• سال 1998
شال سُکيو ۽ سلامت هجين.
مٺا! الاهي ڏينهنِ کان دل ويران شهر جيان اڪيلائيءَ جا عذاب ۽ اذيتون ڀوڳي رهي آهي. امر جليل ڪٿي لکيو آهي ته ”مان اذيتن ۽ خزائن جي موسمن ۾ لکي سگهندو آهيان، گُهٽ ۽ ٻوسٽ ۽ ڏکين حالتن ۾ پنهنجي وجود ۾ وڌيڪ سگهه محسوس ڪندو آهيان.“
ساڳيءَ ريت محبتن جي حاصلاتن پويان پاڻ گنوائي ڇڏيندڙ ڊِچ مصور وان گوگ پنهنجا شاهڪار به عجيب اذيتن ۽ تڪليفن ۾ پچِي ۽ پڄري تخليق ڪيا، پر انهن جي برعڪس آءٌ اهڙن لمحن ۾ هڪ سِٽ به لکي نه سگهندو آهيان. ڏک ۽ پيڙائون مون کي ڀَڃي ڀوري ۽ وکيري ڇڏينديون آهن. آءٌ خزائن ۾ اُجڙيل وڻ جيان پن پن ٿي اُجڙڻ ۽ وکرڻ کان پوءِ پاڻ کي جوڙيندو آهيان. ٽٽي جڙيل وجود ۾ جڏهن ستُ ۽ ساهس موٽي ايندو آهي، تڏهن منهنجن خيالن ۽ خوابن جا پنڇي پنهنجن احساسن جا پَرَ پکيڙي ڪاغذ جي آڪاش تي اُڏامڻ لڳندا آهن. پنن تي پنهنجي آرزوئن ۽ اذيتن کي اظهارڻ کان پوءِ هينئون کوڙ هلڪو، اوجاڳيل ۽ بي آرامي نيڻ کوڙ آرامي ۽ ننڊاکڙا محسوس ٿيندا آهن. جيڪو عرصو تو کان رابطي جي حوالي سان ڪٽيل رهيس، ان ۾ ڪجهه لکي نه سگهڻ وارو نقصان ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر ان وچ ۾ مون پاڻ کان وٺي پاڻ سان لاڳاپيل انيڪ قلمڪارن جي جستجو ۽ جيون ڪٿائن جا ورق ورايا آهن، جن جي فڪري ۽ احساساتي تاثر منهنجي ڇڙوڇڙ ۽ منتشر سگهه ۽ سوچن کي ڪافي يڪجاءِ ڪيو آهي...
هن دنيا جو پورو نظام هڪ متوازن ڏيتي ليتيءَ جي مضبوط بنياد تي قائم آهي. رشتيداريءَ کان وٺي دوستين ۽ محبتن جي تعلق جو سرشتو، اميدن ۽ ٻيڻي واپسيءَ جي ترت موٽ واري اصول تي مدار رکندڙ آهي، جنهن ۾ ٿورڙي ڪوتاهي سڄي ڪَئي - ڪرتئي جو ستيا ناس ڪري ڇڏي ٿي. پيءُ ۽ ماءُ کان شروع ٿيندڙ اهو توقعات جو سلسلو ڀائرن، ڀيڻن، زال، اولاد ۽ ٻين انيڪ معاشرتي رشتن ناتن کان ٿيندو، دوستين ۽ محبتن تائين پهچڻ کان پوءِ به ڪٿي ڇيهه ڪونه ٿو ڪري.... هڪ فطري جبلت تحت ٻن پياسي وجودن جي جنسياتي تسڪين ۽ ان سنجوڳ مان هڪ وجود جو جنم، جيڪو فطري ۽ اٽل هجي ٿو، پر ان جي جنم سان ئي ان سان غير فطري ۽ غير ضروري توقعات وابستا ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي ان کي آزاد جياپي بجاءِ غلاميءَ جو جيون عطا ڪن ٿيون. وڏو ٿي ڪمائي کارائيندو، پوڙهائپ ۾ سهاري جي لٺ بڻجندو، ڏکيءَ سُکيءَ ۾ ڪم ايندو، اُهي آٿت ۽ سهاري جون اُميدون ته پنهنجي جاءِ تي، پر ٻيون اهڙيون انيڪ احساسِ محروميون ۽ خواهشون هڪ معصوم وجود تي جبرن مڙهيون وڃن ٿيون، ۽ هو عمر ڀر چاڪيءَ جي ڏاند جيان چُڙندو ۽ چِڪندو رهي ٿو... نتيجي ۾ جنم وٺندڙ وجود جون پنهنجون خواهشون، خواب ۽ خوبصورتيون پنهنجي وجود اندر پيسجي ۽ پڄري پوريون ٿي وڃن ٿيون. جوڀن واريءَ عمر تائين پهچندي پهچندي هن جي وجود ۾ ٽڙندڙ خوشين، خوبصورتين ۽ خوابن جا گلاب پاڻ سان لاڳاپيل رشتن ۽ ناتن جي گُهرجن ۽ غرضن ۾ خرچ ٿي مُرجهائجي ۽ مري وڃن ٿا. نتيجي ۾، هڪ خالي گهر جهڙي ويران وجود ۾ انڌيرا ۽ اڪيلائيون اچي واسو ڪن ٿيون. ڪچي مٽيءَ مان جوڙيل انسان پنهنجي وجودي بي قرارين ۽ بي چينين ۾ جڏهن پاڻ ئي ڀڄي ۽ ڀُري پوندو آهي، تڏهن ان کي جوڙڻ ۽ جيارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي. جڏهن احساسِ محرومين جو راڪاس ماڻهوءَ جي مڙني مسرتن ۽ چاهنائن کي ڀيلي ويندو آهي، تڏهن ماڻهو جو جيءُ ائين خالي ٿي ويندو آهي، جيئن پکين کان پوءِ آکيرا خالي ٿي ويندا آهن، جيئن روحن کان پوءِ جسم کوکلا ٿي ويندا آهن...!
