• سال 1999
نئين سال جو پهريون اُڀرندڙ صبح مبارڪ.
98ع جو سال هر ماڻهوءَ لاءِ مختلف طور تي گذريو. ڪنهن ان ۾ ذاتي طور تي سوين مسرتون ماڻيون، ته ڪنهن محرومين سان پنهنجي جيون جو جهول ڀريو، ڪنهن جي خوابن خوبصورت تعبيرن جا ننڊاکڙا نيڻ چميا، ته ڪنهن جون ساڀيائون خيال جي هٿن مان کِسڪي صحرا جي راهن جون مسافر بڻجي ويون.
آءٌ اڄ جڏهن 98ع جي اک ۾ بي قرار آخري لڙڪ جهڙي لمحي ۾ پنهنجي هڪ سال جي جيون جو حساب ٿو ڪريان، تڏهن منهنجي لاحاصل اڳيان منهنجون سڀئي حاصلاتون هراسيل هرڻيءَ جيان ٿيون لڳن، جنهن جي رُڃ جي اُڃ پويان ڊوڙندي ڊگهي سفر کان پوءِ به طلب جي پياس پوري ڪونه ٿيندي آهي.
سجاد! دنيا ۾ جنهن چيز کي آسائش ٿا چون، اها ذري گهٽ پوري طور تي منهنجي معاشي جيون کي ميسر آهي. سٺي نوڪري، سٺو گهر (جنهن ۾ منهنجو ننڍڙو ۽ خوبصورت خوابن سان سجايل منهنجو هڪ ڪمرو به آهي) سٺا هم خيال هم سفر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه، جيڪو دنياداريءَ ۾ ضروري هوندو آهي، پر ان سڀ جي باوجود منهنجي من ۾ هڪ خانه بدوشي بي چين ٿي رهي. منهنجون اکيون ڪنهن اَڄاتي اوسيئڙي ۾ اوجاڳيل ٿيون رهن، منهنجو آڱريون ڪنهن آرزوءَ جي بدن تي ڀٽڪڻ ٿيون چاهن. منهنجون رچنائون ڪنهن اڇوتي اظهار لاءِ آتيون ٿيون رهن ۽ منهنجا نيڻ ڪنهن خواب جي تعبير جا منتظر آهن.
مون ڳولا جي مسافت ۾ ڏاڍو پاڻ وڃايو آهي. منهنجي پيرن مون سان ايترو ساٿ ڏنو آهي، جو هينئر ڪڏهن ڪڏهن انهن جي پڻي پوڄڻ تي دل بضد ٿي پوندي آهي. آءٌ حالتن جي هٿن ۾ ٽمڪندڙ اهو ڏيئو آهيان، جنهن سان هميشه طوفان ئي منهن مقابل رهيا آهن، پر خبر ناهي منهنجي ڳولا جي ڳُجهه ۾ اها ڪهڙي شڪتي آهي، جنهن منهنجي وجود کي پنهنجي پاند جي پناهه ۾ رکيو آهي. زندگي جيتري به تلخ هجي، پر جنهن جيون جي جهول ۾ خوبصورت خوابن جون مالهائون هونديون آهن، ان جي ڪائنات جي سندرتا مان، پختي ايمان واري عقيدي ۾ ڪٽوتي هڪ تر جيترو به عمل ۾ اچي نه سگهندي آهي.
پراّڻي سال پاڻ کي ڇا ڏنو؟ يا گذريل سال مان پاڻ ڪيترو حاصل ڪيو؟ اهي سوال پنهنجيءَ جاءِ تي اهميت وارا به آهن، ته معمولي به.... ڇو ته جنهن سماج جي وجود ۾ ويڳاڻپ ۽ وائڙائپ جون چِٻون اچي آکيرا اَڏينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته فردي عملن جي ارپنا ۽ جذباتي وابستگين جي باوجود، حاصلاتون واريءَ جي مُٺ جيان محبتن جي هٿن مان وهي وينديون آهن ۽ متلاشي هٿين خالي هڪ طويل اوسئڙي جي واٽ ۾ پنهنجي نيڻن جون آشيائون اوجاڳي هر لهندڙ شام بعد هڪ اڀرندڙ سورج ۾ سرهائيءَ جي اميد وابسته ڪري ويهندا آهن. ان کي تون اميد پرستي چئين يا تخيل پسندي سمجهين، پر وقتي طور تي اهي آٿت مون لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿيا آهن. 98ع جي اڀرندڙ سج کان وٺي ان جي لهندڙ سج تائين، مون جيڪو پنهنجي هڪ سال جي جيون جو حساب ڪيو آهي، تنهن ۾ مون هزارين خوشين جي حاصلات سان گڏ پنهنجي جيون جو هڪ سال به وڃايو آهي. ها، اهو هڪ سال جيڪو منهنجي سڀني حاصلاتن کان پوءِ به اڻ وسرندڙ آهي.
هونءَ به 98ع اجتماعي طور تي، سياسي توڙي سماجي حوالي سان اذيتن، جدائين، افراتفرين، ويڳاڻپ ۽ محرومين جي سال طور گذريو آهي. تو 98ع ڪيئن گذاريو؟ ان جي آشنائيءَ لاءِ اوسيئڙو رهندو. 99ع تو لاءِ، پوري جڳ لاءِ شال پيار، امن ۽ خوابن جون خوبصورت کڻي اچي.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
1 جنوري 1999ع
•••••
مبارڪ!
اسين عجيب دنيا جا متلاشي آهيون. ها! دنيا جنهن جون ديوارون ڪنهن به فريب جي بنياد تي اوچيون اڏيل نه آهن، جنهن ۾ رنگ جون رُتيون ريتن جي بي رونق موسمن تي مدار نه ٿيون رکن. پر پيارا! اها دنيا اسان جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ آباد هجڻ کان سواءِ ڪائنات ۾ ڏاڍي ناپيد نظر ٿي اچي.
يقين ڪر، مبارڪ! آءٌ عمر جي هن حد تائين جن تجربن ۽ مشاهدن مان گذريو آهيان، انهن ۾ جنهن احساس منهنجي جيءَ کي گهڙيءَ گهڙيءَ گهائيو آهي، اهو رشتن، تعلقن ۽ پيار جي سُٻنڌ جي ناپائيداري ئي آهي. سالن جون رفاقتون، محبتون ۽ وفائون هڪ لمحي اندر رقابتن، نفرتن ۽ بي وفائين جي ڀيانڪ روپ ۾ بدلجيو ٿيون وڃن! جنهن ماڻهوءَ جو وجود دنيا جي دوزخ ۾ ڪنهن سُرڳ جيان ٿو هجي، اهو پل ۾ ڪيئن عذاب ۽ اذيت بڻجي ٿو وڃي؟ خدا ڄاڻي، هي بصر جي کَلَ جيان ڳوڙهو ماڻهوءَ جو مانڊاڻ ڪهڙي مٽيءَ مان خلقيو ويو آهي، جيڪو پيار جهڙي ڌرم جي اُجري آرسيءَ کي به پنهنجي انائن جي پٿرن سان پُرزا ڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪونه ٿو ڪري!
مون جيون ۾ هن وقت تائين عملي ۽ علمي طور جيڪو پُرجهيو، پرکيو ۽ پڙهيو آهي، تنهن يقينن منهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي حيرتن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ درد جي دريءَ کي به هر ڀيري پئي کوليو آهي ۽ اها دري ئي مون لاءِ محبوب موسمن جو محرڪ رهي آهي.
هي رشتن ۽ تعلقن جو وجود به ڪوريئڙي جي ڄار جيان ڏاڍو طلسمي ٿو هجي، جيڪو بظاهر پنهنجي جوهر ۾ ته لاجواب آهي، پر ان جي اُڻت ايتري ته ڪچي ۽ ناپائيدار آهي، جو هڪ لمحي جي لهس ئي ان پوري ڪاڪ محل کي پرزا ڪري ٿي ڇڏي. هي دل جون اڇائون به ڏاڍيون اوکيون ٿيون هجن. غالب جيان هر لمحو هڪ جيون جو دام ٿو گهري. گهڙي جيئڻ، گهڙي مرڻ....!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
8 فيبروري 1999ع
•••••
سجاد!
