ھڪ سچو آرٽسٽ
اڄ انهي پيار پنهنجائپ جي ڀرم ڪارڻ کوڙ يادون اسان جي دلين ۾ آهن جيڪي ھت نٿو ڪريان ۽ اچان ٿو سندس تخليقي پورهئي طرف.
جيتوڻيڪ ناول، ناوليٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي جوڙجڪ ۽ فني حوالي سان ٿوري ڦيرڦار، ننڍ وڏائي جي فرق کي سامهون رکي 1853ع ۾ انگزيرن جي ڪرم نوازين سان سنڌي الفابيٽ جُڙڻ کانپوءِ سنڌي ساهت ۾ انهن نثري صنفن جو آغاز ٿيو. اڳتي هلي انهن متعلق ڪيترائي انومانَ سامهون آيا جنهن لاءِ انهن ٽنهي صنفن جي تاريخي پسمنظر ۾ وڃي قلب ۾ هٿ وجهبو ته، نه رڳو ڳالهه ڳچ ٿي ويندي پر ڪيترن ئي سوالن جو جنم پڻ اڻٽر ٿي پوندو، جنهن ڪري انهي قصيءَ کي به اتي ئي ڇڏيان ٿو.
جيئن ڪنهن قوم جا رسمي طور طريقا، سماجي اُٿي ويٺي هوندي آهي، ائين دنيا جي ڪاروهنوارُ جا به پنهنجا قاعدا قانون هوندا آهن جن جي دنيا صدين کان پيروڪار آهي. اهو قانون قدرت به آهي ته، نظام جي بهتري ۽ پاڻ کي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جو اعليٰ نمونو به آهي، پر ڪو انهي قاعدن کان هٽي ڪري به ڪنهن غلط طريقي سان وڏي مقام تي پهچي ٿو ان جو قطعي اهو مقصد ناهي ته اهي طور طريقا، قاعدا قانون غلط يا اجايا آهن. اصل ۾ اهي سڀ ڳالهيون منهنجي خيال ۾ آرٽ جي زمري ۾ آڻجن ته به غلط نه ٿيندو جن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جو فيصلو تاريخ ۽ وقت کي ڪرڻو پوندو آهي جنهن جا ڀيانڪ مثال مون ۽ اوهان سامهون ڪيترن ئي صورتن ۾ آهن. ان داستان ڦلهورڻ جو مقصد ته ڪوبه ڪم ڪجي ته انهن ڳالهين کي مدنظر رکي ڪجي جيئن نام ۽ گام ٻنهيءَ جو نالو روشن ٿئي.
عاشق بلوچ منهنجو دوست انهي حوالي سان مونکي سدائين نه رڳو متاثر ڪندڙ پر خوددار به لڳو آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن هُن پنهنجي ناول ”عشق اونداھو سج" چپجڻ جي ڳالھ ڪئي ته ڏاڍي خوشي ٿي.
يقينً ڪو به تخليقي پورهيو ايڏو سؤلو ناهي ۽ اهو ڪنهن تخليقار کان راز ڳجهو به ناهي هوندو. ناول، ناوليٽ ۽ ڪهاڻي جون بنيادي فني گهرجون تقريبن ساڳئي آهن، سواءِ طوالت جي. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ هڪ واقعي جي گرد ڦرندو آهي، جڏهن ته ناوليٽ يا ناول جي پلاٽ مک ڪردارن سان ڪيترن ئي واقعن کي سلهاڙي سگهجي ٿو. باقي ڪردارن جي ڳانداپي، پلاٽ جي ترتيب، گهاڙيٽي، ڊائلاگ، تشبيهون، دلچسپي، تجسس، پڄاڻي سميت سڀئي فني خوبيون ۽ فن ساڳيو آهي.
عاشق بلوچ جي هِن ٻهراڙيءَ جي ڪردارن کان شروعات ٿيندڙ ناول جا مک ڪردار پلاٽ جي تربيب سان منڍ ۾ جن رستن تي، گهٽين ۾ رُسندي پرچندي، چرچا ڀوڳ ڪندي، پيار جي پيچرن تي هلندا نظر اچن ٿا اُتي پنهنجي فطري لاڙي جو عڪس به ظاهر ڪن ٿا. جڏهن اهي مک ڪردار ٻهراڙيءَ جي انهن گهٽين ۾ پنهنجو پيار پروان چڙهندي محسوس ڪن ٿا ته حادثاتي طور تي سندن رشتو ٽٽڻ جا امڪان هوندي به بچي پوي ٿو ۽ ساجد سنبل کان دل جي گهراين سان اجازت وٺي سنڌ يونيورسٽي وڃي وسائي ٿو. اُتي بظاهر پڙهندڙ جي ذهن ۾ صرف رومانوي خاڪو جڙڻ جا وڌيڪ امڪان محسوس ٿين ٿا پر عاشق سُهڻي اسلوب سان نه صرف رومانس واري تاثر کان پڙهندڙ کي آجو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي پر وڇوڙي جي وڍن کان بچائيندو تسلسل ۽ دلچسپي کي به برقرار رکيو اٿس.
عاشق بلوچ جو هيءُ پهريون قلمي پورهيو جنهن ۾ ٻن پيار ڪندڙن جو داستان به آهي ته، لفظن جي ساحري سندس مطالعي جي گواهي به ڏئي ٿي. خاص طور تي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ شاگردن جي ننڍن وڏن مسئلن کي ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج ۾ ٿيندڙ ستمن جي جهلڪ، تهذيبي عڪس، تشبيهن، ٻوليءَ سان پيار، ڳنڍيل واقعن جي ترتيب، طرزِ گفتگو، دلچسپي ۽ تجسس سان به ڀرپور نموني نڀايو اٿس.
سنڌي ساهت جي پرگهور لهندڙ نالي چڙهيا اديب کڻي عاشق بلوچ جي هِن ناول کي ڪهڙي به نظر سان ڏسن پر “عشق اونداهو سج” مونکي وڻندڙ ۽ ليکڪ جي روشن ادبي شناس واري ڀرپور علامت ضرور محسوس ٿيو آهي.
جيتوڻيڪ عاشق جنهن منزل جو مسافر آهي ان جو اڃا پنڌ گهڻو پري آهي، عاشق سان منهنجون ڪيتريون ئي اميدون وابسته پڻ آهن، جنهن لاءِ کيس پوئتي ناهي جانچڻو ۽ مسلسل مطالعي، مشاهدي ۽ دل لڳي سان پنهنجي منزل ڏانهن سفر جاري رکڻو آهي.
مون کي ويساھ آهي جيئن پکي جي پهرين پرواز هُن جي حوصلي جي ضامن هوندي آهي، ائين عاشق بلوچ جو هيءُ قلمي پورهيو نوجوان ضرور پسند ڪندا.
[b]
جعفر شاهاڻي
8 نومبر 2018ع
[/b]