اسان وٽ پورچوگالي پهرين پهتا
پاڪستان ۽ هندوستان وانگر ملائيشيا ۾ به انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي جو اتي به انگريزن جو راڄ هو. اسان کي 1947 ۾ ۽ ملائيشيا کي سورهن سالن بعد 1963 آزادي ملي. ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ ڏهه سال رهڻ دوران مون وٽ ڪيترائي هم وطني گهمڻ ايندا هئا. هو شهر ۾ وڪٽوريا ڦوهارو (fountain)، وڪٽوريا ڪلاڪ، ڪُئينس روڊ ۽ ٻيون انگريزن جي نالي واريون شيون ڏسي انهن جو زمانو ياد ڪندا هئا. انگريز جتي به رهيا ته اتي ان قسم جون يادگيريون ڇڏيائون. اسان وٽ به ڪراچي ۾ بولٽن مارڪيٽ، ميڪلوڊ روڊ، ايمپريس مارڪيٽ، فريئر هال ۽ ان ۾ راڻي وڪٽوريا جو statue، برنس روڊ، راڻي باغ، مختلف اسڪول ۽ گرجا گهر جام آهن. بمبئي به انگريزن جي انهن يادين سان ڀريو پيو آهي. اتي ته ويندي ريلوي اسٽيشن ۽ پلين جا نالا به انگريزن جي ياد ڏيارين ٿا جيئن اسان وٽ جيڪب آباد، جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد)، لئنسڊائون پل وغيره.
پر آئون ڏسندو هوس ته ملائيشيا ۾ ايندڙ منهنجي مهمانن کي حيرت تڏهن ٿيندي هئي جڏهن ملاڪا شهر ۾ پورچوگالين جو قلعو يا پورچوگيز ڪوارٽر (ڪالوني) ڏسندا هئا جنهن ۾ لسبن ۽ واسڪوڊا گاما جهڙن نالن جون هوٽلون آهن ۽ اتي رهندڙ مقامي ملئي ماڻهو پاڻ ۾ پورچوگالي ڳالهائين ٿا.
”هي به هتان اچي نڪتا هئا ڇا؟ (يعني پورچوگالي)“ هو اڪثر مونکان تعجب مان پڇندا هئا. هنن جو مطلب هوندو هو ته ڏورانهن ڏيهن تائين پهچڻ جي همٿ ۽ طريقو ته فقط انگريزن کي آيو ٿي جنهن اچي، انڊيا، نيپال کان سلون (سري لنڪا)، مالديپ ٻيٽ، ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ تائين قبضو ڪيو. هنن جو به ڏوهه ناهي جو هنن به فقط انگريزن جا ڪتاب پڙهيا يا انهن جون سامونڊي سفرن جون فلمون ڏٺيون جن ۾ انگريزن پنهنجي وڏي تعريف ڪئي آهي ۽ پاڻ کي اڳيان اڳيان ڪري ٻين تي پاڇو وجھي ڇڏيو آهي.
بهرحال مونکي پنهنجي مهمانن کي سمجھائڻو پوندو هو ته انگريز بهادر پنهنجي جاءِ تي بهادر ۽ هوشيار ضرور هئا پر هتي جي پَٽن تي انهن کان به اڳ هالنڊ کان ڊچ پهتا ۽ وري ڊچن کان اڳ پورچوگالي موجود هئا ـــ يعني اهي سڀ کان اڳ آيا. هي ته ٺهيو منهنجي جهاز جا جونئر آفيسر به يورپين جي ڳالهه ڪڍندا ته انگريزن جي تعريف جا ڍڪ پيا ڀريندا ته انگريز وڏا Sea farer (جهازران) هئا جن جو ستن سمنڊن تي واپار هليو ٿي .... جن جي حڪومت تان سج غروب ئي نٿي ٿيو. دراصل آئون به شروع شروع ۾ اهو ئي سمجھندو هوس پر هاڻ پنهنجن جونئر جهازي آفيسرن ۽ شاگردن کي سمجھائيندو آهيان ته بابا انگريز جهازران يا نيويگيٽر ضرور هئا پر ”وڏا“ ناکئا ۽ ملاح پورچوگالي هئا. انگريز سٺا ڊپلومئٽ، سفارتڪار، ائڊمنسٽريٽر ضرور هئا، هنن جنهن ملڪ تي قبضو ڪيو ٿي ان جي رڳو ڦرلٽ ڪري ڀڄي نٿي ويا پر اتي جو انتظام سنڀالي پنهنجي مڪاني ماڻهن لاءِ سهولتون پيدا ڪيون ٿي .... روڊ رستا ٺاهيا ٿي، پليون، ڪارخانا ٺاهيا ٿي، اسپتالون ۽ اسڪول ٺاهيا ٿي پارڪ ۽ ريلوي اسٽيشنون ٺاهيون ٿي. هر ملڪ کي پوسٽ ۽ ٽيليگراف جهڙا ادارا ٺاهي ڏنا، جوڊيشري ۽ انتظاميه جا ادارا قائم ڪيا پر اهو چوڻ هرگز صحيح ناهي ته انگريز ڪو سڀني ۾ سٺا جهازران به هئا، يا سٺا Navigator (سمنڊ تي رستو ڳولڻ وارا) هئا.
