(10)
ٻئي ڏينهن تيار ٿي ساجد يونيورسٽي روانو ٿيو، پنهنجي ڊپارٽمينٽ وڃڻ بدران سڌو فلاسافي ڊپارٽمينٽ ويو جتي ياسمين کي ڏسي سامهون پنڊپهڻ ٿي بيٺو رهيو، ياسمين هن کي سامهون بيٺل ڏسي سندس اکين ۾ مسلسل گُهوري رهي هئي ۽ هو ياسمين جي گُهور ۾ گهائجي ويو.
هن جي چپن جي ڳاڙهاڻ ساجد جي تقدير جي سرهاڻ بنجڻ لڳي هئي، هن جو مرڪڻ ساجد کي نئين حياتي ارپڻ جو باعث بنجڻ لڳو هو...!
ڪجهه ڏينهن جي چند ملاقاتن ۾ ئي ساجد ياسمين جي نينهن جي نشن ۾ مدهوش ٿيڻ لڳو هو..!
هن جي مُرڪ ساجد جي ننڊ جو سُرڪ ڀري ڇڏيندي هئي جنهن کان پوءِ هو سڄي سڄي رات ننڊ جي ناوَ کان پري جاڳ جي جهان ۾ جاڳندو رهندو هو ۽ صبح جو اکيون ڳاڙهيون ڏسي دوست پڇندا هئا:
ساجد! رات ستو ڪونهي ڇا، اکيون ڳاڙهيون اٿئي؟
ساجد ڳالهه نٽائي ڇڏيندو هو.
هڪ ڏينهن ياسمين کي ٽيچرس ڪيفي ڪينٽين تي اڪيلو ويٺل ڏسي موقعي جو فائدو وٺيندي هن سان گڏ وڃي ڀر واري خالي پيل ڪرسي تي وٺو ۽ ياسمين کي سلام ڪري ان سان مخاطب ٿيو:
توهان جي پڙهائي ڪيئن پئي هلي؟
ياسمين: پڙهائي صحيح ٿي هلي.
ساجد: گذريل سيمسٽر ۾ ڇا پوزيشن هئي؟
ياسمين: بس ايوَريج هئي.... نارمل هئي.
ساجد: اڇا...؟
ساجد هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي ياسمين کي سرگوشي ۾ چيو:
مون کي تو سان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.
ياسمين: ها ٻڌاءِ؟
ساجد: تون ڏاڍي خوبصورت آهين، تنهنجو حُسن دنيا جي لازوال ۽ بي مثل شيءِ آهي.
ياسمين ساجد جي واتان پنهنجي ايتري تعريف ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ويتر ساجد جي هوٽ پرسنلٽي هن کي موهي رهي هئي..!
ياسمين: تون منهنجي حواسن تي ڇانئجي وئي آهين مون کي توسان پيار ٿي ويو آهي..!!
ياسمين اڳ ئي ساجد کي پسند ڪرڻ لڳي هئي انهي ساجد جي ڳالهه ٻڌي شرمائيندي نيڻ هيٺ جهڪايا ياسمين ساجد جي محبت کي قبول ڪري ساجد کي خوشين جي هڪ ڀرپور دنيا ارپي ڇڏي هئي...!
هاڻي ساجد جي دنيا مُسرتن ۽ مسڪراهٽن جي خزاني سان سرشار ٿي وئي هئي..!!
ساجد شيڊيول موجب جيئن ئي يونيورسٽي ايندو هو ته سڀ کان پهريان فلاسافي ڊپارٽمنٽ جو چڪر لڳائي ياسمين سان ملي پوءِ پنهنجا ڪلاس اٽينڊ ڪندو هو..!!
ان ڏينهن معمول موجب ساجد يونيورسٽي اچي رهيو هو ته آرٽس فيڪلٽي جي مين گيٽ تي پوليس جي نفري ڏٺائين جيڪا شاگردن جي چيڪنگ ڪري رهي هئي..!!
ساجد اڳتي وڌيو ته پوليس واري هن جي مڪمل چيڪنگ ڪئي، چيڪنگ دوران هن پوليس واري کان پڇيو:
هي اڄ چيڪنگ ڇو پئي ڪئي وڃي؟
پوليس واري چيو ته ڪلهه صبح جو فيڪلٽي ۾ ڪريڪر جو ڌماڪو ٿيو هو، انتظاميه کي شڪ آهي ته اُهو ڌماڪو شاگردن ڪيو آهي ان ڪري هاڻي اسان هر هڪ شاگرد جي چيڪنگ ڪري پوءِ فيڪلٽي اندر وڃڻ ڏينداسين.
ساجد حيراني مان پوليس واري کان پڇيو:
ڪهڙي ثابتي هٿ آئي آهي جو اوهان چئو ٿا ڌماڪو شاگردن ڪيو آهي؟
پوليس وارن هن کي ڪو به جواب نه ڏنو ۽ ساجد کي هٿ جي اشاري سان وڃڻ جو اشارو ڏنائون...!!
