(3)
مڱڻي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کي اڃان چند ڏينهن مس گذريا هئا جو اوچتو وقت جي عزرائيل سڀني خوشين کي موت ڏئي فوت ڪري ڇڏيو، اوچتو فصلِ گُل تي خزان حاوي ٿي وئي، بارشن ٿر تي وسڻ کان نابري واري ڇڏي، هوائن جا ڪُلها پوپٽن جي لاشن سان سرشار ٿي ويا..!!
ان ڏينهن سنبل اسڪول جي موڪل کانپوءِ واپس ڳوٺ ڏانهن موٽي رهي هُئي ته روڊ ڪراس ڪندي هن کي سامهون تيز رفتار ايندڙ ڪار زور دار ٽڪر هنئي، ٽڪر لڳڻ سان سنبل اڳتي کڄي وڃي ڪار جي اڳيان ڪِري ۽ ڪار سندس ٻنهي ٽنگن جي مٿان گذري وئي، ڪار هلائيندڙ شخص اوچتو ٿيل حادثي جي خوف کان گهٻرائجي ڪار کي گهڻي اسپيڊ ڏئي تيزي سان يڪدم روڊ تان الوپ ٿي ويو...
سنبل جو زخمن سان چور وجود روڊ تي ڦٿڪندو رهيو ۽ روڊ هن جي وهندڙ رت سان لال ٿي ويو..!!
سنبل کي رت ۾ لٿ پٿ بيهوشي جي حالت ۾ روڊ تي پيل ڏسي ماڻهن جو ميڙ اچي گڏ ٿيو جن ۾ ڪجهه اسڪول جو اسٽاف به شامل هيو جن سنبل کي کڻي اسپتال پهچايو...!
اسڪول جي اسٽاف وارن احمد علي ۽ اسحاق کي فون ڪري حقيقت ٻڌائي ۽ اسپتال گهرايو...!
سنبل جي گهر وارن کي جڏهن اسڪول جي اسٽاف اهو اطلاح ڏنو ته انهن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي ۽ گهر ۾ ماتم برپا ٿي ويو..!
سڀ گهروارا يڪدم اسپتال پهچي ويا، اسپتال ۾ بيڊ تي بي حال پيل سنبل کي ڏسي احمد علي وڏيون اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو ۽ اسحاق هن کي پاڻ تي ضبط آڻڻ جي تلقين ڪندي خود به ڪنهن ڪنهن مهل ڳوڙهن کي روڪي نه پي سگهيو..!!
جڏهن تقدير جي هن عجيب کيل جي خبر ساجد کي پئي ته هن کي لڳو ڄڻ ته هو ناڪام حسرتن جي لاشن تي پير رکي شمشان گهاٽ تي انيڪ تمنائن جي تعزيتن جا طوق پنهنجي جيون جي زخمي گردن ۾ لٽڪائي غمناڪ دل ۽ نمناڪ اکين سان ڪنهن مُقام ۾مدفون ٿي ويو آهي، هن کي لڳو ته زندگي پَستين جي انتها ڏانهن ڌڪجي وئي آهي،سڃ ۽ رُڃ جي ڊگهي مسافت زندگي ۾ زخمي پيرن جا ڇالا رت ڳاڙي رهيا آهن، ۽ ويا ڪل شامن جي ڪرڀناڪ هيڪلائي جي ڌار تي هلندڙ زندگي ٻيڻي اذيتن جي رات جي وات ۾ گرهه گرهه ٿي کاڄي رهي آهي...!!
ساجد لڙ کڙائيندڙ قدمن سان جڏهن اسپتال پهتو ته اسپتال جي ڪمري ۾ سنبل کي بيڊ تي بيهوش ڏسي سندس صبر ۾ سِير پئجي وئي هن زور دار اوڇنگار ڏيندي چيو:
هي... هي ڇا ٿي ويو سنبل توکي....؟
چاچا احمد علي، هي سنبل کي ڇا ٿي ويو...؟
پوءِ گهڻي ديرتائين هِن جي سڏڪن جي گونج اسپتال جي ڪمريءَ ۾ گونجندي رهي..!!
