الطاف شيخ ڪارنر

تاريخ جو سفر

الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهاز ران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
  • 4.5/5.0
  • 3276
  • 1211
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تاريخ جو سفر

تاريخ جي ڳڙکين مان

اڄ سالن بعد آئون هڪ دفعو وري روم ۾ پهتو آهيان. اڄ کان 45 سال کن اڳ مونکي باءِ ايئر جڏهن يوگوسلاويا جي شهر اسپلٽ ۾ بيٺل ”پاڻيءَ جي جهاز“ تي موڪليو ويو هو ته ان وقت مونکي روم ۾ ”اسٽاپ اوور“ مليو هو ۽ آئون ٻه ڏينهن اتي ترسي پيو هوس. اڄ وري پولنڊ جي شهر گڊانسڪ ۾ وڃڻ لاءِ مونکي 30 ڪلاڪ روم ۾ ترسڻو پئجي ويو آهي. روم سمنڊ جي ڪناري تي آباد شهر ناهي يعني بندرگاهه نه آهي جو ڪڏهن منهنجو پاڻيءَ جو جهاز روم شهر ۾ اچي بيٺو هجي. منهجي گائيڊ مونکي روم جو آکاڙو (Colosseum) وئٽيڪان ۽ ٻه چار ٻيون روم جون تاريخي شيون ڏيکاري اچي هوٽل جي ڪمري ۾ ڇڏيو. هن عمر ۾ جڏهن آئون ستر جو انگ به ٽپي چڪو آهيان سرديءَ ۾ روم جي گهٽين ۾ مون رلڻ نٿي چاهيو. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ روم کان علاوه اٽليءَ جا ٻيا به ڪيترائي شهرَ .... خاص ڪري بندرگاهه جن ۾ منهنجو جهاز ويندو رهيو، ڪافي گهمي چڪو آهيان .... ٽاور آف پيسا، ويسووس جبل، وينس شهر جا ڪئنال، مائيڪَل اينجلو جون تصويرون .... اٽليءَ جا کاڌا ..... خاص ڪري پيزا، اسپا گهيٽي وغيره جيڪي، حيرت جي ڳالهه آهي ته، ڊبل روٽي، برگر سان گڏ هاڻ اسان جي شهر ڪوٽڙي ۽ جنگشاهيءَ کان ڪنڌ ڪوٽ ۽ پنوعاقل جي بيڪرين ۽ هوٽلن تي به عام آهن .... اهڙي طرح اٽلي جي خاص برانڊن گُچي، ورسيج، پاواروتي جا پرس، جوتا، بيلـٽ جيڪي هاڻ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي جمع ۽ آچر بازارن ۾ لڳل فٽ پاٿن تي دڪانن تي ڦلن مٺ ۾ پيا ملن، 1960ع واري ڏهي ۾ اهي شيون فقط ۽ فقط اسين جهاز هلائڻ وارا اٽلي پهچي حاصل ڪري سگهندا هئاسين.
۽ اٽليءَ جي هن شهر روم جي ته ڇا ڳالهه ڪجي. جنهن کي ڏسڻ ۽ جنهن ۾ رهڻ لاءِ اوسي پاسي جي يورپي ملڪن جا به سڌون ڪندا هئا ۽ اطالوي پتلونون پائي ۽ اطالوي ٻولي ڳالهائيندي فخر محسوس ڪندا هئا. شايد ان تان ئي انگريزيءَ جو پهاڪو جڙيو ته While in Rome, do as Romans do. ڌارئين ٻولين ۾ فقط انگريزي اچڻ ڪري مون ته فقط انگريزي ادب ئي پڙهيو آهي. سورهين صدي جي مشهور انگريزي شاعر اسپينر ۽ ملٽن پنهنجي شاعريءَ ۾ ان وقت جي روم جي وڏي تعريف ڪئي آهي ۽ انگلنڊ جا ماڻهو اٽلي جي ڪيترين ئي شين مان متاثر هئا جهڙوڪ پالاديان نموني جا گهر ۽ اٽلين باغيچا. رومانوي ادب جا باني ورڊس ورٿ (1838 ۾) ۽ ڪالرج 1804 ۾، هن شهر ۾ اچي رهيا هئا. شيلي جڏهن هتي اچي رهيو هو ته هتي جي صاف ۽ نيري آسمان مان Inspire ٿي خوب شاعري ڪئي هئي. لارڊ بائرن کي به هن شهر (روم) لاءِ ساڳيا احساس هئا. پنهنجي هڪ نظم Childe Harold’s Pilgrimage ۾ لکي ٿو:
O’ Rome! My Country, City of the Soul!
اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ذاتي خطن ۾ اٽلي ۽ اتي جي ماڻهن جي رسم رواجن تي خوب ڇوهه ڇنڍيا آهن. 1845 ۾ جينيوا ويندي چارلس ڊڪنس پڻ هن شهر ”روم“ ۾ رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ بارشون هلي رهيون هيون ۽ روم جي گپ هاڻن رستن هن کي گهمڻ ڦرڻ کان بيزار ڪري ڇڏيو. 1867 ۾ مارڪ ٽوين به هن شهر ”روم“ ۾ آيو هو ۽ هن شهر لاءِ رمارڪ ڏنو هئائين ته:
“Rome is a museum of magnificence and misery”.
