• سال 2003ع
دل عجيب درد سان ڀريل آهي. نيڻن جون سڀئي شامون اداسيءَ ۾ ويڙهيل آهن، هر لمحو انتظار جي اذيت ۽ بي قراريءَ ۾ گذرڻ جي باوجود هڪ اميد ۽ وشواس جو احساس آٿت بڻيل آهي.
گذريل پنجن ڏينهن کان فون تي مسلسل تنهنجي اوسيئڙي جي ڀوڳنا ڀوڳي آهي. منجهند کان شام تائين سماعتون تنهنجي آواز جون منتظر رهيون آهن. دل انيڪ وهمن ۽ وسوسن جي ويرانين ۾ ڀٽڪڻ جي باوجود تنهنجي محبتن جي منڪر ڪونه ٿي آهي. مڃان ٿو، تنهنجي رابطي نه ڪري سگهڻ ۾ ڪانه ڪا مجبوري هوندي، پر هيءَ پاڳل دل ته دنياداريون ڪو نه ٿي مڃي...!
اڳ جيڪي به منهنجي ”جنم ڏينهن“ جا سال گذريا آهن، انهن ۾ مون کي 1-اپريل اچڻ جو ايڏو اونو ڪونه رهيو آهي. آءٌ بي ڌيانو ۽ بي ترتيب ماڻهو آهيان. جنم ڏينهن جي حوالي سان ڪيترائي ڀيرا جڏهن رات جو 12 بجي ڪوئي دوست فون ڪري ”جنم واڌايون“ ارپيندو آهي، تڏهن وڃي سُڌ پوندي اٿم، پر هن ڀيري هي ڏينهن مون لاءِ انتظار جي اوجاڳيل اک جيان رهيو آهي!
اڄ ڪاليج ۾ منهنجي دوستن احسان دانش، رضوان گل، اخلاق انصاري ۽ ٻين کوڙ سارن پرين پيارن گڏجي منهنجو ”جنم ڏينهن“ سيليبريٽ ڪيو، سچ ته کوڙ سرهائي به ٿي، پر تنهنجي لاءِ اوجاڳيل ۽ منتظر آڱرين جي بي قراري ويتر بي چين ئي رهي!
آءٌ جڳهه تي به ويو هوس. کوڙ وقت کُليل دروازي ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪنن تنهنجي آمد جو اوسيئڙو ڪيو. هر لمحي ائين ڀاسيو هو ڄڻ ٻيڪڙيل در مان گذري تون اِجهو اچي مٿان بيٺي آهين ۽ مُرڪي چوين پئي ”دير ٿي وئي نه.... تو کي ته خبر آ....“ ۽ آءٌ تنهنجي ڳالهه پوري ٻڌڻ کان پهريان ئي ناراض هئڻ جي باوجود اُڪير مان اٿي، تو کي کُليل ڀاڪرن جي آغوش ۾ ڀري ٿو ڇڏيان...!
موهه ۾ وهمن ۽ ويچارن جو وطن به ڪيڏو نه مجذوب ٿو ٿئي....!
تنهنجو ئي
فِيَا
01 اپريل 2003ع
•••••
مبارڪ!
اڄڪلهه هينئون الائي ڇو سچل سائين جي سِٽَ ”چرخي چت نهين لگدا، آتڻ ڪيئن آوان“ جو عڪس ٿي پيو آهي. دل کي کوڙ بهانن سان ريجهائڻ جا روز جتن ڪيا اٿم، پر ضدي ٻار جيان، اها پنهنجي عجيب آٽي تي اٽل ئي رهي آهي. سوچيو هيم تو وٽ اچي حيدرآباد جي هوائن ۾ من جي بي چينين کي وساري واپس ورندس ۽ واقعي ئي انهن چئن ڏينهن ۾ دل اداسيءَ جي خزائن کان کوڙ دور رهي هئي. شايد ڏک کي جڏهن دلبريءَ جو آٿت ميسر هوندو آهي، تڏهن صليبن جو بوجهه به ڪک پن ڀاسندو آهي...!
دل ته ڀرئي بادل جيان بي چين آهي ۽ وسڻ لاءِ به وس ٿي ڪري، پر هي ندورا نيڻ روئڻ جي راحتن کان به محروم ٿيندا ٿا وڃن. عجيب بي قراري آهي! سوچن جا انيڪ ڌاڳا آرزوئن جي آڱرين ۾ روز اُلجهي ٿا پون ۽ روز نون سمجهوتن جو صليب سِر تي کڻڻو ٿو پوي. دل - خوابن جا بي ڪفن لاش دفنائي هاڻي ته خود ئي زندهه لاش ٿي پئي آهي...!