ساجد سوچڻ لڳو ته ڪيڏي نه شرم جهڙي ڳالهه آهي جو شاگردن جي چيڪنگ ڪري پوءِ انهن کي يونيورسٽي اندر اچڻ ڏنو ٿو وڃي...!!
يونيورسٽي هڪ اعليٰ تعليمي ادارو آهي ان جي شاگردن جي چيڪنگ هن اداري جي بدنامي جي زمري ۾ اچي ٿي..!!
اسان يونيورسٽي جا شاگرد آهيون ڪو چور لوفر يا ڪرمنل قسم جا ماڻهو ٿورو ئي آهيون جو انتظاميه اسان سان اهڙي طريقي جو سلوڪ ڪري ٿي...!
اهڙو نازيبا رَوَيو سچ ته افسوس جوڳو عمل آهي، هن اداري ۾ شاگردن جي تذليل ڪري هڪ مهذب اداري کي بدنام ڪيو پيو وڃي...!!
ساجد انتظاميه تي افسوس ڪندو اچي فلاسافي ڊپارٽمينٽ پهتو جتي ياسمين اڳ ئي هن جي انتظار ۾ بيٺل هئي.
هن ياسمين وٽ پهچڻ شرط پوليس جي رويي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو:
ڌماڪا به شاگردن مٿان ٿين ۽ وري ردِعمل طور چيڪنگ ڪري تذليل به شاگردن جي ڪئي وڃي ٿي.
ياسمين ڏس! اهو آهي اسان جي انتظاميه جو حال جو چور کي ڇڏي لڳا آهن ساڌ جي پويان...!
ياسمين ڪو به جواب نه ڏنو بس خاموشي سان هن کي ٻڌندي رهي.
ساجد وري انتظاميه تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو:
يونيورسٽي ۾ هيڏي وڏي بدنظمي آهي اها هنن کي نظر ئي ڪونه ٿي اچي، يونيورسٽي ۾ نَوَن ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ رهائش جو مسئلو ڪيڏو اهم آهي، شاگرد رهائش لاءِ ڪيترو پريشان ۽ ذليل ٿين ٿا اهو هنن کي احساس ئي ڪونهي...!
سِٽي(حيدرآباد) ۾ رهڻ وارا شاگرد پوائنٽن ۾ سٿجي اچن ٿا، هڪ هڪ پوائنٽ ۾ ايترا شاگرد سٿيل هوندا آهن جو ڄڻ مهاجر هندستان کان لڏو کنيو پيا اچن.
ڪلاس هڪ بجي ختم ٿي ويندا آهن ۽ پوائنٽون روانيون ٿيڻ جو آفيشلي ٽائيم ٽي بجي آهي، گرمين ۾ شاگردن جا ويهي ويهي حال هيڻا ٿيو وڃن.
هوڏانهن اي سي ٽو جي حالت ڏسو...!
اي سي ٽو ۾ چالان جمع ڪرائڻ وڏي آزار جو ڪم آهي، سڄو ڏينهن گرمي ۽ ڪاڙهي ۾ شاگردن جي ڊگهي قطار بيٺل هوندي آهي جن مان ڪي شاگرد گرمي ۽ تيز اس جي ڪري نيم بيهوشي واري حالت ۾ اچيو وڃن، ڪن ڪمزور شاگردن جي اهڙي حالت ٿي وڃي ٿي جو لائين ۾ بيهه بيهه انهن کي چڪر اچي ويندا آهن ۽ پوءِ انهن جا شاگرد ساٿي انهن کي پاڻي جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آڻي ٻيهر لائين ۾ بيهڻ جي قابل بنائيندا آهن.هيتري وڏي يونيورسٽي جا چالان جمع ڪرڻ وارا صرف ٻه ملازم آهن سي به هڪ اهڙي کُڏي ۾ ويٺل هوندا آهن جهڙوڪر هندستان ۽ پاڪستان جي سرحد تي چوڪي ۾ ويٺل ڊنل سپاهي هجن جن کي هر وقت اهو خوف هجي ته ڪٿان ٿي گولي اچي..!!
اهي ٻه ملازم هزارن جي تعداد ۾ شاگردن جا چالان فارم ڀري ڀري جڏهن شام جو گهر ويندا هوندا ته ائين محسوس ڪندا هوندا ڄڻ جسم ۾ ساهه ئي ڪونهي...!!
وري جو سي ايل تي ڏس پيپرن جي دوران ته پير رکڻ جي گهٽي ڪونهي..!
شاگرد ويچارا گهڻي رش هجڻ جي ڪري ويهڻ ته ٺهيو پر سي ايل ۾ بيهه به ناهن سگهندا پوءِ لاچار ٿي سخت گرمي ۽ اُس ۾ ٻاهر وڻن هيٺيان پيا پڙهندا آهن..!!
اهي ايتريون سڀ ڪوتاهيون انتظاميه کي نظر ئي ڪو نه ٿيون اچن باقي شاگردن سان هر هڪ ڏاڍائي ۾ اڳ کان اڳري آهي..!