انگريز جي سٺا جهازران هجن ها ته سڀ کان پهرين اهي ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ ٽپي آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارن ملڪن ۽ انڊيا ۾ پهچن ها. ڪنهن منهنجي مئرين اڪيڊمي جي شاگرد هڪ دفعي چيو ته ”سر! انگريز ته اڄ کان 400 سال اڳ مغل بادشاهه جهانگير جي ڏينهن ۾ ئي1608 ڌاري انڊيا ۾ پهچي ويا. ۽ اڳ ۾ پهچڻ ڪري هنن جو سڄي انڊيا تي قبضو ٿي ويو.“
ڳالهه اها آهي ته انڊيا، ملائيشيا يا سري لنڪا ۽ ٻين ملڪن تي انگريزن جو راڄ ضرور ٿيو پر هو پهريان يورپي نه هئا جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي هندي ۽ عربي سمنڊ ۾ پهتا. اهي ته پورچوگالي هئا جيڪي سڀ کان نه فقط پهرين پهتا پر گهڻو گهڻو اڳ پهتا. انگريز سياحن: هاڪنس ۽ سروليم رو جا جهاز جڏهن سورت بندرگاهه تي پهتا ته هي پورچوگالي اڳهين موجود هئا ۽ هُنن انگريزن سان اهي تعديون ڪيون جو انگريز پاڻ بچائڻ ۾ پورا هئا ۽ منٿن ميڙين بعد مس مس هاڪنس کي جهانگير بادشاهه سان ملڻ لاءِ مغل ڪورٽ ۾ آگري وڃڻ جي اجازت ڏنائون. اتي ڪورٽ ۾ پهچڻ تي به هن ڏٺو ته اتي پورچوگالين جو اثر رسوخ هو. ٺيڪ آهي، هاڪنس کي ترڪي ٻولي آئي ٿي جنهن ذريعي هن بعد ۾ جهانگير سان اڪيلي ۾ ڪچهري ڪئي ۽ پنهنجن گندن لطيفن ۽ رنن جي ڳالهين ذريعي پاڻ جهڙي ”شرابيءَ“ کي متاثر ڪيو. پر ان کان اڳ جڏهن هاڪنس ڪورٽ ۾ پهتو ته ڪورٽ ۾ موجود پورچوگالي صلاحڪار هاڪنس جو جهانگير سان فارسي زبان ۾ تعارف ڪرايو هو ته: ”هي درويش اسان جي پاڙيسري ملڪ کان، اسان جي ايجاد ڪيل سامونڊي رستن ذريعي هتي پهتو آهي!“
اسان جا ماڻهو چون ٿا ته انگريز انڊيا ۾ تمام گهڻو گهڻو اڳ جهانگير بادشاهه جي ڏينهن ۾ آيا. جهانگير بادشاهه جي حڪومت 1605 ۾ سندس والد اڪبر بادشاهه جي مرڻ بعد شروع ٿي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽن سالن بعد 1608 ۾ هاڪنس لنڊن کان سورت بندرگاهه پهچي اتان پوءِ آگري، مغل ڪورٽ ۾ پهتو ۽ جهانگير سان ملاقات ڪئي. پر سائين! پورچوگالي انڊيا ۾ ڪڏهن پهتا؟ جهانگير کان 50 سال کن اڳ اڪبر بادشاهه جو راڄ هو .... ان کان اڳ همايونءَ جو، ان کان اڳ بابر بادشاهه جو جنهن 1526 ۾ پاڻيپت جي ميدان تي ابراهيم لوڌيءَ کان جنگ کٽي پنهنجي مغل گهراڻي جو بنياد رکيو. جن کي معلوم ناهي انهن کي ضرور حيرت ٿيندي ته 1526 ۾ جڏهن ظهير الدين بابر انڊيا پهتو ته پورچوگالي اڳهين موجود هئا!
واسڪوڊا گاما پهريون پورچوگالي آهي جنهن جو جهاز انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ ۾ مئي 1498 ۾ پهتو هو. ان وقت بابر بادشاهه جي عمر 15 سال هئي ۽ هو وچ ايشيا جي شهر فرغانهه (هاڻ ازبڪستان جو شهر) جي گهٽين ۾ پئي هليو ۽ هن کي ان وقت خواب خيال ۾ به ڳالهه نه هئي ته 28 سالن بعد 1526 ۾ هو انڊيا جي تاج ۽ تخت جو مالڪ ٿيندو.
