ناول

عشق اونداھو سج

هي ڪتاب نوجوان ليکڪ عاشق بلوچ جو لکيل ناول آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
”هڪ شاعراڻي مزاج جي مالڪ نوجوان ناول نگار عاشق بلوچ جي پهرين تخليقي پورهئي ۾ سندس ڪردارن سان نڀاءَ، مڪالما ۽ ڪلائمڪس سنيهو ڏيندڙ ۽ سبق آموز ان ڪري به آهي جو هن ناول جو پلاٽ/ڪهاڻي زندگيءَ جي حقيقتن جي عڪاس آهي، جن ۾ نوجوان پڙهندڙ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي موجودگيءَ کي ضرور محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن پڙهندي پنهنجو پاڻ سان گفتگو جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ته پڪ ڄاڻجي ليکڪ پنهنجي مقصد ۾ سڦلتا ماڻي ورتي آهي، عاشق بلوچ جو هي مختصر رومانوي ناول به هڪ اهڙي ڪاوش آهي، جنهن ۾ پاڻ سڃاڻن جي سگهه ڦوهه جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڇڪي آڻي بيهاري ٿي. “
  • 4.5/5.0
  • 2280
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عاشق بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشق اونداھو سج

(11)

(11)

جڏهن اها ڳالهه واءُ ۾ ڦهلجندي سنبل جي ڪنن تائين پهتي ته ساجد يونيورسٽي مان شادي پيو ڪري ته هن پاڻ کي لحد م ليٽيل محسوس ڪيو، هن محسوس ڪيو ته ڌرتي تي هڪ اهڙي موسم غالب ٿي وئي آهي جو وڻ پاڻيهي ئي سُڪن پيا ۽ پکي خودڪشيون ڪري پنهنجون زندگيون پيا وڃائين، هر پونمي رات ۾ احساسن ۾ ڦٿڪو جاري ٿي ويو آهي، ڪٿي به ڪو ڇانورو ناهي، پري پري تائين ڦهليل نٽهڻ اُس ۽ وک وک تي چرڀيليون آهن جن تي آئون ڇالا ٿي ويل پيرن سان اڪيلي بيٺل آهيان ۽ فضا ۾ اهڙو زهر محلول ٿي ويو آهي جو ساهه رڪجي رڪجي تڪليف سان کڄي پيو، ڪيفيتن جي انهي قهر ۾ لڙهندي سنبل زندگي کان فراريت جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ هن مرڻ کان پهرين ساجد ڏانهن سڪرات جي آخري هڏڪي جو درد خط ۾ سمائي، آخري ميار جو روئندڙ لفظن سان هڪ المناڪ خط لکيو..
هن لکيو:
“محبت زنده باد
ڀلي ڪيئي ڀلا پرين، توکي ائين نه مناسب هوءِ،
لاءِ چِت چريو ڪري، پاڻ ڪڍي وئين پوءِ،
توڙي حُب نه هوءِ، ته به هوت نه ڪجن هيڏيون...!
ساجد! مبارڪ هجيئي نئين پيار جي...!
بيوفا! توکان پوءِ رُلندڙ هي زنده لاش سدائين تو لاءِ انتظار ڪندي جاڳ جي آڳ ۾ جلندو رهيو آهي.
تنهنجون لاپرواهيون اکين تي کڻي به آئون جيئندي رهيس جنهن جو سبب صرف توکي هڪ دفعا اکين سان ڏسڻ هو...!!
مون کي ڏاڍو ڏک آهي ته آئون آخري دفعو توکي هن جهان ۾ پنهنجي اکين سان نه ڏسي سگهيس منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجي روح کي به تنهنجي ڏسڻ جي سِڪ رهندي...!!
ساجد! مون تنهنجو ايترو انتطار ڪيو جو تنهنجي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ آئون رات ۽ ڏينهن جاڳي گذاريندي هُيس...!
هوائون جڏهن به در کڙڪائينديون هيون ته مون کي لڳندو هو تون آيو آهين...!
اوچتو ڪير دروازي تي دسڪ ڏيندو ته مونکي اهو گمان ٿيندو هو ته منهنجو ساجد آيو آهي....!!
آئون سدائين انهي خوشفهمي ۾ رهندي هئس ته مون کي پنهنجي وجود جو ساهه سمجهندڙ منهنجو ساجد مون معزور کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو ۽ هو هڪ ڏينهن مون وٽ ضرور ايندو، آئون هن ڌوڏن ۾ ويهي ويل ڪمزور اکين سان توکي ڏسي تنهنجي ديد جي اُڃ لاهينديس...!!
