(4)
ساجد سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي سوچي رهيو هو ته يونيورسٽي کُلي وئي آهي، ڪلاس به هلي رهيا آهن، هاڻي ڇا ڪريان؟ سنبل کي هن وقت منهنجي سهاري جي ڀرپور ضرورت آهي، هن کي اڪيلو ڇڏي يونيورسٽي ڪيئن وڃان؟
ڇاڪريان، ڪيئن ڪريان؟ ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي يونيورسٽي نه ويس ۽ اٽينڊينس پوري نه هئي ته انتظاميه پيپرن ۾ ويهڻ ڪونه ڏيندي ۽ ڪلاس نه ورتا ته ڇا سمجهندس، پيپر ڪيئن ڏيندس؟ ساجد ٻُڏتر ۾ هو ته ڇا ڪريان؟ ڪيئن ڪريان هُو يونيورسٽي وڃي پڙهائي کي ترجيح ڏي يا سنبل جو ساٿ ڏي؟
گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ آخرڪار هن فيصلو ڪيو ته سنبل کي راضي ڪري هن کان اجازت وٺي يونيورسٽي وڃي پڙهائي شروع ڪريان، ته جيئن تعليم پوري ڪري ڪنهن سٺي روز گار کي هٿ ڪجي نه ته سنبل ته جسماني طرح معزور آهي پر آئون معاشي طرح معزور ٿي ويندس.
جيڪڏهن ڊگري نه هوندي ته ڪا سُٺي نوڪري به نه ملندي ۽ بغير نوڪري ۽ روزگار جي هن معاشري ۾ عزت واري زندگي هرگز نٿي گذاري سگهجي تنهنڪري تعليم کي ترجيح ڏئي ساجد سنبل کي راضي ڪري يونيورسٽي وڃڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو.
ساجد پنهنجو فيصلو سنبل کي ٻڌائڻ لاءِ جڏهن سنبل وٽ وڃي ٿو، هو جيڪا ساجد جي اچڻ جي اڳ ئي راهه ڏسي رهي هئي..!!
سنبل جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي ساجد هن کي گهري سوچ ۾ فڪرانگيز حالت ۾ ڏٺو ۽ سندس هٿ ۾ اُها ذاتي ڊائري هئي جيڪا هو گهڻي وقت کان لکي رهي هئي، جنهن ڊائري ۾ سنبل زندگي جا اهم واقعا لکندي هئي...!!
“سنبل ڪيئن آهين؟”
ساجد ڪمري ۾ داخل ٿي سنبل کي ويجهو ويهندي پڇيو.
سنبل: تو کانپوءِ ڪيئن هوندس؟ بس ... تنهنجي اچڻ جي راهه پئي ڏٺم.
ساجد ڊائري ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
هي ڊائري ڏي مونکي ڏسان ڇا لکيو اٿئي؟
سنبل: نه ساجد... ڊائري کي ڇڏي ڏي پليز ڊائري نه ڏس.
ساجد: ڇو نه ڊائري ڏسان؟ مون کان به ڪا لِڪ آهي؟
سنبل: نه... اهڙي ڳالهه ڪونهي... بس ڊائري نه ڏس.
ساجد: نه... ڊائري اڄ پڙهندس.
ائين چئي ساجد زوري سنبل جي هٿ مان ڊائري کسي ورتي ۽ ڊائري پڙهڻ لڳو...!!
ڊائري تي ساجد کي ارپنا ڪيل هي اردو جو غزل لکيل هو.
“دشتِ هجران مين،نه سايه نه صدا تيري بعد،
ڪتني تنها هين، تيري آبله پا تيري بعد؟
ڪوئي پيغام نه دلدار، نوا تيري بعد،
خاڪ اڙاتي هوئي گذري هي صبا تيري بعد!
لب په اِڪ حرفِ طلب ٿا،نه رها تيري بعد،
دل مين تاثير ڪي خواهش،نه دعا تيري بعد!
عڪس و آئينه مين اب ربط هو ڪيا تيري بعد؟
هم تو ڦرتي هين خود اپني سي خفا تيري بعد!
پيرهن اپنا نه سلامت، نه قُبا تيري بعد،
هين وهي هم، هي وهي صحرا کي ردا تيري بعد!
ايڪ قيامت ڪي خراشين ميري چهري په سجين،
ايڪ محشر ميري اندر سي اُٺا تيري بعد...!!”