مون کي اهو احساس ان ڏينهن شدت سان محسوس ٿيو هو، جنهن ڏينهن پاڻ سوين ماڻهن جي هجوم ۾ هڪ روح کان خالي ٿي ويل گهنور خان جي خاموش مڙهه جو مُقام تائين واري سفر ۾ ساٿ ڏنو هو. زندگيءَ سان سوين حسرتون ۽ حسناڪيون لاڳاپيل ٿين ٿيون، پر مُئي سان چند نيڻن جا لڙڪ ۽ گلابن جون ڪجھ پنکڙيون لمحن، ڪجهه ڏينهنِ ۽ هفتن لاءِ ئي ساٿ ڏئي سگهنديون آهن.
پاڻ زنده آهيون ۽ زندگيءَ جي ان وهنوار جو حصو آهيان، جنهن ۾ ٻين لاءِ جيئڻ عبادت ۽ خود لاءِ جيئڻ خود غرضي ۽ عيب مترادف آهي. جيڪو وڻ پاڻ اندران پُورو ۽ خزائن جو اُجڙيل هوندو، اهو ڪنهن ٻي کي ڀلا ڪهڙي پناهه ۽ ڇانورو ڏئي سگهندو....!
منهنجي من-آکيري ۾ چند ماڻهن جي محبتن ۽ آٿت جو احساس اڃا به معصوم پکيئڙن جيان موجود آهي، جي اهو اڏامي ويو ته پوءِ پتو ناهي پاڻ به الائي ڪهڙي ڪنڌي هجون...!
پيارا! اسين زندگيءَ ۾ موت جهڙيون اذيتون ڀوڳيندڙ ماڻهو آهيون. اسان جا خواب هڪ رُدالي جي نيڻن ۾ خشڪ ٿي ويل لڙڪن جيان آهن. محبتن جي موٽ ۾ جنم ٽيپ ڪاٽيندڙ اسان جهڙا ماڻهو پنهنجن محرومين ۾ ئي ڪنهن ڪچي گهڙي جيان ڀُري پوندا آهن ۽ پوءِ پوري عمر سهڻي بنا، ميهار بڻجي، سُڃو ۽ ٻُسو جيون جيئڻو پوندو آهي.
آءٌ بنيادي طور تي ڏاڍو وکريل ۽ بي ربط ماڻهو آهيان، تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪتابن، ميوزڪ ۽ تنهائيءَ جي موسمن جي ساٿ ۾ ڏاڍو طويل سفر ڪري ويندو آهيان، جتي ڪجهه وڃائجي وڃڻ واري احساس کي تلاشڻ کان پوءِ به پنهنجي وجود ۾ سگهه ميڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جيڪا مون کي منهنجي ڪمري تائين پهچائي، پاڻ الائي ڪيترن ڏينهن تائين خانه بدوش ٿي ويندي آهي.
محبتن جي حاصلات ماڻهوءَ جي جيون ۾ انيڪ رنگ ۽ رونقون نکاريندي آهي، پر شاعريءَ جا رنگ کوڙ ڏينهن کان منهنجي جيون جي گلشن مان پوپٽن جيان اڏامي ويا آهن، جنهنڪري من جو موسمون ڏاڍيون اُٻاڻڪيون ٿي پيون آهن. جيءُ جذبن، احساسن، خيالن ۽ خوبصورتين سان ڀريو پيو آهي، پر لفظ آهن، جيڪي روح جي ربط سان ريجهن ئي ڪونه ٿا.... نثر ۾ پنهنجين بي چينين کي آنند جو آغوش ارپڻ لاءِ ڪوشش ۾ آهيان، پر دل جيان بي چيا اظهار جا اوجاڳيل نيڻ نثر جي آغوش ۾ آهلڻ لاءِ آماده ئي ڪونه ٿا ٿين.
هتي اڄڪلهه برسات جي موسم آهي. ڪالهه کان ڀريل سانورن بادلن پياسي ڌرتيءَ کي خوب سيراب ڪيو آهي. موسم جي تبديليءَ ڪري کنگهه ۽ ڳلي ۾ تڪليف ٿي پئي آهي، جنهنڪري ڊيوٽيءَ تي به ڪونه پيو وڃان، سڄو ڏينهن ڪمري، قلم، ڪتابن ۽ موسيقيءَ جي ساٿ ۾ ٿو گذري... ڪڏهن ڪڏهن گهر جي شهر جھڙي گهماگهميءَ ۾ پنهنجو پاڻ ڪنهن وڃايل ۽ وياڪل ٻار جيان ٿو لڳيم، جنهن کي ماڻهن جي هجومن هجڻ باوجود ڪو چيچ کان وٺي ريجهائڻ ۽ آٿت ڏيڻ وارو به ڪونه ٿو هجي، نتيجي ۾ اداس نيڻن مان لڙڪن لڙي پوڻ کان پوءِ پنهنجي ويڳاڻي من کي پاڻ ئي ريجهائڻ لاءِ ”شاهه جو رسالو“ ڏيڻو پوي ٿو.