سچ ته مون کي تنهنجي ديدار جي ايتري اُڃ هئي جو ڀٽائي چواڻي:
“جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سُرڪيائي نه ٿئي”
تنهنجي سڪ جو سمنڊ منهنجي من ۾ سدائين تنهنجي ديدار لاءِ ڇوليون هڻندو رهيو جيڪو اڄ هن آخري کنيل ساهن تائين به ڇوليون هڻي رهيو آهي...!!
ساجد! ان سمي تنهنجو ملڻ سچ ته جيون ڌان جي ازلي بشارت سان پُنرجنم جي دائمي واڌائي جو مترادف ثابت ٿئي ها جڏهن جو زندگي جي سُڪڙجندڙ رڳن ۾ رت ڄمندو پئي ويو نگاهن جي چاندوڪي ۾ حسناڪين جي سڀيتا جا پُرڪش منظر اکين جي آڪاش جي وسعتن تان الوپ ٿيندا پئي ويا، اُڀ تي چمڪندڙ ستارن جي جهيڻي روشني کي اونڌاهه جا ڪانڌي دفنائي رهيا هئا، پرهه ڦُٽي جو گلن جي شائستگي جو طواف ڪندڙ پوپٽ نٽهڻ اُس سان ڀنئورن جي قبيلائي جهيڙي ۾ سخت ڪرڀناڪ حالت ۾ مارجي رهيا هئا، جنهن جي سوڳ ۾ هوائون سينه ڪوبي ڪري رهيون هيون ۽ خوشبوءِ جلاوطني جو عتاب ڀوڳي رهي هئي...!!
لاڏاڻو قبيلن جي هجرت ويل اُڏايل ڌوڙ جهڙي هن زماني ۾ تنهنجو ملڻ سچ ته دردن جي بي حَس صياد جي قيد مان رهائي جو الهام ثابت ٿئي ها...!!
تنهنجي بي پرواهه رَوَيي جي ڪٺورتا هميشه اهو سخت تڪليفده تاثر ڏنو ته هڪ طرقي محبت جا رت جي دريا مان گذرندڙ زوردار عشق جا سڀئي رستا شمشان گهاٽ تي ڇيهه ڪن ٿا....!
ساجد! پرين کان پري رهي لمحا قيدي ڪيئن ٿين ٿا اهو به توکي پتو پئجي ويندو...!!
توکي عنقريب خبر پئجي ويندي ته سچي محبت کي ٺڪرائي ويساهه گهاتي ڪرڻ وارن جو آخري انجام پڇتاءُ جي پاڻي ۾ ٻڏندي ٿيندو آهي ...!!
هاڻي غم سهڻ جي ايتري ته عادي ٿي وئي آهيان جو هاڻي مون لاءِ ڪوبه غم اوپرو ناهي ڇو جو منهنجي دل ٽانڊن جي وڇاڻي تي ليٽيل آهي، آئون هاڻي غالب جي انهي سٽن تي عمل پيرا آهيان ته:
“درد ڪا حد سي بڙه جانا هي دوا بن گيا”
ساجد..... هاڻي وڌيڪ آئون نٿي جي سگهان... هاڻي وڌيڪ مون ۾ تنهنجي جدائي جا سور سهڻ جي همٿ نه آهي تنهنڪري الوداع.... ساجد هميشه لاءِ الوداع.....!!
هاڻي هي اپاهج وجود توکي ڪابه ميار نه ڏيندو تون پنهنجي نئين جيون ساٿي سان سدائين خوش رهجان....!
هي خط تو وٽ پهچڻ کان اڳ ئي منهنجي ساهه جو پکي هن جسم جي پڃري مان هميشه لاءِ اُڏامي چڪو هوندو، جيڪڏهن نئين پيار مان ڪجهه گهڙين لاءِ فرصت مليئي ته اچي منهنجو ڪانڌي ٿيئجا ته جيئن منهنجي روح کي تسڪين ملي ته ساجد منهنجي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيو پر جيڪڏهن تون ان تي به نه پهچي سگهين ته منهنجي قبر تي اچي نه روئجان ڇو جو آئون توکي هميشه کلندو ڏسڻ چاهيان ٿي تنهنجو روئڻ منهنجي تڪليف ۾ اضافي جو سبب بڻبو...!!
جيڪڏهن تنهنجي دل رنجائي هجيم ته معاف ڪري ڇڏجان...
تنهنجي بدنصيب
سنبل....!!”
سنبل هي خط لفافي ۾ بند ڪري ٽپال ذريعي ساجد ڏانهن موڪليو ۽ پوءِ پاڻ زندگي کان فراريت واري رستي تي نڪري پئي...!!