جهاز سان واسطو ۽ فلمن جو شوقين هجڻ ڪري روم ۾ پهچي مونکي ڪرسٽافر ڪولمبس ۽ صوفيا لورين به ياد اچن ٿا جن جي هيءَ ڌرتي جنم ڀومي آهي. مشهور ليکڪ ڪارلو ڪولوڊي (1890-1826) پڻ هتي جو آهي جنهن “Pinocchio” (پائين نٽ) لکيو. 1986ع ۾ جڏهن آمريڪن فاسٽ فوڊ مئڪڊونالڊ جي ريسٽورنٽ کلي ته هتي ڪيترين مڪاني هوٽلن وارن اسپا گھيٽي ٺاهي ماڻهن ۾ مفت ورهائي ته ”اٽليءَ وارو! توهان جي ابن ڏاڏن جو هي کاڌو آهي ڇو ٿا پاڻ کي ڌارئين کاڌي تي هيريو.“ ان تان ياد آيو ته دنيا جو مشهور پنير (Cheese) پارميسان اٽلي جي شهر Parma جي پيداوار آهي. ان کان علاوه گورگون زولا، موذاريلا، پروولون ۽ رڪوٽا پنير به هتي جي ايجاد آهن.
روم جي هن هوٽل جي ڪمري ۾ آئون پنهنجي بستر تي ليٽي ليٽي هن شهر روم ۽ هن ملڪ اٽليءَ جي حال ۽ ماضيءَ بابت سوچيان ٿو ته هڪ اڻ کٽندڙ ڳالهين جو سلسلو دماغ ۾ ايندو وڃي ٿو .... جن ڳالهين، جن ڪارنامن، جن عمارتن ۽ جن يادن جو واسطو هن شهر، هن ملڪ ۽ هتي جي رومن سلطنت ۽ ان جي بادشاهن، راڻين، ٻانهين، فوجي جرنيلن، آرٽسٽن، راڳين ۽ شاعر اديبن سان آهي! ڪمري جي سامهون واري دريءَ مان يونيورسٽي آف روم جي عمارتن جا ڪجهه حصا نظر اچي رهيا آهن. اٽليءَ جي هيءَ يونيورسـٽي دنيا جي آڳاٽين يونيورسٽين مان هڪ آهي جيڪا 1303 ۾ هتي جي ڪئٿولِڪ چرچ ٺهرائي. هِيءَ يونيورسٽي La Sapienza يعني ”علم“ (Knowledge) به سڏجي ٿي. يونيورسٽي آف روم يورپ جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي جنهن ۾ ڏيڍ لک کان مٿي شاگرد پڙهن ٿا.
هونءَ هي شهر ”روم“ دنيا ۾ ان خيال کان به نرالو آهي ته هن شهر جي اندر وئٽيڪان ملڪ آهي جنهن جي پکيڙ فقط 110 ايڪڙ آهي. وئٽيڪان (Vatican) کي توهان ملڪ به چئي سگهو ٿا جو هن کي پنهنجيون پوسٽ جون ٽڪليون ۽ ڪرنسي نوٽ آهن. هن کي پنهنجي فوج، فون ڪمپني، ٽي وي ۽ ريڊيو اسٽيشن آهن .... ساڳي وقت ڪراچي شهر جي ڪياماڙي واري علائقي جي چوٿين حصي جيترو هجڻ ڪري هن کي وئٽيڪان شهر به سڏي سگهو ٿا. دنيا جو هي واحد شهر آهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ وارن دروازن کي رات جو تالا لڳايا وڃن ٿا.
هونءَ سئن مارينو (San Marino) نالي هڪ ٻيو به ملڪ آهي جيڪو وئٽيڪان وانگر ڪنهن شهر اندر ته نه پر ملڪ اندر ضرور آهي. ان جو اعزاز به هن ملڪ اٽليءَ کي ملي ٿو. سئن مارينو 25 چورس ميل ٿيندو ۽ دنيا جي جھوني ۾ جھوني ريپبلڪ (301ع کان) آهي جنهن ۾ اڄ تائين دنيا جو آڳاٽو (پراڻي ۾ پراڻو) آئين هلندو اچي. هن ملڪ جي ٽوٽل آدمشماري ٽيهه هزار ماڻهو آهن ۽ هن ملڪ جا شهري ”سماري“ (Sammarinese) سڏجن ٿا.
هونءَ هن ملڪ اٽليءَ کي يورپ جا فرانس، اسپين، انگلنڊ جهڙا ملڪ ڪجهه گهٽ ئي سمجھن ٿا ۽ اتر وارا اسڪينڊينيوين ملڪ ته اڃان به نيچ سمجھن ٿا پر آئون اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته ماضي ۾ رومن سلطنت جو ڇا ته رعب تاب ۽ مانُ شان هو. عيسوي سن 117 ۾ ته ان جو عروج هو جڏهن رومن سلطنت جو مغرب ۾ پورچوگال کان مشرق ۾ شام ملڪ تائين ۽ اتر ۾ برطانيه کان ڏکڻ ۾ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) جي ٻي پار لبيا، الجيريا، ٽيونس ۽ صحارا رڻ پٽ تائين راڄ هو.
يورپ جي سڀ کان اتاهين جابلو چوٽي ”موٽي بيانڪو“ (Monte Bianco) جنهن کي سفيد جبل به سڏين ٿا هن ملڪ اٽليءَ ۾ آهي. اها 15800 ميٽر اتاهين آهي ۽ الپس پهاڙي سلسلي جو حصو آهي. ٽي اهم ليکڪ جيڪي هتي ۽ دنيا ۾ ”ٽي ڦوهارا“ (Three Fountains) سڏيا وڃن ٿا: ڊانٽي اليغيري (1321-1265)، فرانسڪو پيٽراچ (1374-1304) ۽ جيوواني Giovanni Boccaccio (1375-1313) هن ملڪ اٽليءَ جا سدا بهار ليکڪ مڃيا وڃن ٿا .... يعني هر دؤرَ ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا. ڊانٽي جي ”ڊوائين ڪميڊي“ (Divina Commedia) جو اطالوي ادب تي وڏو اثر رهيو آهي ۽ ڊانٽي (Dante Alighieri) کي اطالوي زبان جو بابو سڏيو وڃي ٿو. ان کان علاوه هن ملڪ جي ٻن وڌيڪَ اديبن جو به نالو ڳڻائيندس جن جو هن ملڪ جي ارڙهين صدي جي روشن خيالي ۾ وڏو هٿ آهي. هڪ Cesare Beccaria (1794-1738) جنهن جا ڏوهه ۽ سزا (Crime & Punishment) تي لکيل مضمون هتي جي ڏوهارين ۽ قيدين جي حالتن ۾ سڌارا آندا ۽ Giambattista Vico (1774-1668) نالي فلاسافر ۽ تاريخدان جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ماڊرن فلاسافي ۽ تاريخ کي نئون موڙ ڏنو.