مٺا! ڪجهه ڏينهن اڳ تو کان موڪلائي موٽ جي سفر دوران وين جي دريءَ مان ٻاهر نظر ايندڙ منظرن کي نظرون ارپي پوري سفر ۾ پاڻ کي کوڙ مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪيم، پر جيءَ جي جلاوطني ڏاڍي اذيتناڪ ٿي هجي، جنهن کي ڪنهن حسين منظر جي محبوبيت به ڏاڍو ڏکيو ٿي موهي!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
4 مارچ 1998ع
•••••
پيارا منظور ٿهيم!
شال سُرهو ۽ سلامت هجين.
ڪافي ڏينهن کان چاهيم پئي ته تو سان ملي، تنهنجي امڙ جي وڇوڙي واري زخم تي ڪائي آٿت جي مرهم رکجي، پر اوهان سان رابطو ڪو نه ٿي ٿيو ۽ نه ئي اها خبر ٿي پئي، ته تون اڄڪلهه ڪٿي آهين. کوڙ عرصي کان ملاقات ۽ رابطي نه رهڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪيترين نه ڏکائين سان مُنهن ڏيڻو ٿو پوي...! صحيح ايڊريس نه هئڻ ڪري خط ذريعي رابطي واري اِڇا به اڻپوري رهي، ٻه ٽي ڀيرا خط لکيا به، پر لفافي کان اڳ ئي هٿن ۾ پرزا پرزا ٿي هوائن جي نظر ٿي ويا. پَٽ تي وکري ويل ڪاغذ جي ٽڪرن کي ميڙي هڪ مُٺ ۾ ڪري، هر ڀيري هڪ احساس جي چهنڊڙي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪئي اٿم. الائي ڇو لفظن ۾ عجيب بي ترتيبي ۽ رسمي هجڻ واري خيال اڪثر مون کي پنهنجن عزيز ۽ آٿت جي احساس جهڙن دوستن سان رابطي کان وقتي طور ٿيڙي، خاموشيءَ جي اداس راهن ۾ ڀِٽڪائي پئي ڇڏيو آهي ۽ نتيجي ۾ ڏينهن تائين ڏهاڳ ڀوڳڻو پيو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ائين ڀاسندو آهي ته پاڻ زندگيءَ جي مسافت ۾ رولاڪين جا راهي آهيون ۽ پنهنجي منزل ڀٽائيءَ جي هن بيت جهڙي ٿي هجي:
هــيــڪــلـيــائـــي هـيــــل، پـــوريـنــــدس پـنـهـــــون ڏي،
آڏا ڏونـگـــر لـڪـيــون، ســوريــــون سُـجهــــن سـيــل،
ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.
اسان جي تاريڪ راهن ۾ چنڊ ۽ تارن جي روشني اهڙي هم سفر سمان آهي، جن جو ساٿ ۽ سٻنڌ اسان ۾ سدائين جياپي جي روح کي بيدار ڪندو ٿو رهي. خوابن جون حسناڪيون ۽ آدرشن جا احساس ئي اسان جهڙن ماڻهن جي جيون جو وڏو اثاثو هوندا آهن. پاڻ اصولن ۽ آدرشن جي راهه ۾هزارين آزمائشون ۽ پيڙائون پنهنجي جهول ۾ مرڪي کندڙ ماڻهو موٽ ۾ ڇا پلئه پائيندا آهيون؟ اهو سوال جڏهن به منهنجي سامهون ايندو آهي، منهنجو جيءُ ڪنهن زخمي پرندي جيان ڏاڍو بي چين ۽ اداس ٿي پوندو آهي، پر هِن بي حس سماج ۾ ڪري به ڇا ٿو سگهجي، سواءِ ڪنهن کاهوڙي جيان پنهنجو پاند بچائي خاموشيءَ سان خود کي تلاش ڪرڻ ۽ ثابت قدم رهڻ جي...!
منظور! تون منهنجي اڍائي قلندرن جهڙي دوستن مان اهو دوست آهين، جنهن جي هئڻ جو احساس سدائين مون کي هن مُئل ڍور جهڙي معاشري ۾ بامعنى جياپي جو اتساهه عطا ڪندو رهيو آهي. تون مون کان هڪ پل لاءِ به، ان وقتي راّبطي نه هئڻ باوجود ڪونه وسريو آهين. ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، تون ۽ تو جهڙا منهنجا چند دوست منهنجي سمرتين ۾ مون سان گڏ رهيا آهن. ماڻهوءَ کي وقت، حالتون ۽ تجربا گهڻو ڪجهه سيکارن ٿا ۽ ان سکيا واري عمل ۾ ماڻهو گهڻو ڪجهه وڃائي به ٿو. مان سمجهان ٿو ته گهڻو ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ به مون ايترو ڪجهه حاصل ڪيو آهي، جو انيڪ ڀيرا ٽٽڻ کان پوءِ به ثابت قدم آهيان. تو ڏانهن لکيل ۽ هوا ۾ پرزا پرزا ٿي اڏامي ويندڙ خطن جو الميو به ڪجهه وڃائڻ واري منهنجي ان عمل جو نتيجو آهي، جنهن جي نقصان ۽ لاڀ واري پهلوءَ مون کان ڪافي ڏينهن تائين قلم پَراهون ڪري پئي ڇڏيو آهي. هينئر سچ پڇين ته تنهنجي مليل خط ۽ ان ۾ موجود احساسن مون ۾ نئون روح ۽ اتساهه اوتي ڇڏيو آهي.
