ناول

عشق اونداھو سج

هي ڪتاب نوجوان ليکڪ عاشق بلوچ جو لکيل ناول آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
”هڪ شاعراڻي مزاج جي مالڪ نوجوان ناول نگار عاشق بلوچ جي پهرين تخليقي پورهئي ۾ سندس ڪردارن سان نڀاءَ، مڪالما ۽ ڪلائمڪس سنيهو ڏيندڙ ۽ سبق آموز ان ڪري به آهي جو هن ناول جو پلاٽ/ڪهاڻي زندگيءَ جي حقيقتن جي عڪاس آهي، جن ۾ نوجوان پڙهندڙ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي موجودگيءَ کي ضرور محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن پڙهندي پنهنجو پاڻ سان گفتگو جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ته پڪ ڄاڻجي ليکڪ پنهنجي مقصد ۾ سڦلتا ماڻي ورتي آهي، عاشق بلوچ جو هي مختصر رومانوي ناول به هڪ اهڙي ڪاوش آهي، جنهن ۾ پاڻ سڃاڻن جي سگهه ڦوهه جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڇڪي آڻي بيهاري ٿي. “
  • 4.5/5.0
  • 2370
  • 983
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عاشق بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشق اونداھو سج

پنھنجي پاران

جاويده عشق کي دوام بخشڻ
ميری باتوں ميں ہے تاثير کہ ميں،
دل پہ لکہتا ہوں قلم سے پہلے..
عشق جي قفس ۾ ڀڳل پيرن سان رقص ڪندڙ عُشاقن جي ڇالن سان چِٿيل پيرن جا نقش مايوسين جي مقتل گاھ ڏي وڌندا رھن ٿا،عشق وجود جي وجد ۾ گِھڙي ذات جي مادي حيثيت جا اسرار کوليندو رھي ٿو ۽ ماڻھو وجود جي ماھيَت ۾ انيڪ رمزون ڄاڻڻ جِي فيصله ڪُن آگاھي کانپوءِ پاڻ سان مخاطب ٿي پنھنجي اظھار جي قالب ۾ چوي ٿو ته ھر ماڻھو پنھنجي قيد پاڻ اُڻي ٿو ۽ خود ماڻھو پاڻ ئي پنھنجي فطري آزادي جو جٽادار ضامن ھجي ٿو.
جيتوڻيڪ پيدائشي طور تي ھر قيدي آزاد ڄمندو آھي،وقت ۽ حالتن جو اَخطلاط اُن کي اسيري جو اِذن ٻڌائي انيڪ عقوبتن سان دامنگير ڪندو آھي.عشق حقيقي معنا ۾ پاڻ ارپڻ جو نالو آھي ،پاڻ ارپڻ مان مراد ھڪ ٻئي وجود ۾ پاڻ کي محلول ڪري پاڻ کي اُن جي ذات جي دائراءِ اختيار ۾ محصور ڪري ڇڏڻ آھي ڇو ته مطلوب جي ذات کي دوام بخشڻ طالب جي جاويدہ عشق جو شيوو ھوندو آھي.
عشق ۾ خلوصِ دل جن جي ايمان جي سرڪردگي ڪندو آھي اُنھن لاءِ ڀٽائي جو ھي بيت عشق جي تجديد ھوندو آھي.
"اکين ۾ ٿي ويھه، ته واري ڇَپَر ڍڪيان،
تارن ۾ ڪر تڪيو، پنبڻين ۾ ڪر پيهه،
تو کي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پَسان ڪِي ٻيو."