هو ڇا چوندا آهن.... يعني انگريز چوندا آهن، ته:
After dinner walk a mile, and after lunch sleep a while....
پر هن ملڪ جا ماڻهو رات جي مانيءَ کانپوءِ ته واڪ نه ڪندا آهن پر البت مانيءَ کان اڳ گهٽين ۾ هلندا چلندا آهن جيئن چار چهرا ڏسي سگهن ۽ پنهنجو مُکُ به ٻين کي ڏيکاري سگهن. ان Pre-Dinner واڪ کي روم جا ماڻهو Passeggiata سڏين ٿا.
فرانس جي جھنڊي مان متاثر ٿي اٽلي وارن به انهن رنگن جو جھنڊو ٺاهيو پر هن ۾ سائي، اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جو پٽيون اڀيون (Vertical) آهن جيڪي رنگ اميد، يقين ۽ خيرات جي نمائندگي ڪن ٿا. پر ڪن جو چوڻ آهي ته سائو رنگ اٽلي جي ساوڪ ۽ سرسبز نظاري جي نمائندگي ڪري ٿو، اڇو رنگ هن ملڪ جي جبلن جون برف سان ڍڪيل چوٽين جي ۽ ڳاڙهو رنگ ان خون ريزي جي ياد آهي جنهن بعد هن ملڪ کي آزادي نصيب ٿي.
سائنسدان گليلو (Galileo Galilei) جو نالو ته سڀني ٻڌو هوندو جنهن کي ڪئٿولڪ چرچ جي ڪرتا ڌرتائن سندس ان بيان تي قيد ڪيو ته: ”ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي.“ گليلو جي اها ڳالهه چرچ جي ڌرمي ڪتابن جي خلاف هئي. گليلو هن ملڪ اٽلي جو رهواسي هو جنهنجي شهر روم ۾ آئون ويٺو آهيان. گليلو 1564ع ۾ ڄائو هو ۽ 1642ع ۾ وفات ڪيائين. گهڻو گهڻو پوءِ ويهين صديءَ ۾ وڃي ثابت ٿيو ته سج نه پر ڌرتي گول گهمي ٿي. گليلو کي خواهه مخواهه جي مليل سزا تي چرچ جي مذهبي رهنمائن 1992ع ۾ سرڪاري طرح معافي ورتي.
روم ڪو ڪوالالمپور، نئروبي يا اسلام آباد جهڙو شهر ناهي جيڪو هڪ سؤ يا ٻه سؤ سال پُراڻو هجي. روم انڊيا جي بنارس، مصر جي قاهري، جپان جي ڪيوٽو جيان تمام پراڻو شهر آهي جنهن ۾ لڳاتار وسندي لڳي رهي آهي. سال 550 ق.م .... يعني حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به ساڍيون پنج صديون اڳ ۽ سڪندرِ اعظم جي ڄمڻ کان ٻه صديون اڳ .... روم اٽلي جو ٻيو نمبر وڏو شهر هو. تارينتم (Tarentum) ان وقت وڏي ۾ وڏو شهر هو. روم جي ان وقت ايراضي 285 هيڪٽر يعني هڪ چورس ميل جيتري هئي جنهن ۾ 35000 ماڻهو رهيا ٿي. پر پوءِ شهنشاهه آگسٽس (Augustus) جي ڏينهن ۾ روم نه فقط اٽليءَ ۾ پر سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو شهر ٿي پيو جنهن جي آدمشماري ڏهه لک ماڻهو هئا. آگسٽن 63 ق.م ۾ ڄائو ۽ 14ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ رومن سلطنت جو بنياد رکيو هئائين ۽ ان جو پهريون شهنشاهه ٿي رهيو. هن سن 27 ق.م کان 14ع وفات تائين حڪومت ڪئي. رومن سلطنت هڪ بيحد طاقتور ۽ وڏي سلطنت ٿي گذري آهي جنهن جو نه فقط يورپ تي پر آفريڪا ۽ ايشيا کنڊ جي ملڪن تي به راڄ رهيو. جيئن اڄ ڪلهه دنيا ۾ طاقتور ملڪ آمريڪا آهي ۽ ان کان اڳ روس ۽ آمريڪا ٻه طاقتون هيون جن جو دنيا تي قبضو هو. اهڙي طرح حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ دنيا ۾ سڀ کان طاقتور سلطنتون هڪ رومن سلطنت هئي ته ٻي پرشيا (اڄ وارو ايران). عرب وغيره ته ڪنهن حساب ۾ نه هئا. عربن تي پرشيا سلطنت جو اثر هو جو هڪ ته اهي هنن جي پاڙي ۾ هئا ۽ ٻيو ته ايران جا حاڪم توڙي عوام مجوسي هئا يعني هنن باهه جي پوڄا ٿي ڪئي ۽ عربن به بت پرستي ٿي ڪئي پر اسلام جي آمد بعد اهي عرب جيڪي مسلمان ٿيندا ويا انهن رومن سلطنت جو قدر ٿي ڪيو جو اهي عيسائي هئا ۽ مسلمانن وانگر هنن توحيد ۾ يقين ٿي رکيو. اهو ئي سبب آهي جو پهرين هجرت ۾ مسلمان حبش ويا هئا جو اتي عيسائين جي حڪومت هئي.