هن آخري ڀيرو پنهنجي ڪمري ۾ نظرون ڦيرايون ۽ ڪمري ۾ ساجد سان گڏ گذاريل ڏينهن هن جي ذهن تي تري آيا ۽ انهي سوچ جي تسلسل ۾ هن الائي ڪيترا ڳوڙها اکين مان هاري ڇڏيا...!!
الائي ڪيترا سڏڪا پيار جي آخري ميار ٿي ڪمري ۾ گونجندا رهيا...!!
آخري ڀيرو هي پنهنجي ذاتي ڊائري کڻي پڙهڻ لڳي جنهن ۾ هڪ هنڌ تي ساجد جي هٿ اکرن سان هي نوٽ لکيل هو:
”سنبل منهنجي زندگي آهي... منهنجي زندگي جي هر خوشي آهي، جيڪڏهن آئون هن کي وساريان ته ان ڏينهن پاڻ کي ٻوڙي ماريان“
ساجد جي هٿ اکرن سان لکيل نوٽ پڙهي سنبل اوڇنگارون ڏيندي چپن ۾ ڀڻڪيو...
اها سنبل اڄ توکان وسري وئي آهي....!
اها اڄ تو لاءِ هميشه هميشه لاءِ مري چڪي آهي ....!
ائين هو ڪمري ۾ مسلسل روئندي رهي....!
روئندي روئندي هن انهي نوٽ هيٺيان اردو جو هي شعر لکيو.
مرتي هين تيري عشق مين، مرني ڪي بعد ڪيا هوگا؟
ڪفن اٺها ڪر ديکهنا، لبون پر تيرا نام هوگا...!!
ڊائري تي اهو شعر لکي هن ڊائري کُليل ئي ڇڏي ۽ وهيل چيئر جي ڦيٿن کي ڦيريندي احمد علي جي ڪمري ڏانهن رواني ٿي جتان شوڪيس ۾ پيل هڪ خاني مان احمد علي جي الماڙي جي چاٻي کنيائين...!!
چاٻي کڻي الماڙي کولي الماڙي ۾ پيل پسٽل کڻي چيمبر ۾ گولي وجهي، پسٽل ڪاڪ ڪري پنهنجي لونڻي تي فائر ڪنيائين...!
ٺڪا سان سڄو ڪمرو وڄي ويو ۽ هو وهيل چيئر تان وڃي هيٺ پٽ تي ڪِري....!!
سندس رت اکين ۽ وات مان ٿيندو فرش تي ريلا ڪندي وهڻ لڳو...!
پسٽل جو ٺڪاءُ ٻڌي ڪجهه گهڙين ۾ ئي سڀ گهر ڀاتي ڊوڙي ڪمري ۾ پهتا جتي پٽ تي ڪريل رت ۾ لٿ پٿ سنبل جو لاش ڏسي گهر ۾ قهرام مچي ويو، روڄ راڙو آهه و زاري شروع ٿي وئي ۽ گهر جو سڄو ماحول ماتم ۾ تبديل ٿي ويو...!!
جڏهن ڳوٺ ۾ اها ڳالهه پکڙي ته سنبل پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو آهي ته ماڻهو آهه و زاري ڪندي ان ڪمري ۾ آيا جيڪو رت سان ڳاڙهو ٿيل هو...!!
چئني پاسي هاءِ گهوڙا جا دُکدائڪ آواز هئا سڄو ڳوٺ ان درد ناڪ واقعي جي سوڳ جي لهر ۾ ٻڏي ويو هو...!!
جڏهن اها ڳالهه واءُ ۾ اُڏندي وڃي ساجد جي سماعتن تائين پهتي ته... اڄ صبح جو سنبل پاڻ کي گولي سان ماري ڇڏيو آهي، ته وقتي طور هن کي ٿورو ڏک ٿيو پر وري ياسمين سان شادي واري ڳالهه سوچي هن انهي المناڪ واقعي کي درگذر ڪري ڇڏيو...!!
هن سوچيو ته انهي واقعي کانپوءِ ڳوٺ وارا متان مون کي فون ڪري تنگ نه ڪن سو هي پنهنجو موبائل فون بند ڪري سمهي پيو...!!
سنبل جا مائٽ پنهنجي ڌي جو لاش رکي ساجد جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا ته متان جيئري ته ڪونه آيو پر مرڻ کانپوءِ اچي ڪانڌي ٿئي...!!
سڄو ڏينهن لاش هن جي اچڻ جي انتظار ۾ پيو رهيو پر هو موبائل بند ڪري لاپرواهه ٿي ستو پيو هو...!!