1510 ۾ پورچوگالين بجاپور جي سلطان يوسف عادل شاهه جي سپاهين کي شڪست ڏئي گوا تي قبضو ڪيو هو. پر اهو آهي ته اهي اتي ئي محدود رهيا .... سڄي هندستان تي قبضو ڪرڻ جا خواب نه ڏٺائون. ائين ته اوسي پاسي جي ٻيٽن ۽ شهرن تي به سندن اثر رسوخ رهيو پر هنن انگريزن وانگر ٺاهه جوڙ نه ڪئي نه ته بمبئي ٻيٽ کي پاڻ به ٺاهي سگهيا ٿي ۽ ساڳي وقت جڏهن سؤ ڏيڍ سؤ سالن بعد انگريز زور ٿي ويا ۽ سڄي انڊيا تي هنن جو قبضو ٿي ويو ۽ هو آرام سان پورچوگالين کان گوا کسي سگهيا ٿي پر هنن پنهنجي ”پيٽي ڀائين“ يعني پنهنجي ”يورپي گورن“ کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو. ساڻن دشمني ڪرڻ بدران دوستي ئي رکي تڏهن ته انگلنڊ جي شهزادي چارلس جي پورچوگال جي شهزادي ڪئٿرين سان دوستي ياري ٿي وئي ۽ 1662ع ۾ شادي ٿي ته پورچوگالين ڏيج ۾ ممبئي ڏئي ڇڏيو جيڪو ان وقت ويران ۽ دلدلي ٻيٽ هو جنهن کي پوءِ انگريزن ٺاهيو جوڙيو. هيءَ اسانجي جھوڪ شهر جي صوفي شاعر شاهه عنايت شهيد جي ڏينهن جي ڳالهه آهي جيڪو 1655 ۾ ڄائو ۽ 1718 ۾ ٺٽي ۾ شهيد ڪيو ويو. شاهه عنايت شهيد سنڌ جو پهريون سوشل ريفارمر به سڏيو وڃي ٿو. هن جي ڏينهن ۾ دهلي جي تخت تي فرخ سيار مغل بادشاهه هو جيڪو سخت بيمار ٿي پيو ۽ جنهن جو علاج انگريز ڊاڪٽر وليم هئملٽن ڪيو هو جنهن جي عيوض ۾ فرخ سيار انگريزن کي واپار قائم رکڻ ۽ وڌائڻ ۾ وڏي ڇوٽ ڏني. شاهه عنايت تي اهو الزام لڳايو ويو هو ته هن مقامي هارين جي ننڍڙي فوج ٺاهي مغل بادشاهه فرخ سيار ۽ مقامي جاگيردارن ۽ ملاحن خلاف بغاوت ڪئي آهي. هن جو نعرو هو ته: ”جو کيڙي سو کائي“.... يعني جيڪو زمين تي هر هلائي ٿو ۽ ٻج ڇٽي ٿو، اڀرندڙ فصل ان کي ئي ملڻ کپي. مقامي وڏيرا مغل بادشاهه فرخ سيار وٽ وڃي دانهين ٿيا ۽ غلط معلومات جي بنياد تي مغل بادشاهه اتر سنڌ جي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙي کي حڪم ڪيو ته ان صوفي عنايت ۽ ان جي ساٿين کي ختم ڪيو وڃي. وچ ۾ ڪلهوڙن جي ڪمانڊر رتوڇاڻ کان بچڻ لاءِ شاهه عنايت سان صلاح ڪرڻ لاءِ هن کي گهرايو پر هو جڏهن ٺٽي شهر ۾ دشمنن جي ڪئمپ ۾ پهتو ته هن کي گرفتار ڪري شهيد ڪيو ويو.
هتي شاهه عنايت صوفي جو ذڪر ان ڪري به کنيم جو هو پنهنجي زندگي جو هڪ حصو صوفي مرشد جي ڳولا ۾ هند سنڌ ڀٽڪندو رهيو تان جو هن جي ملاقات بجاپور ۾ شاهه عبدالملڪ ابن شاهه عبيدالله جيلاني قادريءَ سان ٿي (جنهن 1699 ۾ اتي بجاپور ۾ وفات ڪئي).
انڊيا جو شهر ”بجاپور“ جيڪو هاڻ ”وجياپور“ سڏجي ٿو، اهو ڪرناٽڪ رياست ۾ آهي ۽ تاريخي مقبرن کان مشهور آهي جيڪي عادل شاهي گهراڻي جي ڏينهن جا آهن. بيجاپور جو تفصيلي احوال ته اڳتي هلي انڊيا جي سفرنامي ۾ ڪبو هتي فقط ايترو لکندو هلان ته بيجاپور ۾ ٽيهه کن صوفي درويشن جا مقبرا ۽ 300 کن خانقاهه ۽ اسلامي مدرسا آهن. بيجاپور ممبئي کان 550 ڪلوميٽر ۽ حيدرآباد دکن کان اولهه ۾ 384 ڪلوميٽر پري آهي. بيجاپور تي عادل شاهي بادشاهن 1490 کان 1686تائين حڪومت ڪئي. جنهن جو بنياد يوسف عادل شاهه رکيو. بجاپور جي سلطنت ۾ گوا به اچي ويو ٿي جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته 1510 ۾ پورچوگالين يوسف عادل شاهه جي سپاهين کي شڪست ڏئي ان تي پنهنجو قبضو ڄمائي ڇڏيو.
هونءَ ته پورچوگالي سٺا انتظام سنڀالڻ ۽ قبضي ۾ آيل علائقن ۾ ٺاهه جوڙ ڪري رکڻ جا ڪي ماهر نه آهن نه ته سري لنڪا توڙي ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ پهرين پورچوگالي پهتا ۽ پنهنجو قبضو ڪيو پر پوءِ اتي به ڊچن ۽ انگريزن هنن کان اهي ملڪ کسي ورتا. بس گوا تي سو چڱي طرح ڄمائي ويٺا. ايتري قدر جو 1947 ۾ جڏهن انگريزن سلون سميت سڄو ننڍو کنڊ آزاد ڪري ڇڏيو تڏهن به پورچوگالين ”گوا“ جي پچر نه ڇڏي ۽ اها پورچوگال ملڪ جي رياست قائم رهي. انڊيا حڪومت پورچوگال وارن کي گهڻيون ئي منٿون ميڙيون ڪيون پر هنن گوا ڇڏڻ تي رضامندي نه ڏيکاري. آخر 1961 ۾ انڊيا جي فوج گوا ۾ گهڙي پئي ۽ هن کي انڊيا حوالي ڪيو. ان ريت ڏٺو وڃي ته گوا تي پورچوگالين جو 1510 کان 1961 تائين ساڍيون چار صديون راڄ رهيو .... ۽ ان کي اڌ صدي گذري وئي آهي پر ”گوا“ رياست جا شهر پونڊا هجي يا Quepem، گاديءَ وارو شهر پنجم هجي يا سڀ کان وڏو شهر واسڪوڊا گاما يا تاريخي شهر مارگائو .... اهي انڊيا يا انگلنڊ جا نه لڳندا پر پورچوگال جا. رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون، تهذيب ثقافت نج پورچوگالي لڳندي. اهڙا پورچوگالي شهر آفريڪا جي ملڪن موزمبق، نميبيا ۽ لئانڊا جا به نه آهن جيڪي ملڪ پورچوگالين جون بيٺڪون هيون. ها البت پورچوگالين جي هڪ ايشيائي ڪالوني جيڪا گوا جهڙي لڳي ٿي اها آهي ”مڪائو“. مڪائو ٻيٽ هانگ ڪانگ جي ڀرسان ۽ ان وانگر چين جو ٻيٽ آهي. پورچوگال مڪائو ٻيٽ 1999 ۾ چين کي واپس ڪيو.