تون زندگيءَ، محبت ۽ اندر جي بي قرارين بابت جنهن انداز ۾ سوچين ٿو، اهو تنهنجي ڪافي تجربن، مشاهدن، احساسن ۽ ڪيفيتن جو عملي نتيجو آهي. هر لمحو جهڙيءَ ريت تنهنجي نظرن اڳيان گذريو آهي، ان جهڙيءَ ريت تنهنجن جذبن ۽ احساسن کي ڪيفيتن جي لهرن ۾ لوڙهيو آهي، تو ڪيفيتن جي احساساتي ۽ داخلي پهلوئن کي لفظن جي رنگن سان ڪاغذ جي ڪئنواس تي جنهن تجريدي انداز ۾ پينٽ ڪيو آهي، اهو پهرين نگاهه ۾ ئي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ ٿو لڳي، پر ان جو جيڪو نتيجاتي عنصر آهي. اهو ڏاڍو پيڙائيندڙ ۽ ڪرب ناڪ ٿو هجي.
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته موت ۽ زندگي، حياتيءَ جا ٻه اهڙا دروازا آهن، جن مان هڪ ۾ اَجل جي اوندهه ۽ ٻي ۾ جياپي جي روشني ۽ رونق هجي ٿي. اوندهه ۽ روشني هڪٻئي جو تضاد آهن. گلابن سان گڏ ڪنڊن جي موجودگي اڻ ٽر ٿي هجي، پر ڪنڊن باوجود من هميشه چونڊ گلابن جي ئي ڪندو آهي. اهو فطري عمل آهي، جنهن کان ڪنهن به طور تي انڪار ڪري نه ٿو سگهجي.
آءٌ هميشه ان خيال جو رهيو آهيان، ته زندگي خواهشن جي قيد ۾ ڪنهن جنم قيدي جيان پلن پوري ٿيڻ جي انتظار ۽ اوسيئڙي جو نانءُ نه، پر اڪيلائيءَ ۾ آٿت ۽ اُس ۾ ڇانوَ جي احساس جهڙي ڪنهن آدرش لاءِ پاڻ ارپي ڇڏڻ جو احساس ۽ حقيقت آهي. ڪنهن سان پنهنجي موھ جو من واڳي ڇڏڻ ۾ عجيب آنند آهي، توڙي جو ساحر لڌيانوي جيان، چين کان پوءِ بي چيني ۽ بي چينيءَ کان پوءِ چين جي صداقت زندگيءَ سان عمر ڀر سلهاڙيل رهي ٿي.
چند کلیاں نشاط کی چن کر، مدتوں محو یاس رہتا ہوں
تیرا ملنا خوشی کی بات سہی، تجھ سے مل کر اداس رہتا ہوں
پيارا! جيءَ جي بي قراريءَ جو قرار ڪٿي ٿو هجي؟ ڪيئن چئجي...!
جهڙيءَ ريت ڀرئي سمنڊ ۾ سِپي اُڃاري ٿي رهي، تهڙيءَ ريت هِن وشال ڪائنات ۾ زندگي به سدائين اُڃايل ۽ پياسي ٿي رهي. ان جي پياس جو وقتي طور پورائو ته ماڻهوءَ جو موهه ۽ محبت ڪري ٿي، پر جيون جو دائمي قرار ڇا ۾ هجي ٿو؟ ان لاءِ حتمي طور ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي...!
جيڪي ماڻهو زندگيءَ جي بي قراريءَ ۽ پياس جي پورائيءَ لاءِ اَجل جي چونڊ ڪن ٿا، اهي سچ ته زندگيءَ جي سندر ۽ موت جي بي لذت هجڻ واري صداقت کان بنهه اَڄاڻ هجن ٿا. آءٌ موت جي حقيقت کان انڪاري ڪونه آهيان. موت ته هڪ فطري عمل آهي، جيڪو هڪ نه هڪ ڏينهن هر جاندار لاءِ انت جو سامان کڻي اچڻو آهي، پر هزارين پيڙائن ۽ دردن باوجود زندگي ڏاڍي حسين ۽ پياري ٿئي ٿي.
زندگي فطرت جي باغ جو اهو خوشبودار ۽ سندر گل آهي، جنهن کي پنهنجون موهيندڙ موسمون هجن ٿيون. جيون ۾ اجنبيت جو احساس عارضي ٿئي ٿو. جڏهن زندگيءَ جي موسمن ۽ سندرتائن کان مُنهن موڙجي ٿو، تڏهن اوپرائپ ۽ خالي پڻي جو احساس ماڻهوءَ کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي بي معنى بڻائي ڇڏي ٿو. نتيجي ۾ پرمتڙيو ۽ خوشين کان خالي ٿي ويل ماڻهوءَ جو من موت جهڙي بي لذت لمحي جي چونڊ ڪري ٿو. وقتي ڪيفيتون ماڻهوءَ جي وجود جو حصو هجن ٿيون، جن کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي، پر انهن کي زندگيءَ تي مسلط ڪري ڇڏڻ، خود زندگيءَ سان زيادتي آهي.
زندگي مون لاءِ محبت ۽ مسلسل جدوجهد سان خوبصورت ۽ پُروقار جياپي جيئڻ جو نانءُ آهي. ”پيهي پاڻ سڃاڻڻ“ وارو عمل زندگيءَ کي حسناڪين عطا ڪرڻ سان گڏوگڏ بامعنى بڻائي ٿو. زندگيءَ جي سندرتا ۽ سچائي زنده دليءَ ۾ آهي. زندگيءَ کي فقط نظرين جي رنگين عينڪ سان پسي، ڪڏهن به پُرجهي ۽ پروڙي نه ٿو سگهجي. ان جي پرک ۽ پُرجهه لاءِ ته فهم ۽ اٿاهه ادراڪ گهربل آهي. فطرت جي صداقتن سان جيڪڏهن اندر جي موسمن کي جوڙي رکبو ته پوءِ يقينن سڦل ۽ سندرتائن سان پُرجيوَن گذاري سگهجي ٿو.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
26 مارچ 1998ع
•••••
پيارا مبارڪ!