احمد علي ۽ اسحاق اڳ ئي ڏک ۾ ساڻا ٿي ويٺا هئا ويتر جو ساجد جون رڙيون ٻڌائون ته وڌيڪ پريشان ٿي ويا...!!
ساجد جي ماءُ سڪينا جڏهن اسپتال پهتي ته هن به سڀني جو حال ڏسي روئڻ شروع ڪيو...!!
سڪينا ڪجهه دير روئڻ کانپوءِ پاڻ کي سنڀاليندي سڀني کي آٿت ڏيندي چيو:
صبر ڪريو... نه روءَ... دل برداشته نه ٿيوالله بهتر ڪندو.
ساجد روئندي ماءُ سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو:
امان هي سنبل کي ڇا ٿي ويو...؟
سندس ماءُ ساجد جي مٿي تي هٿ گهمائندي چوڻ لڳي:..
پٽ الله تي ڀروسو رک الله رحم ڪندو
ٻي ڏينهن تي جڏهن سنبل هوش ۾ آئي ته هن پاڻ کي اسپتال ۾ بيڊ تي ليٽيل ڏٺو ته هي پريشان ٿي وئي ويتر جو سندس ٻئي ٽنگون ڪپيل ڏٺائين ته زور دار دانهون ڪري روئڻ لڳي..!!
سندس دانهن ۽ آهن جي لپيٽ ۾ اسپتال تي سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي....!!
بس.... ائين ئي ناڪاره بڻجي ويل وجود جا پيار نامان جيون لائبريري جو ناياب ڪتاب ٿيڻ کان اڳ ئي راهن جي اڏوهي جو کاڄ ٿي ويا...!!
جڏهن وقت جو پکي اُڏامندو اچي شام جي لام تي ويٺو ته ان وقت اسپتال جي ڪمري م ساجد ۽ سنبل ٻه اڪيلا هئا...!
بيڊ تي بي حال پيل سنبل جون نگاهون ساجد کي وڏي گُهور سان گُهوري رهيون هيون ۽ انهي گُهور ۾ الفت جا اسرار سمايل هئا،جيڪي هڪ بيوس وجود جا خاڪسار ارمان ۽ ان جو غمگين داستان هئا..!!
ساجد سنبل جي ڀر ۾ ويهي سندس هٿ سنبل جي هٿن تي رکيو ته هن جي اکين مان سانوڻ جو مينهن اوڙڪون ڪري وسڻ لڳو..!!
سنبل روئندي چوڻ لڳي:
ساجد هاڻي آئون هميشه لاءِ معزور ٿي وئي آهيان، هاڻي منهنجي زندگي برباد ٿي وئي آهي.
ساجد هن جا لڙڪ اگهندي هن کي دلداري ڏيندي چوڻ لڳو..!
بس... بس سنبل تون ايترو پريشان نه ٿي، آئون تو سان هر وقت گڏ آهيان، اسين سڀ توسان گڏ آهيون، آئون تنهجي زندگي کي خوشگوار بنائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس، تون ايتري دلگير نه ٿي، وقت سان گڏوگڏ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
سنبل بي چيني مان لڇندي وراڻيو:
ها ساجد، اوهين واقعي مون سان گڏ آهيو، وقت سان گڏ ڇا هي منهنجو اپاهجپڻو به ٺيڪ ٿي ويندو؟ ڇا اوهين مونکي منهنجون ٽنگون واپس ڪرائي سگهو ٿا؟ ڇا هاڻي آئون ڪڏهن به پهرين جيان هلي گهمي سگهندس؟
ساجد: اوهو... سنبل اهڙيون مايوسي واريون ڳالهيون نه ڪر، ماڻهو ۾ هر مسئلي کي منهن ڏيڻ جو حوصلو هئڻ گهرجي ڇو جو حوصلن جي هڙ ۾ جيون جا ڏينهن بسر ڪندڙ خود اعتماد شخص کي ڪڏهن به دلگيري جو دونهون غمزده ناهي ڪري سگهندو ۽ هڪ خود اعتماد ماڻهو زندگي جي هر دڳ تي ڀرپور زندگي گذاري سگهي ٿو، هي قسمت جي ڳالهه آهي، هن ۾ ڪنهن جو وس نٿو هلي.
