(7)
ساجد جي رُخ ۾ بي رُخي ڏسي سنبل کي اهو احساس ٿيڻ لڳو هو ته ساجد هاڻي يونيورسٽي ۾ گهڻو خوش ٿي ويو آهي، شايد هن جي ڪٿي دل لڳي ٿي وئي آهي تڏهن ئي هن مون ڏانهن اچڻ ڇڏي ڏنو آهي...!!
شايد هن جي دل مون سان گهٽجي وئي آهي، هن جي زندگي مون کان سواءِ خوش گذري پئي، شايد ان جو ڪو سبب هجي..!!
سنبل سدائين اڪيلائي ۾ اهو سوچي روئندي هئي ۽ ساجد يونيورسٽي جي فضائن ۾ خوشين سان ڀرپور خوشگوار جيون گذاري رهيو هو...!!
هاڻي ساجد کي سنبل وٽ آئي ٽي مهينا گذري ويا هئا، اهو ساجد جيڪو سنبل کان پري هڪ منٽ نه رهندو هو انهي کي هاڻي اچڻ ۾ ٽن مهينن جي وٿي لڳي وئي هئي...!!
هڪ رات سنبل کي ساجد جي ياد شدت سان تڙپائي رهي هئي، ۽ هو يادگيرين جي بيابان ۾ ماضي جي مٽي ڦلهورڻ لڳي هئي..! سوچن جي سُرهاڻ ۾ هن جي اکين اڳيان ماضي جا اُهي منظر تري آيا جن لمحن دوران عشق جي وينگس وار کولي هنن تي ڇانورا ڪيا هئا...!!
ماضي کي ياد ڪندي هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ هن ڊائري کڻي ان تي لکيو:
“ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي سمونڊن جي گهرائي جي ڪا آنڌي ڪانڌي بڻجي ڪئين ساحلن کي صحرا ڪري ويندي آهي، وقت عقاب جيان اڏامي ويندو آهي پر دل ڪتاب تي لکيل ماضي جي محبت جا يا داشت نامان زندگي جو نه وسرندڙ باب ٿي ماڻهو کي دائمي طور ايذائيندا رهندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ڪي سفيد چانڊوڪي جهڙا اُجرا احساس بي قياس زماني جي گردش جي راهن ۾ ئي پيرن هيٺيان چيپاٽجي ويندا آهن ۽ پوءِ بي لوٽ ستم جي بستين ۾ باقي بچيل ماڪ جهڙي نفيس ارمانن جو واڪ لڳندو آهي جنهن کي وقت اڌملهه ۾ خريد ڪري ياد گيرين جون حَسين عمارتون مسمار ڪري ڇڏيندو آهي...!!
شايد هن وٽ ڇڏيل منهنجي ياد گيرين جون خوبصورت عمارتون وقت هن جي دل تان ميساري ڇڏيون آهن تنهنڪري ئي هن کي منهنجي ياد نٿي اچي ۽ هن مون کي شايد ايترو باقاعدگي سان وساري ڇڏيو آهي”
ڊائري تي اهو نوٽ لکي هن ڊائري رکي ڇڏي ۽ وهيل چيئر تي ويٺي ساجد جي بيوفائي تي سوچي روئيندي روئندي ڳرندي رهي هئي...!!
هوڏانهن ساجد کي سنبل هوريان هوريان وسرڻ لڳي هئي، هن کي اُهي قول، اقرار ۽ واعدا، وچن وسرڻ لڳا هئا جيڪي هن سنبل سان ۽ ان جي گهر ڀاتين سان ڪيا هئا...!!
ساجد سنبل کي وساري وڏي اکين واري ڇوڪريءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هو، هن کي بار بار خيالن ۾ هن وڏي اکين واري شرارتي ڇوڪريءَ جو اهو جملو ياد اچي رهيو هو جيڪو هن تقرير ختم ٿيڻ کانپوءِ ساجد کي چيو هو...!!
سنبل هن کي هر روز فون ڪري چوندي هئي ته:
ساجد تون هاڻي بدلجي ويون آهين، تون اچ مون ڏانهن، آئون توکاسواءِ پريشان آهيان. سنبل جا روز روز غم جا داستان ۽ ڏک ميارن جا قصا ٻڌي ٻڌي ساجد تنگ ٿي پيو هو، هن آخرڪار سنبل جي فونن ۽ ميسجز کان تنگ اچي پنهنجو موبائل نمبر تبديل ڪري ڇڏيو...!!
ساجد کي انهي وڏي اکين واري شرارتي ڇوڪريءَ جي محبت ۾ ڦاسڻ کانپوءِ سنبل جي اپاهجپڻي کان نفرت ٿيڻ لڳي هئي، هي سوچڻ لڳو ته آئون انهي معذور سان ڪيئن زندگي گذاري سگهندس، جيڪا پنهنجي جسم کي پاڻ کڻي نٿي سگهي؟
جيڪا اڄ پنهنجو پاڻ تي بار آهي، اها صبح جو منهنجي زندگي ۾ ڪهڙيون خوشيون آڻي سگهندي؟ اها منهنجي لاءِ ڪهڙو سک جو سبب ٿيندي؟
ويتر انهي جڏي کي سڄي زندگي مون کي ئي سنڀالڻو پوندو، ان جو هر هڪ بار مون کي ئي کڻڻو پوندو پر آئون آخر ڪيستائين ان جو بار کڻندس؟
نه... نه! آئون هن جڏي سان شادي ڪونه ڪندس آئون گهر وارن کي جواب ٿو ڏيان...!!
آئون پنهنجي زندگي هن معذور لاءِ قربان ڪري نٿو سگهان...!!