شال سُکن ۽ سندرتائن ۾ هجين.
گذريل ڪيترن ڏينهن کان سوچيم پئي ته توکي هڪڙو طويل خط لکان، جنهن ۾ پنهنجي اندر جون انيڪ ڳالهيون پني تي پرٽي، توکي پوسٽ ڪريان، پر تون آهين اڏامڪ پکي، تنهنجي خبر ئي ڪونه ٿي پوي، ته ڪهڙي ڍنڍ جي ڪناري تي آهين...! ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان، اسان جي دل جي آشيانن ۾ هيءَ بي چينيءَ جي چڻنگ اچانڪ اچي ڪٿان ٿي ڪري...؟
اسان بي مهِر ۽ بي وفا موسمن پٺيان پنهنجن وفائن جا پير پِٿون ڇو ٿا ڪريون؟ اسان جا چڪور جهڙا خوبصورت خواب سدائين بي منزل مسافت جو بَکُ ڇو ٿا بڻجن؟ اُهي ۽ ٻيا اهڙا اڻ ڳڻيا سوال ۽ انهن جا اڌورا جواب منهنجي احساسن جي جيءَ کي جنجهوڙي وجهندا آهن. نتيجي ۾ پنهنجي ڪوتائن جي آڱر پڪڙي، خيالن ۽ احساسن جي راهن ۾ نڪري پوندو آهيان، جتي ڪڏهن ڪڏهن تنهنجو احساساتي آٿت جهڙو وجود مون کي پنهنجي سنگ سنگ محسوس ٿيندو آهي، پر جڏهن پوئتي مُڙي ڏسندو آهيان، تڏهن تنهنجي پيرن جي احساساتي نشانن کان سواءِ ڪجهه به نظر ڪين ايندو آهي، تنهن پل من الائي ڇو سچل سائين جي هنن سٽن جي سحر ۾ ٻُڏڻ ۽ اُپڙڻ لڳندو آهي:
ڪـڏهــن مـاڪــوڙي مــن، ڪــڏهــن ڪـيهــر شـيـنهـــن،
سرتيون! سارو ڏينهن، مون جيءُ مَ هڪڙي جاءِ تي!
مبارڪ! منهنجي من ۾ دوستيءَ لاءِ تقدس جو عجيب احساس آهي. آءٌ لفظي ۽ رسمي رشتن جو قائل ڪڏهن به ڪونه رهيو آهيان، ڇو ته لفظ روحاني ۽ بي نانءُ رشتن جون رمزون ۽ رفاقتون بيان ڪري ڪونه سگهندا آهن، ان ڪري آءُ لفظي اظهارن کي ڪيترن موقعن تي اڻپورو ۽ اجائي سمجهندو آهيان. فاصلاتي دوريون، اسان جي روحن جي رابطن کي ڪڏهن به متاثر ڪري نه ٿيون سگهن. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي حساسيت اسان کي اڻ ڏٺـين راهن ۽ رستن جو رمتو بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ اسين اوجاڳن ۽ اوکائين جو جهنگ لتاڙي جڏهن پارِ پُڄندا آهيون، تڏهن اسان جو ٿڪل وجود ڪنهن دلربا آغوش جو آنند تلاشيندو آهي، پر جڏهن در تي دستڪ ڏيڻ کان پوءِ به دلين جا تاڪ ٻيڪڙيل ئي رهن، تڏهن تون ئي چئه، حسرتون بي حسيءَ جو بَکُ ڪيئن نه بڻجن...!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
12 آڪٽوبر 1998ع
•••••
سجاد!
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ پنهنجن خيالن جي جھنگ ۾ ڪنهن لاوارث ٻار جيان پنهنجو پاڻ کان ئي وڃائجي ويندو آهيان ۽ ڪيترن ڏينهن جي پيڙائيندڙ مسافت کان پوءِ به پنهنجي شناخت جي ايڊريس هٿ نه اچڻ تي، وري هڪ دفعو ٻيهر هاري ويهندو آهيان. مون حالتن هٿان دل جي داءَ تي هميشه هيرن جهڙيون گهڙيون هارائيون آهن. مون جڏهن به حساب ڪيو آهي، بچت ۾ مون کي بي قراري ئي ملي آهي، تنهنڪري هاڻي مون حساب ڪتاب، تور ۽ ماپ جا هڙئي وَٽَ ئي وساري ڇڏيا آهن.
زندگي مون کي عمر جي هن موڙ تي چيچ ۾ پاتل خوبصورت مُنڊي جيان ٿي ڀاسي، جيڪا روز منهنجي چيچ جي گرفت مان ڍري ٿيندي پئي وڃي...!
