(9)
سنبل پنهنجي ڪمري ۾ سج لهڻ مهل سوچن جي ڪُن ۾ ڦيريون کائيندي رهي هن سوچيو پئي:
ساجد اڄ ويلنٽائن ڊي تي مون وٽ ڪونه آيو هن کي... هن کي منهنجو ذرو به احساس ڪونه ٿيو:
اڄ ويلنٽائڻ ڊي آهي...! اڄ ته ڪو رابطو ڪري ها..!
ڪو فون يا ڪو خط نياپو موڪلي ها، وڏو پٿر دل ٿي ويو آهي، آخرڪار هن کي ڇا ٿي ويو آهي؟
سنبل دل ئي دل ۾ اهو سوچي روئڻ لڳي هئي...!!
ائين ئي پيار ڪندڙن جو عالمي ڏينهن ويلنٽائن ڊي هن لاءِ کوري ۾ کامندي گذري ويو..!!
جڏهن تقدير تنها ڪري ڇڏيندي آهي ته هر تدبير نور وڃائي ويهندي آهي ۽ ماڻهو ڀاڳ جي آڳ ۾ جلي رک ٿي ويندو آهي..!
سنبل بيڪار ٿي ويل زندگي جو بيزار لاشو کڻي جيءُ رهي هئي، ڪوبه ڏينهن ۽ ڪابه رات هن لاءِ خوشين جي خوشبو نه آڻيندي هئي..!!
بس... رڳو هن جي جيو جهان ۾ چنڊ چانڊوڪيون وکيريندو ۽ هن جي دل دنيا کي يادن جا طوفان ارپي ويندو هو..!!
ڏُک جو پورهيت هن جي اکين مان ڳوڙهن جو فصل لڻندو رهندو هو، ستارا هن جي بي حال حال جا بي زبان گواهه هئا يا تماشين بڻجي ويا هئا...!
هاڻي دنيا هن لاءِ انڌيري جي علامت بڻجي وئي هئي.
بيزارين جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ هن جو مايوس من هاڻي کيس زندگي کان فراريت لاءِ اُتسائڻ لڳو هو، ساجد جي ديدار لاءِ تڙپندڙ وجود صحرا جي اڃايل واري جيان پياسو بڻجي ويو هو..!!
هن کي هاڻي زندگي کان وحشت ۽ موت کان خوف ٿيڻ لڳو هو...!
هو هاڻي احساس ڪمتري جي محرومي ۾ ايترو گهيرجي وئي هئي جو هو هاڻي خودڪشيءَ جو سوچڻ لڳي هئي...!!
ها! اهو سراسر سچ آهي ته درد سدائين وجود جون خوشيون ڀيليون آهن ۽ اهو به عالمگير سچ آهي ته نيڻن جون نديون وهائڻ جو ٺيڪيدار پُڻ درد آهي..!
درد... جنهن جي کاٻي کُک مان عشق جو جنم ٿيو،
عشق....جيڪو سدائين درد جي ردا ۾ ملبوس آهي..!!
هاڻي سنبل صرف انهي آس تي جي رهي هئي ته بس صرف هڪ دفعو ساجد کي اکين سان ڏسان ۽ پوءِ زندگي کي فراريت جي رستي تي آڻي ساهه جي پکي کي وجود جي پڃري مان آزاد ڪري ڇڏبو..!!
هڪ ڏينهن سنبل پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي هئي ته هن کي ٻاهر ساجد جي ڀاءُ مبين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هي تڪڙي وهيل چيئر جا ڦيٿا ڦيريندي ٻاهر نڪتي، مُبين به هن کي ڏسي هن ڏانهن اڳتي وڌيو..!
مبين اڳتي وڌي سنبل جي مٿي تي هٿ رکي ان کي کيڪاريو..!!
سنڌي سماج ۾ مٿي تي هٿ رکي ڪنهن عورت کي کيڪارڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته هٿ هيٺ آيل عورت جي مٿي جي اهميت کيڪارڻ واري لاءِ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جهڙي مقدس هوندي آهي، مٿي تي هٿ رکڻ سان گڏ اهو تاثر به هوندو آهي ته هن هٿ هيٺ آيل عورت جو سِر مون کي منهنجي گهر جي ننگن جيان عزيز آهي ۽ ان جي آبرو ۽ عزت لاءِ جان جو نذرانو به ڏيندس...!!
خوش خيرات کانپوءِ مُبين سنبل جا هيڻا حال ڏسي پريشان ٿي ويو، هن کي سنبل جي ڏٻري جسم ۽ ڏرا ڏئي ويل اکين کي ڏسي ڏاڍو رحم آيو..!!