جيئڻ لاءِ ته هتي وڏي خوبصورت دنيا موجود آهي پوءِ ڇو آئون پاڻ کي کوهه ۾ اُڇلايان...؟
نه قطعي نه آئون انهي جڏي ڇوڪريءَ سان شادي نه ڪندس، آئون بابا وارن کي جواب ٿو ڏيان....!!
ساجد اهو سوچي سنبل کي مڪمل طرح ڇڏڻ جو آخري فيصلو طئه ڪري ڇڏيو هو ۽ هوڏانهن سنبل ساجد جي اچڻ جي انتظار ۾ بي چين هئي..!
ساجد جي بيرخي کي ياد ڪري هن جي اکين جا ڳوڙها پنبڙين جا لوڙها لتاڙيندا رهندا هئا...!!
ڪافي وقت گذري وڃڻ کانپوءِ به ساجد سندس ڳوڙها اگهڻ ڪونه آيو، هو سخت اڪيلائي جي حالت ۾ پنهنجي وجود جو لاشو وهيل چيئر تي گهيلي گهيلي ٿڪجي پئي هئي.
هڪ ڏينهن وهيل چيئر کي گهمائي جڏهن آئيني اڳيان بيٺي ته هن کي پنهنجي وڃائجي ويل سونهن تي ۽ ڳري ويل جسم تي وڏو ارمان ٿيو...!!
هن کي پنهنجو بي حال حال ڏسي خود تي رحم آيو ۽ هو پاڻ تي روئندي رهي..!!!
ان ڏينهن 14 فيبروري پيار ڪندڙن جو عالمي ڏينهن هيو، جيڪو ويلنٽائن ڊي جي نالي سان مشهور هيو...!!
ويلنٽائن ڊي تي سنبل وهيل چيئر تي اداس ويٺي هئي، خاموشيون هن جي وجود ۾ گهرائي سان واسو ڪري چڪيون هيون، سخت تنهائي جي تلخي ۾ هو گذريل ويلنٽائن تي سوچي رهي هئي جڏهن ساجد هن سان گڏ هو ...!!
ان ويلنٽائن ڊي تي ساجد هن لاءِ گلن جا تحفا ۽ رائيل مِرج پرفيوم وٺي آيو هو جنهن جي خوشبوءِ سنبل کي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ هو اهو پرفيوم استعمال ڪندي هئي...!!
گل ۽ پرفيوم سنبل کي ڏيندي هن ويلنٽائن ڊي وڏي پيار سان وِش ڪيو هو..!
سنبل کي ڀاڪر ۾ ڀري ٻنهي ڳلن تي چميون ڏئي هن جا وار سنواريندي چيو هئائين:
سنبل ايندڙ ويلنٽائن ڊي کان اڳ ۾ آئون توکي پنهنجي ڪنوار بڻائي پنهنجي گهر وٺي ويندس ۽ ايندڙ ويلنٽائن ڊي آئون توکي پنهنجي ذاتي گهر ۾ وِش ڪندس جتي پاڻ ٻه اڪيلا هونداسين ۽ پنهنجي پيار جي هڪ الڳ ڀرپور دنيا هوندي، جتي توسان رڳو بس پيار ڪبو ۽ ايترو پيار ڪبو جو زمين آسمان هڪ ٿي ويندا ۽ وقت پِنڊ پهڻ ٿي ويندو ۽ تون منهنجي ڀاڪر جي آغوش ۾ پنهنجو ساهه منهنجي ساهه جي لمس ۾ کڻين،تنهنجي جسم جي ڀنل هٻڪار منهنجي حِس کي مهڪائي ڇڏي ۽ آئون تنهنجي جسم جي سُندرتا جي تحويل ۾ مڪان ۽ لامڪان جون سڀئي سرحدون اورانگهي مستي ۾ سر مست ٿي وڃان، تنهنجي جوڀن ۽ جمال جي رعنائين ۾ ڪائنات جي خوبصورتي جو سمورو موهه هجي ۽ تنهنجي نفيس چپن جي چمين جي پوسل دائمي حياتي جي سند ثابت ٿئي.
ساجد جون ڳالهيون پاڻي تي ليڪن جيان هيون اڄ اهو ويلنٽائن ڊي ته اچي ويو هو پر نه ساجد آيو، نه ان جو پيار ۽ نه ئي ان جو الڳ گهر جنهن جا خواب هن سنبل کي ڏيکاريا هئا...!!
هاڻي ته بس ڏکن ۾ چُور هڪ ويڳاڻو وجود هو، جنهن کي قسمت هر طرح سان ويران ڪندي رهي هئي، اڄ هوءَ پنهنجي اپاهجپڻي تي سخت بيزار هئي، هن هر هڪ ساهه گُهٽ ٻُوسٽ ۾ ٿي کنيو ۽ بس رڳو ٿڌا شوڪارا ڀري ٻئي هٿ مٿي تي ڏيئي زارو زار روئندي رهي هئي.
اهو به تقدير جو تشدد چئبو جو هر ماڻهوءَ جي مقدر ۾ ماڪ ڀنل رابيل ٿيڻ ناهي هوندو، ڪجهه اڀاڳا ماڻهو خاڪ ٿي هوا ۾ اُڏري ويندا آهن. جڏهن انهن جي وجود جي مسيحائي ڪائنات جو ڪوبه مسيحا ناهي ڪري سگهندو ته لاوارثي لشڪر جي صورت ۾ انهن وجودن جي دل جي ريگستان تي تنهائي ۽ فنائي جا خيما هڻندي آهي جنهن کانپوءِ ان لاءِ مرڪ جا چپ ڪٽجي ويندا آهن، دردن جو هيبتناڪ دريا ڇوليون هڻندو رهندو آهي.