يادگيرين جي تتل صحرا ۾ ھڪڙي ماضي بعيد جي ڳنڍ کلي ٿي ته ڪيتريون ئي يادون گُل افشاني ڪندي اِھو احساس ڏيارين ٿيون ته ھڪ لِڱا بارشن ٿر تي وسڻ کان نابري واري ڇڏي ھئي، خُشڪسالي جي زَد ۾ ٿر جي گرم واري تي ٻاٻيھن جا لاشا ڪثير تعداد ۾ موصول ٿيڻ لڳا ھئا،بي سواد زندگي صحرا جو جارھاڻو ڏيک ڏئي رھي ھئي،ھر طرف ماٺار،مايوسين ۽ ھيڪلائي جو سناٽاخيز بيابان ھو جنھن ۾ کڄندڙ ساھ ھن ماھ(جسم/ماس جو وجود)کي جيئرو رکڻ جي اجائي مشق لڳي رھيا ھئا،گويا زندگي جا اُٻاڻڪا لمحا حياتي جي ڪلھن تي غيرضروري بوج لڳي رھيا ھئا.
پنھنجي وجود کي مصلوب ٿيندو ڏسي روح دھلجي ويو ھو..
اُنھن ڏينھن محسوسات جي سنگباري ۾ مونکي لڳو ته منھنجو پاڇو منھنجي وجود کي گرھ گرھ ڪري کائي رھيو آھي،منھنجي آھ سان سڄو آسمان ڦوڪجي ويو آھي،بحرِ عرب منھنجي لڙڪن جو ذخيرو ٿي ويو آھي،وڻ ھجرت جي خوف کان توائي ٿي چڪا آھن،آسمان کي ڪانگ پَٽي رھيا آھن،زمين کي ڪوريئڙو سوڙي ڪري رھيو آھي ۽ ماڪوڙيون سمونڊ پي رھيون آھن.
نراسائي جي انھي اداس لمحن ۾ منھنجي ڪرنگھي تان مايوسي جي ريل مٽي رھي آھي ۽ آئون ڌرتي جي پُڙ جو بار پنھنجي مٿي تي محسوس ڪندي پير کُپائي بيٺل آھيان.
مون اُن وقت محسوس ڪيو ھوائون ننڌڻڪي ٻار جي عُريانيت کي ڇُھي سينه ڪوبي ڪري رھيون آھن ،جيتن جي عالمي نمائش ۾ پوپٽن کي ڪوجھو قرار ڏئي تڙيو ويو آھي.
مون اُن ڏينھن شدت سان محسوس ڪيو ته قبر جي پراڻي پڙن تي وسندڙ چانڊوڪي ڪيڏي نه اداس ٿي چڪي آھي؟
دردن جي دونھين ۾ گھريل اُنھي ڪرڀناڪ لمحن ۾ ھُو ملي ھئي ڄڻ سُڪڙجندڙ زندگي جي رڳن ۾ حياتي متحرڪ ٿي موٽي آئي ھئي ۽ دريا ڌرتي جا دڳ لتاڙي سمونڊ سان ٻَکين پئجي ويا ھئا...
ھُو منھنجي اکين جي ماڻڪين ۾ خدا جو پرتوو ٿي سمائجي وئي ھئي...
ھڪڙو دور ھوندو آھي ماڻھو ڀرپور جيئندو آھي،ھڪڙو دور ايندو آھي جو ماڻھو کي جيئڻو پوندو آھي.وقت حالتن جا تضاد آڻيندو آھي ته زندگي جي جيئڻ جا لاڙا تبديل ٿي ويندا آھن ۽ حالاتن جو بدلجڻ سوچن جي ارتقا ۾ نوان تَصنع پيدا ڪندي آھي جنھن سان زوردار عشق جي اُجاره داري وجود تان ختم ٿي ويندي آھي ۽ ماڻھو پنھنجي ساڳي جُسي جي قبا ۾ واپس موٽي ايندو آھي.
منھنجي ھي ناول "عشق اونداھو سج" جي لکجڻ کي ھڪ خيال جي تلميح جو ادبي سَعيو سمجھڻ گھرجي.
مون حتي الامڪان ڪوشش ڪئي آھي ته ناول جو اسلوب تبديل ھجي، ڇو ته ناول جو موضوع ممڪن آھي نئون نه ھجي پر قدرن ڪوشش ڪئي آھي ته ناول جي اسلوب کي نرالو رکجي.