سو پورچوگالين بابت اهو سڀ ڪجهه لکڻ مان مطلب اهو آهي ته اسانجي ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اچڻ کان گهڻو گهڻو اڳ پورچوگالي پهتا هئا جو اهي سڀني يورپين کان نيويگيشن ۾ ماهر هئا. هو سامونڊي ڇولين جو مقابلو ڪندي، سج، چنڊ تارن ۽ جهڙي تهڙي ”قطب نما“ ذريعي سمنڊ تي رستن جو حساب ڪتاب ڪري سڀ کان اڳ انڊيا پهچي ويا هئا. هنن جا ظلم ۽ ٺڳيون ۽ ڦرلٽون پنهنجي جاءِ تي پر سندن سامونڊي قابليت مڃڻ ضروري آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ انگريز قوم کي نٿو ڏئي سگهجي.
آخر ۾، سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته اڄ ٺٽي، سجاول، ڪيٽي بندر، جنگشاهي جهڙن شهرن جي ماڻهن کان پڇندائو ته: ”توهان ڪڏهن پورچوگالي هتي گهمندي ڦرندي ٻڌا؟“ ته ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل به انڪار ڪندا. پر اڄ کان ساڍيون چار صديون اڳ هن تر جو ٻچو ٻچو پورچوگالين کان واقف هو. ان وقت ڪنهن کي اها ڄاڻ نه هئي ته انگريز ڪير ٿيندا آهن. بلڪه گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ انگريز ميرن جي دور ۾ سنڌ ۾ نموندار ٿيو ته هتي جا ماڻهو ان کي به پهرين پورچوگالي سمجھڻ لڳا. جيئن ملائيشيا جي بندرگاهه ۾ ان وقت جي ڪاٺ جي ٻيڙين ۾ جيڪي عرب ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻهو ايندا هئا سي ننڍي کنڊ جو ڪنارو ڏئي ڪلڪتي، چٽگانگ ۽ چالنا جهڙن بنگال جي بندرگاهن تائين پهچي پوءِ ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جي بندرگاهه ”ملاڪا“ ۾ پهچندا هئا. ان ڪري ملاڪا جا ماڻهو اولهه پاسي کان ايندڙ ڌارين ماڻهن کي بنگالي ۽ اوڀر پاسي وارن کي چيني، جاواني، فلپينو ۽ جپاني سڏيندا هئا. ملاڪا ۾ به پهريان يورپي پورچوگالي پهتا هئا ۽ اهي به انهن ڏينهن جي عام روٽ مطابق بنگال جو ڪنارو ڏئي ملاڪا پهتا هئا. سندن اڇو گورو رنگ ڏسي ملاڪا جا ماڻهو پنهنجي زبان ملئي ۾ انهن کي ”بنگالي پوتيح“ سڏڻ لڳا. پوتيح (Puteh) معنيٰ اڇو، سفيد. سو ٺٽي پاسي جا ماڻهو به شروعاتي آيل انگريزن کي پورچوگالي ئي سمجھندا هئا. پوءِ انگريزن جي پيرن ڄمائڻ ۽ ڊگهو عرصو راڄ ڪرڻ ڪري مڪاني ماڻهن کان آهستي آهستي پورچوگالي وسري ويا ۽ هاڻ هنن لاءِ هر يورپي گورو ماڻهو، چاهي جرمن هجي يا فرينچ، ”انگريز“ سمجهيو وڃڻ لڳو ۽ هو ان جي به اوتري ئي عزت ڪرڻ ۽ ڊڄڻ لڳا جيترو انگريزن کان. ان ڪري ته 1947 ۾ انگريز راڄ ختم ٿيڻ تي جرمنن به افسوس ڪيو جو هنن سان جيتوڻيڪ انگريزن نفرت ڪئي ٿي پر اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن انهن کي به انگريز سمجھي ”لک عزتون“ ڏنيون ٿي.