ڪيئن آهين؟ تنهنجو ڪمرو، ميوزڪ، ڪتاب، دوست ۽ تنهنجي دل جون موسمون سڀ ڪهڙي حال ۾ آهن؟
آءٌ ڪافي رونقن ۽ روشنين باوجود تو کي کوڙ مِس پيو ڪريان....!
سچ پڇين ته تنهنجي خيرپور، ميرواهه جون شامون، تو سان گهاريل خوبصورت نيڻن جهڙا چند لمحا ۽ لطيف يونيورسٽيءَ جون حسين ۽ اداس راتيون منهنجي اکين ۾ اڄ به ڪنهن سندر اوسيئڙي جيان اٽڪيل آهن. مون کان هڪ لمحي لاءِ به تنهنجي شهر، ان جي يادن، محبتن ۽ مٺي مٺي درد جو ڇانورو ڪو نه ڇڳو آهي، ايتري تائين جو ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي شهر جي ميلي جهڙي ماحول ۾ ڪيترن ماڻهن ۾ ”ڪنهن جي“ موجودگيءَ جو گمان مون کي انهن طرف گهلي ويندو آهي ۽ موٽ ۾ هڪ نا آشنائي منهنجي مسرتن ۽ مرڪن کان سڀ سرهايون کسي وٺندي آهي.
آءٌ محبتن جي معاملي ۾ ڏاڍو موهه واد ۽ حساس آهيان. زماني جي حالتن منهنجي زندگيءَ ۾ هر ڀيري هڪ ڀاري آزمائش جو اضافو پئي ڪيو آهي، پر محبتن هر لمحي مون کي ان آڳ مان اُڪاريو آهي، توڙي جو پيار جو بانورو بادل ٿورو عرصو ئي منهنجي دل جي رڻ تي برسيو آهي، پر ان جي سيرابي منهنجي جيون جي رڳ رڳ ۾ راحتن جو روح ڀري ڇڏيو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي ته آءٌ ڪيئي ڀيرا ٽٽڻ جي باوجود اڃا ثابت قدم ۽ پُراميد آهيان.
سجاد! منهنجو وجود سارا شگفته جي ڪوتا ڪتاب ”آنکهين“ ۽ امرتا پريتم جي جيون ڪٿا ”رسيدي ٽڪٽ“ جيان ڏاڍو وکريل آهي ۽ ان جا ڪجهه پنا خيرپور جي چنچل هوائن هٿ به شايد لڳا آهن. خبر ناهي انهن پنن مان ڪهڙا ورق هوائن جي آوارگي تنهنجي ڪمري تائين کڻي آئي آهي ۽ ڪهڙا ورق وري طويل خانه بدوشيءَ بعد وڃايل ٻار جيان آويلي وقت پپر مان ڇڻيل ڏڪندڙ پتن جيان تنهنجي در تي دستڪ ڏيڻ وارا هوندا. پتو ناهي، ان سمي تنهنجي نيڻن ۾ ڪيتري جاڳ ۽ ڪيتري ننڊ ستل هوندي! پيارا! تنهنجي پيرن جي پنڌ ۾ڪهڙي مسافت جا پيچرا پکڙيل آهن؟ تنهنجي ننڊ ڪهڙن خوابن جا نيڻ ٿي چمي ۽ تنهنجي جاڳ جي جستجوءَ ۾ ڪهڙي حسينا جي حاصلات جي حسرت اوجاڳيل ٿي رهي؟ خدا ڄاڻي. الاهي عرصي کان تون الائي ڇو ڪاغذي رابطي جي حوالي سان مون کان ڪٽيل رهيو آهين؟ مون ان عرصي دوران تو سان جيڪو به رابطو ڪيو آهي، ان جي موٽ مون تائين ڪونه پهتي آهي.
خير، شال پُرمسرت ۽ پُرعزم هجين. تو لاءِ کوڙ خلوص سان گڏ عيد جون واڌايون.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
27 مارچ 1999ع
•••••
جاويد!
الاهي ڏينهن کان تنهنجي نالي جي ائڊريس لکيل لفافو منهنجي اسٽڊي ٽيبل تي پيو آهي. مون جڏهن به ڪو ڪتاب کڻي چيئر تي چين سان اسٽڊي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن تنهنجي نالي پوسٽ ڪرڻ کان رهجي ويل منهنجي اسٽڊي ٽيبل تي پيل اداس ۽ اوجاڳيل لفافي مون کي پئي بي چين ڪيو آهي. خبر ناهي، آءٌ چاهيندي به، ائڊريس لڳل ان لفافي ۾ بند وائيٽ پيپر تي تو لاءِ ڇو نه ڪجهه لکي سگهيو آهيان ۽ نه ئي اهو وائيٽ پيپر پوسٽ ڪري سگهيو آهيان، توڙي جو مون کي اها چڱيءَ پَر سُڌِ آهي، ته جاويد منهنجي پوسٽ ڪيل وائيٽ پيپر کي به ساڳي خلوص ۽ پيار سان قبول ۽ وصول ڪندو.
پيارا! جيون هڪ ڳوڙهي ڳجهارت جيان آهي، جنهن جون ڳنڍيون کوليندي کوليندي حاصلاتن جا هٿ ڏاڍا خالي ٿي وڃن ٿا ۽ حيرتن جون اکيون ويتر به پٿرائجي ٿيون وڃن!
جاويد! خبر ناهي ته ڪهڙي سمي ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي جيون جي شانت جهول ۾ ڀٽائيءَ جي بيت جي هيٺين چڻنگ اچي اوچتو ڪِري آهي:
مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻَارِ ۾،
اُڀا ائـيـن چـون، مـڇــڻ پـانـد پُسـائـيـن!
جنهن منهنجي من جي موسمن ۾ الائي ڪهڙين بي چينين کي ڀڙڪائي ڇڏيو آهي! هن دنيا جي ڪاروباري ڪائنات ۾ نوٽن جي نقدي بجاءِ خوابن جا نيڻ کڻي، پنهنجي منزل جي متلاشي ماڻهوءَ جي پيچرن ۾، مشڪلاتن جي ڪيتري پٿريلي رڃ اوجاڳيل ٿي رهي، ان جو عملي تجربو، هر حساس ۽ باشعور ماڻهوءَ جو هينئون رتو رت ڪري ٿو ڇڏي!
لِکڻ، ٻُڌڻ، سمجهڻ ۽ چوڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي، پر هي جيڪو لوڪ جو فرسوده سماجي نظام پنهنجي مرده جسم ۾ پوري گندگيءَ جي باوجود موجود آهي، اهو پٿر جيان هر لمحي وري به هڪ حساس ماڻهوءَ جي هينئين ۾ ڪنهن نوڪدار ڪَنڊي جيان چُڀڻ جو عمل ادا ڪندو ٿو رهي ۽ بجاءِ ڪنهن بي حس ماڻهوءَ جي بي سُڌ سماعتن تي ڪو اثر ڇڏڻ جي، پنهنجي ئي جاءِ تي بيٺو ٿو رهي!
