ناول

عشق اونداھو سج

هي ڪتاب نوجوان ليکڪ عاشق بلوچ جو لکيل ناول آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
”هڪ شاعراڻي مزاج جي مالڪ نوجوان ناول نگار عاشق بلوچ جي پهرين تخليقي پورهئي ۾ سندس ڪردارن سان نڀاءَ، مڪالما ۽ ڪلائمڪس سنيهو ڏيندڙ ۽ سبق آموز ان ڪري به آهي جو هن ناول جو پلاٽ/ڪهاڻي زندگيءَ جي حقيقتن جي عڪاس آهي، جن ۾ نوجوان پڙهندڙ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي موجودگيءَ کي ضرور محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن پڙهندي پنهنجو پاڻ سان گفتگو جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ته پڪ ڄاڻجي ليکڪ پنهنجي مقصد ۾ سڦلتا ماڻي ورتي آهي، عاشق بلوچ جو هي مختصر رومانوي ناول به هڪ اهڙي ڪاوش آهي، جنهن ۾ پاڻ سڃاڻن جي سگهه ڦوهه جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڇڪي آڻي بيهاري ٿي. “
  • 4.5/5.0
  • 2369
  • 983
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عاشق بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشق اونداھو سج

(6)

(6)

25 جنوري تي ساجد جو يونيورسٽي ۾ پهريون ڏينهن هيو، هو يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ وقت ڏاڍو گهٻرايل ۽ اٻاڻڪو لڳي رهيو هو...!!
هن جي چهري تي اٻاڻڪائي بَکي رهي هئي، هو فيڪلٽي ۾ اٻاڻڪو ٿي هلي رهيو هو، ڪجهه شرارتي ڇوڪرين هن کي اٻاڻڪو ڏسي هن سان ريگنگ شروع ڪئي.
وڏي اکين واري اڻ ڄاڻ ڇوڪريءَ هن سان مخاطب ٿيندي چيو.
توهان فرسٽ ايئر جا آهيو، اسان فائنل واريون شاگردياڻيون هر نئين ايندڙ شاگرد کي يونيورسٽي ۾ اچڻ تي ڀليڪار چونديون آهيون ۽ گڏوگڏ نئين جونيئرز جي هر ممڪن مدد ڪري ان سان ڪئمپس ۾ ايندڙ مسئلن بابت ڀرپور تعاون ڪنديون آهيون، توهان سان ڪو مسئلو هجي يا توهان کي ڪابه تڪليف هجي ته ٻڌايو؟
ساجد حيران ٿيندي چيو:
اڄ منهنجو يونيورسٽي ۾ پهريون ڏينهن آهي، في الحال ته ڪوبه مسئلو ناهي.
وڏي اکين واري اڻ ڄاڻ ڇوڪريءَ ڳالهه وڌائيندي چيو:
توهان ڪهڙي ڊپارٽمينٽ جا آهيو؟
.ساجد: سنڌي ڊپارٽمينٽ
ڇوڪريءَ: سنڌي لٽريچر توهان جي ڪهڙي چوائس هو؟
ساجد: فرسٽ چوائس هو.
وڏي اکين واري ڇوڪريءَ سنڌي ڊپارٽمينٽ فرسٽ چوائس هجڻ واري ڳالهه ٻڌي طنز ڪندي چيو:
عام طورتي انٽري ٽيسٽ ۾ جنهن جون مارڪون سڀ کان گهٽ اينديون آهن، جنهن جون مارڪون ڪنهن به ڊپارٽمينٽ جي قابل ناهن هونديون ان کي ڪچرو مال سمجهي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ڏئي يونيورسٽي ۾ شاگردن جي اسٽينٿ ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي، انهي ڊپارٽمينٽ ۾ اهڙا شاگرد تمام گهٽ هجن ٿا، جيڪي عملي طرح به لٽريچر سان وابسته هجن.