پورچوگالي پهريان يورپي هئا جيڪي ”ڪيپ آف گُڊ هوپ“ وارو سمنڊ اُڪري هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) ۾ داخل ٿيا ۽ 1498 ۾ انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ ۾ پهتا ۽ ان بعد هو گهڻي کان گهڻا ايندا رهيا ۽ انڊيا جي مختلف حصن تي پنهنجو اثر رسوخ ڄمائيندا ويا. ڪٿي بزنيس ڪيائون ٿي .... يعني پورچوگال کان آندل مال انڊيا جي مختلف شهرن ۾ وڪڻي انڊيا جو سامان خاص ڪري گرم مصالحا، هٿ جو اڄيل ڪپڙو، سون ۽ چانديءَ جا ڳهه، پتل ۽ ٽامي جا ٿانوَ خريد ڪري پورچوگال روانا ڪيا ٿي. سمنڊ تي جتي جَهٽُ لڳن ٿي اتي قزاقي به ڪيائون ٿي. هنن وٽ بندوقچيون ۽ بارود هئا جن سان ٻين جهاز وارن کي ڊيڄاري انهن جون ڦرون ڪيون ٿي. ويندي وجھه لڳڻ تي حاجين جي جهازن کي به نٿي ڇڏيائون. منهنجو ڪو مطلب اهو ناهي ته چور رڳو پورچوگالي هئا باقي ٻيا ۽ اسين ساڌ پات هئاسين. قزاقي (Piracy) ۾ ته گهٽ اسان سنڌي به نه هئاسين ۽ پورچوگالين، عربن ۽ عمانين کان به اڳ عربي سمنڊ تي راڄ سنڌي، ملباري ۽ ڪوڪني قزاقن جو هو ....
راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ عراق جي گورنر يوسف بن حجاج ڇا تي بگڙي سنڌ تي حملا ڪرايا؟ اسان هندن کي ڊڄڻو ٿا چئون پر اسلام کان اڳ وارن ڏينهن ۾ ته سنڌ جا توڙي انڊيا جي اولهه ڪناري جا قزاق (Pirate) سڀ هندو ۽ ٻوڌي هئا ۽ پائيريسي (قذاقي) ڪو سولو ڪم ته نه آهي.
بهرحال هنن يورپي (پورچوگالي) ڦورن واپار وڙو به ڪيو ٿي ته ڪجهه چوري چڪاري به. يعني: ”ڪجهه تورايو ٿي ته ڪجهه چورايو ٿي“ تي عمل ڪيو ٿي. ڪٿي راجائن، نوابن ۽ ڀوتارن جا صلاحڪار ٿي رهيا ٿي ته ڪٿي ٻن مقامي راجائن يا نوابن جي وچ ۾ کِٽ ڦِٽ ٿي ٿي ته بندوقن بارودن سان پنهنجو پاڻ هڪ ڌر کي مسواڙ تي به ڏنو ٿي. سوڀ جي حالت ۾ ان راجا، نواب، قبيلي جي سردار کان زمين ۽ مال به ورتو ٿي ته ڍلون ۽ ٽئڪس به معاف ڪرايا ٿي.
انڊيا ۾ پهريون انگريز 1608 ۾ آيو يعني پهرين پورچوگاليءَ کان هڪ صدي پوءِ ۽ سنڌ ۾ ته ڊاڪٽر جيمس برنس (جنهن جي يا شايد سندس ڀاءُ سر اليگزينڊر برنس نالي ڪراچيءَ ۾ ”برنس روڊ“ آهي) 1827 ۾ آيو .... يعني پورچوگالين جي ٺٽي سنڌ ۾ اچڻ کان ٽي صديون پوءِ. هاڻ پڙهندڙ سوچي سگهن ڏٺا ته ٽن صدين تائين ٺٽي ۽ سجاول پاسي جي ماڻهن جيڪي يورپي گورا ڏٺا ٿي اهي فقط پورچوگالي هئا سو ان بعد جڏهن ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ انگريز اچڻ شروع ٿيو ته مقامي سنڌي ماڻهو في الحال ان کي به پورچوگالي سمجھڻ لڳا هئا. هونءَ اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر جيمس برنس جي سنڌ ۾ اچڻ کان 70 سال اڳ، سن 1758۾، ڪلهوڙن جي دور ۾ انگريزن کي شاهه بندر ۾ فئڪٽري کولڻ جي اجازت ملي پر پوءِ انگريزن جي نيت خراب ڏسي ڪلهوڙا حاڪمن ان وقت انهن انگريزن کي ٽپڙ ٻڌرائي ڇڏيا ۽ هو انڊيا هليا ويا. بهرحال سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ ۽ اسان جي ان وقت جي حاڪمن جا حال، مختصر طور، آخر ۾ لکان ٿو. پر پورچوگالي سنڌ ۾، انگريزن جي اچڻ کان گهڻو گهڻو اڳ ٺٽي ۽ لاري بندر پاسي موجود هئا. تاريخ طاهري مطابق 1555 ۾ جڏهن ارغونن ۽ ترخانن جي وچ ۾ خانه جنگي (Civil War) لڳي ته پورچوگالين Mercenaries طور ارغونن لاءِ ترخانن جو قتل عام ڪيو. پورچوگالين کي شاهه حسن ارغون ڀاڙي تي رکيو. مرزا عيسيٰ بيگ جي غير موجودگيءَ ۾ پورچوگالين ٺٽي شهر ۾ خونريزي هڪ طرف ڪئي ته گهرن ۽ دڪانن کي باهيون الڳ ڏنيون. جڏهن اڳتي هلي انگريز جهازن رستي سورت کان هن پاسي لاري بندر ۽ ٺٽي واپار سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ آيا ته هنن پورچوگالين جي سنڌ ۾ نه فقط واپار ۾ هڪ هٽي قائم ڏٺي پر هنن جا ڪيترائي ماڻهو نظر آيا.