هن جي جذباتي ڳالهين کي ٻڌي ياسمين ڀت کي ٽيڪ ڏيندي چيو:
ساجد تون صحيح ٿو چوين، اهو سڀ ڪجهه هن انتظاميه جي نااهلي جي ڪري آهي، جيستائين انتظاميه جو هر هڪ فرد پاڻ کي ذميوار تسليم ڪندي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان نه ڪندو ته سڀ ڪجهه ائين ئي بي ترتيب ۽ ڇڙوڇڙ رهندو..!!
هنن جي ڳالهين جو سلسلو تڏهن ٽُٽو جڏهن ياسمين کي سندس سهيلي سڏ ڪندي چيو:
اندر اچ هاڻي ڪلاس شروع ٿي ويو آهي.
ياسمين ڪلاس وٺڻ لاءِ رواني ٿي ۽ ساجد پنهنجي ڊپارٽمينٽ ڏانهن روانو ٿيو..!!
ٻئي ڏينهن تي معمول موجب ساجد جيئن ئي يونيورسٽي اچي ٿو ته ساڳي ريت فيڪلٽي جي مين گيٽ تي پوليس جي چيڪنگ جاري هئي، جنهن تي هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي پر پاڻ تي ضبط ڪندي هن پاڻ کي چيڪنگ لاءِ پيش ڪيو..!!
پوليس وارن هن جو بيگ ڦلهوري ڏٺو، هن جي مٿي تي پاتل ڪيپ لهرائي چيڪ ڪئي، هن جا شوز لهرائي چيڪ ڪيا ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ڪاوڙ مان پوليس واري کي چيو:
بيلٽ کولي پينٽ لاهي انڊرويئر به چيڪ ڪرايان متان ان ۾ ڪجهه لڪايل نه هجي؟
توهان شاگردن جي کُلم کلي تذليل ڪري رهيا آهيو چيڪنگ اهڙي طريقي ڪريو ٿا جو ڄڻ اسان ڪو خطرناڪ ڏوهاري هجون..!!
پوليس واري گرم ٿيندي هن کي دڙڪو ڏيندي چيو:
ڪامريڊ جا پٽ! چپ ڪري هتان نڪري وڃ نه ته ڊيوٽي اٽڪاءُ جي ايف آءِ آر ۾ لاڪپ ۾ هڻي ڇڏيندو سانءِ..!!
پوليس واري جي انهي جملي تي ساجد کي ويترڪاوڙ آئي هن چيو:
ڇو... لاڪپ ۾ ڇو هڻندين؟ آئون ڪو ڏوهاري آهيان جو لاڪپ ۾ ڪندين؟
پوليس واري ويتر رُعب ڪندي چيو:
هاڻي چپ ڪري هتان نڪرين ٿو يا هڻون موبائل ۾؟
ساجد ڪاوڙ مان ڀڻڪندي روانو ٿيو..!!
اڄ هي فلاسافي ڊپارٽمينٽ وڃڻ بجاءِ پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي محرم خان سيمينار لائيبريري ۾ وڃي ويٺو..!!
پوليس وارن سان منهن ماري جي ڪري هن جو موڊ خراب ٿي ويو هو..!!
لائيبريري ۾ ڪنهن سان ڳالهائڻ بجاءِ هي ڪتاب کولي ان ۾ منهن هڻي ويٺو هو..!!
هو ڏانهن ياسمين هن جو انتظار ڪري رهي هئي ان جڏهن ڏٺو ته ڪلاس جو ٽائيم ٿيڻ وارو آهي ۽ ساجد اڃان تائين نه پهتو آهي ته هن ساجد جو نمبر ڊائل ڪيو پر ساجد جو نمبر بند هو..!
هن کي کٽڪو ٿيو ته متان ساجد پوليس وارن سان منهن ماري ڪري ڪنهن مسئلي ۾ نه اچي ويو هجي، اهو سوچي هن ڪلاس ڇڏي ڏنو ۽ ساجد جي ڊپارٽمينٽ ڏانهن رواني ٿي..!
ساجد جي ڊپارٽمينٽ جي سيمينار لائبريري ۾ هن ساجد کي اچي ڏٺو..!
ساجد هن کي ڏسي مسڪرائيندي چوڻ لڳو:
ياسمين اچو... اچو ويهو..!!
ياسمين هن جي ڀر واري ڪرسي تي ويهندي هن کان پڇيو:
ڇا ٿي ويو جو اڄ مون ڏانهن ڪو نه آئين؟
ساجد مسڪرائيندي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ چيائين ته پوليس وارن جي رَوَيي جي ڪري ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هئس ان ڪري تو ڏانهن اچڻ مناسب نه سمجهيم...!!
ياسمين: ڪاوڙ پوليس واري تي هئي پر مون ڏانهن ڇو ڪو نه آئين؟ مونکي به اهو ئي شڪ هو ته متان پوليس وارن سان ڪو مسئلو ڪيو هوندئي متان پوليس توکي کڻي نه وئي هجي، ان کٽڪي م آئون تنهنجي پٺيان هتي آئي آهيان..!!
ساجد هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو:
پوليس وارن ته موبائل ۾ هنيو ٿي پر بچي ويس..!