ھتي آئون اھو اعتراف ٿو ڪريان ته ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل منھنجي ڪَلا جي سواري پنھنجي حدف کان گھڻو پوئتي مرڻينگ حالت ۾ پيل آھي انھي جو سبب بيان نٿو ڪري سگهجي.
لاش تي ويٺل مَکي جھڙي سماج ۾ تخيُل جي ديوي تي خاموشي محصور آھي پر تنھن ھوندي به تخليق جي ٻڏندڙ سفيني مان ھٿ اُڀا ڪري پنھنجي ھجڻ جو احساس ڏيارڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آھي.
خودثنائي کان پري ڀڄڻ منھنجي شعور جو جُز آھي اھو ئي سبب آھي جو آئون اڃان تائين ادب ۾ گوشانشين تخليقارن جي سٿ جو حصو آھيان.آئون ھن ناول بابت ڪنھن به ادبي خوشفھمي ۾ رھي پاڻ کي ڪا شيءِ ھجڻ جو تعيُن ڪرڻ واري شرڪ کان پاڻ کي پري عدم ھجڻ جو داعي سمجھان ٿو ھا پر ڪڏھن ڪڏھن ،جڏھن ڪجھه مخصوص ڪيفيتن جِي باقيات جي پاڇي چُڀندي محسوس ڪندو آھيان ته اُنھن جي خلش کي سانت ڪرڻ لاءِ اکرن جا ڇنڊا ھڻندو آھيان.
منهنجو هي ناول عرب شاعر امرءُالقيس جي هن قصيدي جي تتبح جو تشريحي ادراڪ آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي “عشق هڪ آتش فشان پهاڙ آهي ۽ منهنجي دل ۾ آڙاهه پيا ٻَرن، اگر هي باهه هڪ نيزي جي فاصلي تائين منهنجي ويجهو اچي ته هوند اُها به سڙي، ٻري، کامي خاڪ ٿي وڃي.”
منھنجي ھن ناول جي ڇپجي پڌرو ٿيڻ ۾ ڪجھ دوستن جا دلي ٿورا آھن جن ۾ خاص طور تي ناول کي ڪمپوز ڪندڙ پياري دوست ۽ ڪلاس مئٽ محمد حُسين مھر جو ٿورائتو آھيان جنھن ناول جي ڌيان سان ڪمپوزنگ ڪئي.ان کان علاوہ منھنجي شفيق استادن ڊاڪٽر فياض لطيف ۽ مئڊم ريحانه نظير جو ٿورائتو آھيان جن ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل لاءِ راءِ لکي، اُن سان گڏ سنڌي شعبي جي ٻين مشفق استادن جن ۾ سر مخمور بخاري جي لڳاتار اتساھ جو مشڪور آھيان ۽ گڏوگڏ سر نواب ڪاڪا، سر نورمحمد شاھ ۽ ميڊم شازيه سفير جي اتساھ جو پڻ ٿورائتو آھيان.
پياري دوستن ناشاد رضوان ،جعفر شاھاڻي،شھاب نھڙيو ۽ احساس سمون جي محبتن جو مقروض آھيان جن منھنجي ڪتاب تي راءِ ڏني.
اداري پاران ٻه اکر لکڻ تي پياري ساجد سنڌي جو به شڪرگذار آھيان.
ڪجهه منهنجي ڳوٺ ساڏوري جي ادبي دوستن جعفر شاهاڻي، پريتم چيتن، عرفان شاهاڻي، محسن شاهاڻي، زاهد حُسين، دين محمد، لياقت علي ۽ ذوالفقار شاهاڻي جون محبتون منهنجي ادبي سفر سان همسفر رهيون آهن ۽ ڪجهه يونيورسٽي جي دوستن ناشاد رضوان، بابو سومرو، ساگر مشتاق، اعزاز لغاري، انيل آزاد اوڏ جون محبتون به مون سان گڏ گڏ رهيون آهن.
[b]
عاشق بلوچ
قاسم آباد، حيدرآباد، سنڌ
7ڊسمبر 2018ع
Email:ashiquebaloch2018@gmail.com
[/b]