(2)
پرائيويٽ اسڪول ۾ ٻار پڙهائيندي سُنبل کي هڪ مهينو پورو ٿي ويو هو... ساجد به انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي پِري انٽري ٽيسٽ ۾ اَپيئر ٿيو هو... ٽيسٽ ڪليئر ڪرڻ کانپوءِ هُو يونيورسٽي کلڻ جي انتظار ۾ ويٺو هو..!
ساجد جي يونيورسٽي جا ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ هاڻي باقي ٿورو وقت بچيو هو، جنهنڪري ساجد يونيورسٽي وڃڻ جاسانڀاها ڪرڻ لڳو هو..!
اُنهن ڏينهن دوران ساجد ۽ سُنبل جي محبت گهڻي شدت اختيار ڪري چڪي هُئي ۽ هنن جو عشق جنونيت جون سرحدون ارانگهڻ لڳو هو، بلڪل شاهه جي هن بيت واري ڪيفيت هُئي ٻنهي جي..
سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿين اکيون ڌار،
ته ڪَر سڀ ڄمار، ڏٺو سين نه ڪڏهن.
سُنبل اسڪول ٽائيم کانپوءِ گهڻو وقت ساجد سان رهڻ لڳي هئي ساجد به يونيورسٽي جا ڏينهن ويجها اچڻ تي سُنبل کي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لڳو هو..! هڪ ڏينهن ساجد سُنبل کي چيو:
ساجد: سُنبل!
سُنبل: جي ساجد؟
ساجد: تون سڄو ڏينهن مون سان گڏ هجين ٿي تنهنجا گهر وارا تو تي ڪنهن به قسم جو شڪ وغيره ناهن ڪندا؟
سُنبل: منهنجا گهر ڀاتي ايترا تنگ ذهن ناهن جو هُو مون تي ڪنهن قسم جو شڪ ڪن..
بابا کي مون تي وڏو اعتماد آهي ۽ هن کي اهو يقين آهي ته منهنجي ڌيءَ ڪڏهن به منهنجي عزت خراب نه ڪندي.
بابا کي مون تي ڀروسو آهي ته آئون مائٽن جي لڄ رکنديس، بابا کي هر لحاظ سان مون تي اعتماد آهي، هُو مون تي هرگز شڪ نه ڪندو.
سُنبل جي ڳالهه هلندي جي وچان ساجد پڇيو:
”۽ ادا اسحاق؟“
سُنبل وراڻيو:
”ادا اسحاق کي به مون تي مڪمل ڀروسو آهي، هن ته هڪ ڏينهن مون کي چيو ته اَدي پنهنجو آئيديل ڳولهي وٺ نه ته اها وٺ پڪڙ به مون کي ڪرڻي پوندي.
ساجد هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو:
انهي جو مطلب ته منهنجي رستي ۾ ڪابه رُڪاوٽ ناهي؟
سُنبل: ڇا مطلب؟!
ساجد: مطلب ته هاڻي آئون يونيورسٽي وڃڻ کان پهرين پنهنجي مڱڻي پَڪي ڪري وڃڻ گُهران ٿو!!
”سُنبل: پوءِ دير ڇا جي آهي؟
ساجد: ها هاڻي دير نه ٿيندي آئون اڄ ئي منهنجي گهر وارن سان ڳالهايان ٿو..!!
سُنبل: ساجد تو ۾ ايتري همت آهي جو تون پنهنجي گهر وارن سامهون اِها ڳالهه رکي سگهين؟
ساجد: ها سُنبل ڇو نه؟ تون مونکي ايترو ڪمزور نه سمجهه، آئون ايترو بزدل ناهيان جو پنهنجي گهر وارن سان تنهنجي باري ۾ ڳالهائيندي لاهرايان..!!
سُنبل: نه ساجد... توکي بزدل ڪير چوي تون ته صفا شينهن مُڙس آهين..!
ساجد: جيڪڏهن شينهن مڙس ناهيان ته به ايتري همت اٿم تون اجايون ٽوڪون نه ڪر..!!
سُنبل هن جي ڳالهه ٻڌي کلڻ لڳي..!!
ساجد: سُنبل تون ڀلي منهنجي ڳالهين تي کلي، مون سان مزاق ڪر، پر اُهو ڏينهن هاڻي گهڻو پري ناهي جڏهن تون ڳاڙهي جوڙي ۾ سميٽجي منهنجي ڪنوار بڻبئين..!!
ساجد جي اها ڳالهه ٻُڌي سُنبل نيڻ جهڪائي شرمائڻ لڳي..!!
