ڪاريگر ناول نگار
ناول ھميشه پنهنجي اندر ۾ پڙهـندڙ لاءِ ھر موڙ تي وڏا سرپرائيز ڇڏيندو آهي، انهيءَ ڪري اھو چوڻ به درست ثابت ٿو ٿئي ته ناول جي پوري ڪھاڻي مان ھڪ سٽ جي حذف ڪئي وڃي ته سڄي ناول جو سواد ختم ٿي ويندو.
انهيءَ ڪري ادب جي سڀني صنفن مان ناول پنهنجي منفرد مڃتا رکي ٿو. ناول ۾ جيڪڏهن ٻولي جو استعمال خوبصورتي سان ڪيو وڃي ته يقينن پڙھندڙ کي حيران ڪريو ڇڏي.
عاشق بلوچ ناول جي دنيا ۾ اھو سَلو آهي جيڪو انگوران ڀلو آهي. ڪنري ۽ عمرڪوٽ جي وچ رستي تي ڳوٺ ساڏوري ۾ ھن ڏات ڌڻي جنم ورتو، اسان جي دوستي کي ڏھاڪو کن سال ٿي چڪا آهن، دوستي جي ھن دڳ تي عاشق ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ويندڙ بادل وانگي ملندو آهي. پنهنجي ادبي مطالعي مان انتھائي لاڀائتيون ڳالهيون ڪري ڊگهي ٽٻي ڏئي ھليو ويندو آهي، ھن وٽ ناول لکڻ جي رنگ ڍنگ جا زمين آسمان پنهنجا آهن، ھو پنهنجو پاڻي ڏئي پنهنجو ٻج ڇٽي ادبي کيتر ۾ پوک پوکڻ جو ھنر مند ھاري آهي.
انهيءَ سلسلي جي ھڪ ڪَڙي توهان جي ھٿ ۾ موجود ناول "عشق اونداھو سج" به آهي، جنهن جو بنيادي محرڪ ته رومانس رھيو آهي پر ھن يونيورسٽي ۾ پيش ايندڙ شاگردن جي مسئلن کان ويندي سنڌي ٻولي جي آبياري لاءِ وزنائتا اکر لکيا آهن.
عاشق بلوچ سنڌ ي ٻولي جو ھڪ بھترين قلمڪار آهي، شال سدائين پنهنجي لفظن جي گھاٽي ڇانوَ ۾ ٿڪ ڀڃڻ جو موقعو فراھم ڪندو رھي.
[b]احساس سمون
[/b]ڪنري
8 ڊسمبر 2018ع