• سال 2005ع
شال خوشين ۽ خوبصورتين ۾ هجين.
کوڙ ڏينهن کان دل لاوارث ۽ يتيم ٻار جيان اٻاڻڪي ۽ اداس آهي. من ڪنهن شيءِ ۾ نه ٿو لڳي. ڪتاب، جيڪي منهنجي آخري پناهه گاهه آهن، انهن سان به هينئون نه ٿو ريجهي. خبر ناهي دنيا ۽ رشتيداريءَ جي روڳن سان گڏ هي روح جا روڳ به اسان جهڙن ماڻهن جي حصي ۾ الائي ڇو ايندا آهن!
مون وجودي طور خدا ڏٺو ته ڪونهي ۽ شايد اهو ڏسڻ به ڪنهن لاءِ ممڪن ناهي، پر ان جا جلوا ۽ مظهر منهنجي دل جو دين رهيا آهن. مون ساري عمر رشتن، تعلقن ۽ محبتن جي عبادت جهڙي احساس ۾ گذاري آهي يا گهٽ ۾ گهٽ ان خوش فهميءَ ۾ بسر ڪئي آهي، ته هن دنيا جي دوزخ ۾ فقط محبتون ئي دل جو معراج هجن ٿيون!
عجب پورهيت اکيون پنهنجون،
عمـر پــوري ڪـمـايــاسـيــن،
اسـان سـپـنــا رڳــو جــانـــان!
مون هجومن ۾ اڪثر پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو آهي ۽ ڪڏهن اڪيلائيءَ ۾ مون پنهنجي آسپاس ميلا متل پَسيا آهن. منهنجي دل جون موسمون ٻار جي مزاج ۽ معصوميت جيان رهيون آهن. ڪڏهن ننڍڙي شيءِ جي ڦرجي/وڃائجي وڃڻ تي لڙڪن سان ويهاڻا پُسائي ڇڏيندو آهيان، ته ڪڏهن وري وڏي کان وڏي نقصان تي به نيڻن مان بوند نه بَرسندي اٿم! منهنجي جيون ۾ حاصلاتون محدود ۽ لاحاصلاتون ججهيون رهيون آهن. مون پائڻ کان وڃايو وڌيڪ آهي يا ائين چوان ته مون اَڻ ڳڻيو وڃائڻ کان پوءِ به صرف اڻ مئي پياس پاتي آهي... ها! پياس دريائن ۽ سمنڊن جي ساحلن جهڙي پياس، جيڪي آب جي آغوش ۽ ڀاڪرن ۾ هوندي به پياسا ۽ اڃايل ئي رهندا آهن...!
امرتا ڪٿي چيو آهي، ”محبت به ان مانيءَ جيان آهي، جيڪا روز تازي پچائڻي پوي ٿي“ ۽ مون اها محبت جي ماني دل جي تنور تي روز تازي پئي پچائي آهي، پر پوءِ به منهنجي مجذوبيءَ جو ساهه سِڪايل ئي رهيو آهي!
ڪيتريون برساتون آيون، پر اڄ به اوسيئڙي جي ساگر ۾ منهنجي دل جي سِپي منتظر ۽ مضطرب آهي. آءٌ عمر ڀر ٻين جي خواهشن جي ٻارڻ ۾ جليو آهيان. نتيجي ۾ منهنجا خواب يتيميءَ جي جهنم ۾ پل جيئندا ۽ پل مرندا رهيا آهن. آءٌ پنهنجي مرده خوابن جا لاش کڻي ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. هيءَ ڌرتي ايتري پائجي چڪي آهي، جو ڪٿي مئل سپنن کي دفنائڻ لاءِ ٻه گز زمين به ميسر ڪونه پئي ٿئي!