حضور صلعم جن جو جنم عيسوي سن 571 ۾ ٿيو. 40 سالن جي ڄمار ۾، يعني 610 ۾ هنن تي وحي نازل ٿيو ۽ پاڻ صلعم جن اسلام جي پرچار شروع ڪئي. سن 622 ۾ مسلمانن مڪي کان مديني هجرت ڪئي. ٻن سالن بعد 624 ۾ بدر جي لڙائي لڳي ۽ 630 ۾ مسلمانن مڪو فتح ڪيو. سال 632 ۾ حضور صلعم جن هي فاني جهان ڇڏيو.
حـضور صلعم جن جي پيدائش مبارڪ وقت سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي ٻڌن جي حڪومت هئي. ان بعد چچ آيو جيڪو برهمڻ (هندو) هو. 622 ۾ راجا ڏاهر ڄائو. هي اهو سال هو جنهن ۾ مسلمانن مڪي کان مديني هجرت ڪئي. سال 711 ۾ جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته سنڌ جو حاڪم راجا ڏاهر هو.
هوڏانهن ايران ۾ پرشيا سلطنت جو حاڪم خسرو اول (579-531) هو. سندس حڪومت جي آخري سالن ۾ 571 ۾ حضور صلعم جن جي مڪي ۾ ولادت ٿي. خسرو اول بعد هرمزد چوٿون 579 کان 590 تائين پرشيا (ايران) جو شهنشاهه ٿيو جنهن جي وفات تي خسرو پرويز دوم سن 590 کان 628 تائين حاڪم رهيو. هن حاڪم جي ڏينهن ۾ حضور صلعم جن مديني مان هن کي ۽ روم جي حاڪم قيصرهرقل کي کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت لاءِ خط موڪليو هو.
حضور صلعم جي ڏينهن ۾ رومن سلطنت ۽ پرشين (فارس) سلطنت جي لڙائيءَ ۾ فارس (ايران) جي سوڀ ٿي هئي. ايران کي گذريل صديءَ جي شروعات تائين پرشيا يا فارس سڏيو ويو ٿي. ”ايران“ نالو ته هاڻ رکيو ويو آهي. عربستان سان لاڳو ملڪ اردن، شام ۽ فلسطين وغيره رومن سلطنت جي قبضي ۾ هئا جن تي 615ع ۾ ايرانين جو مڪمل قبضو ٿي ويو. هي اهو ئي سال آهي جنهن ۾ مڪي جي مسلمانن حبش ڏي هجرت ڪئي. قرآن ۾ هڪ سورة ”الروم“ جي نالي سان ٽيهون نمبر آهي جيڪا مٿين واقعي مان لڳي ٿو ته ان ئي سال نازل ٿي هئي. ان جي پهرين ئي آيتن ۾ آهي ته: ”رومي سلطنت مغلوب ٿي وئي آهي (جو ايرانين کين زبردست شڪستون ڏنيون آهن). ويجھي ملڪ (شام ۽ فلسطين) ۾ (رومين تي ايراني غالب پئجي ويا آهن) پر (توهان ڏسندؤ ته) انهيءَ شڪست بعد رومي وري (ايرانين تي غالب) پوندا.
”ٿورن ئي سالن اندر (يعني 3 کان 9 سالن اندر رومي غالب پوندا) هر ڳالهه جو فيصلو ۽ اختيار اڳي به الله تعاليٰ جي هٿ ۾ هو ۽ آئنده به سندس ئي هٿ ۾ رهندو ۽ انهيءَ (فتح واري) ڏينهن ۾ مسلمان خوشيون ڪندا (جو) الله جي مدد سان (رومين کي به فتح حاصل ٿيندي ۽ مسلمانن کي به بدر وٽ فتح حاصل ٿيندي) بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن جي مدد ڪري ٿو ۽ هو وڏي طاقت وارو، غالب رهڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.
”اهو الله تعاليٰ جو وعدو آهي (ته ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي سوڀ ڏيندو) الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي (۽ وعدو پورو ڪري ٿو ڇڏي) پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن (۽ سمجھن ٿا ته جن کي گهڻو لشڪر، گهڻا هٿيار ۽ گهڻي دولت آهي سي ئي سوڀارا ٿيندا)“.
مٿيون ترجمو علامه علي خان ابڙو (سنڌ جي مشهور ادبي شخصيت جمال ابڙو جي والد ۽ اڄ جي مـشهور محقق ۽ ڏاهي بدر ابڙو جي ڏاڏي مرحوم) جو آهي. اسان وٽ ڪيترائي سنڌي ۽ اڙدو ۾ قرآن مجيد جا ترجما ۽ تفسير موجود آهن. آئون سنڌي ۾ ترجمو علامه علي خان جو پڙهندو آهيان ۽ اڙدو ۾ ترجمو ۽ تفسير مودودي صاحب جو. بنا ڪنهن شڪ جي مودودي صاحب وڏي محنت سان تفسير لکيو آهي. هن تفسير جا مون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما مختلف ملڪن ۾ ڏٺا آهن. وڏن اکرن ۾ ڇپائي ۽ آسان اڙدو ۾ هجڻ ڪري اسان جهڙن لاءِ جيڪي اڙدو کان گهٽ واقف آهن، پڙهڻ ۽ سمجھڻ سولو رهي ٿو. قرآن جي هن سورة ”الروم“ جي تفسير کان اڳ روم ۽ ان وقت جي تاريخي حالتن بابت جيڪو مودودي صاحب لکيو آهي اهو بيحد عالماڻو آهي ۽ ان کي سمجھڻ ضروري آهي.
پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو احوال هتي ڏيڻ غير ضروري نٿو سمجھان. جتي ضرورت محسوس ڪريان ٿو اتي پنهنجي طرفان وڌيڪَ سمجھاڻيون ۽ Comments درج ڪيان ٿو. دراصل هن سورة (الروم) جي شروعاتي آيتن ۾ جيڪا پيشنگوئي ڪئي وئي آهي اها قرآن مجيد جي ڪلام الاهي هجڻ ۽ حضور صلعم جن جي رسول برحق هجڻ جي نمايان ترين شهادتن مان هڪ آهي. ان کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن واقعن تي هڪ تفصيلي نگاهه وڌي وڃي جيڪي هنن آيتن سان تعلق رکن ٿا.
پاڻ ڪريم صلعم جي نبوت کان 8 سال اڳ جو يعني 602 ڌاري جو واقعو آهي ته قيصر روم ماريس (Maurice) جي خلاف بغاوت ٿي ۽ هڪ شخص فوڪاس (Phocas) رومن سلطنت جي تخت تي ويٺو. (تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ هتي وضاحت ڪندو هلان ته اهو هڪ شخص ”فوڪاس“ ڪو عام ماڻهو نه هو پر شهنشاهه روم ماريس جي فوج جو جنرل هو. ماريس پاڻ به هڪ دلير فوجي جنرل هو جيڪو بعد ۾ رومن سلطنت جو شهنشاهه بڻيو. انهن ڏينهن ۾ رومين جي شهنشاهه کي سيزر (Caesar) سڏيو ويو ٿي جنهن کي عربي ۽ فارسي زبان ۾ ”قيصر روم“ سڏبو هو. ماريس 539 ۾ ڄائو ۽ 582 کان مرڻ تائين (سن 602 تائين) قيصر روم ٿي رهيو. انهن ڏينهن ۾ رومن سلطنت جي گادي جو شهر اڄ وارو ترڪي جو شهر استنبول هو جنهن جو ان وقت نالو Constantinople هو جيڪو سن 330 ۾ ان وقت جي رومن سلطنت جي شهنشاهه ڪانسٽن ٽائين (Constantine) رکيو جڏهن هن پنهنجي گادي جو شهر روم بدران هي ڪيو. دراصل هي شهر ته ان کان به گهڻو اڳ جو آباد هو. 660 ق.م ۾ جڏهن هتي ميگارين نالي قوم اچي آباد ٿي هئي ته هن جو نالو Byzantium رکيو ويو جنهن کي عرب بيزنطيا اچارين ٿا. بهرحال ”ڪانسٽن ٽنوپول“ جي معنيٰ آهي ”ڪانسٽن ٽائين جو شهر“ جنهن کي عرب ۽ اسان جي تر جا ماڻهو قسطنطنيه سڏين ٿا. اڳتي هلي سلطنتِ عثمانيه (Ottoman Empire) جي ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو استنبول رکيو ويو پر ان سان گڏ قسطنطنيه به سڏيو ويو ٿي. 1923 ۾ جڏهن مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ ترڪيءَ ۾ انقلاب آندو ۽ ”ترڪي“ شهنشاهيت بدران ريپبلڪ ٿي ته هن شهر جو سرڪاري طرح هڪڙو ئي نالو ”استنبول“ رکيو ويو. ساڳي وقت ترڪي جي گادي جو شهر استنبول بدران انقره مقرر ڪيو ويو.
قيصر روم ماريس جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري رهيا آهيون اهو جيتوڻيڪ شاهي خاندان مان نه هو پر جنهن قيصر روم وٽ هو جرنيل هو ان جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ ڪري پنهنجي سهري جي وفات بعد پاڻ شهنشاهه ٿيو. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ان وقت جي دنيا جي ٻي طاقتور شهنشاهيت يعني ايران جي حاڪم سان دوستي ڪري رکي هئي. پر هيڏانهن هوڏانهن جاري رکندڙ ويڙهاند ڪري سندس خزاني جو ويو هيڻو حال ٿيندو. فوج جي کاڌ خوراڪ ۽ پگهارن جي کوٽ ڪري منجھن بغاوت پيدا ٿي ۽ انهن جي جرنيل فوڪاس قيصر روم ماريس کي لاهي پاڻ شهنشاهه ٿي ويٺو.)
فوڪاس پهرين ته قيصر ماريس جي اکين اڳيان هن جي پنجن پٽن کي قتل ڪرايو ۽ پوءِ کيس قتل ڪري پيءُ ۽ پٽن جا سر قسطنطنيه (اڄ واري استنبول) ۾ سَرِ عام لڙڪايا، ۽ ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هن جي زال ۽ ٽن ڌيئرن کي به مارائي ڇڏيو. هن واقعي جي ڪري ايران جي بادشاهه خسرو پرويز کي روم تي حملو ڪرڻ لاءِ بهترين اخلاقي بهانو ملي ويو جو قيصر روم ماريس هن جو محسن هو. ماريس جي مدد سان ئي خسرو پرويز کي ايران جو تخت نصيب ٿيو هو ايتري قدر جو خسرو پرويز ”قيصرِ روم ماريس“ کي پيءُ چوندو هو.