(محسن نقوي)
ڊائري تي لکيل غزل پڙهي ساجد ناراض ٿيندي چيو:
هي ڊائري تي ڪهڙا ڏک وارا شعر لکيا اٿئي؟
ڇو پئي پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪرين؟
سنبل: مسئلا؟
مسئلا منهنجي زندگي جو اهڙو موضوع ٿي ويا آهن جو انهن تي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٽائيم پاس ڪندي آهيان.
ساجد! تو کي خبر آهي ته ڪلهه کان وٺي تنهنجي اچڻ جو ڪيتري شدت سان انتظار ڪري رهي آهيان، توکي انهي ڳالهه جو ڪو احساس به آهي؟
سنبل تسلسل سان ڳالهائيندي ساجد کي ميارون ڏيندي چيو....!
ساجد: اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي سنبل.... منهنجو سڄو وقت تنهنجي حوالي آهي، آئون اڄ به تو کان پري ٿي ويرانين جو واسو ٿي ويندو آهيان، مون وٽ تو لاءِ اڄ به اهو ئي پيار آهي اهائي محبت آهي،
ڪلهه دراصل هڪ ڪم ۾ مصروف هئس ان ڪري تو ڏانهن ڪونه اچي سگهس ان لاءِ منهنجي جان مون کي معاف ڪريو.
آئون معزرت ٿو ڪيان...!!
ساجد پنهنجا هٿ ڪنن تي رکندي وڏي نيازمندي سان سنبل کان معافي وٺي کيس پرچائڻ لڳو...!!
سُنبل: بس.... بس ٺيڪ آهي... گهڻي ايڪٽنگ نه ڪر مون پنهنجي
ڪاوڙ ڇڏي پر ٻيهر ائين ديرون نه ڪجا، مون جڏي جي جيئڻ جو آخري سهارو آخري سبب تون ئي آهين، ڪٿي ائين نه ٿئي تنهنجي دير يا تنهنجي لاپرواهي منهنجي موت جو سبب بڻجي.
ساجد ڇڙٻ ڏيندي چيو:
هي ڇا ٿي چوين؟ چپ ڪر، هر ڳالهه تي اهي مرڻ واريون خبرون نه ڪندي وڃ ڇو ته هر ڳالهه تي اهڙيون خبرون ڪرڻ وارا سچ ۾ هڪ ڏينهن اهڙو موت مرندا آهن، جنهن جو ذڪر هنن جي ڇهين حَس اڳ ۾ ڪندي رهندي آهي ۽ ياد رکجان جيڪڏهن ائين ٿيو ته تنهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجو جنازو به جلد ئي کڄندو...!!
اها ڳالهه ٻڌي سنبل جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ڀاڪرن ۾ پئجي روئڻ لڳا...!!
لڙڪ بيوسي جو ڀرپور اظهار هوندا آهن، جڏهن ڪا ڳالهه ماڻهو جي دائراءِ اختيار ۾ ناهي هوندي ته انسان ان احساس محرومي جي احساس کي لڙڪن جي پاڻي سان ٿڌو ڪري اڳتي جيئڻ جا جتن ڪندو آهي ...!!
لڙڪ جيڪي محض اکين جو نمڪين پاڻي ناهن پر ڏکن جي ڏولي تي کنيل حسرتن جا اداس ڄاڃي آهن جيڪي زندگي جي محرومين ۽ تلخين جي ترجماني ڪندا آهن...!!
انسان بيوسي جي ڪُن ۾ ٻُڏندي جڏهن لاچارگي واري ڪيفيت ۾ روئندو آهي ته اکين جا بي زبان ڳوڙها ڳالهائيندا آهن جن جي گونگي زبان سمجهڻ جو گُر ڪنهن ڪنهن اهلِ دل انسان وٽ هوندو آهي.
ٻي ڏينهن تي ساجد سنبل جي ڀر ۾ ويهندي سندس وارن ۾ آنڱريون ڦيريندي چيو:
سنبل هڪڙي ڳالهه ٻڌ؟
سنبل: ها ساجد ٻڌائي؟
ساجد: منهنجي يونيورسٽي کلي وئي آهي ڪلاس شروع ٿي ويا آهن، آئون چاهيان ٿو ته ايندڙ سومر کان يونيورسٽي وڃي ڪلاس وٺان..!!
تون جيڪڏهن اجازت ڏين ته يونيورسٽي وڃي پڙهائي مڪمل ڪريان...!!