جڏهن شام ٿي سج لهڻ وارو هو ته سنبل جي گهر وارن ساجد جي اچڻ جو آسرو لاهي هن جو مڙهه مٽي حوالي ڪيو...!!
سنبل جي تدفين کانپوءِ سڀئي ڪانڌي موٽي آيا پر غلام عباس قبر تي اوڇنگارون ڏئي روئندو رهيو ۽ پنهنجي پُٽ جي ظلمن جي معافي وٺندو رهيو...!!
ڪافي وقت تائين قبر تي روئي پِٽي اُهو به گهر ڏانهن موٽي آيو...!
ساجد گهر وارن جي فونن ۽ ميارن جي ڪري نمبر بند ڪري سويل سمهي پيو هو..!
صبح جو سوير ساجد يونيورسٽي آيو، ڪلاس ۾ هڪ نئين نمبر تان هن کي ڪال آئي...!

هن ڪال اٽينڊ ڪئي...!
السلام عليڪم، جي ڪير ساجد؟
ساجد: جي... جي ساجد...!!
ٽپالي: آئون ٽپالي نعيم ٿو ڳالهايان، توهان جي نالي هڪ لفافو آيو آهي، اُهو توهان کي ڪٿي پهچائي وڃان؟
ساجد: آئون آرٽس فيڪلٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ آهيان اُتي اچي ڏئي وڃو...!!
نعيم: جي بلڪل ٺيڪ آهي آئون اچان ٿو..!!
ڪجهه دير ۾ ٽپالي اچي ٿو ۽ ساجد کي اهو لفافو ڏئي ٿو جنهن ۾ سنبل جا آخري جذبات تحرير ٿيل هئا...!!
ساجد لفافو کولي خط پڙهڻ لڳو...!!
سنبل جو آخري ميار وارو انتهائي جذبات سان سرشار خط پڙهيائين ته هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي...!!
هن کي سنبل جي لامحدود محبت جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ پڇتاءُ جي طوفان ۾ هن پاڻ کي بليڊ جي ڌارتي بيٺل محسوس ڪيو...!!
هن محسوس ڪيو ته سندس وجود طوفانن جي زد ۾ اچي ويو آهي...!!
سنبل جي هن سان ايتري حد تائين جنونيت واري محبت ڏسي هاڻي هن کي اهو احساس شدت سان ٿيڻ لڳو واقعي مون کان عظيم غلطي ٿي وئي آهي...!
غلطي جي احساس ٿيڻ کانپوءِ هن پاڻ تي سخت ملامت ڪئي...!!
غم جي گهٽائن جي گهيري ۾ هن سنبل کي ۽ سنبل جي محبت کي ياد ڪندي اوڇنگارون ڏيڻ شروع ڪيون...!
روئندي اوڇنگارون ڏيندي چوڻ لڳو...!
سنبل... تو هي ڇا ڪيو...؟ تو هي ڇو ڪيو....؟
واقعي مون کان عظيم غلطي ٿي وئي، آئون توکي وقت تي سمجهي نه سگهيس ....!!
مون کي معاف ڪر...!!
هن جي روئڻ جو آواز ٻڌي هن جا ڪلاس فيلوز ڊوڙي آيا ۽ هن کان پڇڻ لڳا:
ساجد ڇا ٿيو..؟ ڇو ٿو روئين؟
ساجد ڪنهن کي به ڪو به جواب نه ڏنو ۽ بس روئندو رهيو...!
هڪ ڇوڪري ڊوڙندي وڃي فلاسافي ڊپارٽمينٽ ۾ ياسمين کي ٻڌايو:
ساجد کي الائي ڇا ٿيو آهي؟ هو رڳو ويٺو روئي ۽ ٻڌائي ڪجهه به نٿو....!!
ياسمين اهو ٻڌي گهٻرائجي وئي ۽ ڪتاب اُتي ئي ڇڏي تڪڙي تڪڙي ساجد ڏانهن آئي....!!
ساجد کي ڏسي حيراني مان پڇڻ لڳي...!!
ساجد ڇا ٿيو آهي....؟
تون....
تون ايترو روئين ڇو پيو؟
ساجد ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ هٿ ۾ جهليل خط ياسمين کي ڏيندي وري اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو...!
ياسمين ساجد کان خط وٺي تڪڙي تڪڙي پڙهڻ لڳي...!!
ياسمين خط پڙهي ساجد کان حيرت مان پڇيو:
هي ڪنهن جو خط آهي؟
هي سنبل ڪير آهي؟
هن سان ڪهڙو ظلم ڪيو اٿئي؟
ساجد: ياسمين....
اها سنبل منهنجي مڱ هئي...