آءٌ مزاجن موهه واد ۽ عملي طور حقيقت پسند آهيان، تنهنڪري ئي زندگيءَ جهڙي چنچل حسينا سان منهنجي سُٻنڌ جي ريشمي ڏورِ اڃا نه ٽُٽي آهي. منهنجي خطائن جا هٿ خالي رهڻ باوجود سزائن جا صليب سدائين منهنجي تعاقب ۾ رهيا آهن. خبر ناهي منهنجو خمير ڪهڙي مٽيءَ مان ٺهيل آهي، جو سوين تڙ تلاشڻ باوجود منهنجي اندر جي اُڃ اُجهڻ جو نانءُ ئي نه ٿي ڳنهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم، آءٌ حالتن جي درياهه جي وچ سير ۾ ٽٽي پوندڙ ڪشتيءَ جو ٻڏڻ کان بچي ويل اهو ٽڪرو آهيان، جنهن کي ڪنهن ساحل جي تلاش آهي، پر انتظار جي لمبي سفر کان پوءِ به وجود کي سدائين بي سمت لهرون ئي نصيب ٿيون آهن. منهنجون اکيون اوجاڳن جون ايتريون ته عادي ٿي ويون آهن، جو هاڻي خواب به خانه بدوش ٿي ويا آهن. آءٌ حصن ۾ ورهايل ماڻهو آهيان. منهنجي وجود جا حصا ايترن ٽُڪرن ۾ ورهايل آهن، جو هينئر انهن کي سميٽيندي ۽ سُوجهيندي منهنجي آرزوئن جا هٿ ئي ڦٽجي پيا آهن. ڪروڙين ماڻهن جي هن ڌرتيءَ تي آباد مخلوق ۾، مون جهڙا چند ماڻهو مون کي هر جاءِ تي مليا آهن، جن سان جيءَ جو سُٻنڌ جُڙيو آهي، پر انهن سڀني جي مفاصلن مون کي ڏاڍو خانه بدوش بڻائي پئي ڇڏيو آهي. منهنجي پيرن جيان منهنجي هٿن جون آڱريون به آواره ٿي پيون آهن.
آءٌ ٻي هر شيءِ افورڊ ڪري ويندو آهيان، پر هڪ خلوص جي موٽ ۾ ماٺ مون کي ڏاڍو تنگ ڪندي آهي. منهنجو اڪثر وقت ”ماڻهن جي ميڙ ۾ اڪيلو آهيان“ جيان گذرندو آهي. ايتري تائين جو گهر جي هجوم ۾ به هيڪلائي منهنجو هٿ نه ڇڏيندي آهي، تڏهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن پنهنجن پيارن سان اندر اورڻ تي دل آرو ڪري ويهندي آهي يا وري ڪمري جي ڀاڪر ۾ ميوزڪ ۽ ڪتابن سان ڪمپني ڪرڻ لاءِ چتِ بي چين ٿي ويندي آهي.
زندگي هڪ ڳوڙهي ڳُجهارت جيان آهي، جنهن جون ڳنڍيون کولڻ عاشقن ۽ عارفن جو شيوو آهي ۽ دل جون حسناڪيون عشق جون سرمست اکيون ئي پَسي سگهنديون آهن...
سجاد! تون جنهن جوانيءَ جي مهراڻ-ڪنڌيءَ تي هينئر بيٺو آهين، تنهن تي تو سان ڪنهن سهڻيءَ جو ساٿ ۽ سنجوڳ ٿيڻو آهي، بشرطيڪ تنهنجي موهه ۾ اها مجذوبي هجي، جيڪا دنياداريءَ جون سڀئي ديوارون ٽوڙي دل جي دوار تي مڌم دستڪ ڏيندي آهي. تون ايترو اداس ٿي مون سان خط جي آرسيءَ ۾ مليو آهين، جو منهنجي دل جا هٿ به ڪنبڻ لڳا آهن. دل چوي ٿي توکي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري تنهنجون سڀ اداسيون پنهنجي پاند ۾ پائي وٺان، پر ڇا ڪجي هي فاصلن جي ديوار دل جي اِڇائن جون سڀئي راهون روڪيو ويٺي آهي.
پيارا! خبر ناهي اسان جهڙي ماڻهن جي جيءَ ۾ هيءَ بي قراريءَ جي چڻنگ اچي ڪٿان ٿي ڪري؟ اسين ته ڀُل ۾ ڪنهن ڪوِل تي پير ڏئي پڇتاءَ ۾ راتيون اکين ۾ ڪٽي ڇڏيندڙ ماڻهو آهيون، پر پوءِ به قدرت الائي ڪهڙي اڻ ڪئي ڏوهه جو اسان جي کاتي ۾ انگ وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن جو قرض لٿي نه ٿو لهي....!
پيار ماڻهوءَ کي ڏاڍو بهادر بڻائي ڇڏيندو آهي. تون اڄڪلهه جنهن هيڪلائيءَ جي صحرا مان گذري رهيو آهين، ان لاءِ محبت جي گهاٽي وڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪو تنهنجي دکن جي زخمن تي ڪنهن مرهم جيان ثابت ٿيندو. پر مِٺا! هن سود خور سماج ۾ اهڙي املهه شيءِ جو ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي. گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ته ان راءِ جو آهيان، ته جن ماڻهن کي زندگيءَ ۾ محبت ڪندڙ ماڻهو ملي ويندا آهن، انهن ۾ پهاڙن کي به پرزا ڪرڻ جي شڪتي اچي ويندي آهي، دک ۽ اداسيون ته هڪ معمولي باغ جي موري آهن.
تو جيان منهنجي پسند ۽ ناپسند جا معيار به لوڪ کان مختلف ۽ نرالا آهن. ماڻهو عام طور تي جنهن کي حُسن چون ٿا، مون لاءِ ان مان گهڻو ڪجهه نظر جو دوکو ۽ فريب آهي. سچ، عشق، عبادت، وفا، زندگي، موت، ڏوهه ۽ ثواب لاءِ به ساڳيءَ طرح منهنجي سوچ ماڻهن کان ڏاڍي مختلف آهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جا پٿر به ڪوئي اثر نه ڪندا آهن، پر ڪڏهن وري کلندي کلندي منهنجي نيڻن مان سڀ خوشيون الائي ڪيڏانهن اُڏامي وينديون آهن!