سُنبل: ها ساجد، قسمت لکڻ واري جي مرضي آهي،جنهن کي وڻيس جئين ڪري ڇڏي، شايد هن کي منهنجو روئڻ، رڙڻ وڻي ٿو، ان ڪري ئي هن مونکي هميشه روئڻ رڙڻ جي مشغلي ۾ مستقل طور هڻي ڇڏيو آهي، شايد هاڻي روئندي روئندي ئي هن دنيا مان رخصت ٿيئڻو پوي.
ساجد: اڙي چري اهڙيون مايوسي واريون ڳالهيون نه ڪر، الله تي ڀروسو رک.
سُنبل: ساجد ڇا هاڻي آئون ڪڏهن هلڻ ڦرڻ جي قابل ٿي سگهندس؟
ساجد هن کي ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيو سنبل وري به اداسي جي آڳ ۾ جلندي چوڻ لڳي:
هاڻي آئون پاند ۾ گل کڻي ڪڏهن به بهارن کي ڀليڪار نه چئي سگهندس ڇو ته هاڻي سرءُ ئي منهنجي ساهه جي سڳي ۾ ٻڌجي وئي آهي، هاڻي مون کي پن ڇڻ جي موسم سان گڏ ڇڻڻو پوندو.
هاڻي.... هاڻي برساتن ۾ پُسڻ جي تمنا مون کي راس نه ايندي ڇو ته ايندڙ برساتن ۾ آئون صرف سرد شوڪارا ڀري سگهندس..!
پر... ساجد تون مون کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏجا، ڇو ته تون هن جڏڙي جيءُ لاءِ ٿوڻي آهين، تو کانپوءِ آئون ڊهي پٽ تي ڪري پوندس، تنهنجو هجڻ مون لاءِ زندگي آهي، مون لاءِ هر خوشي آهي، تون صرف منهنجو آهين ۽ صرف منهنجو ٿي رهجان،آئون تو کانسواءِ جي نه سگهندس.
تون رڳو منهنجي خوابن جي حَسين تعبير ناهين پر تون منهنجو سک، قرار منهنجو جياپو آهين..!
ساجد هاڻي مون کي جيون جي صحرا ۾ اڪيلو نه ڇڏجان مون کي تقدير جون اذيتون قبول آهن پر آئون تنهنجي دُوري برداشت نه ڪري سگهندس.
آئون جيستائين حياتي آهيان، تون منهنجي دل جي ڌڙڪن آهين، منهنجي مرڻ کانپوءِ تون منهنجي قبر جو ڪتبو آهين، تون مون سان گڏ آهين ته آئون آهيان نه ته هن جيون جي جهنگ ۾ ٻيو ڪجهه به نه آهي سواءِ سُڃ ۽ رڃ جي.
تون منهنجي اونڌاهه ڪائنات جو روشن سج آهين، تو بن منهنجي دنيا ويڳاڻي ۽ ويچاري آهي، تون عمر ڀر منهنجو آهين ۽ منهنجو ٿي رهجا...!!!
ساجد، سنبل جي پُرجوش ڳالهين ۾ جذباتي ٿيندي چوڻ لڳو:
سنبل آئون صرف تنهنجو آهيان، صرف تنهنجو،تون منهنجي رڳن ۾ رت وانگر شامل آهين، آئون تو کي ڪٿي ٿو ڇڏي سگهان؟
تون اجايو مايوس نه ٿي، تون اجايا وهم نه ڪر، آئون اڄ توسان واعدو ٿو ڪريان ته عمر ڀر تنهنجو ٿي رهندس، جيستائين منهنجي ساهه جو سلسلو جاري آهي تيستائين زندگي جو هر پل هر لمحو تنهنجي نالي ٿو ڪريان. مون پنهنجو سڄو جيون تنهنجي نالي سُنهن ساک سان لکي ڇڏيو آهي، توکانسواءِ ڪنهن ٻي ڏانهن نهارڻ مون لاءِ ڏوهه برابر آهي، تون منهنجو پهريون ۽ آخري پيار آهين، توکي وساريان ته ان ڏينهن پاڻ کي ٻوڙي ماريان.