ياسمين چهري تي گهنج آئيندي فڪر ۾ چيو:
تون مهرباني ڪري ان پوليس وارن سان نه اٽڪندو وڃ جڏهن پاڻ صاف آهيون ته هو ڀلي پيا چيڪنگ ڪن..!
تون پليز آئينده هنن سان منهن ماري نه ڪجا..!
ساجد: مسڪرائيندي چيو:
ياسمين! اڄ هڪڙي ڳالهه جي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي..!!
ياسمين: ڪهڙي ڳالهه جي؟
ساجد: ڳالهه اها آهي هاڻي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته هتي ڪو آهي جنهن کي منهنجو فڪر رهي ٿو ڪو آهي جيڪو مون لاءِ سوچي ٿو..!!
مهرباني ياسمين تنهنجي جو تون منهنجي فڪر ۾ منهنجي لاءِ هتي منهنجي ڊپارٽمينٽ آئين..!!
ياسمين: نه ساجد، مهرباني چوڻ جي ضرورت نه آهي آئون پنهنجي دل هٿان مجبور هئس، مون کي منهنجي دل هتي وٺي آئي آهي..!
ساجد ياسمين ڏانهن گهوريندي چيو:
ياسمين...؟
ياسمين: جي ساجد؟
ياسمين ساجد ڏانهن ڏسندي چيو:
ياسمين ٻاهر هل ڪچهري ڪيون..!!
ياسمين: ٻاهر...؟ ٻاهر ڪٿي هلون....؟
ساجد: ٻاهر سي ايل کان اڳيان اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ واري لان جي اولهندي ڪنڊ ۾ ٿا هلي ويهون...!
ياسمين: هل! ايترو پري...؟
ياسمين تعجب ۾ چيو:
ساجد: هي ته پيو آهي ڪهڙو پري آهي..؟
ياسمين: هلو ڀلي...
ساجد ۽ ياسمين محرم خان سيمينار لائبريري ما نڪري ٻاهر فيڪلٽي جي مين گيٽ ڏانهن روانا ٿيا فيڪلٽي جي مين گيٽ وٽ ساڳي پوليس وارا بيٺا هُئا، جڏهن هي اُتان گذريا ته ياسمين پوليس وارن سان مخاطب ٿي انهن کي چيو ته آئينده هن ڇوڪري جي تلاشي نه وٺجو هن ڇوڪري ۾ آئون ضامن آهيان. پوليس وارا جيڪي ياسمين کي سڃاڻيندا هئا ته هي پروفيسر خليق الزمان جي ڌي آهي پوليس وارن ڏٺو ته هي ڇوڪرو ڪو وڏي ماڻهو جو پٽ ٿو لڳي جو هن جي شخصي ضمانت پروفيسر جي ڌي ٿي کڻي سويڪدم چيائون:
ٺيڪ آهي هاڻي هن ڇوڪري جي تلاشي نه وٺنداسين..!
ساجد ۽ ياسمين جڏهن اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ جي لان جي اولهندي ڪنڊ ۾ پهتا ته هنن هڪٻئي جي گوڏن سان گوڏا ملائي پلٿي هڻي ويٺا..!!
ياسمين ويهندي ئي ساجد کان پڇيو:
هيڏي يونيورسٽي ڇڏي تون مون کي هتي ڇو وٺي آيو آهين؟
ساجد: اڙي يار، هي اهڙي مخصوص جاءِ اٿئي جتي لان ۾ ويٺل کي ٻاهريون ماڻهو نٿو ڏسي سگهي ان کان علاوه هن جڳهه جا ٽيئي پاسا ٻوٽن جي قطارن سان بند آهن، ٽن سائيڊن کان نه ڪو ماڻهو سولائي سان اچي ٿو سگهي ۽ نه ئي ڏسي ٿو سگهي باقي هڪ ئي پاسو ڊپارٽمينٽ جي سائيڊ وارو کليل آهي جتان پاڻ آيا آهيون اُتان جيڪڏهن ڪو ماڻهو آيو ته پري کان ئي ڏسي وٺبو...!
هي جڳهه ايل ايس پي آهي.
ياسمين: ايل ايس پي جو مطلب ڇا آهي؟
ساجد: ايل ايس پي جو مطلب آهي.
“lover`s secrect place”
ياسمين: اڇا... اڇا
ائين چئي ساجد ياسمين کي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لڳو ۽ سندس هٿ ياسمين جي سنهڙي آنڱرين ۾ ڦاسائي ان کي ڀاڪر ڏانهن ڇڪيائين..!
ياسمين سميٽجي ڀاڪر ۾ چنبڙي وئي..!
هو ڏينهون ڏينهن هڪٻئي کي وڌيڪ ويجها ٿيندا ويا هنن جي عشق جو قصو فيڪلٽي کان ويندي پوري يونيورسٽي ۾ مقبول ٿيڻ لڳو، هر ڪنهن کي هنن جي محبت جي داستان جي خبر پوڻ لڳي هئي، هي به ماڻهن جي پرواهه ڪرڻ کان بغير محبت جي چيچ جهلي هلڻ لڳا هئا..!