ساجد: ها بلڪل... پر منهنجو ته پسنديده شعبو آهي..!
ڇوڪريءَ: ان جو ڪو خاص سبب؟
ساجد: سبب ته اهو آهي جو مون کي ذاتي طور تي ذوق آهي ۽ آئون ادب سان وابسته آهيان.
ڇوڪريءَ: اڇا.... ته توهان اديب آهيو؟
ساجد: اديب ته وڏي ڳالهه هوندا آهن، آئون اديب ته ناهيان پر ادب جو طالبِ علم آهيان.
ڇوڪريءَ: اڇا... هلو صحيح آهي...! هاڻي اچو توهان کي توهان جي ڊپارٽمينٽ ڇڏي اچون.
شرارتي ڇوڪريون هن سان همدردي واريون ڳالهيون ڪري هن کي مطمئن ڪري ويون ۽ هن کي وٺي وڃي، پروفيسر خليق الزمان جي آفيس ۾ ويهاريائون. پروفيسر جي آفيس ۾ ويهاري هن کي چوڻ لڳيون:
توهان سنڌي فرسٽ ايئر وارن جو ڪلاس هتي ئي هلندو آهي، شروع وارا ڏينهن آهن ڪلاس ديرسان هلندا ۽ شاگرد به گهٽ ايندا، توهان هتان کان ڪيڏانهن به ٻاهر نه وڃجو.
ساجد: جي.... جي ٺيڪ آهي مهرباني توهان جي.
شرارتي ڇوڪريون هن کي پروفيسر جي آفيس ۾ ڇڏي ٻاهر وڃي هن تي کلڻ لڳيون....!
جڏهن سخت مزاج پروفيسر خليق الزمان آفيس ۾ آيو هن کي اڳ ئي آفيس ۾ ويٺل ڏسي هن کي هٿ ڏئي پڇڻ لڳو:
جي ٻڌايو ڪم ڪار؟
پروفيسر جو سوال ٻڌي هي وائڙو ٿي ويو ۽ گهٻرايل لهجي ۾ چوڻ لڳو:
ڪم ڪنهن سان به نه آهي، ڪلاس وٺڻ آيو آهيان.
پروفيسر سخت لهجي ۾ هن کي دڙڪو ڏيندي چيو:
پوءِ وڃي ڪلاس وٺو، هتي آفيس ۾ ڇا ٿا ڪريو؟ وڃو.... وڃي ڪلاس ۾ ويهو.
ساجد: ڪلاس.... ته ڇا هي ڪلاس نه آهي؟
پروفيسر: توهان کي ڪنهن چيو آهي ته هي ڪلاس آهي؟
ساجد: ٽي ڇوڪريون هيون انهن مون کي ٻڌايو ته هي سنڌي فرسٽ ايئر وارن جو ڪلاس آهي...!!
پروفيسر ويتر رُعب ڪندي چيو:
يونيورسٽي ۾ پهتو آهين اڃان ويٺو ڇوڪرين هٿان بيوقوف ٿئين؟
هو توکي بيوقوف بڻائي ويون آهن هي منهنجي آفيس آهي ڪو ڪلاس ڪونهي، سنڌي جو ڪلاس فيڪلٽي جي فرسٽ فلور تي آهي وڃ اوڏانهن.
هي وائڙن جيان هڪ رجسٽر ۽ ڪجهه ادب جا ڪتاب هٿ ۾ کڻي پروفيسر جي آفيس مان ڏاڍو لڄي ٿيندي ٻاهر نڪتو...!!
ٻاهر نڪري دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو، يونيورسٽي جون ڇوڪريون ايتريون چالاڪ آهن ته يونيورسٽي جا ڇوڪرا ته وڏا لاهه هوندا، ڪٿي اُهي به مون کي فرسٽ ايئر جو اٻوجهه شاگرد سمجهي بيوقوف نه بڻائين...!!