جنهن ڏيهه ۾ مذهب ۽ ڌرم ملان، پنڊت، پادريءَ ۽ قاضيءَ جي آڱر جو اشارو ۽ زبان بڻيل هجي، عدالت ۽ انصاف جي ديوي ڏنڊي ۽ طاقت جي سُريت سڏائي، محبتون ۽ پيار غيرت جي نالي ۾ بي غيرت گوليءَ جو نشانو ۽ ڪهاڙيءَ جو کاڄ بڻجن، رشتن ۽ ناتن جون ريشمي ڏوريون، مفادن ۽ ڪاروباري ڪچن ڌاڳن تي جُڙڻ جو معمول بڻجن ۽ جڏهن اهليت پنهنجي جياپي کي جَکَ سمجهي اَجل جي بي حس آغوش جي چونڊ تي مجبور ٿئي، تڏهن جاويد! تون ئي ٻُڌاءِ، هڪ ساڃاهه مند ۽ سُلجهيل ماڻهوءَ لاءِ ڀٽائي جيان، ”الا ڏاهي مَ ٿيان“ واري دردناڪ دانهن ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو گَسُ ٿو وڃي بچي! ها، پر ان کان پوءِ ”لوڪ وهي لهنوارو، تون وهج اوڀارو“ وارو سيد جو سُخن ئي هڪ پارکو پُرش جو پويون ۽ آخري پيچرو ٿو وڃي رهي، پر ان تي پير ڌريندي به خود احتسابي فطرت ڪارڻ هڪ کاهوڙيءَ جي روح جا پير ئي پِٿون ٿا ٿين...!
اڄڪلهه منهنجي سفر جي پيرن هيٺان ڳوٺ ۽ لاڙڪاڻي جا روڊ ۽ رستا روز جو معمول بڻيل آهن. ڪاليج جو ماحول، چند دوستن جي پنهنجائپ ۽ ڪتابن جي ڪمپني دل جي ٻار کي ريجهائڻ ۾ ڪنهن خوبصورت رانديڪي جهڙو رول ادا ڪري رهي آهي. شايد دنيا جي هن دوزخ ۾ اهي آٿت جي احساس جهڙيون صداقتون نه هجن، ته هوند ماڻهو پنهنجن عذابن جي آتش ۾ خود ئي ڏاڍو سستو خرچ ٿي وڃي!
جــي تــو سُــڌ سُڳـنــڌ جــــي، ٽــاري ٽـــاريءَ ٽِـــــڙ،
ها، تون هنئين نه کِڙ، هيکل پنهنجي هانو ۾!
(شيخ اياز)
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
28 مارچ 1999ع
•••••
مبارڪ!
حيرتن جي هن اجگر جهان ۾ پنهنجو جيءُ ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڪک پن جيان ٿو لڳي، جنهن کي حالتن جون ننڍيون لهرون به آڱر تي ٿيون نچائن، پر هن دنيا جي جهنگ ۾، مون ڪڏهن پاڻ کي اڏول پهاڙ جيان به محسوس ڪيو آهي، جنهن جو طوفان به ڪجهه بگاڙي ڪين سگهيا آهن.
ماڻهو بنيادي طور تي ڇاهي؟ ان جو هن جهان جي جهنگ ۾ ڪهڙو ڪارج ٿو هجي؟ ان جي مسرتن جا ڪارڻ ۽ مايوسين جا سبب ڪهڙا ٿا هجن؟ اهي سڀ سوالن جا اهڙا رنگين ڌاڳا آهن، جن کي انساني ساڃاهه جون آڱريون ازل کان اُڻنديون رهيون آهن، پر پوءِ به نتيجن جو بدن اڃا به پوري طور انهن ڌاڳن مان اُڻيل لباس سان پنهنجو ننگو جسم ڍڪي ڪونه سگهيو آهي.
ڪجهه گهڙيون پهريان آءٌ جيئن ئي ننڊ مان اٿيو هوس، ته منهنجي ڪيفيت ڪنهن طوفان جي زَد ۾ ڦاسي پوندڙ پرندي جيان هئي، جنهن لاءِ ڪنهن ٿوهر جو وجود به وڏي وٿ هوندو آهي. مون کي الائي ڇو شدت سان محسوس ٿيو هو، ته ڪمري ۾ سوين ڪتابن ۽ ميوزڪ جي ساٿ جي باوجود اهڙو ڪوئي وجود به هجي، جنهن جو لمس منهنجي ٿڌي ٿي ويندڙ وجود کي ائين ويڙهي وڃي، جيئن منهنجي وجود جي رڳ رڳ ۾ راحتن جو رت جاڳي پوي ۽ ننڊ جي صحرا ۾ هراسيل نيڻن جو خوف آٿت جي آغوش ۾ جياپي جي جوت سان جِي پوي، پر ماڻهوءَ جي اِڇائن جا رنگ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍا ڪچا ٿا هجن، جي تڪميل جي رُتن ۾ رچڻ بدران حسرتن جي هٿن تي پوپٽن جي پيلي رنگن جيان رهجي ٿا وڃن، جيڪي نه ته ڪنهن خواب جي ڪاغذي ڪشتي ۾ ڪنهن ياد طور رکي ٿا سگهجن ۽ نه وري انهن کي هوائن جي هٿن تي ڪنهن رنگ حنا جيان ارپنا ڪري ٿو سگهجي. بس اهي ڪچا رنگ ڪنهن شاعر جي ڪوتا جي بي رونق مرڪ جو روپ رچڻ جي ڪم ئي اچي سگهن ٿا. پاڻ پٿر جي شهر ۾ شيشي جهڙا خواب کڻي پنهنجي تڪميل جي تلاش ۾ نڪرندا آهيون، تڏهن ئي ڀَڄندا ٽُٽندا آهيون، پر اهو ڀڄڻ ٽٽڻ جو عمل ئي پنهنجي وجود جي پيرن ۾، پهاڙن جهڙي شڪتي پيدا ڪندو آهي، جيڪا ڪيترن ئي المين جي باوجود اسان ۾ ثابت قدمي کي جنم ڏيندي آهي.
ماڻهو ڇاهي؟ هزارين محرومين جي بيٺل ۽ سينواريل سيڪس جي ڍنڍ جي هڪ ڦڙي جي پيداوار، هڪ ماس ۽ مٽيءَ جو پنوڙو، جنهن کي زندگي جي ڪنول جهڙي فطرت رکندڙ روح ئي رنگين بنائي ٿو. روح وري اها رُتِ ٿو هجي، جنهن ۾ سڀني موسمن جا رنگ ڪنهن مصور جي نظر جيان موهيندڙ ۽ بامعنى ٿا هجن. زندگي ڇا آهي؟ هڪ پورهيت لاءِ پيٽ جو پُورائو، هڪ شاعر لاءِ لفظن جو ڪاڪ محل، هڪ مصور لاءِ رنگن ۽ روپن جو سحر، هڪ واپاريءَ لاءِ خوبصورت ۽ قيمتي نوٽ، هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ افسانو ۽ هڪ فلاسافر لاءِ ڳوڙهي ڳجهارت، جنهن جون ڳنڍيون کولڻ ۾ هر دفعي سندس آڱريون ڏاڍيون اُلجهي ٿيون وڃن.
پر مبارڪ! انهن سڀني روپن جي صداقت باوجود زندگي مون لاءِ هڪ رنگين ريبن جي ٿانَ وانگر آهي، جنهن جو هڪ ڇيڙو محبوبه جي زلفن جي چوٽيءَ ۾ ويڙهيل آهي ۽ ٻيو ڇيڙو انساني آگهيءَ جي آڱرين ۾ ڪنهن ڇلي جيان پاتل، پر انهن آڱرين ۾ اُلجهاءُ ۽ لرزش صرف گمانن ۽ وهمن جي واچوڙن پيدا ڪئي آهي، جنهنڪري پيار جي پيچرن ۾ ڪوهيڙي جو ڌنڌ پري پري تائين پکڙيل ٿو رهي. آءٌ هر لمحي زندگيءَ جي روپن کي انوکي رنگ ۽ ڍنگ ۾ انجواءِ ڪري ۽ ڀوڳي رهيو آهيان. منهنجي احساسن جو هن پهر نچوڙ اهو ئي آهي ته محبتن جو هڪ ڀرپور وجود ئي زندگيءَ جي حسين جياپي جو ضامن آهي. جيڪي ماڻهو محبتن جي ڀرپور وجود کان محروم هوندا آهن، اهي لهرن ۾ ڇڏيل ان ڪاغذي ڪشتيءَ جيان هوندا آهن، جن جي ساحلن جو مقدر هوائن جون آڱريون لکنديون آهن!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
30 مارچ 1999ع
•••••
مبارڪ!
