ناول

عشق اونداھو سج

هي ڪتاب نوجوان ليکڪ عاشق بلوچ جو لکيل ناول آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
”هڪ شاعراڻي مزاج جي مالڪ نوجوان ناول نگار عاشق بلوچ جي پهرين تخليقي پورهئي ۾ سندس ڪردارن سان نڀاءَ، مڪالما ۽ ڪلائمڪس سنيهو ڏيندڙ ۽ سبق آموز ان ڪري به آهي جو هن ناول جو پلاٽ/ڪهاڻي زندگيءَ جي حقيقتن جي عڪاس آهي، جن ۾ نوجوان پڙهندڙ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي موجودگيءَ کي ضرور محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن پڙهندي پنهنجو پاڻ سان گفتگو جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ته پڪ ڄاڻجي ليکڪ پنهنجي مقصد ۾ سڦلتا ماڻي ورتي آهي، عاشق بلوچ جو هي مختصر رومانوي ناول به هڪ اهڙي ڪاوش آهي، جنهن ۾ پاڻ سڃاڻن جي سگهه ڦوهه جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڇڪي آڻي بيهاري ٿي. “
  • 4.5/5.0
  • 2280
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عاشق بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشق اونداھو سج

(1)

(1)

هر شام ٽاڻي وڍجِي ويل وڻن جي مرتيي جي تڏي تي نوحه گيري ڪندڙ پکين جا نوحا سڄي وايومنڊل کي سوڳ جي لهر ۾ لپيٽي رهيا هئا، شهيد جي لاش کي وينجهاريل ڳاڙهي پاڻي کي ٻڪ ۾ کڻي عشق قحبه خاني جي چائنٺ تي چوڏهين جي پويتر چانڊوڪي کي مَٿي ميري سان گُهوري رهيو هو، کير جهڙي اُجري چانڊوڪي اوچي محلن جِي پَستين کانسواءِ سڄي عالم ۾ پنهنجي حُسناڪي جو جلوو پَسائي رهي هُئي، جنهن جو غيرحاد ثاتي عشق چڪور تي فرض غُسل جيان فرض ٿي چُڪو هو.
عشق.....جنهن جي تفسير ۾، تڪليفده ڪيفيتن جي قهر ۾، مُسلسل هڪڙي تسلسل سان ويراڳ جي راڳ جا آلاپ ٿيندي سندس سماعتن ۾ شيشي جُون ڪِرچيون ڀرجي ويون هُيون...
عشق....جنهن جا باخته بڻجي ويل حواس باز جي چنبي ۾ آيل فاخته جِي بي ساخته ڳنڀير جِي ڪشمڪش جهڙا درد انگيز ٿي وياهُئا.عشق.....جنهن جي تشريح جي بيوفائي واري باب ۾ ويساهن جي واٽن تي کنيل ساهن جا سلسلا پنهنجي جياپي جي تسلسل جو رڌم ٽوڙي رهيا هُئا ۽ دڳن تي چمڪندڙ چانڊوڪي کي وقت جي اڏوهي کائي کُٽائي رهي هُئي....!
بَزمِ خَلوَت جي چنڊ کي وڇوڙي جي گرهڻ،فراق جي ڪاراڻ جو راڳو ڏئي ڇڏيو هو....!
عشق.....! جنهن جي ڪيفين جي ڪشڪول ۾ ياد گيرين جا سِڪا گَلي ۾ دَٻيل اوڇنگار جي صورت ۾ مڌم آواز ۾ ڇڻڪي رهيا هُئا.....!
رَکي رَکي من ۾ ٻرندڙ ڪِن يادن جو لاوو جڏهن عشق جي وجود تي آتش فشان ٿي ڦاٽو ته ٽُڪرن ۾ تقسيم ٿي ويل عشق کان دردن جي دونهين بينائي کسي ورتي جنهن کانپوءِ اِهو لوڪ پهاڪو ٺهيو ”عشق انڌو ٿيندو آهي.“
عشق ازل کان اوڄاڳن جي سرزمين ڇو آهي؟
انساني عقل اڄ تائين انهي سوال جي جواب جا پيرا پيو کڻي پر محدود انساني سوچ ۽ ناڪافي انساني عقل عشق جي ازلي بيقراري بابت ڪا به حتمي راءِ قائم ناهي ڪري سگهيو....!!
