• موهُه منهنجي من جي مايا
ازل کان آدمي پنهنجي فڪري وجود ۾ ويڳاڻو، هيڪل وياڪل رهڻ کان علاوه فطري طور پنهنجي جيءَ ۾ انيڪ خيالن، خوابن ۽ خواهشن جون خوبصورتيون به رکي ٿو، انهيءَ ڪري جيون ۾ هُن کي اندر جي اظهار لاءِ ڪو نه ڪو ذريعو ضرور درڪار رهيو آهي. مصوري، سنگتراشي، رقص، راڳ، شاعري ۽ تخليقي اظهار سان لاڳاپيل فنونِ لطيفه جا ٻيا کوڙ ذريعا ان حوالي سان انسان جو وڏو آٿت رهيا آهن.
جيڪي ماڻهو لکي نه سگهندا آهن، پنهنجن جذبن ۽ احساسن، محرومين ۽ مجبورين، روح جي روڳن ۽ من جي زخمن کي اوري نه سگهندا آهن، اُهي روئندا آهن. تنهائي جي تار درياءَ ۾ ٻُڏندا اُپڙندا آهن ۽ لڙڪن سان وجود جو وضو ساري پريت جي نماز پڙهندا آهن. جيڪي روئي نه سگهندا آهن، اُهي رُلندا ۽ ڀِٽڪندا آهن، جيءَ ۾ جلاوطن ٿي ويندا آهن. اندر جي بي چينين ۽ خانه بدوشين کي رستن ۽ راهن ۾ رولي بي قرار روح جي راحت تلاشيندا آهن. جيڪي رُلي نه سگهندا آهن، اُهي دل جي ڪليسا جهڙي ڪُنڊ ۾ پاڻ وڃائي پرين پائڻ جي جستجو ڪندا آهن، پر جن کي اها من جي مايا به ملي نه سگهندي آهي، اُهي ماڻڪ، ماياڪوفسڪي ۽ وان گوگ جيان خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن...!
ڪا به تحرير ۽ تخليق، سرجڻهار جي وجود جو آئينو ۽ عڪس ٿيندي آهي. منهنجا هي مختلف وقتن ۽ ڪيفيتن ۾ مختلف پرين پيارن کي لکيل خط منهنجي آتم ڪهاڻي جو اهم حصو آهن، جن ۾ منهنجا لڙڪ به آهن، ته نيڻن جون ننڊون ۽ اوجاڳا به، جن ۾ محبت جون حُسناڪيون ۽ حاصلاتون به آهن، ته ڦوڙائي ۽ فراق جا وڍ ۽ ورلاپ به. ادب ۽ آجپي جا فڪري بحث به آهن، ته اندر جي سُندر جَهان ۾ جهاتڙيون به. يادگيرين جا ريشمي رنگ به آهن، ته محبوبن سان ملاقاتن جا کيپ ۽ خمار به... ۽ اُهي منهنجن احساسن ۽ آرزوئن جون ساريون سندرتائون ۽ سڳنڌون اوهان پڙهندڙن جي دل جي دوار تي ڪهڙي طرح ۽ ڪيئن ٿيون دستڪ ڏين، ان جي سُڌِ ته تڏهن پوندي، جڏهن اوهان انهن کي پڙهي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا ۽ اوهان جي راءِ سچ ته مون لاءِ انتهائي مانائتي آهي.
آخر ۾، احسان دانش؛ جنهن هن خطن جي ڳٽڪي جو خوبصورت مهاڳ لکيو ۽ ٽائيٽل ٺاهيو ۽ رياضت ٻرڙو؛ جنهن جي محنتن ۽ محبتن سان هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي، جون مهربانيون، جن هر قدم تي پنهنجي محبت ۽ پنهنجائپ پئي آڇي آهي.
فياض لطيف
16-سيپٽمبر2009ع، لاڙڪاڻو
3413275 0300 Mob #