اهو سوچي هي آسپاس نهاري وڏي هوشياري سان هلڻ لڳو، ڳوليندي ڳوليندي نيٺ سنڌي فرسٽ ايئر وارن جي ڪلاس اٽينڊ ڪيائين...!!
يونيورسٽي جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن کي يونيورسٽي ۾ بلڪل به سک نه ايندو هو، هن کي هر وقت سنبل جي يادگيرين جو گهيرو هوندو هو، هُو سنبل سان سڄو ڏينهن فون تي ڳالهائيندو رهندو هو..!!
سنبل جي ياد هن کي ڪڏهن ڪڏهن ايترو تنگ ڪندي هئي جو هلندڙ ڪلاس ڇڏي ٻاهر نڪري سنبل سان فون تي ڳالهائيندو هو تڏهن هن کي سڪون ايندو هو...!!
اڳتي هلي آهستي آهستي وقت گذرڻ سان گڏ ساجد يونيورسٽي جي ماحول ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو هو...!!
آخرڪار هن يونيورسٽي ۾ پاڻ کي مطمئن ڪري ورتو، هاڻي هن کي يونيورسٽي وڻڻ لڳي هئي..!!
پهرين ته هو هر هفتي گهر وارن ڏانهن ڳوٺ ايندو هو ۽ سنبل وٽ وڃي ملاقات ڪندو هو، هن جي سنبل کانسواءِ نه سرندي هئي، هن کي انتظار هوندو هو ته ڪڏهن ٿو ڇنڇر جو ڏينهن اچي جو هو ڳوٺ وڃي...!!
پهريان هو هر ڇنڇر تي ڳوٺ لازمي ويندو هو، پر پوءِ آهستي آهستي هو يونيورسٽي جي رنگن ۾ رنگجڻ لڳو هو...!!
هو هر هفتي ڳوٺ وڃڻ بجاءِ ٻن ٽن هفتن کانپوءِ ڳوٺ وڃڻ لڳو هو...!!
سنبل دير سان اچڻ جو سبب پڇندي هئي ته ان کي چوندو هو:
هاڻي اسان جو سيمسٽر ويجهو اچي ويو آهي تنهنڪري آئون گهڻو وقت پڙهائي ۾ مصروف هوندو آهيان، ڪڏهن ڪا اسائنمينٽ لکندو آهيان ته ڪڏهن ڪورس جي اسٽڊي ۾ رُڌل هوندو آهيان...!!
هاڻي ڏينهون ڏينهن ساجد يونيورسٽي کي با رونق جڳهه جو اعليٰ نمونو سمجهڻ لڳو هو، فئڪلٽي آف آرٽس جا حسين منظر هن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري رهيا هئا، هو آهستي آهستي حُسن جي نظر جي تيرن جو نشانو ٿيندي پنهنجي حدف کان پوئتي هٽڻ لڳو هو...!!
ان ڏينهن ٻولين جي عالمي ڏينهن تي عبدالجبار هال ۾ سنڌي ٻوليءِ ۽ ان جي قدامت جي حوالي سان ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ۽ استادن گڏجي پروگرام منعقد ڪيو هو، جنهن ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ ساجد به حصو ورتو هو..!!
هو سنڌي ٻولي جي حمايت ۾ ڀرپور تقرير لکي آيو هو، پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ هو هال ڏانهن اچي رهيو هو ته اُهي ٽيئي ڇوڪريون ڏٺائين جن هن سان پهرين ڏينهن تي شرارت ڪندي هن کي پروفسر جي آفيس ۾ ويهاريو هو...!!