ماڻهن کان لاپرواهه ٿي هي هڪٻئي ۾ سمائجڻ لڳا هئا،هنن جي ايتري محبت ڏسي هنن جي جوڙي تي فيڪلٽي جا ليلا مجنون نالو مشهور ٿي ويو هو، هنن جي جوڙي يونيورسٽي ۾ ايتريقدر مشهور ٿي وئي جو شاگرد هنن جي نالي منسوب ٿي ويل جڳهن جو ذڪر ڪندي مثال ڏئي چوندا هئا ته هلو ته هلي ايل ايس پي تي هلي ويهون جتي فيڪلٽي جا ليلا مجنون ويهن ٿا...!!
هنن جي ويهڻ جون ٻه مشهور جڳهيون هيون، هڪ فيڪلٽي واري ٽيچرس ڪيفي ڪينٽين ٻيو اسٽيٽسٽڪس واري لان جيڪا ايل ايس پي جي نالي مشهور ٿي وئي هئي.
هو اڪثر انهي ٻنهي جڳهن مان ڪنهن هڪ جڳهه تي دنيا کان لاتعلق ٿي پنهنجي مستي ۾ ويٺل هوندا هئا..!
اها چوڏهين جي روشن رات هئي، دڳن تي چمڪندڙ چانڊوڪي فطرت جي حُسن جو شاهڪار منظر پسائي رهي هئي...!
ساجد ۽ ياسمين جي فون تي ڳالهه ٻولهه جاري هئي، هو موبائل فون ذريعي هڪٻئي سان ڪئمپس ٽائمنگ کانپوءِ به ڳنڍيل رهندا هئا...!
ان رات به مسلسل هو ڏيڍ ڪلاڪ لاڳيتو ڳالهائي چڪا هئا، اڃان هنن جي ڳالهين جو ڇيڙو نه آيو هو...!
ڳالهيون جيڪي ڪنهن ماڻهو سان ڳالهائڻ ۾ کٽنديون ئي ناهن ۽ ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ ڪا به ڳالهه ملي ناهي سگهندي...!
ٻڌ ياسمين!
ساجد فون تي ڳالهائيندي ويهاڻي کي ڀاڪر پائيندي چيو.
ياسمين: ها ساجد ٻڌاءِ؟
ياسمين صوفي سيٽ تي ليٽندي چيو.
ساجد: اڄ رات ڪيڏي نه دلڪش آهي، تون اچ ته اڄ رات گڏجي گذاريون...؟
ياسمين: نه شادي کان اڳ ۾ رات گڏجي ڪو نه گذارينداسين شادي کان اڳ ۾ مائٽن جي عزت کي خراب ناهي ڪرڻو..!
ساجد: پوءِ اچ ته شادي ڪريون...!
ياسمين: شادي....؟ هينئر ئي...؟ ايترو جلد....؟
ساجد: ها پوءِ ڇا آهي؟
ياسمين: ڊگري ته ڪليئر ڪريون؟
ساجد: ڊگري الائي ڪڏهن ملي؟ منهنجي تو کانسواءِ نٿي سري...!!
ياسمين: منهنجو به تو کانسواءِ وقت نٿو گذري...!!
سچ ته اهو آهي جو آئون پاڻ به چاهيان ٿي ته پاڻ هاڻي شادي ڪريون.
ساجد: پوءِ دير ڇا جي آهي؟
ساجد بي چين ٿيندي چيو.
ياسمين: تنهنجا گهر وارا سخت مزاج آهن، پهرين تون انهن سان ڳالهاءِ، انهن کي راضي ڪر، پوءِ آئون بابا سان ڳالهائيندس مونکي پوري اميد آهي ڇو ته بابا مون کي ڪنهن به ڳالهه جو انڪار نه ڪندو آهي مون کي يقين آهي ته هو منهنجي خوشي ۾ خوش هوندو..!!
ساجد: ٺيڪ آهي آئون پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائيندس ۽ تون به ڀلي پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائجانءِ....!!
ائين چئي ساجد خدا حافظ چيو ۽ ڪال ڊراپ ڪئي...!!
ٻئي ڏينهان ساجد صبح سوير ئي سندس ننڍي ڀاءُ مبين کي يونيورسٽي گهرايو...!!
شام جو جڏهن مبين ساجد وٽ پهتو ته خوش خيرات کانپوءِ هن ساجد کان ايمرجنسي ۾ گهرائڻ جو سبب پڇيو:
ساجد مبين سان مخاطب ٿيندي وڏي بي حسي سان ٻڌايو.
ساجد: مبين توکي ايمرجنسي ۾ هتي تڪڙو گهرائڻ جو اهم مطلب آهي..!
مبين: ها ادا ٻڌائي خير ته آهي نه ؟
ساجد: پهرين تون مون کي ٻڌاءِ تون منهنجي هن ڪم ۾ مدد ڪيتري ڪندين؟
مبين: ادا مدد ته ڇا تو وڏي ڀاءُ لاءِ سڀ ڪجهه حاضر آهي.