ٻي ڏينهن ساجد پنهنجي ماءُ سڪينا سان ڳالهه ڪندي چوڻ لڳو:
ساجد: امان..!!
سڪينا: جيءُ پُٽ
ساجد: امان هو چاچو احمد علي آهي نه؟
سڪينا: ها پُٽ ڇا ٿيو ان کي؟
ساجد: امان انهي کي ڪجهه ناهي ٿيو.
سڪينا: پٽ پوءِ؟
ساجد: امان چاچي احمد علي جي وڏي ڌي سُنبل آهي نه؟
سڪينا: ها پٽ
ساجد: امان اها مونکي پسند آهي ۽ ان سان آئون شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.
سڪينا حيرت سان چيو
”هان... هي ڇا چيئي؟ تون سُنبل سان شادي ڪندين؟“
ساجد ماڻس ڏانهن التجا واري انداز ۾ نهاريندي چيو
”ها امان آئون ان سان شادي ڪندس“
ماڻس تسئلي ڪرڻ لاءِ وري ساڳي جملو ورجايو
”اڇا... ته تون سُنبل سان شادي ڪندين؟“
ساجد: جيءِ... امان
سڪينا: ٺيڪ آهي پٽ مونکي اهو رشتو منظور آهي.
ساجد: مهرباني... اوهان جي وڏي مهرباني
سڪينا: پٽ هونئن به سُنبل اسان جي گهر جي ڇوڪريءَ آهي، هو منهنجو ڏاڍو خيال رکندي آهي ۽ مونکي وڻندي آهي.
ساجد انتهائي خوش ٿيندي چيو.
ها امان هو ڏاڍي سٺي ڇوڪريءَ آهي.
سڪينا: ها پٽ هو تمام گهڻي سٺي ڇوڪريءَ آهي، هو بلڪل سياڻي ۽ سمجهدار پارسا ڇوڪريءَ آهي.
ساجد فڪرانگيز لهجي ۾ چيو:
”پر امان بابا؟“
سڪينا: ان جو فڪر نه ڪر ان کي آئون پاڻي مڃائيندس هونئن به بابَهين اڳي ئي هڪ دفعا مونکي چيو هو سُنبل پنهنجي گهر جي ڇوڪريءَ آهي جيڪڏهن ساجد ان ۾ راضي هجي ته پاڻ ان کي پنهنجي گهر جي نُنهن بڻايون.
ساجد خوشي مان چيو:
واهه واهه امان اها ته خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو بابا کي سُنبل پسند آهي.
سڪينا: اسان مائيٽن کي ٻيو ڇا کپي بس رڳو اوهين اسان جو اولاد خوش هجو.
ساجد: امان اڄ دل خوش ڪري ڇڏيئي.
ائين چئي ساجد اڳتي وڌي اچي خوشي مان سندس ماءُ جي پيرن تي هٿ رکيو ۽ ماڻس سندس پيشاني تي چمي ڏئي دعا ڪندي چيو:
خوش هجين.
دنيا ۾ ٻه هستيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي چاهينديون آهن ته اسان جو اولاد اسان کان هر ڳالهه ۾ اڳتي هجي، اسان جيڪي خوشيون نه ماڻي سگهياسين شل اهي اسان جي اولاد کي نصيب ٿين، شل اسان کان وڌيڪ اسان جو اولاد بخت وارو ٿئي.
هن دولابن جي دونهين ۾ گهيريل دنيا ۾ ٻيو ڪو به اهڙو پُرخلوص رشتو نٿو ٿي سگهي جنهن ۾ هڪ ماڻهو چاهي ته ٻيو ماڻهو ان کان رُتبي ۾، درجي ۾،حيثيت ۾ مٿي هجي.
رشتن ۾ خلوص جا اهي مثال صرف ماءُ پيءَ جي رشتي سان مشروط آهن....!!
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساجد جا گهر وارا سُنبل جو رشتو وٺڻ احمد علي جي گهر وڃن ٿا.
احمد علي جي گهر پهچڻ سان احمد علي هنن کي ڀليڪار چئي هٿ ڏئي کٽ تي ويهڻ جو چئي ٿو.
غلام عباس خوش خيرات کانپوءِ ڳالهه شروع ڪندي چيو:
ادا احمد علي! اسين اڄ توهان جي گهر هڪ اهم ڳالهه کڻي آيا آهيون،اسان کي اوهان مان ڀرپور اميد آهي.