صدين جي سفر جي ڊگهي مُسافت تي مُحيط وقت جي ڍنڍ ۾ ڪيترائي عشق جا ڪنول ٽڙندا ۽ ڇڻندا رهيا آهن، بيشمار وجود عشق جي باهه ۾ رَک ٿي ويا آهن،انيڪ وجود عشق جي جهنگ ۾ رُلي رهيا آهن. عشق جي اهڙي غمناڪ وارتا جي تسلسل جي هي به هڪ ڪَڙي آهي جنهن ۾ عشق جي گهاڻي ۾ پيڙجي ويل ويراڳي وجودن جي درد ڪهاڻي کي بيان ڪرڻ لاءِ منهنجي قلم مَس مان وضو ڪري تڪبيرِ اُولى چئي اها ٻه سئو گهرن تي مشتمل هڪ ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ عشق جي درد ڪٿا آهي، جنهن ڳوٺ جي گهٽين ۾ عشق جي خوشبو اُٿي ٿي، روئي ٿي ۽ نيٺ درد جي هوا ۾ بي حسي جي واچوڙن ۾ سنگسار ٿي وڃي ٿي....!!
دستور موجب قمري تاريخ جي هر سُهائي سومر تي سُنبل پنهنجي ماسي زرينه سان گڏ پنهنجي ماءُ جي مُقام(قبرستان) تي پاڻي ڇٽڪارڻ ۽ ختمو ڏيڻ ويندي هُئي، هن دفعي قمري چنڊ جي سُهائي سومر تي هُو ماسي سان گڏ درگاهه تي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ ٻين ٻارن سان گڏ ساجد به اچي هنن سان گڏاڻو ۽ زرينه ڳوٺ جي ٻين ٻارن سان گڏ ساجد ۽ سُنبل کي وٺي اولياءُ جي حاضري تي وڃي پهتي....!!
پهرين سُنبل جي ماءُ بشيران جي قبر تي وڃي ان کي ختمو ڏنائون ۽ پوءِ روضي واري درگاهه ۾ حاضري لاءِ روضي اندر گهڙيون سُهائي سومر جي ڪري درگاهه تي وڏي رَش لڳل هُئي، هر ڪو پنهنجي مَن جون مُرادون پوريون ٿيڻ لاءِ اولياءُ الله کي وسيلو بڻائي پنهنجي دعائن جي قبوليت لاءِ ٻاڏائي رهيو هيو....!!
زرينا باوضو جُتي لاهي پيرن اُڀراڻي اولياءُ جي احاطي ۾ ٻارن سميت داخل ٿي،انتهائي نياز ۽ نوڙت سان درگاهه شريف جي حاضري ڏئي ٻارن ۾ وِلڇ ورهايائين.
ساجد پنهنجي حصي جي مليل وِلڇ جو اڌ حصو سُنبل کي ڏنو ۽ اڌ حصو پاڻ کاڌو.
زرينه ٻارن جو پاڻ ۾ اهڙو قرب ڏسي خوش ٿيڻ لڳي هُئي.
ٻارن کي ولڇ کارائي زرينه اُنهن کي وٺي واپس ڳوٺ ڏانهن موٽي وڃي ٿي....!
جون جولائي جي وئڪيشن جي موڪلن کانپوءِ جئين ئي اسڪول کلن ٿا ته ذميوار والدين جا ٻار اسڪول وڃڻ شروع ڪن ٿا، ڪي ٻار وئڪيشن جي موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ اسڪول وڃڻ کان لنوائي رهيا هُئا، ڪي ٻار شوق سان اسڪول ٿي ويا ته وري ڪي ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ ماسترن جي موچڙن جي ڊپ کان ڪي ٻار پڙهائي تان هٿ کڻي مال چارڻ جي ڪِرت ۾ لڳي ويا...!!