(هتي ٻه سٽون ايران جي بادشاهه خسرو پرويز تي لکڻ ضروري سمجھان ٿو. حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ ايران تي ساساني گهراڻي جي حڪومت هئي. حضور صلعم جن جڏهن 20 سالن جا هئا ته ان وقت 590 ۾ خسرو پرويز ايران جي تخت تي ويٺو. پاڻ هرمزد چوٿين جو پٽ هو جيڪو 579 کان 590 تائين ايران جو حاڪم رهيو ۽ ان کان اڳ خسرو پرويز جو ڏاڏو هو جنهن جو نالو پڻ خسرو هو جيڪو خسرو دوم سڏبو هو. بهرحال خسرو پرويز ساساني گهراڻي جو آخري بادشاهه هو جنهن ڊگهو عرصو حڪومت ڪئي. 628 ۾ سندس قتل بعد ساساني حڪومت جا منٽن ۾ فيصلا ٿي ويا ۽ پنجن سالن اندر عرب مسلمانن مڪمل طرح ايران فتح ڪري ورتو. هي ايران جو اهو حاڪم آهي جنهن کي حضور صلعم جن اسلام قبول ڪرڻ جو دعوتنامو موڪليو. فارسي ادب ۾ هن شهنشاهه کي خوب ڳايو ويو آهي. ايران جي شاعر فردوسيءَ پنهنجي شاهنامي (شعرن جي بياض) ۾ هن کي افسانوي انداز ۾ ايراني ثقافت ۽ ڪلچر جو وڏو هيرو ڪري پيش ڪيو آهي ۽ هڪ ٻئي فارسي اديب نظامي گانجويءَ (1209-1141) مشهور الميه رومانس ”خسرو شيرين“ ۾ هن شهنشاهه خسرو پرويز جي آرميني شهزادي شيرين سان معاشقي جو خيالي قصو بيان ڪيو آهي. فارسي جو هي ڪتاب ”خسرو و شيرين“ به ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.) بهرحال روم جي قيصر جي قتل تي ايران جي هن شهنشاهه غاصب فوڪاس کان پنهنجي محسن تي ٿيل ظلم جو بدلي وٺڻ جو اعلان ڪيو. سن 603 ۾ خسرو سلطنت روم جي خلاف جنگ جو آغاز ڪيو ۽ ڪجهه سالن اندر فوڪاس جي فوجين کي شڪست ڏيندو شام ۾ حلب انظاڪيا تائين پهچي ويو. روم جي اعليٰ عملدارن جڏهن ڏٺو ته فوڪاس روم کي نه بچائي سگهيوآهي، ته هنن آفريڪا جي گورنر کان مدد جي طلب ڪئي. هن پنهنجي پٽ هرقل (Heraclius) کي هڪ طاقتور ٻيڙي ذريعي قسطنطنيه موڪليو. هرقل (هيراڪليوس) جي پهچڻ تي کيس رومن سلطنت جو شهنشاهه (قيصر) بنايو ويو ۽ هن اقتدار ۾ اچي فوڪاس سان اهو ڪيو جيڪو هن ماريس سان ڪيو هو. هي ان سال سن 610 جو واقعو آهي جنهن ۾ اسانجو نبي ڪريم صلعم رب پاڪ جي طرف کان منصبِ نبوت تي سرفراز ٿيا.
ايران جي شهنشاهه خسرو پرويز جنهن اخلاقي بهاني کي بنياد ٺاهي رومين سان جنگ جوٽي هئي، فوڪاس جي مارجي وڃڻ بعد اهو ته ختم ٿي ويو. جيڪڏهن خسرو پرويز جو واقعي هن جنگ جو مقصد غاصب فوڪاس کان هن جي ظلم جو بدلو وٺڻو هجي ها ته هن جي مارجي وڃڻ تي کيس رومن سلطنت جي نئين قيصر هرقل سان ٺاهه ڪري ڇڏڻ کَتو ٿي پر خسروءَ پوءِ به جنگ جاري رکي ۽ هاڻ هِنَ جنگ کي هُنَ مجوسيت (باهه جي پوڄارين) ۽ مسيحيت (عيسائين) جي مذهبي جنگ جو رنگ ڏنو. عيسائين جي جن فرقن کي رومي سلطنت جي سرڪاري ڪليسا (چرچ) ملحد قرار ڏئي سالن کان هنن تي ظلم ۽ ناانصافيون قائم رکيون هيون (يعني نسطوري ۽ يعقوبي عيسائي، وغيره)، انهن جون سموريون همدرديون به مجوسي (آتش پرست) ايراني حملو ڪندڙن سان هيون ۽ يهودين به مجوسين جو ساٿُ ڏنو .... ايتري قدر جو خسرو پرويز جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ وارن يهودين جو تعداد 26 هزارٿي ويو.
روم جو حاڪم هرقل ايران جي شهنشاهه خسرو پرويز جي هن لشڪر جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ ايراني ويا عيسائين جا علائقا فتح ڪندا .... انطاڪيا بعد 613 ۾ ايراني فوج جو دمشق تي قبضو ٿيو.... 614 ۾ بيت المقدس تي قبضو ڪري ايرانين مسيحي دنيا تي قيامت آڻي ڇڏي. فقط هن شهر بيت المقدس ۾ نوي هزار عيسائين جو قتل ڪيو. هنن جو سڀ کان مقدس ڪليسا، ڪينسة القيامه (Holy Sepulcher) برباد ڪيو ويو. اصلي صليب، جنهن لاءِ عيسائين جو عقيدو هو ته ان تي حضرت عيسيٰ جان ڏني، ايران جا مجوسي کسي ويا. وڏي پادري زڪريا کي به هو گرفتار ڪري ويا ۽ شهر جي سڀني وڏن گرجا گهرن کي ڊاهي ڇڏيو. هن فتح جو نشو جنهن پئماني تي خسرو پرويز تي چڙهيو هو ان جو اندازو ان خط مان ٿئي ٿو جيڪو هن بيت المقدس مان هرقل ڏي لکيو. ان ۾ هو لکي ٿو:
”سڀني خدائن کان وڏي خدا، سڄي ڌرتيءَ جي مالڪ خسرو جي طرفان ان ڪميڻي ۽ بي شعور بندي هرقل نالي ....“
”تون چوين ٿو ته توکي پنهنجي رب تي ڀروسو آهي ته پوءِ ڇو نه تنهنجي رب يروشلم کي مون وٽ اچڻ کان بچايو؟“
هن فتح کانپوءِ ايراني فوجون هڪ سال جي اندر اندر اردن، فلسطين ۽ ٻيٽ سان مشابهت رکندڙ سينا جي سڄي علائقي تي قابض ٿي مصر جي حدن تائين پهچي ويون. هي اهو زمانو هو جڏهن مڪي معظم ۾ هڪ ٻي ۽ ان کان ڪيترا دفعا وڌيڪَ تاريخي اهميت رکڻ واري جنگ برپا هئي. جتي توحيد جي علمبردار سيدنا محمد صلعم جي قيادت ۾، ۽ شرڪ جي پيروڪار سردار قريش جي رهنمائي ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا ۽ نوبت ايستائين پهچي وئي هئي ته 615 ۾ مسلمانن جي هڪ وڏي تعداد کي پنهنجو گهر ٻار ڇڏي حبش جي عيسائي سلطنت ۾ پناهه وٺڻي پيئي ـــ ان وقت سلطنتِ روم تي ايران جي غلبي جي ڳالهه هر هڪ جي زبان تي هئي مڪي جا مشرڪين (ڪافر) ان تي خوشيءَ ۾ کڳيون هڻي رهيا هئا ۽ مسلمانن کي ٽوڪي رهيا هئا ته ڏسو ايران جا آتش پرست فتح حاصل ڪري رهيا آهن ۽ وحي ۽ رسالت کي مڃڻ وارا عيسائي شڪست مٿان شڪست کائي رهيا آهن. اهڙيءَ طرح اسان عربن جي بت پرستي به توهان کي ۽ توهان جي دين کي ڊاهي رکندي.