سجاد! مون زندگيءَ جي سفر ۾ انيڪ حسناڪ اکيون ڇهيون آهن، جن جو سرور دنيا جي هن دوزخ ۾ مون کي اڄ به جياپي جو امرت آڇي رهيو آهي. موت مون لاءِ هڪ بي لذت ۽ عشق جي سرمدي کان خالي چپن جي چمي جيان آهي، جنهن جي چونڊ منهنجي محبت جي مذهب ۾ ڪفر جي مترادف آهي. مون جنهن هستيءَ جي وجود تي پريم جو ڪلمو پڙهيو آهي، سا هينئر الائي ڪيترا روپ، رنگ ۽ نالا اختيار ڪري، ڀٽائيءَ جي هن بيت جيان منهنجي روح جي رڳن ۾ محوِ رقصان آهي:
ايڪ قصر، در لک، ڪوڙيـن ڪـڻـس ڳـرکيـون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون.
”هُن“ جي ملاقات ۽ وصال هڪ خواب جي خوبصورتيءَ ۽ جاڳ جو جنجهوڙيندڙ امتزاج آهي، جنهن کي اڄ تائين منهنجون سڀئي سلجهنائون پروڙڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. آءٌ جڏهن ڪنهن ٽاريءَ مان ٽٽل پتن جيان وکريل هيس، تڏهن هن جي حسين هٿن ۽ نفيس آڱرين پتو پتو ميڙي منهنجي وجود کي مڪملتا جو احساس عطا ڪيو ۽ آءٌ جڏهن پنهنجي وجود ۾ پوريءَ طور پڪو ۽ پختو ٿي ويس، تڏهن بي يقينيءَ جي ڀاري پٿر منهنجي نازڪ نينهن جي ڪاڪ محل کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ آءٌ اڄ تائين ان کي جوڙڻ جي جستجوءَ ۾ پنهنجي حقيقتن جا هٿ ڦٽيندو رهيو آهيان.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
28 آڪٽوبر 1998ع
•••••
مبارڪ!
مون لاحاصل محبتن جو ڏاڍو طويل سفر ڪيو آهي. نيڻن ۾ اوجاڳن جون نه ڄاڻ ڪيتريون اڀاڳيون راتيون ڪٽيون آهن. لمبي عرصي تائين مون پنهنجن خوابن کي پنهنجن خيالن جي خوبصورت تصورن سان پئي ريجهايو آهي. خبر ناهي اوسيئڙي جي مسافت ۾ ڪهڙي پيچري جي پٿرن منهنجي پيار جي پيرن کي پِٿون ڪيو آهي؟ مون تنهائي ۾ جڏهن به پنهنجي جيون جي ڪٿا جو ڪاٿو ڪيو آهي، منهنجي حاصلاتن جا هٿ ڪنڊن سان ڀرجي ويا آهن. آءٌ پوري عمر تلاش جي صحرا ۾ پياسي هرڻ جيان ڊوڙيو آهيان، پر پوءِ به پياسو رهيو آهيان. پياس منهنجي ساٿ ۾ سدائين رهي آهي...!
منهنجي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ علم ۽ دانش بدران بهادريءَ ۽ ڏاڍ مُڙسيءَ کي اوليت حاصل رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي سوچي مون وٽ فقط حيرانگيون ئي رهجي وينديون آهن. مون کي ڪڏهن ڪڏهن شدت سان محسوس ٿيندو آهي، ته آءٌ پنهنجيءَ عمر جي پختگيءَ کان گهڻو اڳ وقت جي بي حس هٿن ۾ ڀڳو ۽ ڀُريو آهيان. گهرج جي هٿن هميشه منهنجي خودي خريدي آهي. منهنجي انائن جا کيسا گهڻو عرصو اڳ مصلحتن جي ڪينچي خالي ڪري چڪي آهي. آءٌ پنهنجي وجود جي ڪشتيءَ جو اهو بچي ويل حصو آهيان، جيڪو لهرن جي هٿن مان کسڪي ڪنهن ڪناري جي آغوش ۾اچڻ لاءِ آتو آهي، پر هر ڀيري ڪناري جي آس منهنجي آرزو جي هٿن ۾ هيڪلايون ئي ڏنيون آهن!
مبارڪ! سچ پڇين ته جيڪڏهن منهنجي جياپي جي رڃ ۾ ڪتابن، ميوزڪ، دلڪشن خوابن ۽ چند دوستن جو ساَٿ نه هجي ها، ته منهنجي وجود جو، حالتن جون بُکايل ڳِجهون ڪڏوڪو حساب چُڪتو ڪري چڪيون هجن ها...!
پيارا! اڄ چوڏهينءَ جي رات آهي. چنڊ پنهنجي پوري جوڀن سان آڪاش جي چُنيءَ تي چمڪي رهيو آهي ۽ آءٌ ٻاهر پڌر ۾ توکي هي خط لکي رهيو آهيان. پاڻ چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ چند يادگار راتيون گڏ رهيا آهيون، جن جون سندر سمرتيون اڄ به منهنجي ياد جي سيني ۾ سرهيون ۽ تازيون آهن. تون سجاول جي سفر ۾ هيءَ رات ڪيئن Enjoy ڪندو هوندين؟ منهنجي خيال ۾ تون روشن چنڊ سان پنهنجن مسرتن ۽ اوجاڳن جا نيڻ وندرائيندو هوندين. پر پيارا! اڄوڪي رات جي روشن چنڊ، جنهن حقيقي حُسن ۽ سندرتا کي منهنجي اکين سان آشنا ڪيو آهي، تنهن جو آءٌ لفظن جي زبان ۾ اظهار بنهه ڪري ڪونه ٿو سگهان. اسان هميشه خوابن جا سِڪا کڻي، جيون جي سفر ۾ تلاش جي جستجو ڪئي آهي، پر اڄوڪي رات منهنجي خوابن جي نيڻن ۾ خوبصورت تعبيرون به منهنجن اوجاڳيل نيڻن سان هم سفر آهن ۽ وڏي ڳالهه ته ”هُنَ“ جي وجود جي خوشبو به منهنجي آس پاس ڄڻ ته موجود آهي!