اسڪول کلڻ واري پهرين ڏينهن تي سُنبل ۽ ساجد اسڪول ويا...!!
ساجد هڪ ذهين، هوشيار، ڦڙتيلو ۽ سڀ کان اڳرو ٻار هو، سڄي ڪلاس ۾ چالاڪي ۽ هوشياري ۾ هُو سڀ کان اڳرو هوندو هو، جڏهن ته سُنبل هڪ ماٺيڻي ۽ خاموش مزاج نينگريءَ هُئي.
ساجد ۽ سُنبل پاڻ ۾ سئوٽ هئا، ان ڪري هُو روزانو اسڪول به گڏجي ويندا هُئا.
اسڪول کان واپس موٽي اچي هوم ورڪ به گڏجي ڪندا هُئا.
ٻنهي جو پاڻ ۾ بيحد گهڻو پيار هوندو هو. ساجد وڏو شرارتي ٻار هوندو هو، هُو گهڻيون شرارتون سُنبل سان ڪندو هو، ڇو ته ٻيا ٻار هن سان شرارتن تان وڙهي پوندا هُئا، پر سُنبل هن سان نه وڙهندي هُئي...!
هو سُنبل کي گهڻو تنگ به ڪندو هو ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تان شرارتون ڪري هُن کي روئاڙيندو هو ۽ پوءِ پاڻ وڃي اُن کي پرچائي ايندو هو.
هنن جو هر روز پاڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو هوندو هو، خاص طور تي هِي جڏهن به ڪنهن اپاهج ماڻهو کي خيرات گُهرندي ڏسندا هئا ته هنن جو بحث جاري ٿي ويندو هُيو.
ساجد چوندو هو:
سُنبل! ڏس، ڪجهه ماڻهن جي مقدر جي ميخانن ۾ خوشين جا جام بنهه گهٽ هوندا آهن اُن ڪري اُهي اياڻا ماڻهو تدبير کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ تقدير جي لڪير جا فقير ٿي ويٺا هوندا آهن ۽ زندگي ڏکن جي ڪاڙهي ۾ گُذاري وڃي موت سان هوت ٿيندا آهن.
سُنبل: نه ساجد نه رڳو ائين به ڪونهي، ڪجهه ماڻهو ڀاڳ جي آڳ جو حصو هوندا آهن ۽ اُهي ماڻهو تدبير جا قائل ناهن هوندا ڇو جو اُنهن جو مڪتبِ فڪر ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙي نه ٿئي،،واري بيت جي مصداق هوندو آهي، اُنهن لاءِ نصيب جي ريکائن ۾ نَصب ٿيل ڳالهيون حرفِ آخر هونديون آهن.
اُهي سوچ ۽ لوچ جي با مُشقت جَبري ڪوشش کي غير ضروري مَشق سمجهندي سڀ ڪجهه بخت جي بازي کي سمجهندا آهن.
ساجد: ائين ڪونهي سُنبل.
سُنبل: ائين ئي آهي ساجد، ماڻهو جي نصيب ۾ جيڪو ڪجهه هوندو آهي اُهي تڪليفون، اُهي ذائقا، اُهي غم، اُهي پريشانيون ماڻهو ڀوڳي پوءِ مَرندو آهي..!!!
تدبير جي حڪمت عملي تقدير جي اڳيان ائين فضول آهي جيئن ڪو ڪبوتر رات جو ٻلي کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي پنهنجي دانائي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪندي اکيون بند ڪري ڇڏيندو آهي ۽ هُو سمجهندو آهي ته اکيون بند ڪرڻ واري تدبير سان جهڙي طرح آئون ٻلي کي نٿو ڏسان اهڙي طرح ٻلو به مون کي نٿو ڏسي، تان جو ڪبوتر انهي تدبير جي خوشفهمي ۾ اچي ٻلي جو لُقمئهِ اَجل ٿي ويندو آهي..!!