ساجد ڳالهه شروع ڪندي چيو:
مبين هڪڙو زندگي جو وڏو فيصلو ڪري ويٺو آهيان.
مبين: ڪهڙو فيصلو ادا؟
ساجد: فيصلو اهو ڪيو اٿم ته يونيورسٽي ۾ هڪ ڇوڪريءَ وٽ آئون تمام گهڻو مجبور آهيان آئون ان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان....!!
مبين ساجد جي وات مان اهي شادي جا لفظ ٻڌي حيران ۽ پريشان ٿي ويو ۽ جذباتي انداز ۾ چوڻ لڳو:
ساجد تو کي يونيورسٽي ۾ رهي سُرت ڇڏائي وئي آهي ڇا؟ هي تون ڇا پيو چوين؟ توکي خبر ڪونهي ته پويان ڳوٺ ۾ تنهنجي مڱڻي ٿيل آهي ۽ اها ويچاري جڏڙي ڇوڪريءَ تنهنجون ڏينهن رات راهون پئي ڏسي، هو صرف تنهنجي خاطر ئي زندهه آهي، هن کي جڏهن تنهنجي انهي عشق جي خبر پئي ته هو صفا مري ويندي، هن جو هينئون ڦاٿي پوندو.
ساجد: ڪير به ڪنهن لاءِ ڪو نه ٿو مري تون اجايا وهم نه ڪر.
مبين: آئون تو کي صحيح ٿو چوان اهو سراسر غلط آهي اها سراسر ويساهه گهاتي آهي ..!!
ساجد: بس... جيڪو به آهي اهو منهنجو آخري فيصلو آهي..!
مبين: نه ساجد... تون ائين نه ڪر ادا...!
ساجد: اهو منهنجو حتمي فيصلو آهي جيڪڏهن اوهين انهي ڳالهه ۾ منهنجي مدد نه ڪندا ته آئون ڪجهه به ڪري سگهان ٿو...!!
مبين: ڪجهه به مطلب؟
ساجد: ڪجهه به جو مطلب ته جيڪڏهن اوهان منهنجي مدد نه ڪئي ته آئون هن ڇوڪريءَ سان ڪورٽ ميرج ڪندس يا پاڻ کي ماري ڇڏيندس..!!
ساجد جا اهي لفظ ٻڌي مبين ماٺ ۾ پئجي ويو..!!
مبين منهن لاهي ڳڻتي واري حالت ۾ چيو؟
هن معزور جو ڇا ٿيندو جيڪا تنهنجي ڪري ئي زنده آهي؟
ساجد: انهي جي قسمت انهي سان.
مون ڪو ان جڏي جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ وڃي جيئي مري، منهنجو ڇا؟
آئون هن جڏي سان شادي ڪري سڄي زندگي عذابن ۾ وجهڻ ڪو نه ٿو چاهيان...!!
مبين هن جولهجو ڏسي سمجهي ويو ته ساجد پنهنجي وس ۾ ڪونهي ۽ هو هاڻي ڪا به ڳالهه نه مڃيندو.
هن لاچارگي ظاهر ڪندي چيو.
ساجد.... تنهنجي مرضي...
باقي اهڙي ويساهه گهاتين جا نتيجا اڪثر پڇتاءُ تي کٽن ٿا..!
ٻنهين جي وڃ ۾ ڪجهه دير خاموشي ٿي وئي...!!
مبين مٿي تي ٻئي هٿ رکي سي _ سي جي لان تي چٻر پٽيندو رهيو...!!
ڪجهه دير خاموشي کانپوءِ مبين چيو:
توکي اندازو آهي ته تنهنجي انهي ڪم سان ڳوٺ ۾ ماڻهو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي ڇا چوندا؟
۽ هو چاچا احمد علي وارا ڇا سوچيندا تنهجي باري ۾؟
ڪلهه تون انهن سان واعدا وچن ڪري آيو آهين؟
ساجد: هو ڇا سوچيندا ڇا ڪندا،ان جي مونکي ڪا به پرواهه ڪونهي...!
مون کي بس هن ڇوڪريءَ سان ڪنهن به حالت ۾ شادي ڪرڻي آهي ۽ انهي جي لاءِ آئون اوهان سڀني ۽ هن دنيا کي به ڇڏي سگهان ٿو...!!
مبين ساجد جي حالت ڏسي سمجهي ويو ته هن سان ڳالهائڻ فضول آهي، هي پنهنجي وس کان ٻاهر نڪتل آهي ان ڪري هي چپ ڪري ويو..!!
صبح جو سوير مبين ساجد کان بغير موڪلائڻ جي نڪري آيو ۽ گهر پهچي گهر وارن کي سڄي ماجرا ٻڌائيندي چوڻ لڳو:
بابا! ساجد هڪ ڇوڪريءَ جي عشق ۾ ايترو انڌو ٿي ويو آهي جو پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي ان ڇوڪريءَ سان شادي ٿو ڪري...!!