خبر ناهي تون سجاول پهچي ماٺ جي الائي ڪهڙي رڃ ۾ ڀٽڪي ٿو وڃين؟ آءٌ ڪاغذ جي دل تي جيڪي پنهنجي خوابن جون صدائون ٿو موڪليان، مور جي رڙ جهڙن منهنجن انهن لفظن جي، ڏينهنِ تائين تون ڪا موٽ به ڪونه پيو ڏين!
ماڻهوءَ جو جياپو مٽيءَ سان ٿو هجي ۽ الميو ته اهو آهي، جو ان جي آشنائي انسان کي پياس جي صحرا جو سفر ڪرائي ۽ وري عجب ته اهو به آهي، جو دنيا جي هن دلدل ۾ بڙ جي ڇانوَ جهڙن دوستن جي موت جون محبتون جڏهن گونگيون بڻجي وڃن، ته پوءِ ٻڌاءِ ڀلا محبتن جا اوجاڳيل نيڻ ڪهڙي آٿت جي وطن ۾ آنند ڳولين؟
مِٺا! مون پوري زندگي انسان جي مٽيءَ ۾ محبت جي خوشبو تلاش پئي ڪئي آهي. بندي جي بدن ۾ ڀڳوان ڳوليندي منهنجون ته آڱريون ئي ڦٽجي پيون آهن! دنيا جي جهنگ ۾ ماڻهپو ووڙيندي منهنجا پير رتو رت ٿي ويا آهن، پر رشتن کان وٺي دوستن تائين جي سٻنڌ جو مها-منافعي بخش ڌنڌو بڻجي ويل هِن جهان ۾ ڪال صرف محبتن جي مرهم جو پئجي ويو آهي!
مبارڪ! ڇا ڪجي، پنهنجو وجود ئي اهڙي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي، جنهن جي جوانيءَ جي سرحدن ۾ بهارن جي داخلا تي خزائن جي عقابي اکين جو پهرو لڳل آهي!
سنڌي سماج ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ سياڻن جي ڀرئي بزم ۾ اسين ديواني جي خواب جهڙي دل ۾، هڪ سُندر اڇا کڻي هلندڙ ماڻهو، پتو ناهي پنهنجي وجود ۾ پوريءَ طور ڀڄي ڀري وڃڻ جي باوجود ڪهڙي سرمستيءَ تحت اڃا ثابت قدم آهيون!
آءٌ بچپن کان وٺي عمر جي هن حصي تائين عجيب مسافتن جو مسافر رهيو آهيان. منهنجن پيرن کي هر ڀيري حالتن جي نوڪدار ڪاون تان گذرڻو پيو آهي. آءٌ پنهنجو پاڻ کي هميشه ڪنهن ميلي ۾ وڃائجي ويل ويڳاڻي ٻار جيان محسوس ڪيو آهي، جنهن کي آٿت جو هٿ به همدرديءَ تحت حاصل ٿيو هجي ۽ ان همدردي جي هرج ۾ آءٌ ته پنهنجي انائن سميت گهڻو ڪجهه هارائي چڪو آهيان، پر پوءِ به همدرد سڏائيندڙن جا هٿ منهنجي وجود جي مندر ۾ موجود محبتن جي مورتي کي پرزا پرزا ڪرڻ لاءِ پريشان آهن. جڏهن اعتبار ئي بي اعتباري جو بَکُ بڻجي وڃي، ته پوءِ مخلصي جي مجذوبي ڪهڙي ليلى جي وفا جي واعدي تي پاڻ ڪُهائي؟
محبتون ۽ خدا ڪنهن ثابت ڪري سگهڻ جهڙي شيءِ جو نالو هجن ها، ته ڪائنات ڪڏهوڪو مٽيءَ جي مُٺِ بڻجي چڪي هجي ها. خدا ۽ انسان ته الستي آواز جو پڙاڏو ۽ اهو راز آهن، جنهن جي پروڙ لاءِ رندن جي سرمستي ۽ روح پروري گهربل ٿي هجي. خالق سڀني دليلن ۽ وضاحتن جي منطق کان مٿاهين هستيءَ جو نالو آهي، پر ان جي باوجود، جن جي من ۾ انڪار جي موسم پنهنجون ٻوٽيل اکيون کولڻ لڳي، انهن جي ايمان ۽ آٿت لاءِ پارکن ۽ پوڄاگرن جو هي نقطو ئي ڪافي آهي ته ”ماءُ جي ممتا ۽ حقيقت خدائي وجود جو واضح ثبوت آهي. دنيا جي هن ڪاڪ محل ۾ خدا جي جلوي پسڻ جا خواب ڏسندڙ کاهوڙين لاءِ ماءُ جي محبوبن جهڙي هستي ان پوري مانڊاڻ جو واقعي ئي وڏو محرڪ آهي، پر جڏهن ڪجهه عزيز ترين رشتا ئي عذابن جو لباس اُڻڻ لڳن، تڏهن بندگيءَ ۽ اعتقاد جي ڪهڙي پيچري ۾ جياپي جا پيرا ڳولجن؟
پيارا! ڪڏهن ڪڏهن فريبن جي مُٺ ۾ بند ڪجهه رازن ۽ رمزن جي سندرتائن سهاري روح جي ٻار ريجهائڻ ۾ ڪافي راحت ٿي ملي، پر ڪڏهن ته ڀٽائيءَ جيان ”راحت اها روح جي، ڪڏهن عين عذاب“ بڻجي ٿي وڃي ۽ اها عذاب جي ڪيفيت وجود ۾ احساس جي روح کي نپوڙي نستو ڪري ڇڏي ٿي. ڪمري ۽ ڪتابن منهنجي تنهائين ۾ ڏاڍو share ڪيو آهي، پر پوءِ به الائي ائين ڇو ٿو شدت سان محسوس ٿئي، ته منهنجي اظهار کي هڪ ڀرپور موٽ جي ضرورت آهي ۽ ان موٽ جي تلاش ۾ مون ڪيترائي ڪاغذ سفر حوالي ڪيا آهن، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن اميد به لمحاتي طور ٻڏندڙ لاءِ وڏو سهارو ثابت ٿيندي آهي.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
31 آڪٽوبر 1999ع
•••••
انو!
الائي ڇو تنهنجون اکيون منهنجي ننڊ ۽ جاڳ جو موهه بڻجي ويون آهن. زندگيءَ جي ڪيترن ئي موڙن تي ماڻهوءَ جي موهه منهنجي سفر جون سمتون تبديل ڪيون آهن، ڪيترن ئي نيڻن جي سحر منهنجي محبتن کي مجنون بڻائيو آهي، پر اڄ تائين منهنجي پيار جي پاڳل پڻي جي ڪائي دائمي ليلى بڻجي نه سگهي آهي. مختصر ملاقاتن جي ريشمي سلسلن جي سفر کان پوءِ ڪافي عرصي بعد شدت سان تنهنجي ڪميءَ جو احساس اوترو ئي تازو ٿو محسوس ٿئي، جيترو تو سان هر ملاقات بعد رهندو آهي.
آءٌ ڪافي تجربن پلئه پوڻ کان پوءِ ان راءِ تي پنهنجي بي چين جيءَ کي مطمعن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان، ته ڪجھ ماڻهو رسمي ۽ جسمي حاصلاتن کان پوءِ به اوپرا ۽ اجنبي رهندا آهن ۽ ڪن ماڻهن سان لمحن جون رفاقتون، جنمن جي آشنائيءَ ۽ اشتياق کي جنم ڏينديون آهن.