سُنبل جي مثال ڏئي سمجهائڻ کانپوءِ ساجد پنهنجو منطقي انداز اپنائيندي چيو:
سُنبل! جيڪڏهن سڀ ڪجهه تقدير آهي ۽ تدبير لفظ بي معنى ايجاد ٿيل آهي ته پوءِ جڏهن ماڻهو روڊ ڪراس ڪندا آهن ته ٻنهي پاسن کان چڱي طرح نهار ڪري پوءِ روڊ ڇو ڪراس ڪندا آهن؟
جيڪڏهن جيڪو تقدير ۾ لکيل هوندو سو ته ٿي رهندو اُهو تدبير اختيار ڪرڻ سان نه ٽرندو ته پوءِ ماڻهو روڊ ڪِراس ڪرڻ وقت بنا ڪنهن طرف نهارڻ جي سِڌوسنئون روڊ پار ڪن، جيڪڏهن نصيب ۾ ڪو حادثو لکيل هوندو ته ٿي رهندو جي نه ته ٽريفڪ جي هجوم مان ثابت بچي نڪربو.
سُنبل: نه نه ائين ڪونهي
ساجد: يقينن ائين آهي تون ويساهه نه ڪرين ته اها الڳ ڳالهه آهي.
هنن جو اڪثر انهن ڳالهين تي پاڻ ۾ بحث و مباحثو ٿيندو هو، هُو ڪڏهن به هڪٻئي جي دليلن سان سهمت ٿي يڪراءِ نه ٿيا، انهي بحث و مباحثي جي ڪري هنن جا پاڻ ۾ رنج رساما ٿيندا هئا.
وقت جو ريلو رِڙهندو رهيو، ڪئلينڊرن جا مُک تبديل ٿيندا رهيا، سياري مان بهار، بهار مان سرءُ ۽ سرءُ مان اونهارا ٿيندا رهيا...!!
وِيچار جي وستين ۾ داخلي ڪيفيتن جو ڪاريهر جڏهن ڏنگيندو آهي ته محسوسات جي برسات ۾ ڀِڄندي ماڻهو سوچيندو آهي، دريا ڪڏهن ڪڏهن خُشڪسالي جي نظر ٿي ويندا آهن، سمونڊن جون لهرون ماٺ جي واٽ ۾ سانت ٿي وينديون آهن، چوڏهين جِي اُجري چانڊاڻ کي گرهڻ جي سياهي ڌُنڌلو ڪري ڇڏيندي آهي، گلشن اُجڙي پوٺو ٿي ويندا آهن، ڪنهن ڪنوار جي پوتي جهڙي امبر تي جڳمڳائيندڙ ثُريا جي سونهن کي به ڪاريون گهٽائون گهيري وينديون آهن...!
ها ائين ئي ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ڊٺل ڀتيون وري اڏجي وينديون آهن، ميلن جا ميل اُجڙيل صحرا کي برساتون وري ساوڪ سان ڀرپور شادابي جي رِدا ارپي وينديون آهن، چوڏهين جو چنڊ گهٽائن جي گهيري مان نڪري پنهنجي آب وتاب سان جَرڪي پوندو آهي، رات جي ڪاري چولي تي ڪتين جي سونهن وري نکري پوندي آهي، هر ڪمال کي زوال جي ضرب لڳندي آهي ۽ هر زوال کي ڪمال جو جمال به ملي ويندو آهي.
وقت جڏهن پاسا مٽائيندو آهي ته حالات ۽ ڪيفيتون به ڪَروَٽ بدلي ساڳي ناهن رهنديون.
ڦرندڙ وقت حالاتن کي تبديلي جا تمغا ضرور پهرائيندو آهي...!!
بدلجندڙ وقت جي نظر هاڻي ساجد ۽ سُنبل به اچي جواني جي سرحد کي پهتا....!
سُنبل جيڪا هاڻي انٽر جو امتحان پاس ڪري چڪي هُئي، انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ اڳتي نه پڙهي سگهي ۽ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ٽيچنگ شروع ڪيائين آهن.