مُبين ڏک ۽ همدردي واري لهجي ۾ چيو:
ادي سنبل! هي ڪهڙا حال بڻائي ڇڏيا اٿئي؟
سنبل: بس... ادا اهو نه پڇ...!
هاڻي زندگي بار ٿي وئي آهي... آئون زندگي مان بيزار ٿي وئي آهيان...!!
ادا هاڻي هن مُرده ڍانچي جو بار نٿو کڄي...!!
مُبين: ادي همٿ ڪر.. مايوس نه ٿي...!
ادي آئون ساجد ڏانهن يونيورسٽي وڃان ٿو، ڪلهه هُن جو فون آيو ته مون ڏانهن پئسا ڏياري موڪليو آئون اچي نٿو سگهان، منهنجو سيمسٽر شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ آئون پڙهائي ۾ مصروف آهيان، سو اڄ آئون هُن کي پئسا پهچائڻ يونيورسٽي وڃان پيو جيڪڏهن توهانجو ڪو پيغام وغيره هجي ته ڏيو هُن تائين پهچائي ڇڏيندس.
سنبل: ها ادا آئون هڪ چٺي لکان ٿي اُها ساجد کي ڏئي ڇڏجو...!!
مُبين: جي بلڪل توهان چٺي لکو.
سنبل: ٺيڪ آهي ادا.. جيستائين آئون انيلا کي چوان ٿي اها توهان کي چانهه ٺاهي ڏي ٿي...!!
ساجد: ٺيڪ آهي بلڪل...!
سنبل: پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آهه ڀريندي خط لکڻ شروع ڪيو:
“بوج غمون ڪا ڪتنا ڀي هوتا مين اُٺا ليتا،
مگر زندگي هي بوج بني تو اُٺائون ڪيسي؟
مون لاءِ منهنجي ساهه جهڙا پيارا ساجد!
شل منهنجي رت جو هر ڦڙو تنهنجي قلم جي مس بڻجي توکي ڪم اچي..!
ساجد..! تون ايڏو بيوفا نڪرندين مون ڪڏهن سوچو ڪونه هو..!
بي وفا! توکي ڇا ٿي ويو آهي جو تون ايترو پٿر دل، تون ايترو بي رحم ٿي ويو آهين؟
آخر ڪهڙي سبب جي ڪري تون پنهنجا سڀ قول، اقرار وساري ڇڏيا آهن؟ آخر ڇو تو سڀ رابطا ختم ڪري ڇڏيا آهن؟
تون مون بيوس کي ڪهڙي ڏوهن جي سزا پيو ڏين؟
ساجد: ڇو... آخر ايتري بي رُخي ڇو آهي؟
جيڪڏهن تنهنجي دل ۾ ٻي ڪنهن ڇوڪريءَ اچي گهر اڏيو آهي ته صاف ٻڌاءِ؟
توکي خبر آهي ته اڄ تو کي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي جو تون مون وٽ ناهين آيو...!
ڪيترو وقت گذري ويو آهي جو مون توکي ناهي ڏٺو ڄڻ ته هن اکين کان بينائي کسجي وئي آهي، ڄڻ ته دنيا ۾ صبح ٿئي ئي نٿو ڄڻ ته آئون مري وئي آهيان ۽ منهنجو چچريل لاش شهر جا ڪُتا کائي رهيا آهن..!
ساجد! تنهنجي يادن جا طوفان مسلسل منهنجي دل جي گلشن کي پوٺو بڻائيندا رهن ٿا، تنهنجي واعدن جا ورلاپ اڄ تائين منهنجي سماعتن سان ٽڪرائجي دل ۾ ارمانن جون قيامتون برپا ڪن ٿا.
تنهنجِي مُئا جيارڻ جهڙي مُرڪ جو قسم! تو کانپوءِ زندگي گذارڻ ڪاوَن ڀري راهه تان پيرن اُڀراڻو هلڻ برابر آهي.
ساجد! هاڻي هي دنيا مون لاءِ دوزخ ۽ دلدل جي حقيقي علامت ٿي وئي آهي.
او بي رحم! ڪڏهن اچ ته سهي انهن نماڻين اکين کي ڏسي وڃ جيڪي ڪڏهن توکي ڪويل جي رنگت جو عڪس لڳنديون هيون، اهي بدنصيب نيڻ هاڻي اُوڄاڳن جي آوي ۾ جلي رهيا آهن.