منهنجي زندگي هڪ اهڙي ڪتاب جي ڪٿا وانگر آهي، جنهن جي ڪيترن ئي ورقن کي وقت جا المناڪ طوفان پنهنجن چنبن سان چيري ڦاڙي الائي ڪيڏانهن کڻي ويا آهن ۽ جيڪي ورق بچيا آهن، انهن کي به تنهائيءَ جي اڏوهي ڪافي ٽُڪي چڪي آهي، پر سچ پڇين ته، ڪائنات جي ٻين ڪيترين ئي سندرتائن سان گڏ تنهنجو موهه ۽ رفاقت جياپي جي روڳ ۾ هميشه راحتن جا رنگ ڀرڻ جو ڪارڻ رهيا آهن. تنهنجون يادون ۽ راحتون، منهنجي زندگيءَ جون بي رونقون ۽ ڪربناڪ ڪيفيتون اهڙا موضوع آهن، جن تي لکڻ لاءِ جيءَ جي جلاوطني ڪافي بي چين آهي ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته تو تي هڪ ڀرپور ناول لکان، جيڪو تنهنجي حسن جي سحر جيان ٻوليءَ ۽ ترتيب جي حوالي سان هڪ حسين يادگار هجي، جيڪو پيار ڪندڙ دليون هڪ ٻي کي تحفن طور اُماڻي سگهن، جيڪو دنيا جي درگاهه ۾ محبت ڪندڙن لاءِ هڪ پُل جهڙو ڪردار ادا ڪري....
منهنجي شاعريءَ کان وٺـي ڪهاڻين ۽ ٻي هر تحرير ۾ اکين جو ذڪر ائين آهي، جيئن صحرا ۾ ڪنهن مسافر جي چپن تي ڇانوَ ۽ پاڻيءَ جي طلب جي تڙپ هوندي آهي. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن خود به ان نيڻن جي اظهار جي ورجاءَ ۾ ڏاڍو اُلجهي پوندو آهيان. ان تفڪر جي اُلجهاءَ ڪيترن ڏينهن تائين منهنجي يادن جي قدمن کي اڻانگي مسافتن جي سنسان راهن حوالي ڪري ڇڏيندو آهي ۽ منهنجا قدم ڪنهن جوڳيءَ جي بي چين آتما جيان هڪ ڌنڌلي آگهيءَ جو زخم حاصل ڪري، ڏينهنِ تائين ان جي مرهم لاءِ ڪنهن حاذق جو پتو پڇائيندا رهندا آهن.
اکيون، اکيون، اکيون، اکيون... ها اهي اکيون، جن کي پهريون ڀيرو مون تڏهن ڏٺو هو، جڏهن اڃا منهنجي سمجهه کي پتڪڙا پير هئا ۽ ”هُن“ جي اکين منهنجي آرزوءَ جي آڱر پڪڙي مون کي اڻ ڏٺي راهن ۽ راحتن کان آشنا ڪيو. منهنجي پيرن فاصلن جي دوريءَ کي ڏاڍو گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي... پر ”هُنَ“ جون اکيون منهنجي آرزوءَ جي آڱر جي اوڏو هوندي به منهنجي وجود کان ڏاڍو ڏور هليون ويون، پر انهن نيڻن جي ننڊاکڙي حُسن جهڙو احساس منهنجي حسرتن جو حسين خواب بڻجي ويو. ماڻهو جنهن ماحول ۽ معاشري ۾ رهي، پلجي ۽ وڏو ٿئي ٿو، ان جا اثر سندس جيون-آرسي تي ڏاڍا اُجرا ٿا رهن، توڙي جو ڪن کاهوڙين جي خيال موجب ماڻهو بذات خود هڪ وڏي ڳُجهه جي ڳنڍ آهي، پر ان جي کولڻ لاءِ خيال جي مضبوط هٿن سان گڏوگڏ تجربن ۽ مشاهدن جون ماهرانا نظرون به تمام ضروري ٿيون هجن.
آءٌ توڙي جو حالتن جي اهڙي ڳهر ۾ ڳريو آهيان، جنهن جي وجود ۾ مُردي جيان جذبن جو خون سرد ٿي ويندو آهي، پر مون جن سپنن کي نيڻن ۾ سانڍيو آهي، انهن جي سندرتا منهنجي جيون کي سدائين ثابت قدم پئي رکيو آهي. منهنجا هٿ خطائن کان خالي هوندي به، هر ڀيري عتابن جي اڳيان رهيا آهن. مون پنهنجي جياپي جي جواز لاءِ انيڪ فريبن کي دريافت ڪيو آهي، پر هر دفعي منهنجي روح جي راڻي کي مومل جي ڪاڪ جي موهه ئي جيءَ جي جلاوطني اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، توڙي جو منهنجو تخيلاتي ڪاڪ حقيقتن جي حاصلاتن کان هزارين ڀيرا حسين آهي، پر بدن جي بي چيني ڪنهن بَر ۾ ڀٽڪڻ بدران هر لمحي ڪنهن گلستان جي آغوش ۾ آهلڻ جي آرزومند رهي آهي!
جسم جي آڳ جو پنهنجو دين آهي. دنيا وارن کي ڪير سمجهائي ته دل جي خدائي ۾ ڪاغذي قانونن بجاءِ پيار جون آيتون ئي عاشقيءَ جو ايمان ۽ آنند هونديون آهن.
ڪڏهن ڪڏهن دل چوي ٿي زندگي جي ڪرب ناڪين ۽ تلخين ۾ ڪوئي خوبصورت فريب ئي هجي، جنهن جي ايڊريس تي پنهنجي آرزوئن جا لفافا پوسٽ ڪجن، جنهن جي اوسيئڙي ۾ اوجاڳيل اکڙين ۽ ديواني دل کي ڪي انوکا آٿت آڇجن...!
جيءَ جي جنم-گهر ۾ اظهار جي آڳ دُکي دُکي اجهامڻ تي اچي پهتي آهي. تنهائيءَ جي سرديءَ ۾ منهنجي موهه جا هٿ ايترا ٿڌا ٿي ويا آهن، جو هينئر انهن کي لفظن جي گرمي به سيڪڻ ۾ ڏاڍي ناڪام ٿي لڳي. ڪڏهن ڪڏهن لڳي ٿو دنيا جي هن دامنِ صحرا ۾ پنهنجي وجود جو گل ڪيترو نه تنها اُسريو آهي، جنهن جي خوشبو کان هوائون به نا آشنا ٿيون لڳن، پر ڪڏهن دنيا جي هن جهنگ ۾ پنهنجي جيِءَ جي جلاوطني ڏاڍي پياري به لڳي ٿي...!.
تنهنجو ئي
فِيَا
21 ڊسمبر 1999ع
•••••
جانان!
تنهنجي تلاش جي سفر ۾ مون ته سڀ ڏسائون ڏوريون آهن، پر هر ڀيري تنهنجي پرتوي منهنجي مٽيءَ جي ڪچي وجود کي هڪ آزمائش جي آڙاهه اڳيان ڪيو آهي. تنهنجي هر جلوي منهنجي جيءَ ۾ هزارين حسين خوابن کي پئي جنم ڏنو آهي. مون جيون جي مسافت ۾ صرف سُندر خوابن جي موڙي ئي ته بچائي آهي.
تنهنجي دوريءَ مون لاءِ ڪيترا درد دريافت ڪيا آهن، جانان! توکي اندازو ڪونهي ته منهنجي آڱرين ۾ ڪيتري بي چيني، بي وفائيءَ جو بَکُ بڻي آهي. آءٌ جيون جي هن صحرائِي سفر ۾ جنهن پياس جو متلاشي آهيـان، ان جو پتو تون پرس ۾ وجهي، ايتري اوپري ۽ نا آشنا ڇو ٿي وئي آهين؟
مون وٽ ته ايترا سوال ڪَٺي ٿي ويا آهن، جو هاڻي انهن کي سُلجهائڻ به ڏاڍو اوکو ٿي پيو آهي. مون وٽ جن سوالن جا جواب آهن، انهن جي ٻُڌڻ لاءِ تنهنجون سماعتون الائي ڇو ايتريون اوپريون ٿي ويون آهن ۽ جن سوالن جي جهنگ ۾ آءٌ خوابن سميت جلاوطني جِي رهيو آهيان، انهن جا جواب ڏاڍا خانه بدوش ٿي ويا آهن.