ساجد وڏي اکين واري ڇوڪريءَ سان مخاطب ٿيندي چيو:
ان ڏينهن توهان مون سان ريگنگ ڪري منهنجي سخت دل آزاري ڪئي، اهو توهان سراسر غلط ڪيو هو، هڪ سينئر تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هو پنهنجي جونيئرز جي هر ممڪنه مدد ڪري ۽ ان سان علمي، ادبي ۽ اخلاقي حوالي سان ڀرپور تعاون ڪري پر توهان ان جي برعڪس سينئر هئڻ جي باوجود پنهنجي جونيئرز سان ٺيڪ ٺاڪ جُٺ ڪريو ٿا، اوهان جو اهو عمل غير اخلاقي ۽ قابلِ مذمت آهي، خاص طور تي اوهان ڇوڪرين کي ته اهو قطعي به ڪونه ٿو سونهين جو ڇوڪرن سان ريگنگ ڪريو، دل خوش ڪرڻ ۽ کِل ڀوڳ ڪرڻ جا ٻيا به گهڻائي طريقا آهن...!!
ساجد پُر جوش طريقي انهن ڇوڪرين کي تنبيهه ڪندي چيو..!
ڇوڪرين هن کي ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ کلندي انهي ساڳي هال ۾ وڃي ويٺيون جتي اڄ ٻولين جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پروگرام طئه ٿيل هو..!!
ساجد به انهي ڇوڪرين جي پٺيان اچي تقرير واري هال ۾ ويٺو...!!
تقريرن جو سلسلو شروع ٿيو پهرين ۽ ٻي تقرير ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪمپيئر هن جو نالو کنيو ۽ هن کي تقرير ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايو...!!
هن سنڌي ٻولي جي حمايت ۾ فصيح زبان سان جذباتي انداز ۾ ڀرپور تقرير ڪندي چيوته:
“ٻولي زنده قومن جي حيات هجڻ جي سگهاري علامت هوندي آهي، ڪنهن به ٻولي جو پنهنجي سموري سگهه سان جيئرو هجڻ سندس قوم جي جاويده حياتي جو کُليو کُلايو اعلان هوندو آهي، قدرت جيئن ئي انسان کي شعور عطا ڪيو ته، انسان ڳالهائڻ شروع ڪيو ان پنهنجا خيال ۽ جذبا ٻولي جي وسيلي لفظن جي صورت ۾ پيش ڪري اظهار ڪرڻ شروع ڪيو.
جيئن جيئن زمين جي گولي تي انسان ذات جو واڌارو ٿيندو ويو تيئن تيئن قومون ۽ ٻوليون جُڙنديون ويون.
در حقيقت قومون ٻولين سان سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ ٻوليون قومن جي تشخيص هونديون آهن..!!
ٻولي جي عالمن جي چوڻ موجب ته ٻولي پنهنجي سماج جي گڏيل سوچ جي لفظي شڪل هوندي آهي، اهڙي ريت ٻولي اظهار جي وسيلي جي حيثيت ۾ پنهنجي سماج جي سڀاويڪ حالتن ۽ ان جي علمي ڪارگردگي جو حقيقي آئينو هوندي آهي..!!
سنڌي ٻولي سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج جي حقيقي ترجمان آهي،
اسان کي فخر آهي ته اسان جي سنڌي ٻولي تمام گهڻي قديم ۽ پنهنجي وُسعت ۾ آسمان جيڏي پکيڙ رکي ٿي.
سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار ٻولي هجڻ جي باوجود اڃان تائين ڌارين ٻولين جي ملبي هيٺيان نه نڪري سگهي آهي، سنڌي قوم جي اها بدبختي چئبي جو اسان هن وسيع تر ۽ شاهوڪار ٻولي کي اڄ ڏينهن تائين دفتري ٻولي واري حيثيت ناهيون ڏياري سگهيا.
جيتوڻيڪ هن ٻولي جي محل ۾ ڪيترن ئي اصطلاح، پهاڪن، چوڻين ۽ لفظن جا گوناگون علمي خزانا موجود آهن پر پوءِ به سنڌي ٻولي کي ثانوي حيثيت ڏئي ديوار سان لڳايو ويو آهي، جنهن جو عملي ثبوت غير سرڪاري تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي نه پڙهائڻ جي صورت ۾ موجود آهي...!