انهي تناظر ۾ قرآن مجيد جي هيءَ سورة (الروم) ان وقت نازل ٿي ۽ ان ۾ اها اڳڪٿي ٻڌائي وئي ته ”ڀر واري زمين تي رومي مغلوب ٿي ويا آهن، مگر ان مغلوبيت بعد ڪجهه سالن اندر ئي اهي غالب ٿي ويندا. ۽ اهو ڏينهن هوندو جڏهن الله جي ڏنل فتح کان اهلِ ايمان خوش ٿي رهيا هوندا. ان ۾ هڪ جي بدران ٻه اڳڪٿيون هيون.... هڪ اها ته رومين کي غلبو (يعني فتح) نصيب ٿيندي.... ٻي اها ته مسلمانن کي به انهي زماني ۾ فتح حاصل ٿيندي. ڏٺو وڃي ته ان وقت پري پري تائين ان ڳالهه جي سچ ٿيڻ جا ڪي به آثار نظر نٿي آيا ۽ نه اهو ٿي لڳو ته اها پيشنگوئي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ به ڪا سچ ثابت ٿي سگهندي. هڪ طرف مسلمانن جو هڪڙو ننڍڙو ڳاڻيٽو هو جيڪو مڪي ۾ مار ۽ سختي هيٺ هو ۽ ان اڳڪٿيءَ بعد به 8 سالن تائين انهن جي غلبي ۽ فتح جي ڪا اميد به ڪنهن کي نظر نٿي آئي. ٻئي طرف رومين تي ايرانين جو قبضو روز بروز وڌي رهيو هو. 619ع تائين سڄو مصر ساساني سلطنت (ايران) جي قبضي ۾ هليو ويو ۽ مجوسي (آتش پرست) فوجين طرابلس تائين وڃي پنهنجا جھنڊا کوڙيا. ايشيائي ڪوچڪ ۾ به ايراني فوجون رومين کي مار موچڙو ڪنديون باسفورس جي ڪناري تائين وڃي پهتيون ۽ 617ع ۾ انهن قسطنطنيه جي بلڪل سامهون خلقدون (Chalcedon)..... موجوده ”قاضي ڪوئي“ (Kadikoy) شهر تي قبضو ڪري ورتو.
(تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ اهو لکندو هلان ته ”خلقدون“ ايشيا مائنر جو هڪ مشهور بندرگاهه هو ۽ هاڻ ترڪي جي شهر استنبول جو هڪ ضلعو آهي .... جيئن ڪراچي جي پنجن ضلعن مان ملير به هڪ آهي .... ۽ هاڻ اهو خلقدون بدران ”قاضي ڪوئي“ سڏجي ٿو. خلقدون شهر جو بنياد قبل مسيح 685 ۾ يمگارا کان لڏي آيل يونانين رکيو هو. ڪلفٽن وانگر استنبول جو هي علائقو ”قاضي ڪوئي“ (Kadikoy) اسڪولن، ڪاليجن ۽ شاپنگ مال کان مشهور آهي).
روم جي قيصر هرقل ايران جي شهنشاهه خسرو پرويز ڏي ايلچي موڪلي نهايت عاجزي مان درخواست ڪئي ته آئون هر قيمت تي صلح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
پر خسروءَ وراڻيو: ”هاڻ آئون قيصر کي تيستائين امان نه ڏيندس جيستائين هو پاڻ کي زنجيرن ۾ سوگھو ڪرائي منهنجي سامهون نه اچي ۽ پنهنجي خدا کي ڇڏي خداوندِ آتش جي بندگي نه اختيار ڪري.“
آخرڪار قيصر هرقل ان حد تائين شڪست خورده ٿي ويو جو هن قسطنطنيه کي ڇڏي قرطاج (Carthage) موجوده ٽيونس ۾ وڃي رهڻ جو ارادو ڪيو.