غلام عباس: هي... هي تون ڇا ٿو چوين مبين؟
غلام عباس حيرت گاڏڙ غم ۾ ٻڏندي ترندي چيو،
مُبين: بابا آئون بلڪل سچ ٿو چوان هن مون کي يونيورسٽي انهي ئي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ گهرايو هو...!
بابا هو ڇوڪريءَ وٽ وڏو مجبور ٿو لڳي، ان ڇوڪري لاءِ چوي ٿو اوهان سڀني کي ڇڏي ڏينديس يا زهر کائي مرندس پر ان سان شادي ضرور ڪندس...!!
غلام عباس: پوءِ ڇا هو پنهنجي مڱ سنبل کي ڇڏي ٿو؟
مُبين: ها بابا ان لاءِ چوي ٿو ته اها جڏي آهي ۽ آئون جڏڙي سان شادي ڪونه ڪندس..!!
غلام عباس اها ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ مان باهه ٿي ويو ۽ ڏڪندي چوڻ لڳو...!!
هن جو ايترو دماغ خراب ٿي ويو آهي جو پنهنجي مڱ کي ڇڏي وڃي ڌاري عورت سان پرڻو ڪندو؟
نه ائين ڪونه ڪرڻ ڏيندس....!!
سڀاڻي آئون وڃان ٿو يونيورسٽي وڃي ٺيڪ ٿو ڪريانس...!!
ساجد جي ماءُ غلام عباس کي سمجهائيندي چوڻ لڳي...
غلام عباس ايتري ڪاوڙ چڱي ناهي، ڪجهه سوچ ويچار ڪر... اڪثر ڪاوڙ ۾ ڪيل فيصلن تي پڇتائڻو پوي ٿو...!
تون ساجد کي زوري جيڪڏهن سنبل سان پرڻائيندي ته سڀاڻي جيڪڏهن هن سنبل کي نه نهاريو ته ان جو ذميوارڪير ٿيندو؟
غلام عباس: ڇا مطلب آهي تنهنجو سڪينا؟
سڪينا: منهنجو مطلب آهي ته زندگي ساجد کي گذارڻي آهي هو ٻار ڪونهي پنهنجو بُرو ڀلو خود سمجهي ٿو، ڀلي پنهنجي حياتي جو اهم فيصلو پاڻ ڪري سڀاڻي پاڻ کي ائين نه چئي ته بابا ۽ امان وارن منهنجي حياتي خراب ڪئي...!!
سڪينا اڃان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳي:
پاڻ ته گهڻو ئي چاهيون ٿا ته پنهنجن سان سڱاوتي ڪري پنهنجن سا گڏ جون پر قسمت ۾ ائين ٿيڻو ناهي ته پاڻ ڇا ٿاڪري سگهون؟
منهنجي مڃين ته ساجد کي ڇڏي ڏي ان کي زوري نه پرڻائي متان تنهنجو ضد پنهنجي ٻچي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي...!!
سڪينا جون ڳالهيون ٻڌي غلام عباس ماٺ ٿي ويو ۽ ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ چيائين:
سڪينا پوءِ هن ويچاري جڏڙي ڇوڪريءَ جو ڇا ٿيندو جنهن سان پُٽين اڳ مڱيو ويٺو آهي، ۽ هو احمد علي وارا ڇا سوچيندا؟
انهن کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين جيڪي پنهنجي جڏڙي نياڻي جون سڀ اميدون پاڻ سان وابسته ڪريو ويٺا آهن؟
سڪينا: بس... انهي جي قسمن انهي سان...!
سڪينا ٿڌو ساهه ڀرندي چيو..!
غلام عباس: صبح جو وڃان ٿو ساجد ڏانهن...!
بس... صبح ٿئي وڃي ساجد سان ملان ٿو پوءِ ڏسان ڇا ٿو چوي ڪهڙو رُخ ٿو ڏي؟
سڪينا: ها صحيح ٿو چوين .. تون وڃ پر خيال ڪجا متان جذبات ۾ اچي ڪا اهڙي ڳالهه ڪرين جو پوءِ ويٺا پڇتايون...!
آئون ته وري به توکي چوان ٿي هن تي پنهنجو فيصلو زوري نه مڙهجان جيڪڏهن هو انهي ڳالهه ۾ خوش آهي ته پاڻ هن جي خوشي ۾ خوش آهيون...!!
ساجد جا والدين سندس اهڙي ڳالهه ٻڌي سڄي رات فڪر ۾ نه سُتا...!!
صبح جو غلام عباس ساجد سان ملڻ يونيورسٽي وڃي ٿو يونيورسٽي پهچي ساجد سان ملي ٿو، بوائز هاسٽل اڳيان سي _ سي لان تي ساجد سان مخاطب ٿي غم ۽ غصي واري حالت ۾ چيائين:
ساجد! هي مبين جيڪي ڳالهيون ٻڌايون آهن اُهي سچيون آهن ڇا؟
ساجد: ها بابا اهو سچ آهي...!!
غلام عباس: پوءِ ڇا تون پنهنجي پهرين مڱ کي ڇڏي ڏيندي؟
پڻس سخت ناراضگي واري انداز ۾ چيو.