هاڻي سُنبل جي اها وَهي اچي وئي هئي جو جوڀن جي واهوندن هُن جي ساهن ۾ ويتر سُرهاڻ برپا ڪري ڇڏي هئي، هاڻي هن جي عمر جي اُها حد اچي وئي هئي جو ڏُور امبر ته چمڪندڙ ستارا هن جي گَج جون ٽِڪون ٿيڻ جا طالبو ٿيڻ لڳا هئا، چنڊ به چانڊوڪي جي فلائِنگ ڪِس ذريعي هن جي گلابي پنکڙين جهڙي ڪومل رُخسارن کي چمڻ لڳو هو، بهارن جي نهارن ۾ ڪيترائي پوپٽ گلشن جي شگفتگي جِي ڀُل ۾ صبح جو هن جي چپن جي چئوگرد گهمندا هئا.
هاڻي هن جي سڳي ۾ سوين عيد جا چنڊ دل لڳي جون سرگوشيون ڪرڻ لڳا هئا، سندس ڪجل جي ڪاليڪ ڪويل جي رنگت جو عڪس بڻجڻ لڳي هئي، رات هن جي وارن ۾ پاڻ پناهه وٺڻ لڳي هئي، ڳاڙهي گلابن جي رنگت هن جي چپن ۾ پاڻمرادو محلول ٿيڻ لڳي هئي...!!
هاڻي هن جي نيڻ کڻڻ تي سويرا ٿي پوندا هئا ۽ دنيا روشني سان روشناس ٿيندي هئي، هن جي نيڻ جهڪائڻ تي موسمن جي پيشاني تي گهنج پئجي ويندا هئا، پوپٽن ۽ ڀنئورن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ لڳندي هئي...!!
سُنبل جي ٽور هاڻي ڊيلن کي حيرت ۾ بيهاري ڇڏيندي هئي، هن جي حُسن جي انتها اها هئي جو ماکي ڄڻ ته هن جي لُعاب جو جُز هئي، هن جي صندلي بدن جي مهڪ کي محسوس ڪري ڌرتي ساهه کڻي رهي هئي ۽ آسمان ڪڪرن جو بار کڻي پنهنجي جڳهه تي بيهڪ وٺي بيٺل هو، فضا ۾ هن جي سُڳنڌ سموري نباتات جو دائمي جياپو هئي...!!
سُنبل جي پيءَ احمد علي هڪ پرائمري استاد هو، ننڍي سطح جو سرڪاري ملازم هئڻ باوجود هن اولاد کي پنهنجي حال سارو تعليم ڏياري ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري پنهنجي ٻارن جي بهتر تربيت ڪيائين.
سُنبل جي ٻي ڀيڻ انيلا هئي جيڪا ستين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، سندس وڏو ڀاءُ اسحاق ايم.بي.اي ڪرڻ کان پوءِ هڪ بينڪ ۾ ملازمت ڪندو هو.
احمد علي جي گهر ۾ هن کانپوءِ اسحاق گهر جو وڏو هو ۽ گهر جا اختيار هن کي هئا.
هُو ڏاڍو حساس، نرم دل، با ادب ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو.
اسحاق پنهنجي ننڍي ڀيڻ سُنبل جو خاص خيال رکندو هو، هُو حتي الامڪان ڪوشش ڪندو هو ته سُنبل جي هر هڪ خواهش پوري ڪري ان کي خوش رکجي.
سُنبل به ننڍي ڀيڻ هئڻ جي ناتي سان اسحاق جو وڏو خيال رکندي هئي،اسحاق جا ڪپڙا لٽا ڌوئڻ، استري ڪرڻ وغيره سڀ سندس حوالي ڪم هوندو هو ۽ هو اهي سڀ ڪم خوشي سان احسن طريقي سان ڪندي هئي.
سُنبل جي ماءُ بشيران انيلا کي جنم ڏيڻ کانپوءِ جلد ئي سرطان جي بيماري ۾ گذاري وئي.