بهرحال، انگريز تاريخدان گبن جي چواڻي، قرآن مجيد جي هن اڳڪٿي کانپوءِ به ست اٺ سالن تائين حالتون اهڙيون هيون جو ڪو به شخص اهو تصور به نٿي ڪري سگهيو ته رومي سلطنت ايران تي غالب اچي ويندي .... بلڪه جيت يا غلبو ته ٿي پري جي ڳالهه ڪنهن کي اها اميد به نه هئي ته هاڻ سلطنتِ روم زندهه به رهي سگهندي. (صفحو 788، گبن جي لکيل تاريخ Decline and fall of the Roman Empire واليوم ٻيون)
قرآن مجيد جي سورة الروم جون اهي شروعاتي آيتون جڏهن نازل ٿيون ته مڪي جي ڪافرن مسلمانن سان خوب چرچا ۽ چٿرون ڪيون ۽ اُبي بن خَلف حضرت ابوبڪر رضه سان شرط رکي ته جيڪڏهن ٽن سالن اندر رومي غالب ٿي ويا ته هو کيس ڏهه اٺ ڏيندو نه ته ٻي صورت ۾ ڏهه اٺ کيس ڏيڻا پوندا. نبي ڪريم صلعم جن کي جڏهن هن شرط جي خبر پيئي ته پاڻ فرمايائون ته قرآن ۾ فِي بِضعِ سِنِين جا لفظ آيا آهن ۽ عربي ٻوليءَ ۾ بضع جو اطلاق ڏهن کان گهٽ تي ٿئي ٿو ان ڪري ڏهه سالن اندر جو شرط رکو ۽ اُٺن جو تعداد وڌائي سؤ ڪريو. سو حضرت ابوبڪر رضه ”ابي بن خلف“ سان وري ڳالهه ڪئي ۽ نئين سنئين شرط لڳائي ته ڏهه سالن اندر جنهن به پارٽيءَ جي ڳالهه غلط ثابت ٿيندي ان کي 100 اٺ ڏيڻا پوندا.
سن 622 ۾ هيڏانهن عربستان ڏي نبي صلعم جن مڪي مان هجرت ڪري مديني شريف پهتا ۽ هوڏانهن قيصر هرقل ماٺ مٺوڙي ۾ قسطنطنيه پهچي اتان بحر اسود (Black Sea) جي رستي طرابزون ڏي روانو ٿيو جتان هن ايران جي پٺ واري پاسي کان حملي ڪرڻ جي تياري ڪئي. هن جوابي حملي جي تياريءَ لاءِ قيصر ڪليسا کان خرچ گهريو ۽ مسيحي ڪليسا جي اسقف اعظم سرجيس مسيحت کي مجسويت کان بچائن لاءِ گرجا گهرن جي نذرانن جي گڏ ٿيل دولت هرقل کي وياج تي ڏني. هرقل پنهنجو حملو سن 623 تي ارمينيا کان شروع ڪيو ۽ ٻئي سال 624 ۾ هن آذربائيجان ۾ گهڙي باهه جي پوڄاري زرتشت جي پيدائش واري شهر ارمياهه (Clorumia) کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ايرانين جي سڀ کان وڏي آتش ڪده جي سِر کان سِر ڌار ڪري ڇڏي. خدا جي قدرت ته ڏسو ته هي ئي سال 624ع هو جنهن ۾ مسلمانن کي بدر واري هنڌ تي پهريون دفعو مشرڪين جي مقابلي ۾ فيصلي واري فتح نصيب ٿي. اهڙي طرح اهي ٻئي اڳ ڪٿيون، جيڪي سورة الروم ۾ ڪيون ويون هيون، ڏهه سالن جو عرصو ختم ٿيڻ کان اڳ، هڪ ئي وقت پوريون ٿي ويون.
پوءِ روم جون فوجون ايرانين کي لڳاتار سوڙهو ڪنديون ويون. نينوا جي ڀرپور لڙائيءَ ۾ هنن ايرانين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ ايران جي شهنشاهن جي قيام گاهه دستگرد (دسکرة الملک) کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اڳتي وڌي هرقل جي لشڪر طيسفون (Ctesphon) جي سامهون پهچي ويون جيڪو ان وقت ايران جي گاديءَ جو شهر هو.
(هتي ٻه اکر هن آڳاٽي شهر طيسفون لاءِ به لکندو هلان ته هي شهر قديم ميسوپوٽاميه جي وڏن شهرن مان هڪ ٿي گذريو آهي. ميسوپوٽاميه جيڪو عراق مان وهندڙ دجله ۽ فرات ندين جي وچ وارو علائقو آهي ۽ لفظ ميسوپوٽاميه جي معنيٰ ئي آهي ”ٻن درياهن جي وچ واري زمين ۽ ان ڪري ميسوپوٽاميا کي فارسي ۾ بين النهرين سڏين ٿا.
طيسفون ايران جي اشڪانيان (Parthian) ۽ ساساني گهراڻن جي حڪومت دوران سن 247 ق.م کان 224ع تائين گاديءَ جو شهر رهيو. هي شهر دجله ندي جي اوڀر واري ڪپ تي هو جنهن جي ٻي ڪپ تي يوناني شهر سلوڪيان هو. بابل شهر سندس ڏکڻ اولهه ۾ هو. اڄ هن شهر جا کنڊهر .... خاص ڪري محراب (Archway of Ctesiphon) بغداد شهر کان 35 ڪلوميٽر (22 ميلن) جي فاصلي تي ڏکڻ ۾ آهن. هي شهر طيسفون 570ع کان 637ع تائين مسلمانن جي حڪومت دوران دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر مڃيو ويو ٿي.
سن 628ع ۾ خسرو پرويز جي خلاف گهر ۾ بغاوت پيدا ٿي. هو قيد ڪيو ويو هن جي اکين اڳيان سندس ارڙهن پٽن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد هو پاڻ قيد جي سختين ڪري مري ويو. هڪ خيال کان قرآن ۾ آيل پيشنگوئي سچ ثابت ٿي. ابي بن خلف جي وارثن کي هار مڃڻي پئي ۽ شرط جا هڪ سئو اٺ حضرت ابوبڪر حوالي ڪيا. هو انهن کي وٺي حضور صلعم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. پاڻ صلعم جن انهن کي صدقي لاءِ چيو ڇو جو شرط ان وقت رکي وئي هئي جڏهن شريعت ۾ جوا جي حرمت جو حڪم نه آيل هو پر هاڻ حرمت جو حڪم اچي چڪو هو ان ڪري ان کي پاڻ استعمال ڪرڻ بدران صدقي ۾ ڏنو.
* * * *