الاهي ڏينهن کان ڪجهه لکيو نه ٿو ٿئي. اندر جا احساس اظهار لاءِ آتا آهن، پر لفظن جو آغوش اوپرو ٿو لڳي ۽ هي چوڏس پکڙيل اوپرائپ جو الائي ڪيتريون وستيون اُجاڙيندو...!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
20 اپريل 2003ع
•••••
اَنو جاني!
لفظ بي رنگ پَتن جيان هوندا آهن، جن کي رنگن جون رونقون ۽ رونقن جا رنگَ موهه جون موسمون ئي بخشينديون آهن ۽ رشتا، ها اهي ڪچي ڌاڳي جيان ڏاڍا نفيس ۽ نازڪ ٿيندا آهن، جن جي تند تند کي روح جو رَتُ ڏيڻو ٿو پوي. آءٌ سُرتِ جي ٿورڙي ساڃاهه کان اڄ تائين لفظن کي لهوءَ جا رنگ ڏئي رشتن جي رُڃ ۾ ڀِٽڪندو رهيو آهيان، پر سچ پڇين ته تعلقن جون اهي سڀئي ڏوريون، جن جي مسرت لاءِ مون پنهنجي معصوم جوڀن جون خودڪشيون ڪيون آهن، مون لاءِ ڳچيءَ جو ڳَٽُ بڻجي ٿيون وڃن. خبر ناهي منهنجي مٽيءَ جو خمير الائي ڪهڙي جَر جي ڳوڙهن مان ڳوهيل آهي! آءٌ عمر ڀر ٻين جي خواهشن جي هرجاڻي ۾ خرچ ٿي، هينئر ڏاڍو هٿين خالي ٿي ويو آهيان (ايڏي هار کان پوءِ تنهنجي حاصلات حسين جيون جو احساس ئي ته آهي). ڪڏهن ته پٿر به آسانيءَ سان اَفورڊ ٿي ويندا هئا، پر هينئر ته ننڍڙو ڪنڪر به ڀڃي ڀوري ٿو وجهي....! ڏک اهو ڪونهي ته آءٌ پنهنجي وڃايل وٿن تي پشيمان آهيان، پر الميو اهو آهي ته جن لاءِ سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏجي، انت ۾ انهن جون اکيون ئي اوپرائپ جو عذاب آڇڻ لڳن، تڏهن تون ئي ٻڌاءِ ته هڪ حساس فرد جو هينئون ٻاٻيهي پنڇي جيان درد جي تتل ريت تي ڪيئن نه تڙپي...!
جڏهن خاموشين کي احساس، احساسن کي لفظ، لفظن کي ڏات ۽ ڏانءَ جون خوبصورتيون ملي وينديون آهن، تڏهن خبر ناهي بي چينيون شاعريءَ جو بدن بڻجي وينديون آهن يا شاعري بي چينين جو روح.... پر ايتري سا سُڌِ آهيم، ته جڏهن بي قراريءَ جو روح، لفظن جي بدن ۾ ڌڙڪڻ لڳندو آهي، تڏهن شاعري محبت جي عبادت بڻجي ويندي آهي.
”محبت“ مون لاءِ محض لفظ نه، پر هڪ جذبو، هڪ ڪيفيت، هڪ مجذوبي ۽ هڪ انوکو اڻ- بيانو احساس آهي. جڏهن به مون وٽ احساسن جي شدت عروج اختيار ڪري ويندي آهي، آءٌ اظهار بدران خاموشين جي خانه بدوش لهرن ۾ لُڙهي ويندو آهيان. اڳ شاعري منهنجي لاءِ آٿت جو احساس ۽ ڏڍ هئي. آءٌ پنهنجون هيکلايون ۽ اداسيون هميشه ان سان ئي اوريندو هوس، پر يقين ڪر، جڏهن کان تنهنجي چاهتن جو چنڊ من-اڱڻ تي مُرڪيو آهي، تڏهن کان ڪوتا جي مومل، ساڙولي محبوبه جيان رُسامي جو روڳ ڏئي الائي ڪهڙي پار اڏامي وئي آهي!
مڃان ٿو، شاعري منهنجي اندر جي احساسن جي صدا ۽ سُڏڪو هئي، منهنجي خوابن جي رنگن ۽ احساسن جي آوارگين ان جي ساٿ ۾ ڪيئي سرهاڻيون، سوز ۽ سندرتائون ماڻيون... پر تون ته منهنجي اها ”ساحري“ آهين، جنهن تان ”شاعريءَ “ جهڙيون سوين ڪامڻيون بنا ڪنهن ججهڪ جي قربان ڪري سگهجن ٿيون!
توسان ملي پهريون ڀيرو احساس ٿيو هو، ته محبت نه صرف جسم ۽ جذبي جي مجذوبي جو نانءُ آهي، پر عبادت ۽ آجپي جو حسين احساس به آهي.
تنهنجو ئي
فِيَا
29 آڪٽوبر 2003ع