ساجد: ها بابا هن معزور سان گڏ آئون حياتي ڪونه ٿو گذاري سگهان، مهرباني ڪري مون کي مجبور نه ڪريو، منهنجي زندگي حرام نه ڪريو...!
هن جڏي سان ڪيئن عمر گذاري سگهندس، جيڪا اُٿڻ ويهڻ کان لاچار آهي....!
ڪير سڄي زندگي هن جي حاضري ڀريندو؟ سڀاڻي اهل اولاد آهي، ٻار ٻچا ٿيندا انهن جي ڪير ڪندو؟
هو ته پنهنجي به نٿي ڪري سگهي ان جي اولاد جي ڪير ڪندو؟
غلام عباس: ساجد هوش ڪر...!!
هو جڏڙي تنهنجي مڱ آهي جنهن کي تو ڪڏهن حَسين خواب ڏيکاريا هئا، جنهن سان تو ساٿ نڀائڻ جا واعدا وچن ڪيا هئا، اڄ هو بدنصيب معزور ٿي پئي آهي ته تنهنجون سڀ همدرديون تنهنجا سڀ رشتا هن سان ختم ٿي ويا آهن؟
واهه.... واهه تو ۾ واقعي وڏي انسانيت آهي واقعي تون وڏو رحم دل انسان آهين...
واهه... واهه...!
غلام عباس ائين چئي رومال سان پنهنجا لڙڪ اُگهڻ لڳو...!!
ٿوري دير جي خاموشي کانپوءِ غلام عباس وري چوڻ لڳو..!
تون هن معزور کي ٺڪرائي سٺو نٿو ڪرين اسين توکي هروڀرو مجبور نٿا ڪريون پر جيڪو ڪجهه تون ڪرين پيو اهو سراسر غلط آهي اهڙي ويساهه گهاتين جا نتيجا اڪثر پڇتاءُ تي کٽن ٿا...!!
ساجد: بابا توهان خود سوچيو هن معزور جو بار آئون ڪيستائين کڻندس؟
بابا! آئون توهان کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته منهنجي زندگي خراب نه ڪريو ۽ مون کي پنهنجي زندگي جو هي اهم فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏيو...!!
نيٺ غلام عباس اولاد جي اڳيان پنهنجي ڳالهه ڇڏي ۽ هن کي چوڻ لڳو:
پُٽ... تنهنجي مرضي...
تنهنجي خوشي انهي ڳالهه ۾ آهي ته ٺيڪ آهي اسان تنهنجي خوشي ۾ خوش آهيون، تنهنجي مرضي جيئن ڪر اسان تنهنجي پويان آهيون، تون ڀلي وڃي پنهنجي مرضي سان شادي ڪر...!
اهو ٻڌي ساجد ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پڻس کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو...!
مهرباني .... بابا.... وڏي مهرباني اوهان جي.....!
غلام عباس ساجد کان موڪلائي ڳوٺ روانو ٿئي ٿو ته ساجد وڏي خوشي سان ياسمين کي فون تي چوي ٿو:
ياسمين... تو کي لک لک مبارڪون هجن...!!
ڇا جون مبارڪون.... ٻڌاءِ ته سهي...؟
ساجد: پهرين تون مبارڪون ته جهل....!
ياسمين: ها ساجد خير مبارڪ... هاڻي ته ٻڌاءِ؟
ساجد: ڪلهه بابا هتي مون وٽ هاسٽل تي آيو هو.
ياسمين: پوءِ؟
ساجد: پوءِ مون ان کي پنهنجي شادي لاءِ راضي ڪري ڇڏيو آهي...
آئون اڄ ڏاڍو خوش آهيان...
اڄ مون کي ايتري خوشي ٿي آهي اڄ آئون ڪپڙن ۾ نٿو ماپان...!!
ياسمين: سچي ٻڌاءِ تو واقعي گهروارن کي راضي ڪري ڇڏيو؟
ساجد: ها.... ها سچ ٿو چوان...!
ياسمين: واهه.... واهه پوءِ ته واقعي ڏاڍي خوشي جهڙي ڳالهه آهي، مون کي به ڏاڍي خوشي پئي ٿئي...!
ساجد: هاڻي تنهنجو وارو آهي تون ٻڌاءِ تون پنهنجي گهر وارن سان ڪڏهن ٿي ڳالهائين؟
ياسمين: منهنجو ته ڪو مسئلو ڪونهي، مونکي بابا وارن ۾ ڀرپور اميد آهي، هو منهنجي ڳالهه رکندا...!
ساجد: پوءِ ته واهه واهه ٿي ويندي ياسمين...!
تون بس... هاڻي جلدي ڪر پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائي ته جيئن شادي جي تاريخ پڪي ڪريون...!!
ياسمين: ها بلڪل آئون جلد ئي بابا وارن سان ڳالهايان ٿي..!!
ساجد ۽ ياسمين سندن شادي ٿيڻ جي خوشي ۾ بيحد خوش ٿيڻ لڳا...