آءٌ ڏاڍو روئڻو به آهيان، ته مضبوط به، منهنجي اندر ۾ عورت جي دل ۽ مرد جي ديوانگي آهي... منهنجا نيڻ بادلن جو خواب ۽ منهنجو هينئون ميران جي ويراڳي آهي. مان گوتم جيان دنيا جي اميري تياڳڻ ٿو چاهيان، پر تو جيان اڍائي قلندرن جهڙن دوستن جي دلبريءَ کان مُنهن موڙي ڪافر ٿيڻ قطعن قبول ڪونه اٿم.
تون مون کان رُسندي نه ڪر.... تنهنجي ناراضگي مون کي کوڙ ويڳاڻو ڪري ڇڏيندي آهي. توسان منهنجو ڪوئي رشتو ڪونهي. دنيا جا سڀئي رشتا غرض ۽ توقع جي ڪچي ديوار تي بيٺل آهن، جنهن کي سيلاب جي هڪڙي سَٽَ، مٽيءَ جو بي معنى ڍير بڻائي ڇڏيندي آهي!
منهنجي نيڻن جي خوابن مون کي ڏاڍي بي سڪوني ۽ آوارگي ارپي آهي.... تون منهنجي دل جو خواب ۽ روح جي رعنائي جو احساساتي آجپو ۽ آنند آهين. رت جي رشتن مان روح ۽ راحت جا رنگ الائي ڇو غائب ٿي ويا آهن! تنهنڪري توسان آءٌ ڪوبه رشتو نڀائڻ بدراڻ روحِ وفا نڀائڻ ٿو چاهيان...
ڀائو جاني! اڄڪلهه مون کان کوڙ خوبصورتيون رُٺل آهن: منهنجي شاعري، منهنجو قلم، منهنجا ڪَتاب، منهنجون ننڊون، منهنجو جيءُ.... انهيءَ ڪري تون پنهنجي مثبت ۽ اُڪير جي احساس کي اوپرائپ جون اکيون ۽ ڏوري جو ڏس ڏئي، منهنجي دل جي لاءِ جلاوطنيءَ جو زخم نه جنمجانءِ!
وجود محبتن جو محتاج هوندو آهي. ڇا محبتون به وجود جون محتاج هونديون آهن؟
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
17 جنوري 2005ع
•••••
ڀائو جاني!
شال وقت جو هر پل تو لاءِ خوشين ۽ خوبصورتين جون اڻ مئيون حُسناڪيون کڻي اچي.
دل جي ٻار کي ڏينهنِ کان ڏاڍو سمجهائيندو رهيو آهيان، پر”هي بي سمجهه سمجهو ۽ اڻ ڄاڻ ڄاڻو، ڀرئي بزم ۾ جنهن اڪيلو گذاريو....“ ڪنهن سمجهه ۽ سرت جي دليل سان سَرچي ئي نه ٿو...!
دل دریا سمندروں گہرے، کوں دلیاں دیاں جائے
اپنا آپ پچھاٹے جھیڑا، ساڈا درد پچھاٹے
اڄ پهريون ڀيرو تنهنجو خط پڙهندي، ائين لڳو ڄڻ تون منهنجي سَڏَ جو پڙاڏو ۽ پڙاڏي جو سَڏُ هجين. لمحي لاءِ دل سَڌَ ڪئي هئي، تنهنجي انهن آڱرين کي چمڻ جي، جن ۾ ماءُ جهڙي ممتا ۽ ڀاءُ جهڙي ڀيڻ جو تاثير ۽ احساس موجود آهي.
ڀائو! ڪي ڏک پٿر جيان هوندا آهن، جن کي ڪنهن دل گُهرئي دوست ۽ دلبر سان Share ڪرڻ کان پوءِ ائين ڀاسندو آهي، ڄڻ اهو درد جو پهاڙ پرزا پرزا ٿي پنهنجي حيثيت ئي وڃائي ويٺو هجي ۽ دل ڪنهن ابهم ٻالڪ جيان درد جي ٻوجهه کان آجي ٿي، پرهه جو ماڪ سان مرڪندڙ گلاب جو مثال بڻجي پئي هجي... پر ڪي درد نازڪ شيشي جيان هوندا آهن، جن کي جڏهن ڪنهن به لفظ سان اظهارڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، ته اهي لفظ پٿر جيان ان شيشي کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندا آهن ۽ دل جو پورو ديس رت جي ريج ۾ وهنجي ويندو آهي...!