مون کي خواب ڏاڍا پيارا آهن. مون انهن کي بچائيندي پنهنجي حسرتن جا کوڙ هٿ جلائيا آهن. تو جنهن طويل آزمائش جو مون لاءِ انتخاب ڪيو هو، ان جي ته هينئر آڳ ئي اُجهڻ تي آهي. منهنجي وجود جي ڪچي مٽي ڏاڍي ڳوڙهي ۽ ڳاڙهي ٿي وئي آهي. تون جڏهن به چاهين، ڪنهن ڊسمبر جي سرد رات يا ڪنهن جُون جي جهنم جهڙي منجهند ۾، منهنجي دوار تي دستڪ ڏئي سگهين ٿي. توکي سرد هٿن سيڪڻ لاءِ منهنجون گرم جوشيون ۽ پگهر سڪائڻ لاءِ پيار جو بڙ جي گهاٽي ڇانو جهڙو ڇانورو ساڳيو وماسيل ملندو ۽ ها، اِهي خواب ۽ خوبصورتيون به، جيڪي مون ڪسمپرسيءَ وارين حالتن ۾ به خرچ ڪرڻ بجاءِ تنهنجي لاءِ سانڍي رکيون آهن.
تنهنجو ئي
فِيا
26 ڊسمبر 1999ع
•••••
مبارڪ!
اڄ 31 ڊسمبر آهي ۽ آءٌ جڏهن هن ڪاغذي رابطي ذريعي تو سان مخاطب آهيان، تڏهن ڏينهن جا 12 ٿيا آهن ۽ ايندڙ ٻارنهن ڪلاڪن کان پوءِ اسان هن صديءَ جي ساٿ کان وڇڙي ايندڙ صديءَ ۾ داخل ٿي وينداسين يا ايئن چئجي ته هيءَ صدي اسان کي الوداع چئي ايندڙ صدي جي آمد لاءِ وقت جي هڪ حقيقت کي جنم ڏئي ويندي. مون طئي ڪيو هو ته هن صديءَ جي آخري شام مڪليءَ ۾ تو سان گڏ گذاربي. ان لاءِ ٽيون ڏينهن رات تائين نثار واري نمبر تي تو سان رابطي جي تند جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس، پر الائي ڇو ٽيليفون جي رِنگِ دير تائين رڙي، بنا جواب جي ئي پنهنجي وقت جي وجود ۾ مدفون ٿي وئي. هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش جي ڪنجي گهمائڻ جي جستجو ڪيم، پر موٽ جي آشا وري به آواز بنا ئي خانه بدوش ٿي وئي.
ٽيون ڏينهن جيئن ئي ويڪيشن ٿي هئي، مون ڪاليج مان ئي تو سان رابطو ڪرڻ چاهيو هو، پر ڪلارڪن جي نه هئڻ ڪري فون کي ڪوڊ لڳل هو، جيڪو ڪوشش جي باوجود کُلي ڪونه سگهيو. مون چاهيو هو ته تو سان رابطي بنا ئي نڪري پوان، پر الائي ڇو ”متان تنهنجي اتي موجود نه هئڻ“ واري خدشي منهنجي ارادي کي هڪ عجيب الجهن حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن مان آءٌ ٻي صبح تائين نڪري ڪونه سگهيس. نتيجي ۾ پورو ڏينهن استاد اياز جي شاعريءَ سان پنهنجي بي چينيءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس، پر اياز ته اهو مچ آهي، جنهن جي قرابت اُجهاميل چڻنگن ۾ ويتر بي چينيءَ جي باهه ڀڙڪائي ڇڏيندي آهي!
مبارڪ! مڪليءَ ۾ مون تون سان گڏ ايترو پيئڻ ٿي چاهيو، جيئن منهنجي ياد جو ميرو لباس پوريءَ طور ڌوپجي وڃي. آءٌ پنهنجي ماضيءَ جي مُردي کي مڪليءَ ۾ مدفون ڪري، نئين جنم سان جيئڻ جو طئي ڪيو هو. مون سوچيو هو ته پاڻ ٻئي صديءَ جي ان آخري رات ۾ ٺٽي جي ڳليءَ ڳليءَ ۾ دير تائين ڀٽڪي سرمد کي ڳولي لهنداسين ۽ ان سان گڏجي دارا جو درشن ڪري، ٻي ڏينهن تي ڀٽ ڌڻي ۽ اياز جا چَرن ڇهي ان وچن جي آڱر پڪڙي وڇڙنداسين، ته اڄ کان پوءِ جيون کي مصلحتن ۾ گذارڻ بجاءِ جرئت جو جياپو جيئبو، پر ڪير ڄاڻي ته ڪنهن جي سفر جي لڪيرن ۾ ڪهڙن گسن جي ڪيتري گمنامي لکيل آهي؟
مون اصغر کان اڄوڪي رات لاءِ هڪ آڌيو آڻائيو آهي، توڙي جو مون کي سُڌ آهي ته هڪ آڌيو منهنجي پياس لاءِ ڏاڍو ٿورو آهي، پر دل جي وضوءَ لاءِ ڪجهه قطرا ئي ڪافي هوندا آهن.
پيارا! نئين صديءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي قلمڪارن اخبارن ۽ پنهنجن ڪالمن ۾ ويچارن جون هُڙون ورهائيون آهن. ڪن جي خيال ۾ هيءَ صدين ۽ سالن جي فڪر جو کٽراڳ يورپ جو ورثو آهي، جنهن سان سنڌ جو ڪوئي سروڪار ڪونهي. سندن مجموعي راءِ موجب سنڌ جي مقدر ۾ مفلسي ۽ مجبوري ڄڻ ته لکئي جو ليک آهي، جنهن کي ڪنهن به چنتا جي چڻنگ مٽائڻ کان قاصر ٿي هجي. خود امر جليل جهڙي پُرش لکيو آهي ته، ”هڪ ڏينهن جي تبديلي صدين جي تاريڪيءَ جو ڪجهه به بگاڙي ڪونه سگهندي آهي، تنهنڪري هو صديءَ جي آخري سورج کي گدوءَ کان الوداع ڪندو...!“
امر کي پڙهي افسوس سان گڏ مون کي پنهنجي سماجي دانش ۽ موروثي فڪر جي مفلسيءَ تي ڏاڍو رحم ٿو اچي! جنهن جي راهن ۾ ايترين بين الاقوامي تبديلين ۽ ترقيءَ جي باوجود اڄ به روايتن جون ايتريون گهريون تاريڪون آهن، جن مان سندن مسافت جا قدم به نظر ڪونه ٿا اچن.
هڪ ٻج جو داڻو ئي هزارين درختن کي جنم ڏيندو آهي. قطري قطري ڪَٺي ٿيڻ سان ئي سمنڊ جي سرڪشي ممڪن بڻجندي آهي. اهو هڪ ڏينهن ئي ته هوندو آهي، جنهن ۾ هزارين جنم، هزارين وڇوڙا ۽ سوين انقلاب ايندا آهن. منهنجي خيال ۾ هي صدين جي مڪملتا وارا لمحا، زندگيءَ جي احتساب ۽ حساب ڪتاب لاءِ هڪ موڪل جي ڏينهن وانگر آهن. جنهن نموني سان هر ڪاروهنوار ۾ هڪ حساب ڪتاب جو اصول هوندو آهي، جيڪو نفعي ۽ نقصان جي حاصلات مان پنهنجي آئيندي جي عمل ۾ روشنيءَ ۽ بهتريءَ جي راهه کي هموار ڪندو آهي، تهڙيءَ ريت هي صدين ۽ سالن جو سفر به ماڻهوءَ جي حياتيءَ لاءِ هڪ حساب ڪتاب جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جنهن کي بجاءِ اَبهام جي، حقيقت پسنديءَ سان حل ڪرڻ جي ضرورت ٿي هجي. ڀر ڇا ڪجي! هن ايڪويهين صدي جي عَالَم ۾ به سنڌ ان سرحد جو نالو آهي، جنهن جي جنتا، جوت ۽ جاڳرتا جي فهم ۽ ادراڪ کان پوريءَ طور تي نا آشنا آهي، جنهن جي ننڊاکي نيڻن ۾ آزادي هڪ حسرت کان وڌيڪ ڪا حيثيت ڪونه ٿي رکي، جنهن وٽ علم۽ دانش جي ديوي اڄ به پيرن اگهاڙي ۽ رُودالي جي روحاني روئداد جوٻيو روپ ٿي لڳي....!