منهنجي انهي سان مڱڻي ٿيل هئي...
ياسمين حيران ۽ پريشان ٿيندي چوڻ لڳي....
هي..... هي تون ڇا پيو چوين؟
ساجد: ها.... ياسمين سچ ٿو ڇوان....!
اها سنبل منهنجي مڱ هئي، مون ان سان ويساهه گهاتي ڪئي، مون ان سان ظلم ڪيو، سنبل سان منهنجي مڱڻي ٿيل هئي ۽ هو مون سان بي حد پيار ڪندي هئي....!
هڪ روڊ حادثي ۾ هن جون ٻئي ٽنگون ڪپجي ويون ۽ هو معزوز بڻجي وئي.....!
مون هن کي هن جي معزور هجڻ جي سبب ٺڪرائي ڇڏيو هو، هن جي لامحدود پيار کي ٿُڏي ڇڏيو هو....!
اهو خط هن خودڪشي ڪرڻ کان اڳ ۾ مون ڏانهن لکيو هو...!
آئون هن جي وفائن کي وقت تي سمجهي نه سگهيس، مون کي هن کي سمجهڻ ۾ گهڻي دير لڳي وئي....!
ياسمين مون کان وڏي ڀُل ٿي وئي...!
مون کان وڏي خطا ٿي وئي...!!
ائين چئي ساجد زارو زار روئندو رهيو....!!
ياسمين سخت ڪاوڙ مان چيو:
مڪار..... دوکيباز..... تو هيڏي وڏي ويساهه گهاتي ڪئي؟
تو هي هيڏي وڏي ڳالهه مون کان ڇو لڪائي رکي؟ تو ڇو مونکي اڳ ۾ هن معاملي بابت نه ٻڌايو؟
ساجد: مونکي ڊپ هو ته منهنجي مڱڻي جو ٻڌي تون مونکي ڇڏي ويندين تنهنڪري تو کان اها ڳالهه لڪايم...
ساجد روئندو به رهيو ۽ ياسمين کي التجائون به ڪندو رهيو...
ياسمين: تو هيڏو وڏو ظلم ڪيو؟
تو ايترو قهر ڪيو پنهنجي مڱ سان...
سا به هڪ معزور ۽ جڏڙي سان؟
تون وڏو ظلم آهين.... تون وڏو توکيباز آهين....
تو هن جي ۽ منهنجي ارمانن جو قتل ڪيو آهي، تون وڏو قاتل آهين، تون انسان آهين پر انسان جي کَل ۾ جانور آهين،تو ۾ انسانيت جو ذرو پُرزو ڪونهي....
ياسمين روئندي ميارون ڏيندي سخت ڪاوڙ مان چوڻ لڳي هئي....
ساجد: بس... هاڻي وڌيڪ مون تي ملامتون نه ڪر...!
آئون واقعي تنهنجو ڏوهاري آهيان، مون کان وڏي غلطي ٿي آهي.
ياسمين: تو غلطي نه پر تو قتل ڪيو آهي، سنبل جي خودڪشي جو تون ذميوار آهين....!
هن تنهنجي بيرُخين، تنهنجي بيوفائين جي ڪري پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو...
تو وڏو بي رحم قاتل آهين...
تو منهنجي جذباتن، منهنجي احساسن سان به کيڏيو آهي....
تون منهنجي ارمانن جو به قاتل آهين...!
جيڪو ڪنهن معزور ۽ معصوم کي ڌوڪو ڏئي ٿو سگهي اهوپٿر دل انسان ڪنهن سان به سچو نٿو ٿي سگهي....
ساجد تون بيوفا آهين.... بي مرَوت آهين...
ظالم آهين... حيوان آهين... درندو آهين.... تون انسان نه بلڪه جانور صفت وحشي انسان آهين....
ائين چئي ياسمين روئندي روئندي رواني ٿي وئي...
ساجد رڙ ڪندي چيو...
ياسمين .... ياسمين.... مونکي هن حال ۾ ڇڏي نه وڃ...
مون کان غلطي ٿي آهي، مون گناهه ڪيو آهي...
مون کي ڇڏي نه وڃ... تون نه وڃ ياسمين...
آئون ايترا صدما نه سهي سگهندس...
تون نه وڃ....
ساجد روئندي رڙندي ياسمين کي سڏيندو رهيو پر ياسمين نه مُڙي ۽ هو ويندي رهي....
ساجد منهن گوڏن ۾ هڻي ڪنڌ هيٺ ڪري روئندو رهيو....
ڪجهه دير روئڻ کانپوءِ هن ڳوٺ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ لڙڪن سان وهنتل اکيون صاف ڪري ڳوٺ روانو ٿيو...