اي پٿر دل انسان! هن دل جون دانهون ڪنهن کي ٻڌايان؟
ڪڏهن ڪڏهن شديد تنهائي جو تيزاب دل جي گلابن کي ساڙي ڇڏيندو آهي ۽ ناڪام حسرتن جي باهه ۾ سڙي ويل ارمانن جي خاڪ هوائون تو ڏانهن اُڏائي کڻي وينديون آهن انهن ۾ منهنجا اهي ئي نياپا ڇڏيل هوندا آهن ته هاڻي تو کانسواءِ راتيون روح کي رهڙين ٿيون ۽ ڏينهن تنهائي جي شدت کان ڏنگين ٿا، يا تون هلي آءُ يا هي ساهه وڃي ٿو ان کي پنهنجي وطن وڃڻ جي موڪل ڏي.
تو کانپوءِ هي زندگي ڊٺل حسرتن جي ڪاڪ جي خاڪ ٿي وئي آهي، توکي شايد هاڻي هي اپاهج نٿي وڻي اها منهنجي بدترين بد قسمتي چئبي، پر پرين! هن بدنصيب جي هاڻي صرف هڪ ئي آرزو آهي بس... صرف هڪ دفعو ملي وڃ.
بس... صرف هڪ دفعو آئون توکي پنهنجي هن متلاشي اکين سان ڏسان ان کانپوءِ منهنجون نگاهون تنهنجي رستن جي دز ٿيڻ ڇڏي ڏينديون....
پوءِ توکي هي اڀاڳي ڪا به ميار نه ڏيندي تون ڀلين وڃي ڪنهن وينگس سان لائون لهجان...
بس... زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي هي اداس نگاهون تنهنجي درشن لاءِ سڪن ٿيون صرف هڪ دفعو موٽي اچ، هڪ دفعو ملي وڃ...
صرف هڪ دفعو توکي هن جهان ۾ پنهنجي اکين سان ڏسان پوءِ دائمي جدائي جي رِدا اوڍي آئون هميشه لاءِ خاموش ٿي ويندس.
هوش باقي رها تو جي نه پائينگي تيري بغير،
التجا هي جب ڀي ڇوڙنا، زنده مت ڇوڙنا...
تنهنجي بدنصيب، جيڪا سڄي تنهنجي هوندي به تنهنجي ٿي نه سگهي... سنبل“
سنبل خط لکي لفافي ۾ بند ڪري مُبين کي ڏنو، مُبين چانهه پي خط کڻي موڪلائي روانو ٿيو...!
شام ڌاري مُبين ساجد وٽ پهچي ويو، حال حوالن کانپوءِ مُبين ساجد کي سنبل جو خط ڏيندو چيو:
ادا! هي خط تو لاءِ ادي سنبل ڏنو آهي، هينئر سندس طبعيت خراب آهي، هو ڏاڍي ويڳاڻي ٿي وئي آهي هن پنهنجا حال وڃائي ڇڏيا آهن، هو سُڪي سڙي صفا هڏن جو پڃرو ٿي وئي آهي.
مُبين جي ڳالهه ٻڌي ساجد ڪاوڙ مان نفرت آميز لهجي ۾ منهن ڦٽائيندي چيو:
پوءِ آئون ڇا ڪريان؟
مُبين وري به ساجد کي التجا واري انداز ۾ چيو:
تون هڪ دفعو هن وٽ هل، هن کي حوصلو ڏي هن سان هلي ڳالهائي، هو تمام بري حالت ۾ بري طريقي سان زندگي کي گذاري رهي آهي.
ساجد بي رُخي سان تلخ لهجي ۾ ڇڙٻ ڏيندي چيو:
توکي هن جڏيءَ جو ڏاڍو فڪر ٿي پيو آهي، توکي هن سان وڏي همدردي پيدا ٿي پئي آهي؟ هتي ڏسين نٿو مون تي پڙهائي جو ڪيترو ڪم آهي؟ هفتي کانپوءِ منهنجو سيمسٽر شروع ٿيڻ وارو آهي آئون ان جي تياري ڪيان يا ويٺو ڳوٺن جا چڪر ڪاٽيان؟ مون وٽ ايترو فارغ ٽائيم ڪونهي آئون ڳوٺ نٿو هلي سگهان.
مُبين: ادا تنهنجي مرضي، باقي هروڀرو ڪنهن جي ايتري دل آزاري چڱي ڳالهه نه آهي.
ساجد: اِن ۾ دل آزاري جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟
آئون مصروف آهيان، مونکي پنهنجا ڪم آهن تنهنڪري آئون ڳوٺ نٿو هلي سگهان.
مبين کي ڳوٺ روانو ڪري ساجد سنبل جو خط پڙهيو، خط پڙهڻ کان پوءِ هن نفرت ۽ وحشت آميز لهجي ۾ ڀُڻڪيو:
چڱو ڦاٿو آهيان هن جڏيءَ مان...!