آءٌ دنيا جي داغن ۽ عيبن تي پنهنجي اشاري جي آڱر اُڀي ڪرڻ بجاءِ پنهنجن زخمن جو ازالو ڪرڻ ٿو چاهيان، ڇو ته آءٌ اڄ به ان راءِ جو آهيان ته زخمن جو ازالو ئي زندگيءَ جي سڦلتا کي جنم ڏئي سگهندو آهي، باقي دنيا ته اها سينواريل ڍنڍ آهي، جنهن کان ڪنهن ڪاپڙي ڪٽنب-قبيلي ئي پنهنجو پاند بچائيو هجي...! جيئن ته آءٌ ڪنهن ڪاپڙي ڪٽنب مان ڪونه آهيان، تنهنڪري پاند پُسائڻ بجاءِ ان ڍنڍ مان ڪپڙن سوڌو پُسي ۽ غوطا کائي نڪتو آهيان ۽ شايد اهو ئي سبب آهي ته ان سفر ڪري ئي هر ڀيري آءٌ ٽٽو به ثابت قدميءَ سان آهيان. موت بدران زندگي اڄ به مون لاءِ ڪنهن نئين نڪور نظم جيان آهي، جنهن کي جهونگاريندي منهنجي چپن جو چين نه ٿو ڍاپي ۽ موت مون لاءِ هڪ بي لذت لمحي ۽ طويل خاموشيءَ جو نانءُ آهي، جنهن جي سيمائن ۾ ڪنهن به سندرتا جو پري پري تائين ڪو پيرو ئي ڪو نه ٿو هجي ۽ بي نشان رَندن پويان جياپي جا نيڻ رولڻ ڪهڙي مجذوبي جي مذهب ۾ ٿا هجن؟ مون ته عمر جي عاشقي ۾ هر سرمستي پويان هڪ سندرتا جي سحر جو سايو پسيو آهي.
نفي ئي اثبات جو آجپو آهي. جنهن دنيا جي دشت ۾، دل جي ديوانگي جو پيرو نه پروڙيو آهي، تنهن جي عاشقيءَ جي دعوى احمقپڻي کان سواءِ ٻيو ٿي به ڇا ٿي سگهي؟
آءٌ جڏهن عمر جي ڪتاب جا ڪاغذ اٿلائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان، تڏهن هرج جو حساب مون کي قرضي بنائڻ کان سواءِ ڪجهه به پلئي ڪو نه ٿو وجهي ۽ ان قرض، منهنجي هوند جي هڙ کي ڏاڍو خالي ڪري ڇڏيو آهي. خطا جي کنڌي جون ڀرڻيون ڀريندي بندي جو بُت ايترو ڪو نه ڀُرندو آهي، جيترو اڻ ڪئي جي ڪرب ۾ آدميءَ جو روح ڪُرندو آهي!
مون هن دنيا ۾ جڏهن کان آگهيءَ جي اک کولي آهي، تڏهن کان هجومن ۾ منهنجي وجود جي مٽيءَ جي هيڪلائي مون کي شدت سان محسوس ٿي آهي. تون جيڪو مون لاءِ چوندو آهين ته ”ڪلراٺي مٽيءَ ۾ ٽڙندڙ گل آهين“ اهي منهنجي جيون جي سچ جا واقعي ئي مون کي ڪڏهن ڪڏهن حقيقي روپ لڳندا آهن.
مبارڪ! مون زندگيءَ جي تنها سفر ۾ ڏاڍي خوبصورت خوابن جي مٽيءِ ڳوهي آهي. مون اداس راتين ۾، هڪ چنڊ جي حاصلات پويان جيڪو هر ڀيري سڀ وڃائڻ جو جوکم کنيو آهي، تنهن جي تلخيءَ منهنجي طلب جي آڱرين ۾ ويتر بي چينيءَ جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي آهي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن خود به خبر ڪونه ٿي پوي، ته منهنجي ثابت قدميءَ جي صُراحيءَ ۾ ڪهڙي امرت جو سرور ۽ سرمدي آهي، جنهن جي سُرڪ منهنجي جياپي جي مرڪ کي سلامت رکيو پئي اچي!
منهنجي وجود جي مٽيءَ ۾ جڏهن جوانيءَ جو ڦول ڦلاريو هو، تڏهن مون پنهنجي نيڻن ۾ هڪ نازنين جو سپنو سانڍڻ جي سلسلي جي ريشمي ڏوري ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ جي شروعات ڪئي هئي. ان سونهري سپني جي ريشمي ڏوريءَ جو هڪ ڇيڙو آءٌ ڇلي جيان پنهنجي چاهه جي چيچ ۾ پائي، ٻي ڇيڙي کي آزاد هوائن حوالي ڪري ڇڏيو. منهنجي آرزو انتظار جي موسمن ۾ ڏاڍي موهيندڙ ٿي پئي هئي. ان ڇهاءُ ۾ موجود مانوسيت کي مون اڃا چپن تائين آندو ئي مس هو ته اوچتو هڪ برف جي بدن جهڙي غير مانوس ڇپ اچي منهنجي آزاديءَ جي دروازي جي منهن ۾ پئي هئي. مون سوچيو هو، آءٌ پنهنجي ادراڪ جي آڳ سان ان کي ڳاري رجائي پنهنجي سرير جو وضو ڪري وٺندس، پر ان جي بي حسيءَ ته مون کي پنهنجي بدن مان ئي جلاوطن ڪري ڇڏيو. آءٌ پنهنجي انائن جي آڳ ۾ پنهنجي بچيل قوتن جون ڪاٺيون جلائي پنهنجي خوابن جا سرد ٿي ويندڙ هٿ سيڪڻ جي جستجو ۾، ڪنهن سمي جيون جي گس ۾ تو سان ملاقاتي ٿيو هوس ۽ توسان گڏجي ڪتابن جي ڪاڪ محل ۾ مون به ڪجهه قدم سوريا هئا.... مون نه ٿي ڄاتو ته جيڪا سپنن جي ريشمي ڏوري مون آڱرين جي اوجاڳن مان آزاد ڪئي هئي، تنهن پنهنجي طويل مسافت، جنهن دشت ۾ ڪئي آهي، تنهن جو پورو پتو ۽ پيرو هن ڪاڪ جي پڻيءَ ۾ ئي پوريل ملندو. مون جڏهن ڀٽائيءَ کي پڙهيو ته ان جي پنڌ ۾ مون کي پنهنجي خانه بدوش خوابن جي پيرن جا ڪيترائي نشان مليا. انهن نشانن جي پوئواريءَ ۾ اياز کان وٺي فيض، فراز، گلزار، غالب، خيام، بلا شاهه، باهو، شيلي، شيڪسپيئر، ملٽن، ورڊس ورٿ، دوستو فسڪي، ٽئگور، ٽالسٽاءِ، اوريانا فلاشي، امرتا پريتم، ڪرشن چندر، قرت العين، منٽو، جمال ابڙو، ماڻڪ، آغا سليم، امر جليل، نورالهدى، نسيم کرل ۽ ٻين انيڪ اهڙن پنهنجي خوابن جي ليلائن جي ڳولا ۾ نڪتل مجنوئن سان ميلو ٿيو، جن جي ڪٿا الائي ڇو مون کي پنهنجي جيون جي ڪتاب جي مهاڳ جهڙي لڳي...!