ڏک سان منهنجي آشنائي ڪا نئين ڪونهي. ڀٽائي جيان سور سان منهنجو ازلي نينهن ۽ ناتو آهي... ڏک ئي منهنجي سگهه به رهيو آهي، ته سُرتِ به... اها ڏک جي سندرتا ئي هئي، جنهن ڀٽائيءَ جي سِٽن ”سرجيس تان سور، ساماڻي تان سک ويا“ ۽ ”ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو“ جا محبوب مفهوم مون تي واضح ڪيا هئا ۽ اهو به ڏک ئي آهي، جنهن مون لاءِ جيون ۾ سُکَ جون کوڙ سوغات آنديون آهن... پر هي ڏک تو سان ڪيئن Share ڪجي، جيڪو ڪنهن لفظ سان ادا ڪري ئي نه ٿو سگهجي! ائين ناهي ته مان تو کان ڪجهه لِڪائڻ ٿو چاهيان... لڪائبو ته انهيءَ کان آهي، جنهن سان ڪي حدون ۽ حساب هجن... توسان ته منهنجي ڪائي حد، ڪوئي حساب، ڪائي اوپرائپ، ڪائي دوري ۽ ڪوئي لِڪاءُ ڪونهي.
تو ۾ ته مون ممتا جهڙو موهه ۽ محبوبن جهڙي محبوبيت محسوس ڪئي آهي. بس لفظن کي زبان ۽ زبان کي لفظن نه ٿا ملن. مندر ۾ هڪ ڏيئو روشن هو. نيڻ-دريچن ۾ هڪ سندرتا مَحوِ خواب هئي، جنهن جي احساس جي موجودگي وجود جي چؤڏسائن کي چانڊوڪي ٿي ڏني ۽ ان کي هڪ ڦوڪ سان ان ئي وِسائي ڇڏيو، جنهن جي جوت ۽ اعتماد جي جلا سان ٻاٽ ۾ اها لاٽ منور هئي...!
دل-ديول ۾ هڪ شيشو ڀَڄي ڀور ڀور ٿي پيو ۽ من جو بدن رتو رت ... سالن جي ثابت قدمي بي ثبات ڀاسي ۽ پن پن جيان ساري سگهه وکري وئي!
يقين اٿم ته منهنجي اڻ اظهارئي درد ۽ گونگي دل جي سُڏڪي کي تو پنهنجي من-بدن ۾ ضرور محسوس ڪري ورتو هوندو.
تو سان انيڪ ڳالهيون ڪرڻيون اٿم... بس پنهنجي ڀائو لاءِ دعائن جا در کُليل رک، ته جيئن هن روڳي روح جي چپن تي مرڪن جون مندون موٽي اچن!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
3 فيبروري 2005ع
•••••
ڀائو جاني!
شال سُکي ۽ سلامت هجين.
