا شهر بغداد جي ڏکڻ ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي 110 ميلن جي فاصلي تي آهي جيئن ڪراچي ايتري ئي فاصلي تي حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ آهي. ڪوفه شهر جي ”مسجد الڪوفة المعظم“ دنيا جي شروعاتي مسجدن مان هڪ آهي جيڪا ستين صديءَ ۾ ٺهي. هن مسجد ۾ حضرت امام حسين جو فرسٽ ڪزن مسلم بن عقيل، سندن ساٿي هاني ابن اروا ۽ مختار اثقافي دفن ٿيل آهن. هن مسجد جي 2010ع ۾ مرمت ڪرائي اڄ واري حالت ۾ دائودي بوهرن جي 52 هين داعي المتلق سينا محمد برهان الدين ڪرائي.
هن مسجد ۾ جنهن هنڌ حضرت علي کي شهيد ڪيو ويو ان هنڌ کي سوني ڄاري سان ٺاهيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪيترائي لعل ربيون ۽ سون ۽ چاندي جون شيون مڙهيل آهن. مسجد جي سڄي اندرين حصي تي سوني پاڻيءَ سان قرآن جون آيتون لکيل آهن. سڄي مسجد جو فرش خاص قسم جي ٽائيلن سان ٺهيل آهي جيڪي يونان کان گهرايون ويون. هنن سرن جي اها خاصيت آهي ته اونهاري جي سخت سج ۽ گرميءَ ۾ به هي ٿڌيون رهن ٿيون. ان خاصيت واريون سرون هالا جي درگاهه جي اڱڻ ۽ ٻاهرين در تائين واري رستي تي به لڳل آهن. جيسين در کان ٻاهر نڪري جُتي پائجي تيسين سخت اس ۾ پيرن جو بچاءُ ٿيو وڃي.
ڪوفه جي هن مسجد لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هي اهو هنڌ آهي جتي حضرت نوح عليه رهيو ٿي ۽ هُنَ هِنَ هنڌ ٻيڙي ٺاهي هئي. بغداد ۽ ڪوفي جي وچ ۾ عراق جو اهم شهر ڪربلا آهي جيڪو حضرت امام حسين جي شهادتَ کان مشهور آهي. هن شهر ۾ ئي حضرت امام حسين ۽ حضرت عباس جا مقبرا آهن ۽ هر سال لکين ماڻهو زيارت لاءِ اچن ٿا. ڪيترا ته نجف شهر کان جيڪو ڪربلا کان 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، پيرين پنڌ ڪربلا پهچن ٿا. هن شهر ۾ هڪ سؤ کان مٿي مسجدون ۽ 23 کن مدرسا آهن. ڪربلا ۽ ڪوفي بعد نجف شهر شيعن توڙي سني مسلمانن لاءِ مقدس شهر سمجھيو وڃي ٿو ۽ فرات ندي جي ڪناري تي آهي. هن شهر ۾ اسلام جي چوٿين خليفي حضرت علي مرتضيٰ جو مقبرو آهي. هن شهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته 791 ڌاري عباسي خليفي هارون رشيد اڏرايو. ديني تعليم لاءِ نجف جا مدرسا دنيا ۾ مشهور آهن. آية الله خمينيءَ 1964ع کان 1978ع تائين هتي درس ڏنا. هن شهر جي اتر ۾ 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آڳاٽي زماني جو شهر بابل (Babylon) هوندو هو.