سنبل حيران ۽ پريشان ٿيندي چيو:
مطلب ته تون مون کي هن حال ۾ وهيل چيئر تي اڪيلو ڇڏي وڃڻ مناسب ٿو سمجهين؟
ساجد: نه...نه اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي واقعي مون کي به توکي هن حال ۾ اڪيلو ڇڏڻ مناسب ڪونه ٿو لڳي پر آئون چاهيان ٿو ته تعليم مڪمل ڪري ڪو بهتر روزگار حاصل ڪجي ته جيئن پنهنجو مستقبل معاشي طرح مستحڪم هجي، نه ته بي روزگاري واري زندگي پاڻ لاءِ ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي.
سنبل مايوسي واري حالت ۾ ساڳيو جملو دُهرايو:
مطلب مونکي ڇڏي وڃڻ مناسب ٿو سمجهين؟
ساجد: اڙي چري! آئون توکي ڇڏيو ٿورو ئي ٿو وڃان؟ آئون هر وقت تو سان گڏ هوندس، هر وقت تو سان رابطي ۾ هوندس، هر هفتي تو وٽ ايندو رهندس، تون پريشان نه ٿي ۽ نه ئي پاڻ کي اڪيلو سمجهه، آئون هر وقت هر ويل تنهنجي يادن ۾ سمايل هوندس، تون منهنجي جسم جو ساهه آهين، ڀلاڪو ماڻهو ساهه کان بغير ڪيئن ٿو جيءَ سگهي؟ آئون يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ وڃان ٿو ۽ پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪري جلد ئي تو سان شادي ڪندس.
سنبل ڏک واري لهجي ۾ چيو:
مون جڏيءَ سان شادي ڪندين؟
ساجد: ها، سنبل تنهنجي معزور ٿيڻ سان منهنجي محبت تي ڪوبه اثر نه پيو آهي، تون اڄ به منهنجي خوابن جي راڻي آهين، آئون اڄ به تو کي روح جي گهرائي سان چاهيان ٿو، آئون اڄ به تو کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهان ٿو، تون منهنجي زندگي جي حاصلات آهين.
سنبل ساجد جي محبت ڀري ڳالهين جي سحر ۾کوئجي وئي ۽ نه چاهيندي به ساجد جي مستقبل جو سوچي پُرنم اکين سان نهاريندي يونيورسٽي وڃڻ جي موڪل ڏيندي روئندي روئندي چوڻ لڳي: ٺيڪ آهي تون يونيورسٽي وڃي پڙهائي مڪمل ڪر، آئون تنهنجي پڙهائي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نٿي چاهيان تون ڀلي وڃي پڙهائي مڪمل ڪر...!!
پر...! هڪڙي ڳالهه ڌيان جي ڪنن سان ٻڌجا ۽ هيئين ۾ هنڊائي ڇڏجا ته تون يونيورسٽي صرف ۽ صرف تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهين، متان اتي وڃي يونيورسٽي جي رنگينن ۾پنهنجي اصل مقصد تعليم کي وساري ويهين. متان اتي وڃي اهو وساري ويهين ته پٺيان وهيل چيئر تي ڪو اپاهج وجود تنهنجي انتظار ۾ راهون ڏسندي روئندڙ هوندو..!
متان تون اتي وڃي اهو وساري ڇڏين ته زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي حياتي سان جنگ ڪندڙ هڪ ماڻهو صرف تنهنجي ڪري ئي حيات آهي، متان اتي وڃي اهو ياد نه رهنئي ته پٺيان منهنجا ڪنهن سان واعدا، قول، اقرار ڪيل آهن، ڪو منهنجي محبت جي ڪري زماني ۾ ساهه کڻي رهيو آهي ۽ ها، اهو به چڱي طرح ياد رکجان ته دردن جي ڌُٻڻ ۾ غرق ٿيندڙ هڪ اپاهج ڇوڪريءَ مون سان ملڻ جي ڪري منهنجي ٻانهن جو هار ٿيڻ جي ڪري ئي زنده آهي.
ساجد: او... هو... سنبل
ايڏا وڏا وهم نه ڪر، مون تي يقين ڪر، منهنجي محبت تي ويساهه ڪر، آئون تو کانپوءِ ٻي ڪنهن جو به نه ٿيندس، آئون سڄو تنهنجو آهيان، ۽ تنهنجو رهندس جيترو جلد ٿي سگهيو توکي پنهنجو ڪري تو سان لائون لهي توکي هميشه لاءِ پنهنجو ڪندس.