احمد علي: جي ادا غلام عباس ٻڌايو؟
غلام عباس: ادا ڳالهه اها آهي ته تنهنجي نياڻي سُنبل کي اسان پنهنجي گهر جي نُنهن بنائڻ لاءِ ان جو رشتو گهرڻ آيا آهيون.
احمد علي غلام عباس جي اها ڳالهه ٻڌي وائيڙو ٿي ويو پر پاڻ سنڀاليندي چوڻ لڳو:
ادا غلام عباس اهو ايڏو وڏو فيصلو آئون پنهنجي نياڻي ۽ اسحاق کان پڇڻ بنا نٿو ڪري سگهان، انهن سان ڳالهه ٻول کانپوءِ اوهان کي ورندي ڏيندس.
غلام عباس: ها ادا بلڪل اهو بهتر به رهندو، توهان هنن سان صلاح مشورو ڪري پوءِ اسان کي آگاهه ڪجو.
احمد علي: بلڪل ادا... مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته توهان پنهنجن کي سُڃاتو، الله اوهان کي خوش رکي.
غلام عباس وڃڻ وقت چيو:
اسان وري ٻن ڏينهن کانپوءِ توهان وٽ اينداسين پوءِ توهان آخري ورندي ٻڌائجو:
احمد علي: بلڪل... ادا... بلڪل
ائين چئي غلام عباس وارا احمد علي وارن جي گهران موڪلائي نڪرن ٿا..!!
سنبل جڏهن اسڪول کان موٽي آئي ته احمد علي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس، سُنبل جنهن کي اڳ ئي انهي ڳالهه جي خبر هئي اها ڳالهه ٻڌي شرمائڻ لڳي ۽ لڄي ٿيندي، احمد علي کي چيائين ته بابا.. اهو رشتو مونکي منظور آهي..
ائين چئي سنبل پنهنجي ڪمري ڏانهن رواني ٿي..!
احمد علي جيڪو سنبل جي خوشيءَ ۾ خوش هو، سو سنبل جو راضپو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
غلام عباس وارا ٻن ڏينهن کانپوءِ اچڻا هئا انهي وچ ۾ احمد علي اسحاق سان به صلاح مشورو ڪيو اُن به سنبل جي خوشي تي پنهنجي رضا مندي ڏيکاري..!
ٻي ڏينهان غلام عباس وارا جڏهن احمد علي جي گهر آيا ته هو اڳيئي هنن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ هئا، اُهي سندن اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيا.
حال احوال ۽ خوش خيرات کانپوءِ غلام عباس چيو.
ادا احمد علي اوهان پاڻ ۾ صلاح ڪئي هوندي،
اسان اڄ ورندي وٺڻ آيا آهيون، اوهان الائي ڇا سوچيو آهي؟
احمد علي: ادا غلام عباس سوچڻ وري ڇا جو؟ اسان ته اڳ ئي راضي هئاسين ته پنهنجن ۾ رشتو ٿئي ته ان جهڙي ٻي ڳالهه ڪونهي بس... سنبل کان پڇڻو هو، ان جي رضا معلوم ڪرڻي هُئي، جڏهن اُها راضي آهي ته اسان اڳ ئي خوش آهيون.
غلام عباس خوشي مان کٽ تان اُٿندي چيو.
مطلب اوهان کي هي رشتو قبول آهي؟
احمد علي: ها، ادا بلڪل اسان کي اهڙو ڀاڳن ڀريو رشتو قبول آهي.
غلام عباس ۽ سڪينا خوشي مان اُٿندي سنبل کي پوتي اوڍائي ۽ مڱڻي جون رسمون ادا ڪري پاڙي ۾ مٺائي ورهائي...!!
احمد علي جي گهر ۾ مٺايون ورهائجي ويون، هر طرف مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويوگهر ۾ کِل خوشي ۽ ٽهڪن جو ماحول جُڙي پيو.... هن پُر مُسرت موقعي تي ڄڻ ته گهر ۾ خوشين جو ميلو مچي ويو...
سنبل ۽ ساجد جي نئين رشتيداري جو ذڪر ڳوٺ جي گهر گهر ۾ ٿيڻ لڳو، هر ڪنهن جي وات ۾ اها ڳالهه هئي ته واهه واهه جوڙي سلامت هجي، شل ڪنهن جي نظر نه لڳي.
جڏهن کان ساجد ۽ سنبل جي محبت رشتيداري ۾ تبديل ٿي تڏهن کان هي پاڻ ۾ ويتر گهرا ٿي ويا هئا، ڄڻ ته هڪ جان ٻه جسم هجن...!!