ٽن، چئن ڏينهن کان مسلسل برسات سبب ڪاليج وڃڻ ڪونه ٿيو هو. اڄ جيئن ڪاليج پهتس، ته تنهنجو خط مليو. بهار جو پهريون ڏينهن ۽ پهرين پهر ۾ تنهنجي خط جي خوبصورت حاصلات، سچ ته موسم کي وڌيڪ محبوب ۽ موهيندڙ بڻائي ڇڏيو. ان پل ئي کولي پڙهيم. سچ ته ڏاڍو سڪون مليو. واقعي محبتن ۾ ڪرشماتي قوت هوندي آهي ۽ تنهنجي سار ۾ عجيب سُڳنڌ ۽ ساءُ... تنهنجا خط ايندا آهن، ته وجود ۾ ڄڻ تازگي اچي ويندي آهي، پورو ڏينهن هڪ عجيب طلسماتي ۽ محبوب احساس ۾ گذرندو آهي... تون واقعي به خط ڏاڍا خوبصورت لکندي آهين. تنهنجن خطن مان سدائين مون کي پنهنجن خوابن جي خوبصورتين ۽ خوبصورتين جي خوابن جي خوشبو ايندي آهي... مان تنهنجي خطن کي کوڙ ڪيفيتن ۽ نرالي احساس جي سندرتائن سان پڙهندو آهيان. ڪڏهن آفيس ۾، ڪڏهن لان ۾، ڪڏهن گاڏي ۾ سفر دوران، ڪڏهن پنهنجي ڪمري ۾ (جيڪو تو جيان مون کي پناهون ۽ پيار ڏيندو رهيو آهي)، ته ڪڏهن وري ننڊ ۾.... پر مون جنهن ڪيفيت ۾ به انهن کي پڙهيو آهي، انهن ۾ تون نظر آئي آهين.... ها! تون جيڪا منهنجي راحتن جو روح به آهين، ته روح جي راحت به... ڪڏهن ماءُ جهڙي شفيق، ته ڪڏهن محبوبن جهڙي پياري، انهيءَ ڪري ئي مون تنهنجي ممتا جهڙي محبت ۽ محبت جهڙي ممتا سان هر لمحي پيار ڪيو آهي، ماڪ سان پنکڙي ۽ پنکڙي سان ماڪ جهڙو پيار...!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
13فيبروري 2005ع
•••••
ڀائو جاني!
شال جُڙي هجين.
هڪ ڏينهن تنهنجو خط مليو ۽ ٻي ڏينهن تنهنجي ڊائري هڪ ويهڪ ۾ تنهنجو خط پڙهيو ۽ ٻي ويهڪ ۾ تنهنجي پوري ڊائري پڙهي پوري ڪيم. تنهنجي خط پڙهڻ کان پوءِ کوڙ کِليس به، ته کوڙ اداس به ٿيس... کِل گنجي واري ڳالهه تي آئي ۽ اداسي تنهنجي جيون جي بي بهار لمحن تي... ڪاش! مان تو لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ها!
مان تو لاءِ هر وس ۽ وت هئڻ جي باوجود ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان... ان کان وڏو ڏک ۽ الميو مون لاءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو...! تنهنجي ڊائري کوڙ حوالن سان منفرد ۽ پياري لڳي. پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳو ڄڻ ”ذاتي ڊائري“ نه، پر ”جڳ ڊائري“ هجي. کوڙ پنن تي تنهنجا عڪس پسيم. تنهنجي پسند، تنهنجا خواب، تنهنجا جذبا، تنهنجون اداسيون، تنهنجي بيوَسي، تنهنجون ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون ۽ احساساتي خوبصورتيون.... ۽ ها جڳ جهان به ته آهي تنهنجي هن ڊائريءَ ۾.... تنهنجي احساس جون کوڙ خوبصورتيون مون پنهنجي نوٽ بڪ تي اُتاري ورتيون آهن....
• ”محبت ٽين اک هوندي آهي. ٻن اکين سان اسان دنيا کي ڏسندا آهيون ۽ ٽين اک صرف محبت لاءِ مخصوص هوندي آ.“
• ”حاصلات کان پهريان محبت بند مکڙيءَ وانگر هوندي آهي ۽ حاصلات کان پوءِ ٽِڙي گلاب ٿي پوندي آهي.“
انهن کان سواءِ مون تنهنجون کوڙ ٻيون سِٽون به پنهنجي ڊائري ۾ سانڍي رکيون آهن ۽ تنهنجي احساس جا رنگ منهنجي ڊائريءَ تي ائين ٿا لڳن، ڄڻ پوپٽ پنهنجي رنگن جون حُسناڪيون وساري ويو هجي. تنهنجي ڊائريءَ سان هڪ رات جو سفر ڏاڍو سُندر ۽ لاڀائتو گذريو، جيڪو جيون ڀر ياد رهندو.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
7 مارچ 2005ع