مبارڪ! مان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو محبتن کي ايترو ويجهڙائيءَ کان پسيو آهي، جو ان اعتراف ڪرڻ ۾ هاڻي ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته، بيشڪ! جسم ئي محبتن جو معراج آهي.
هوءَ ڏاڍي پياري آهي. هُن جون اکيون ۽ چپ، هن جا زلف ۽ ادائون منهنجي شاعراڻي تخيل جي ڄڻ ته حسين حقيقت آهن. ”هُن“ کي پهريون ڀيرو ڏسي، منهنجي چپن ۾ الائي ڇو صدين جي سُتل پياس شدت سان جاڳي پئي هئي ۽ جڏهن ”هُنَ“ پنهنجا هٿ منهنجي هٿن ۾ ڏنا هئا، تڏهن منهنجون سڀئي اداسيون ڄڻ ته پنهنجي وجود جي مٽيءَ ۾ ئي مدفون ٿي ويون هيون.
مبارڪ! ”هُن“ جي حاصلات مون لاءِ ائين آهي، جيئن ڪنهن ٻُڏندڙ کي ڪنارو ملي ويو هجي. زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي شايد هاڻي هوائون منهنجي حسرتن کي پنهنجيءَ آڱر تي آسانيءَ سان نچائي ڪو نه سگهنديون!
رات پنهنجي سفر جو الاهي الجهيل سُٽُ اوجاڳي جي آڱرين سان سُلجهائي چڪي آهي. چنڊ جا چمڪندڙ نيڻ ننڊ جي آغوش ۾ اڃا اوجاڳيل ٿا لڳن. منهنجي آڱرين ۾ پڪڙيل پين اڃا ٿڪي ڪونهي، پر اڄ رات مون کي تو سان گڏ هڪ ٻيو خط ”هُنَ“ کي به لکڻو آهي. ها، ”هوءَ“ جنهن جو مون توسان مٿي ذڪر ڪيو آهي، جنهن منهنجي اندر جي بي آرامين ۾ وڃائجي ويل تخليقي سگهه کي، پنهنجي پيار جي آڱرين سان وري دريافت ڪيو آهي!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
2 ڊسمبر 1998ع
•••••
جاني!
دل چوي ٿي اڄ تو لاءِ هڪ نظم لکان. هيءَ چوڏهينءَجي چانڊوڪي رات، هيءَ خوابن جي احساس جهڙي حسين موسم ۽ تنهنجون خوبصورت يادون، نظم جو موهيندڙ موضوع ٿي سگهن ٿيون، پر تون جيڪا خود هڪ مجسم نظم آهين، تنهن لاءِ سچ ته منهنجي ڪوتا جي اظهار جي زبان ڏاڍي اڻپور ٿي لڳي!
تون منهنجي جيون ۾ جنهن انداز سان آئي آهين، ان جي صداقتن خود منهنجي نيڻن مان ننڊ کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آهي. تنهنجا منهنجي هٿن ۾ ڏنل هٿ هر لمحي منهنجي آڱرين کي اوجاڳيندا رهن ٿا ۽ تنهنجي چاهتن منهنجي محبتن کي ڏاڍو بي چين ڪري ڇڏيو آهي.
آءٌ چاهيان ٿو، ته تون منهنجي جيون ۾ پنهنجن راحتن ۽ يادن جا ايترا حسين رنگ ڀَر، جيئن آءٌ پنهنجي بي رونقن ۽ تنهائين کي هميشه لاءِ وساري سگهان.
خبر اٿئي! مون توکي تنهنجي جنم ڏينهن تي ساره شگفته جي شاعريءَ جو ڳٽڪو ”آنکين“ ڇو گفٽ ڪيو هو! ها، انهيءَ ڪري، ڇو ته اهي تنهنجون دل فريب اکيون ئي هيون، جن ۾ نهارڻ سان منهنجي دل جگجيت جي غزل جي هنن سٽن جو مفهوم مڪمل طور تي سمجهي ورتو هو:
تیری آنکھوں میں ہم نے کیا دیکھا
کبھی قاتل، کبھی خدا دیکھا
مون کي تنهنجي لاءِ ان ڪتاب جو تحفو ئي مناسب لڳو هو. تون جڏهن به چاهين ساره جي شاعريءَ جي ورقن ۾ منهنجون اوجاڳيل اکيون تلاش ڪري سگهين ٿي. پر، جاني! جتي به، جنهن ورق ۾ به، منهنجا خانه بدوش نيڻ توکي نظر اچن، انهن تي پنهنجي اکين جا چپ ضرور رکجانءِ، ڇو ته تنهنجون چاهتون ئي منهنجي جيون ۾ راحتن جو روح ڀريندڙ آهن. سچ پڇين ته گذريل هفتي کان وٺي دل ۽ دماغ تي تنهنجي يادن جا موهيندڙ رنگ ڇانيل رهيا آهن. اهو تنهنجي محبتن جو معجزو ئي آهي، نه ته پاڻ ته اقبال جي شعر جيان هئاسين:
بوئے گل خود بہ چمن، راہ تما شد زنخست
ورنہ بلبل چہ خبر داشت کہ گلزار ہست
(گل جي خوشبو ئي چمن جو رستو ڏيکاريو، نه ته بلبل کي ڪهڙي خبر، ته ان طرف به ڪو گلزار آهي.)
تنهنجو ئي
فِيَا
2 ڊسمبر 1998ع