ڄامشوري جي فطرت جي جماليات جهڙو نثر !
عاشق بلوچ جو نثر پڙهندي ماڻهو پاڻ کي الاهي ڪٿي وڃائي ڇڏيندو آهي ۽ وري وري پاڻ پنهنجي وجود جي ڳولها ۾ اندر ڏانهن جهاتي پائيندو آھي .طالب محبوب سندس لکڻين جي سحر ۾ جڪڙجي ويندا آهن ۽ انهن خيالن جي سرمستي واري ڪيفيتن ۾ سندن تصور پنهنجي محبوب جي رخسارن کي ڇُهي وٺندو آهي.
عاشق جي تخليقن ۾ مونکي اها خاصيت نظر اچي ٿي جو سندس لکڻيون بخوبي خود Convince ڪري سگهن ٿيون.
هن ڄامشوري جي پهاڙين ۾ اُپسرائن جي پازيب جي ڇمڪار جي ڇم ڇم کي به قلمبند ڪيو آھي ته وڇوڙن جا ورلاپ ڪندڙ وجود جي الوداعي کي به سندءِ تخليقن جي سماءُ ۾ سميٽيو آھي.
سندس هي ناول "عشق اونداهو سج"سموري جماليات جي علامت آهي.
هن زماني جي ظرف کي پروڙي عشق لامحدود جي منزلن تي پاڻ وڃائڻ سان گڏ ان مجازي عشق جي انڌاري سج جي تشريح به ڪئي آھي.
عاشق بلوچ جو هي ناول پڙهندي ايئن محسوس ٿيئي ٿو ته هن درد کي پرکڻ سان گڏ پاڻ ۾ جذب به ڪيو آهي ۽ هو درد کي Self-exressiveness ڪرڻ جو فن به ڄاڻي ٿو.
هي موضوع اهڙو آهي جنهن تي دنيا جي هر هڪ تخليقڪار لکيو هوندو پر اصل ڳاله Diction جي هوندي آهي ۽ ڪامياب لکڻي اسلوب ذريعي ئي پاڻ متعارف ڪرائيندي آھي. عاشق جو اسلوب بنهه پختو ۽ ۽ ڏاڍو دل افروز آهي، جنهن ۾ احساسن جو Climax به وڻندڙ اٿس.
هن ناول ۾ ليکڪ پنهنجي لفظن جي ڪُميتن کي صحراءِ جي پيچرن تي ڊوڙائيندي اولاڻي شهسواري ڪئي آهي، ۽ انهي اولاڻي سواري جو ايذاءُ سوار کي ڪيترو رسيو هوندو؟
ناول ۾ تجريد جو ڪمال جو آرٽ نظر اچي رهيو آھي ڄڻ ڪنهن سندرتا سنڌي ناريءَ جي ڪنڌ ۾ ست سري دهري جو ڇاتيءَ کي چمڻ. هن ناول ۾ درد جي منظر نگاري به پرديس ۾ پرڻايل ان وياڪل ڪنوار جي نکيٽيءَ جي ٽاڻي اباڻي اڱڻ ۾ بيٺل وڻ جي ٽارَ ۾ ڇڏيل آخري نهار جي منظر جهڙو روح کي جهير ڏيندڙ درد آهي.
جتي عشق پنهنجين سمورين مسافتن ۾ بنا حاصلات جي ٿَڪ ڀڃي اتي اهڙن نوجوانن جي قلم مان ههڙا ناول تخليق ٿيندا ۽ اهي ئي ناول هن سماج جي حقيقي رومانويت جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪندا.
پياري عاشق بلوچ کي اهڙو شاهڪار ناول لکڻ تي دلي واڌايون اميد ته هي ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ ۽ منفرد مقام ٺاهيندو.
[b]
ناشاد رضوان
عاقلي / ٿر
8ڊسمبر 2018ع
[/b]