سُنبل: تون هميشه لاءِ منهنجو... صرف منهنجو ٿي رهجان...!!
سنبل جذباتي ٿيندي چيو:
ساجد: ها آئون تنهنجو آهيان صرف تنهنجو.
هنن جي ڳالهين جو تذڪرو اڃان جاري هيو ته ڪمري ۾ اسحاق اچي ويو جنهن ساجد سان مخاطب ٿيندي ان کي چيو:
ساجد! ٻڌو آهي ته تون هن سومر تي يونيورسٽي پيو وڃين؟
ساجد: ها ادا منهنجي يونيورسٽي کُلي وئي آهي، ڪلاس شروع ٿي ويا آهن، ان ڪري آئون يونيورسٽي وڃان ٿو جيڪڏهن آئون ڪلاس نه وٺندس ته گهٽ اٽيندينس جي ڪري انتظاميه پيپرن ۾ نه ويهڻ ڏيندي ان ڪري آئون يونيورسٽي وڃي ڪلاس وٺان ٿو.
اسحاق: ها ادا تون ڀلين يونيورسٽي وڃ ۽ باقاعده ڪلاس وٺ پر هڪ ڳالهه ڪڏهن به نه وسارجان ته تنهنجي امانت اسان وٽ ڇڏيو پيو وڃين ان جي يادگيري ڪئجان، ان کي خوش رکجان ۽ ان جي توکي خاص پارت آهي.
اسحاق هٿ ٻڌي ساجد کي ليلائيندي چيو:
ساجد: ادا اسحاق هي ڇا ٿو ڪرين، هٿ ڇو ٿو ٻَڌين؟ آئون سمجهي سگهان ٿو ته سنبل منهنجي عزت آهي منهنجي مَڱ آهي، مون کي ان جو پورو احساس آهي. بلڪل آئون ڪڏهن به ان معاملي ۾ غافل نه ٿيندس، آئون سنبل کي هر طرح خوش رکندس ۽ ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪندس، جنهن سان هن جي دل آزاري ٿئي.
آئون هن جو هر طرح خيال رکندس ۽ هر هفتي تي سنبل وٽ ايندو رهندس، اوهين ايترو فڪر نه ڪريو ۽ مون تي ڀروسو ڪيو، مون تي اجايا شڪ نه ڪريو.
اسحاق: نه ادا نه.... اسان تو تي ڪنهن به قسم جو شڪ نٿا ڪريون پر ٻڌو آهي ته ڄامشوري جي سرزمين اهڙي آهي جتي شينهن هرڻين جي اکين جو نشانو ٿيو وڃن، جتي ڪيترائي عابد، زاهد، ڇوڪرا به حُسن جا بُت پرست ٿيو وڃن! چون ٿا ته ڄامشوري جون هوائون حُسن جي مستي سان سرمست هونديون آهن جن ڪيترن ئي جوانن کي عشق جي هٻڪار سان واسي بد حواس بڻائي ڇڏيو، ڪيترائي ڳڀرو حُسن ۽ عشق جي اثر هيٺ اچي پنهنجي مقصد تان هٽي راهن ۾ رلي ويا، تنهنڪري تون خاص خيال رکجان ۽ انهي حُسن جي وارن کان مُحتاط رهجان.
ساجد: بلڪل...! ادا اسحاق بلڪل...!
آئون ڀرپور طريقي سان پاڻ کي محتاط رکندس ۽ منهنجي توجه جو مرڪز پڙهائي تي هوندو، مونکي احساس آهي ته منهنجي پويان ڪا امانت ڇڏيل آهي، منهنجي مٿي ٻيڻي ذميواري عائد ٿي وئي آهي جنهن کي آئون سمجهي سگهان ٿو...!!
اسحاق خوش ٿيندي چيو:
ٺيڪ آهي ادا اها تمام بهترين ڳالهه آهي جو توکي هر هڪ ذميواري، هر هڪ ڳالهه جو پورو احساس آهي ۽ تون چڱي ريت سمجهي سگهين ٿو ته تون پويان ڇا ڪجهه ڇڏيو ٿو وڃين؟ اسان جون دلي دعائون ۽ نيڪ تمنائون توسان گڏ آهن شال ڪاميابي ماڻين.
ساجد، سنبل ۽ اسحاق کي راضي ڪري پنهنجي گهر ڏانهن سامان پيڪ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو..!!