جڏهن انڊيا ۾ پهريان انگريز 1612 ڌاري آيا ته واپار وڙي تي چوڌاري پورچوگالين جو قبضو هو. هنن پهرين ته انگريزن کي پير ئي رکڻ نه ڏنو. هنن جي مغل بادشاهه به هر ڳالهه مڃي ٿي. اهو ان ڪري نه ته پورچوگالين وٽ نيول جهازن ۽ مليٽري جي طاقت هئي پر هنن مغل گورنر کي چتاءُ ڏنو ته: ”جيڪڏهن انگريزن کي واپار يا فئڪٽري کولڻ جي موڪل ڏيندائو ته اسان پنهنجو سڄو واپار پٽي سورت ۽ ٻيا بندرگاهه ٻُسا ڪري وينداسون.“ ۽ مغل بادشاهن اهو نٿي چاهيو، جو هنن کي پورچوگالين جي بزنيس مان وڏو ٽئڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي ملي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پهرين انگريز هاڪنس کي جيتوڻيڪ واپار ۽ فئڪٽري هڻڻ جو جهانگير بادشاهه فرمان جاري ڪيو پر پورچوگالين ان تي عمل ٿيڻ نه ڏنو. ٻه سال پوءِ، ٻئي انگريز سر ٿامس رو کي، مس مس موڪل ڏنائون. مٿيون اهي ٻه ڳالهيون ٽي. ايڇ. سورلي جي ڪتاب “Shah Abdul Latif of Bhit” ۽ مورلئنڊ جي ڪتاب “From Akbar to Aurangzeb” مان ورتيون اٿم.
هتي ڪجهه سٽون سنڌ ۾ آيل ان انگريز ڊاڪٽر جيمس برنس بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن انگريزن جي سنڌ تي حملي لاءِ راهه هموار ڪئي.
پورچوگالي جيتوڻيڪ انگريزن کان هڪ صدي اڳ انڊيا ۾ آيا پر سڀ ڪجهه انگريزن حوالي ٿي ويو ۽ پورچوگالين وٽ فقط گوا وڃي رهيو. بمبئي به انگريزن کي ڏيج ۾ ڏئي ڇڏيائون. 1843 کان اڳ ننڍي کنڊ جي اها پوزيشن هئي ته سواءِ سنڌ ۽ پنجاب جي سڄو هندوستان انگريزن حوالي هئو. سنڌ الڳ ملڪ هو جنهن تي ميرن جي حڪومت هئي ۽ پنجاب تي راجا رنجيت سنگهه جي هئي. بنگال، گجرات، ڏکڻ هندستان، بهار، مدراس وغيره تي قبضو ڪرڻ بعد انگريزن جي سنڌ ۾ اک هئي. انڊيا تي اڃان ”ڪمپني راڄ“ هو ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت هئي. انگريزن ڪلهوڙا حاڪمن کي دوستين وارا نمونا ڏيکاري هنن کان سنڌ ۾ شاهبندر ۾ فئڪٽري کولڻ جي اجازت ورتي. ڪلهوڙا گهراڻي جي ڪجهه ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي. پر 1758 ڌاري فئڪٽري ته لڳي وئي پر پوءِ انگريزن جون ٺڳيون ڏسي، اها يڪدم بند ڪرائي وئي. انگريزن کي باهيون وٺي ويون پر هو في الحال وقت جو انتظار ڪرڻ لڳا جو هنن کي سنڌ حاصل ڪرڻ بعد پنجاب تي به قبضو ڪرڻو هو. 1781 ۾ ڪلهوڙن جي زوال ۽ ٽالپرن جي راڄ شروع ٿيڻ سان انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جي مئنيجرن سنڌ ۾ قدم ڄمائڻ جا سٽل شروع ڪيا. هو پاسي تي رهي سنڌ جي حالتن جو غور سان جائزو وٺندا رهيا. 1802 ۾ جڏهن مير فتح علي ٽالپر وفات ڪئي ۽ مير غلام علي ٽالپر حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته انگريز ڊپلوميسي هل چل ۾ اچي وئي.
1803 ۾ ڪئپٽن ڊئوڊ سين ميرن جي درٻار ۾ پهتو ۽ هن ”ڪمپني“ پاران ميرن تي ان ڳالهه جو زور ڀريو ته انگريزن سان ناتا وڌائڻ سان سنڌ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ خوشحال ٿي سگهي ٿي. بهرحال ٽالپرن کي انگريزن جي ڳالهه مڃڻي ئي پئي ۽ 24 جولاءِ 1804 تي انگريزن ۽ ٽالپر حاڪمن جي وچ ۾ هڪ عهدنامي تي صحيحون ٿيون جنهن مطابق ٽالپرن انگريزن کي اختيار ڏئي ڇڏيا ته هو ٺٽي ۾ ڀلي پنهنجيون واپاري ڪوٺيون (Trading Houses) ٺاهين ۽ اهو به ته هُو (ٽالپر) انگريزن کان ئي هٿيار خريد ڪندا. ان جي عيوض انگريز ٽالپر حاڪمن کي سيڪيورٽي مهيا ڪندا. ننڍي هوندي پنجابي فلمن ۾ ڏسبو هو ته فلم جو هيرو جيڪو پاڻ به پهرين نمبر جو لوفر هوندو هو سو پنهنجي گهٽ غنڊي دوست کي ڪنهن ڇوڪريءَ سان ”ڇيڙ ڇاڙ“ ڪرڻ جو اشارو ڪندو هو. پوءِ پاڻ وچ ۾ ٽپي ڇوڪريءَ جي هن مان جان ڇڏائيندو هو. ڇوڪري هن کي وڏو همدرد ۽ سڄڻ سمجھي هن جي ٿي ويندي هئي. انگريزن جو به اهو ڪم هوندو هو. ٻن راجائن، نوابن، حاڪمن يا سردارن کي ڀڙڪائي هڪ ٻئي جي خلاف ڪندا هئا پوءِ جيڪو کين گهڻو فائدو پهچائڻ جو وعدو ”ٽِريٽي“ ڪندو هو ان جو پاسو وٺي ٻئي کي سيڪت ڏيندا هئا.