سنبل يڪدم ساجد جي وات تي هٿ رکيو ۽ ساجد جي اکين ۾ نهارندي چيو:
مرڻ جون ڳالهيون نه ڪر، شل منهنجي عمر توکي لڳي، مون کي تنهنجي محبت تي پورو ويساهه آهي.
ائين چئي سنبل ساجد جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي سندس ويساهه جي وڻ جي ڇانوري ۾ تسئلي حاصل ڪئي..!!
هونئن به ويساهه ئي محبت جو ساهه آهي، ويساهه بنا محبتون روح بنا جسم وانگي بيڪار هونديون آهن..!!
جيتوڻيڪ ويساهن جي ويران ٿي ويل واٽن تان سچ سِير جو زمانو گذري ويو، ڪوڙ، لالچ ۽ دغا جي دونهين اعتبار جي اُجري آئيني کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي، حِرس حَوَس ۽ لالچ لوڀ جي لُڙاڀ ۾ مخلصي جي اڻاٺ ايتري وڌي وئي آهي جو انسانيت ۽ اُلفت جي ساک ڪاٺ ۾ پئجي ماٺ اوڍي لحد ۾ ليٽي پئي آهي.
آدميت جي عظمت جي بيقدرانه موت کانپوءِ جڳ ۾ احساس جي ڪنوار بيواهه بڻجي ظلم جي ماتمڪدي ۾ هي نوحا چئي رهي آهي ته دنيا جي گولي تان ختم ٿيندڙ محبتن جي مٽي تي انسانيت اوپرائپ جي اُس ۾ سڙي رهي آهي، رت رت کي لڳل باهه جو سيڪ اچي اتي پهتو آهي جو دور حاضر ۾ هر ماڻهو جو اهو تڪيه ڪلام ٿي ويو آهي ته “ڪوبه ڪنهن جو ناهي”
اَجنَبيَت جي انهي قبرستان ۾ پنهنجائپ جي احساس جي چِتا زمانا ٿيا اوپرائپ جي آڙاهه ۾ جلي وئي، احساسن جي اک ۾ ٻير جا ڪنڊا چپوئڻ کانپوءِ ماڻهن جو خُشڪ ٿيل مزاج “جو ڪري ناڻو سو نه ڪري راڻو” واري چوڻي جي مصداق ٿي ويو آهي.
مال ملڪيت ۽ پئسي ڏوڪڙ جي حاصلات لاءِ ماڻهن جا پڪا اصول ۽ ضابطه اخلاق مٽجي ويا، بد نظامي ۽ بد گماني جي باهه هن سماج جي ماڻهن کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي وئي آهي، ان ڪري ئي انسانيت جي اعتبار جي دک جي ڪهاڻي اُڀ جي پکيڙ جيڏي وسيع ۽ ڌرتي جي پُڙ جيتري ڳري ٿي وئي آهي.
ٻن هفتن کانپوءِ سنبل اسپتال مان ڊسچارج ٿي گهر اچي ٿي، وهيل چيئر تي هلندي سنبل کي هاڻي گهر به بر جيان محسوس ٿئي ٿو ۽ هاڻي پڌر تي چمڪندڙ چانڊوڪي هن کي ڪوبه قصيدو نٿي ٻڌائي، نه ئي هلال جو چنڊ هن جي چوڙي جي ٽٽل ٽڪري تي رشڪ ڪري ٿو...!!