سنڌ جا ڪيترائي اهڙا تعليمي ادارا آهن جتي سنڌي ٻولي کي ڊسٽ بن جي دٻي ۾ اُڇليو ويو آهي...!!
سنڌي ٻولي سان غير سنجيدگي وارو اسان جو هي رَويو سچ ته سنڌين جي اجتماعي قومي شعور جي کوٽ جو هڪ وڏو الميو آهي...!!
اها اسان سنڌين جي اجتماعي نا اهلي چئبي جو اسان اڃان تائين جديد دور جي ڪمپيوٽر ۽ ٻين مشينري آلات جي سهولتن هئڻ باوجود به سنڌي ٻولي کي باضابطا طور گلوبلائيز ناهيون ڪرائي سگهيا...!
ويتر قهر اهو به آهي جو اسان جي ٻولي کي ڌاريون ٻوليون گرهه گرهه ڪري کائي رهيون آهن جنهن سان سنڌي ٻولي جي اصلي جٽادار حيثيت کي کاٽ لڳي رهيو آهي ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڌارين ٻولين جي لفظن جي ڀرمار ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي پئي ۽ سنڌي ٻولي جا نج اصلوڪا پراڻا لفظ سنڌي سماج مان اُڏامي ويندڙ پکي جيان الوپ ٿيندا پيا وڃن...!!
سچ ته هي اهم وقت آهي جو اسان سنڌي ٻولي خلاف ٿيندڙ هر هڪ سازش جو محاصرو ڪري سنڌي ٻولي جي باقي رهڻ لاءِ دل ۽ جان سان عملي ڪوشش ڪري پنهنجون سڀ صلاحيتون سنڌي ٻولي جي آبياري لاءِ صَرف ڪيون...!!
“مورک دنيا جي ٻک ۾، وقت وڃي پيو تيزي ۾،
نيڻ وڇايان اُردو ۾، ڇو عشق ڪيان انگريزي ۾؟
سَرتي سنڌي جي ٻولي، مون وٽ ميندي جي ٻولي،
مون وٽ لائون ٻولي جون، ساٿ چميون سڀ ٻولي جون،
تسبيحن جا گل پوئي، گجرا ٺاهيان ٻولي جا،
ٻولي منهنجي ڌرتي جي، ٻولي منهنجي ٻاٻاڻي...!!”
(گلزارسيال)
ساجد جي تقرير ختم ٿي ته هال ۾ تاڙين جو شور مچي ويو. سڀني ويٺل شاگردن خوب تاڙيون وڄائي داد ڏنو خاص طور تي وڏين اکين واري ڇوڪريءَ کي ساجد جي تقرير باقاعده موهي وڌو هن اٿي بيهه ساجد لاءِ ڀرپور تاڙيون وڄايون ۽ کيس تاڙين ذريعي داد ڏنو...!!
ساجد تقرير ايتري ته پرجوش انداز ۾ ڪئي جو هال ۾ ويٺل سامعين تي جهڙو سحر طاري ٿي ويو هو.
وڏي اکين واري ڇوڪريءَ هن کي گُهوري گُهوري ڏسي رهي هئي ۽ سندس تقرير پڙهڻ جي فصيح ۽ زيبائتي انداز کان گهڻو ئي متاثر ٿي ايتري حد تائين جو جڏهن تقرير ختم ٿي ته هن بيهه تاڙيون پئي وڄايون ۽ ساجد هن کي ڏسندو رهيو.
پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀني ساجد کي “واهه واهه” چئي داد پئي ڏنو ته وڏي اکين واري ڇوڪريءَ به ساجد کي داد ڏيندي اهو چئي رواني ٿي:
”تقرير سُٺي ٿا ڪريو“
ساجد ان کي ڪو جواب ڏي ها، ان کان اڳي هو ڪاريڊور مان گرلس ڪينٽين ڏانهن رواني ٿي وئي...!!