اسان جي ننڍي کنڊ جا حاڪم پنهنجو پاڻ ۾ هونءَ ئي وڙهيا پيا هوندا هئا. انگريزن وٽ ان وقت جا ماڊرن هٿيار: بندوقون، گولا، بارود ۽ جنگي دماغ هو ۽ هيڏانهن اسان جي درويش حاڪمن وٽ هيون فقط ڪلهاڙيون ۽ سوني ڀرت وارين مياڻن ۾ چانديءَ جون تلوارون. عوام جي ڀلي لاءِ سوچ يا دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ بدران فقط رنون ۽ شراب هو، جوا ۽ راڳ هو، ڪڪڙن جون ويڙهون ۽ ناچ هئا، ڀنگ ۽ ڪونڊا هئا، کاڌا ۽ خوراڪون هيون .... گهڻا تڻا ته ٿولهه (obesity) ۽ ڊائبٽيز جا مريض هئا. پر ويچارا ان وقت جا تاريخدان اهو نٿا لکن جو سائنسدانن کي ئي 1920ع ۾ خبر پئي ته گهڻي مٺاڻ ۽ گيهه بادام کائڻ ڪري جسم جي Pancreas بي حال ٿيو وڃي ۽ ”انسولين“ ٺاهڻ ڇڏيو ڏئي جيڪا رت ۾ موجود کنڊ تي ڪنٽرول ڪري ٿي.
بهرحال ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ۽ انگريز ماڊرن هٿيارن ۽ وڏي فوج ڪري اها ”لٺ“ هئا جنهن کي رڳو مٿا ئي مٿا هئا ۽ هر هڪ ان لٺ کان ڊنو ٿي. ٺٽي ۾ واپار بهاني انگريزن جي موجودگي هڪ طرف رهي ته ٻئي طرف 1827 ڌاري ڊاڪٽر جيمس برنس جي حوالي اهو ڪم ڪيو ويو ته هو سنڌ جي درياهه ذريعي سروي ڪري. انهن ڏينهن ۾ انگلئنڊ جو بادشاهه وليم چوٿون هو. (مهاراڻي وڪٽوريا هن بادشاهه جي مرڻ بعد 1837 ۾ تخت تي ويٺي). ڊاڪٽر جيمس برنس کي بادشاهه وليم طرفان تحفي ۾ گهوڙا کڻي سنڌو ندي ذريعي لاهور موڪليو ويو. سفر دوران هو ڳجھي طرح سروي ڪندو ويو. ايتري قدر جو ڪيترن سنڌين ان خوف جو اظهار ڪيو ته هاڻ انگريز هي پَٽَ ڏسندو وڃي سو هاڻ سنڌ جو خير ناهي .... جيڪا ڳالهه پوءِ ڪجهه سالن بعد واقعي سچ ثابت ٿي. ڊاڪٽر جيمس برنس ۽ سندس وڏو ڀاءُ سر الينگزينڊر برنس جيڪو سورت ۾ فوج جو مترجم هو، فارسي ۽ اڙدو جا ماهر هئا. ڊاڪٽر برنس سنڌ جي درياهه جي آرام سان جاسوسي ڪري ورتي ان بعد 1839 ۾ مير عليمراد ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو. مير صاحب ڊاڪٽر کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرايو. اهڙيءَ طرح انگريزن کي سنڌ جي حاڪمن جي اندروني ڳالهين جي به ڄاڻ ٿيندي رهي.
ڊاڪٽر جيمس جيئن ئي سنڌو نديءَ جو سفر پورو ڪيو ته ان بعد انگريزي آرميءَ جا ٻيا به ڪيترائي آفيسر نه فقط سنڌ (۽ بلوچستان جي به) سروي ڪرڻ ۽ آئيندي جي چال بابت رپورٽون موڪلڻ لڳا. انهن ۾ هڪ ته ڊاڪٽر جيمس جو ڀاءُ سر اليگزينڊر هو ۽ ٻيا هينري پاٽنجر، جيمس مئسن ۽ هينئري ڪوزنس جهڙا چالاڪ ماڻهو هئا.
انگريزن جي سنڌ ۾ هن چُرپُر جو جائزو، پنجاب جو ان وقت جو حاڪم راجا رنجيت سنگهه به وٺندو رهيو. هن جي پڻ سنڌ ۾ اک هئي ته ڪنهن ريت ان تي حملو ڪري ان کي پنجاب سان ملايو وڃي. ايتريقدر جو هن انگريزن کان پڇيو ته هو جيڪڏهن اجازت ڏين ته هو سنڌ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏي ۽ پوءِ ان جو مٿيون حصو پاڻ کڻي ۽ هيٺيون حصو انگريزن حوالي ڪري، انگريزن کي رنجيت سنگهه جي نيت جي اڳهين خبر هئي تن هن کي خبردار ڪيو ته ان مهم ۾ متان ڄنگهه اٽڪائي اٿئي.