ترڪي جي سلطنتِ عثمانيا جي ڏينهن ۾، عرب قبيلن ۽ پرشن آرمي جي رکي رکي حملن ڪري هن شهر النجف جي حالت خراب رهي. جتي 3000 گهر هئا اتي سورهين صدي جي شروعات وارن ڏينهن ۾ 30 کن مس وڃي بچيا. ان جو وڏو سبب فرات ندي جي وهڪري جي تبديلي پڻ چيو وڃي ٿو جنهنجو ذڪر پورچوگالي سياح پيڊرو (Pedro Texeira) 1604 ۾ هتي اچڻ واري سفرنامي ۾ ڪيو آهي. پاڻيءَ جو اهو مسئلو ٻه سؤ سالن بعد 1803 ۾ حل ڪيو ويو ۽ فرات نديءَ ۾ هنديا ڪئنال کوٽي هن شهر تائين پهچايو ويو. 1915ع ۾ وڏي گوڙ فساد بعد سلطنت عثمانيه کي هن شهر جي پچر ڇڏڻي پئي پر ان ئي وقت هي شهر برطانيه سلطنت جي قبضي ۾ اچي ويو. 1918 ۾ نجف جي شيخن انگريزن خلاف مظاهرا ۽ هنگاما ڪيا جنهن ۾ انگريز حڪومت مٿيون ڪئنال بند ڪري ڇڏيو جنهن ذريعي هن شهر کي پاڻي مليو ٿي. اهڙي ريت نه فقط هنگامن کي ٻنجو اچي ويو پر شهر جي علمائن کي شهر نيڪالي ڏني وئي. ان بعد شيعه عالم اتان لڏي پرشيا (ايران) هليا ويا ۽ قم ۾ پنهنجا مدرسا قائم ڪيا. اهڙي طرح نجف شهر جيڪو علم کان مـشهور هو اهو ختم ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي آهستي آهستي قم شهر درس تدريس جو شهر ٿي ويو. هن کان اڳ واري مضمون ۾ به اها ئي ڳالهه ڪري چڪو آهيان ته تاريخ، جاگرافي .... ويندي سائنس جي ڄاڻ نه آهي ته پوءِ ڪو به ملڪ، ڪو به شهر ۽ ان جون عمارتون يا وري اتي جا جبل، درياه ڪا به حيثيت نٿا رکن. بنا ڄاڻ واري ماڻهوءَ لاءِ گهمڻ ڦرڻ ڪهڙي ڪم جو؟ ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ رهيل هوس ته هڪ دفعي مون وٽ سنڌ جو هڪ وڏيرو ٻارن ٻچن سان گهمڻ آيو. هو هفتو کن ٿائلنڊ ۾ رهي هاڻ باءِ روڊ مون وٽان ٿي، سنگاپور وڃي رهيو هو. ٻارن کان پڇيم ته بئنڪاڪ ۾ ڇا ڏٺانوَ. هر هڪ چوي ته برگر کاڌاسين، آئيس ڪريم کاڌيسين وغيره. دل ۾ چيم ته اهڙي ننڍي عمر جي ٻارن کي وٺي ولايت گهمائڻ، هوائي جهازن جي مهانگين ٽڪيٽن ۽ هوٽلن جي ڳرين مسواڙن پويان اجايو خرچ ڪرڻ آهي. پر مون ڏٺو ته وڏيري صاحب جي معلومات به ڪا پوري ساري هئي. هن کي اها به خبر نه هئي ته جنهن ملڪ ۾ هو هفتو کن رهي آيو آهي ان جو نالو بئنڪاڪ آهي يا ٿائلنڊ. هو هر هر اهو چئي رهيو هو ته بئنڪاڪ ڏاڍو سٺو ملڪ آهي اسان بئنڪاڪ جي ٻين به شهرن ۾ وياسين .... اتي سمنڊ جا ڪنارا، فلمون ۽ ناچ گانا ڏٺاسين .... وغيره. سندس اهي ڳالهيون ٻڌي کيس ملاڪا شهر جون تاريخي جايون ڏيکارڻ بدران سمنڊ جو ڪنارو ۽ ٿيٽر ڏيکاري، ان بعد هوٽل ۾ ماني کارائي بس اسٽاپ تان ويندڙ ٽئڪسيءَ ۾ سنگاپور لاءِ چاڙهي ڇڏيم.
دراصل شروع ۾ اسان جو حال به اهو هو. مائٽن يا استادن اسانکي تاريخ جون ڳالهيون نه ٻڌايون هيون .... مطلب ته انهن تي گهڻي اهميت نه ڏيکاري هئي نتيجي ۾ ڪاليج وارن ڏينهن ۾ جڏهن هر سال پنهنجي ڪلاس ميٽن: شوڪت جماڻي وٽ خيرپور ۾، عاشق شاهه وٽ سکر ۽ لاڙڪاڻي اختر عباسي وٽ وڃي رهبو هو ته جتي ڪٿي رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ جو ئي فڪر ۽ شوق هو. ڪڏهن به ڪوٽڏيجي، ساڌٻيلو يا موهن جو دڙو ڏسڻ جي توفيق نه ٿي. اڄ انهن ڳالهين جو افسوس ٿئي ٿو. پر چڱو جو مون کي ان ڳالهه جو جلدي احساس ٿي ويو ته ڀلي ڪو انجنيئر ٿي وڃي يا ڊاڪٽر پر هن کي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. ۽ پوءِ تاريخ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ٿيڻ بعد ئي مونکي دنيا جي مختلف ملڪن يا شهرن ۾ وڌيڪَ مزو ۽ دلچسپي پيدا ٿيڻ لڳي. مصر جا اهرام ڏسي فرعونن ۽ حضرت موسيٰ جون پڙهيل ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون .... ڪلوپترا ۽ سيزر ياد اچڻ لڳو. جبرالٽر پهچڻ تي طارق بن زيد ۽ بنو اميه جا حاڪم ياد اچڻ لڳا جن يورپ جي هڪ ڏورانهين ۽ طاقتور ملڪ اسپين تي 700 سال حڪومت ڪئي.