بس رڳو احساسن جي قبر ۾ محسوسات جي پيڙا اهو ٿي بار بار محسوس ڪرائي ته اپاهج ماڻهو جي زندگي زنده مٽي جو چُرندڙ لاش هوندي آهي جنهن جي نصيب جي ريکائن ۾ صرف هي عبارت درج ٿيل هوندي آهي،
”آدُجڳاد کان قائم هن دستور جي تتل واري تي پيرن اُڀراڻو انيڪ پيڙائن جي پاند هيٺ گهايل بيٺل اياڻو وجود هميشه ڪنهن الوهيت شڪتي جي انتظار ۾ بي چين وجود هرروز هوا جي قاتلاڻي حملن سان انيڪ گلن جو قتلام ٿيندي ڏسي ٿو، بيشمار پنکڙيون مزارن جي ورکا ٿي پيرن ۾ چيڀاٽجو وڃن ٿيون، سينڪڙو ماتمڪده بحرِ ظلمات جي رات ۾ غمناڪ پڪارون ڪن ٿا، هر روز ڪيترائي نه ٿيڻ جهڙا ظلم زور شور سان ٿي وڃن ٿا پر المين کان وڌيڪ سانحو اهو ٿئي ٿو ته پر پَٽيل پکين جي بيوس کنڀڙاٽ ۽ ڪنهن مظلوم جي حق تلفي م ٿيل ڊاٺ جهڙو هي بي حس زمانو وري ساڳي تسلسل سان هلندو رهي ٿو...!!!
سنبل جو هاڻي ڊرائنگ روم کان پنهنجي ڪمري تائين جو سفر ئي ڇيهه هجي ٿو، وهيل چيئر تي پنهنجو پاڻ کي گهيليندي هن کي پاڻ کان وحشت ٿيڻ لڳي هئي...!!
هاڻي نه ته صبح جو سوير تيار ٿي اسڪول وڃڻ جا سانڀاها هجن ٿا ۽ نه ئي ڪپڙا “رائل مِرج پرفيوم” جي خوشبوءَ سان واسجن ٿا..
چپن تي نه سُرخي جي لالائي هجي ٿي نه ئي نيل پالش کُلي ٿي، نه مسڪارن جا لشڪارا هجن ٿا ۽ نه ئي ڪجل اکين جي زينت بڻجي ٿو..!!
سندس ڪٻٺ ۾ پيل ڪا سميٽڪس جو سامان مدي خارج دوائن جيان ناڪاره بڻجي وڃي ٿو.
هن پنهنجا حال بي حال بڻائي ڇڏيا هئا...!!
سندس اهڙو حال ڏسي احمد علي ۽ اسحاق گهڻو ئي سمجهائيندا هئا پر سنبل سدائين ويڳاڻي ويڳاڻي رهندي هئي ڇو جو جيئڻ تان هن جو من کڄي ويو هو....!!
هڪ دفعا ته اسحاق سندس اهڙي حالت ڏسي روئي سمجهايو هئس ته:
”ادي تون ايترو زندگي مان مايوس ڇو ٿي وئي آهين؟ اسين سڀ توسان گڏ آهيون، توکي ڪابه تڪليف پهچڻ نه ڏينداسين، تون جيئن چوندين اسان تيئن ڪنداسين، تون جيڪو چوندين اسان توکي آڻي ڏينداسين، بس... ادي تون خوش رهو، تون حوصلو رک، اها خدا جي قدرت آهي ان جي اٽل فيصلن کي انسان ڇا ٿو ڪري سگهي؟
هي ڏس...!!
اسحاق پيڪ ٿيل دٻي مان ڪجهه ڪڍندي چيو:
هي ڏس... ادي تو لاءِ اڄ رائل ميرج پرفيوم آندو اٿم، توکي هميشه رائل ميرج جي خوشبو ئي وڻندي آهي نه؟
هي وٺ تو لاءِ آندو اٿم....!!
اسحاق پرفيوم سنبل ڏانهن وڌائيندي چيو..!!
سُنبل: هاڻي مون کي ڪابه خوشبو نٿي وڻي...!!!
سنبل اکين ۾ لڙڪ لاڙيندي چيو.
ائين چئي هو روئندي وهيل چيئر جي ڦيٿن کي ڊرائنگ روم ڏانهن ڇڪي ٿي وڃي...!
اسحاق ڪمري ۾ اکين تي هٿ ڏئي روئڻ لڳو..!!