هيءَ اها منزل هئي جتي ٽالپرن جون به اکيون کليون ته هو جن انگريزن کي پنهنجو ساٿي ۽ حفاظت ڪرڻ وارو ٿا سمجھن ان هن جي ڇا مرضي آهي. پر افسوس جو هو هاڻ ڪجهه ڪري نٿي سگهيا جو هو انگريزن طرفان ورتل عهد نامن ۽ راضي نامن ۾ پنهنجو پاڻ کي اهڙو ڦاسائي ويٺا هئا جو انهن کي رد ڪرڻ يا انگريزن سان مهاڏو ڏيڻ سان هنن کي مٿن حملو ڪرڻ جو سبب ملندو ۽ انگريزن اهو ئي چاهيو ٿي ته ٽالپر ڪجهه ڪن ته کين ساڻن لڙائي ڪرڻ جو بهانو ملي. انهن عهدنامن (Treaties) ۾ هڪ 20 اپريل 1833 تي ان راضينامي تي به مير صحيح ڪري ويٺا هئا ته انگريزن کي اهو حق ڏيون ٿا ته هو بنا ڪنهن ٽئڪس ڏيڻ جي ڪو به زميني يا پاڻي وارو رستو استعمال ڪري سگهن ٿا.
ٽالپر صاحب پاڻ ۾ ورهايل هئا. ڪو حيدرآباد جو حاڪم هو ته ڪو ميرپور خاص جو ته ڪو خيرپور جو. انگريزن انهن حالتن کي خوب exploit ڪري فائدو ورتو ۽ خيرپور جي ميرن سان دوستي ڪري بکر جي قلعي ۾ فوجي ڇانوڻيون ٺاهيون جتان هنن کي شڪارپور ۽ اڳتي بلوچستان ۽ افغانستان پهچڻ لاءِ لنگهه جي سهوليت ٿي وئي. انگريز هاڻ حيدرآباد جي ميرن جي اجازت بنا پنهنجا سپاهي ڪراچيءَ کان بکر روانا ڪرڻ لڳا.
ٽالپرن انگريزن مان جان آجي ڪرڻ چاهي ٿي پر انگريز سنڌ ۾ پنهنجا پير چڱيءَ طرح ڄمائي چڪا هئا. ٽالپرن انگريزن سان لڙائي ڪري کين ڀڄائڻ جو سوچيو. 17 فيبروري 1843 تي حيدرآباد جي ڀرسان مياڻيءَ وٽ لڙائي لڳي جنهن ۾ ٽالپرن جي هار ٿي. ان جو ٻڌي غم ۽ غصي جي حالت ۾ مير شير محمد ٽالپر 24 مارچ تي پنهنجي سپاهين کي ميرپورخاص کان حيدرآباد وٺي آيو ۽ ”دُٻي“ وٽ انگريزن سان دوبدو ٿيو. ٽالپرن هيءَ جنگ به هارائي. انگريزن ٽالپر حاڪمن کي گرفتار ڪري سورت ۽ ڪلڪتي موڪلي ڇڏيو.
سنڌ بعد انگريزن پنجاب به فتح ڪيو ۽ هاڻ هنن کي افغانستان يا وچ ايشيا جي ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ڪا روڪ ٽوڪ نه رهي. ڪراچي بندرگاهه کي هنن بهتر بڻايو جيئن هنن جا انگلنڊ يا بمبئي کان ايندڙ جهاز، سامان ۽ ماڻهو لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ بيهي سگهن.
عبرت ۽ ڊان اخبار جو ڪالمسٽ عزيز شيخ لکي ٿو ته: سنڌ جا حاڪم سنڌ کي بچائي سگهيا ٿي پر ڪيترائي سياسي، انتظامي ۽ معاشي فئڪٽر ان جي خلاف هئا. سنڌ جي حاڪمن جي پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهاند لڳي رهي ٿي جنهن ۾ عام ماڻهن جو موت ٿيو ٿي. ماڻهن لاءِ روزگار مهيا نه پئي ڪيو ويو ان ڪري هر وقت ڏڪار جون حالتون رهيون ٿي .... ماڻهو ٻه ويلا ٺلهي ماني لاءِ پريشان هئا، تعليم ۽ صحت تي ته ڪو به ڌيان نه هو ۽ ماڻهو بيمارين ۽ موت جو شڪار ٿي رهيا هئا. امن امان جي حالت بهتر نه هجڻ ڪري ماڻهو هر وقت خوف جو شڪار رهيا ٿي. انهن مڙني ڳالهين ماڻهن کي اڪيليپڻي جو احساس ڏنو ٿي جن سان حاڪمن غلامن وارو سلوڪ ڪيو ٿي ۽ جن جو ڪم فقط پورهيو ڪري حاڪمن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ پئسو پهچائڻو هو. سو هن لڙائيءَ ۾ عام ماڻهوءَ جي دلچسپي نه هئي. نئين حاڪم (انگريز) جي اچڻ تي هنن ان جي آڌرڀاء ڪئي. انهن ڳالهين جو انگريزن اڳهين اندازو لڳايو هو ته سنڌ جا حاڪم عوام لاءِ ڪجهه نه پيا ڪن. هو فقط پنهنجي سک ۽ عياشيءَ ۾ پورا آهن ان ڪري جنگ دوران يا جنگ جيتڻ بعد عوام طرفان ڪا خاص مزاهمت نه ٿيندي.