احمد علي پنهنجي گهر واري جي وفات کانپوءِ پنهنجي ٻارن جو وڌيڪ ذميواري سان ڀرپور خيال رکندو هو،اسحاق به پنهنجي ماءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ننڍڙي ڀينرن تي شفقت جو هٿ رکندو هو.
چوندا آهن ته “ماءُ جي مرڻ کانپوءِ اولاد يتيم ٿي ويندو آهي” پر احمد علي ڪڏهن به پنهنجي اولاد کي اهو احساس ٿيڻ نه ڏنو ته ڪو هنن جي ماءُ مري وهي آهي ۽ هاڻي هو يتيم آهن.
هُو پنهنجي ٻارن جي ننڍي وڏي ڳالهه جو خيال رکندو هو ۽ پنهنجي اولاد جو بهترين دوست ٿي رهيو پر تنهن هوندي به شايد هو ماءُ جي ڪمي پوري نه ڪري سگهيو ڇو ته اولاد لاءِ ماءُ دنيا ۾ خدا جي محبت جو پَرتوو هوندي آهي،ماءُ جو وڇوڙو اولاد جي اندر ۾ ناسور جيان ڏکندو رهندو آهي.
جڏهن به ڪنهن ماءُ جو وڇوڙو سندس اولاد لاءِ دل اندر هميشه ٻرندڙ هڪڙي دائمي وڇوڙي جي درد جو لاوو ٿي وجود تي آتش فشان ٿي ڦاٽندو آهي ته اولاد جي زندگي ڪَسمپرسي جي قفس م قيد ٿي رهجي ويندي آهي.
ابدي جدائي جي سوڳ ۾ رڳن ۾ هلندڙ رت ۾ اذيتن جي تيزاب جو اثر وڌي ويندو آهي، روح جي تحتُ الثرا کي فراق جو زلزلو چاڪ ڪري ڇڏيندو آهي، جيون جي صحرا تي اوهيرا ڪري وسندڙ اکيون سانوڻ جي موسمي برساتن کي مات ڏئي ڇڏينديون آهن، مسلسل چُڀندڙ فراق جي نه ٿي سگهندڙ وصال جو غم بليڊ جي ڌار تي اکيون وڇائڻ جهڙي سخت اذيتناڪ مَشق ڪرائيندو آهي جنهن جي تلخي محسوس ڪندي ڄڻ ته آڪاش جي پولارن کان زمين جي تري تائين سڄي وايومنڊل کي باهه گهيري وئي هجي ۽ موت جي دڳن تي لاوارث بڻيل زندگي بي يارو مددگار ٿي ڦٿڪي رهي هجي.
تماشبين جو تاثر ڏيندڙ فطرت جي خاموشي جو ڀيد ڪهڙي ڪوس گهرن جي رت جي ريلن تي کُلي ٿو؟
رات جو ديرسان ٿيندڙ روڄ جي مڌم سڏڪن تي پکي ڪهڙي خوف کان ڀڙڪو کائي اُڏامندا آهن؟
انيڪ پوپٽن جي قاتل برسات تي گُلن جي فرياد جو مقدمو مظلومن جي ڪهڙي عدالت ۾ هلائجي؟
گُهگهه اونڌاهه رات ۾ پاڻمرادو باهه ۾ ٽپو ڏئي سڙي ويل پتنگ جي جسم جي خاڪ کي وکيري هوائون ڪهڙي خون لڪائڻ جا پيرا ميسارينديون آهن؟
ڇا قبرستان ۾ بهارون وڻن جي طبع پُرسي ڪرڻ اينديون آهن؟
وڇوڙن جي وسيع ڌُٻڻ تي سانحن جي سيلاب جي زَد ۾ سينڪڙو سوال ويساک مُند جي واچوڙن جيان ذهن جي فضا ۾ اُڏامي رهيا هوندا آهن جن جو جواب ڇِتي خاموشي جي بحِر ظلمات ۾ مُستغرق هوندو آهي...!!