مان پنهنجي بدن جي ٽٽل ٽڪرن کي ميڙي، هڪ ڪشتيءَ جو روپ ڏئي، ان کي خوابن جي درياءَ حوالي ڪري، حاصلاتن جو حوصلو ڪَٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. مون سمجهيو هو، ڪتابن جي ڪاڪ مان اطمينان جي مومل جي چيچ پڪڙي، خاموشيءَ سان اتان نڪري، دل جي ڪنڊ ۾ آباد ديول ۾ باقي عمر پيار جي سنگ ۽ سرمستيءَ ۾ گذاربي، پر هر ڪتاب جي ورق گردانيءَ کان پوءِ منهنجي فهم جو جهول سوالن سان ڀرجندو ويو. آءٌ سوالن جا صليب کڻي، جوابن جي جهنگ ۾ ڀٽڪندو هيس. هر قدم جي پير هيٺيان هڪ سوال جو ڪنڊو منهنجي روح کي رتو رت ڪرڻ جي سامان کي جنم ڏيندو رهيو. ڪتابي ڪاڪ جي سفر منهنجي وجود کي سوالن جي روح سان سوين جنم ڏنا، پر منهنجي تلاش جو روح پنهنجي بدن ۾ اڃا به بي قرار ئي رهيو ۽ منهنجي مٽيءَ جي بي قراريءَ پيار پائڻ بدران پياس پِرائي...!
آءٌ تعلق ۽ رشتن جي رضا ۾ پنهنجي روپ جا رنگ وڃائيندو رهيس. هر تعلق جي قرض ۾ مون پنهنجي هڪ خواب جو خون پنهنجي روح جي بدن تي برداشت ڪيو. مون انسان جي آرزوءَ ۾ هڪ گهر جي تڪميل ڪئي، پر تڪميل کان پوءِ آرزوءَ جو بدن ساڳيو ئي اڌورو رهيو. مون جن سوالن جي ڪنڊن کان پنهنجي پاند کي بچائڻ لاءِ ايتري فرار جو سفر ڪيو، وري به ماڻهن جي ميڙ ۾ هڪ اڪيلائيءَ جو سوال، صليب جيان منهنجي سامهون آهي. ماڻهن جي جهنگ ۾ ملندڙ ڪيترن چهرن منهنجي جياپي کي محبتن جا ڪيترائي نوان جنم ڏنا آهن. جياپي جي سفر ۾ آءٌ گوڏن تائين سوالن جي گرچڻ ۾ گچڻ ۽ روح تائين رتوڇاڻ ٿيڻ کان پوءِ به روح جي پروريءَ جو راز انساني موهه ۾ ٿو سمجهان، ڇو ته محبت ئي اها مرهم آهي، جيڪا زندگيءَ جي سڀني زخمن کي ڀرڻ جي معجزاتي قوت رکي ٿي.
آءٌ جڏهن پنهنجي جيون جو لکيو ٿو ساريان، تڏهن سچ پڇين ته هزارين سوالن جون اوجاڳيل اکيون، جواب طلبيءَ لاءِ منهنجي اڳيان اچي ٿيون بيهن.
مبارڪ! تون ئي ٻڌاءِ، آءٌ ڇا ڪريان؟ منهنجي وجود جي مٽيءَ ۾ بي قرار منهنجي روح جو زخمي پَرندو جڏهن پنهنجا پَر ڦڙڪائڻ جي جستجو ٿو ڪري، تڏهن ان جي اڏام جي اڻپورائي مون لاءِ هزارين اهڙن سوالن کي سامهون ٿي ڪري، جن جي جواب لاءِ منهنجي جوت جي ڏيئي ۾ ايتري جٽاءَ جو تيل ئي ڪونهي!
ماڻهن جي هن سمنڊ ۾، منهنجي زندگيءَ جو قطرو ايترو مضطرب ڇو آهي؟ منهنجي روح جي رباب کي ڪهڙي موهه جي آڱرين اهڙو ڇهيو آهي، جنهن جي تند ۾طلب جو راڳ اڄ به منهنجي لونءَ لونءَ کي لرزائي ٿو ڇڏي؟
منهنجا نيڻ ڪهڙي ننڊ جا متلاشي آهن، جنهن لاءِ اوجاڳن جو جھنگ جھاڳڻ کان پوءِ به اطمينان جي آغوش ۾ نه ٿا ٻوٽجن؟ آءٌ تلاش جي تندور ۾ پچڻ ۽ پنهنجي جيءَ جي جوڳيءَ جي ايتري جلاوطني کان پوءِ به، ڪهڙي نرواڻ جي نيڻن لاءِ آتو ۽ وماسيل آهيان؟
اڃا به اهڙا ڪيترائي سوال آهن، جن جي اورڻ ۾ صديءَ جو هي آخري سج اُلهي ويندو، تنهنڪري اڄ جڏهن 31 ڊسمبر جو آخري سج ٽامڻي هڻي ڪنهن مچ جي سچ جي آخري پساهن جيان لڳي رهيو آهي. تڏهن آءٌ پنهنجي جيون جي ڪتاب جي ليکي چوکي جي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته، ”مون جيڪو گهڻو ڪجهه وڃائيو آهي، ان جي موٽ ۾ ئي ڪجهه حاصل ڪيو اٿم، پر گهڻي وڃائڻ کان پوءِ به ٿوري حاصلات ۾ اهو ڪجهه ڪونهي، جنهن لاءِ مون گهڻو ڪجهه وڃايو آهي. اهو ئي سبب آهي ته بي قراريءَ جي چڻنگ اڄ به منهنجي جيءَ ۾ بي چين ٿي آهي...!“
ان بي چينيءَ جو چين ڪهڙي بندگيءَ جي بجا آوريءَ ۾ ملندو؟ ان سوال جو جواب آءٌ تو لاءِ ٿو ڇڏيان.... هينئر تون جنهن به ماڳ تان صديءَ جي آخري سج کي الوداع ڪرڻ لاءِ اداس ۽ آتو ويٺو هوندين، اهي لمحا شال تنهنجي نيڻن لاءِ سدائين سندرتائون آڻين.
مون کي هاڻي اجازت ڏي ته آءٌ پنهنجي خواب-گهر جي آڳر مان صديءَ جي آخري سج سان ويهي ان جي روپي رنگن سان پنهنجي آئيندي جون خوبصورت تندون رڱيان ۽ ان کي الوداع کان اڳ هڪ ارپنا جي آخري چمي آڇيان.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
31 ڊسمبر 1999ع
•••••
پيارا مظهر!
شال سرهو ۽ سلامت هجين.
تنهنجا ٽئي ڪتاب پڙهي پورا ڪيا اٿم. سچ پچ تنهنجي اظهار جو انداز ۽ لکڻ جو ڏانءُ انتهائي پيارو ۽ موهيندڙ آهي. سنڌ ۾ کوڙ عرصي کان جيڪو ڪهاڻي مري وڃڻ جو پِٽڪو ٿي رهيو آهي، تنهنجون ۽ ٻين ڪجھ نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ اهو روڄ ۽ راڙو اجايو ۽ بي بنياد ڀاسيو اٿم. لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ادبي رُودالين جو انگ واقعي ئي وڌي ويو آهي...!
تنهنجي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”خواب کوٽا سِڪا“ موضوع، ڊڪشن ۽ اظهارِ بيان جي لحاظ کان منفرد ۽ تنهنجي پورهئي کي مڃتا ڏيارڻ جو مستحق آهي. تنهنجو ناول ”جيون اُجاڙ رستا“ ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ”سرد خاني ۾ رکيل خواب“ به خوبصورت آهن، پر ذاتي طور تي مون کي تنهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”خواب کوٽا سِڪا“ ڪافي وڻيو آهي. تون جنهن سگھ ۽ سُرتِ سان ننڊ جا نيڻ، بي چين لفظن کي ارپي رهيو آهين، اهي هڪ ڏينهن تنهنجي حسرتن جي مومل کي ضرور موڻيندا.
واعدي موجب پنهنجي ترجمي ڪتاب ” اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ جو مسودو پوسٽ ڪري رهيو آهيان، اميد ته ترت ئي ان تي مهاڳ لکي واپس ڪندين.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
31 ڊسمبر 1999ع