• سال 2000ع
شال جُڙيو هجين!
عرصي پُڄاڻان پهريون ڀيرو خط لکڻ لاءِ ڪاغذ جي رخسارن تي قلم جون آڱريون ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. سچ ته ڪو به لمحو يار جي طلب ۽ تنوار کان سواءِ بسر ڪونه ٿيو آهي، پر ڇا ڪجي، دل ۽ درياءَ جي موجن کي پنهنجي مستي ۽ دلڪشي ٿي هجي. ڪڏهن ته ائين ٿيندو هيو، جو هڪ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه خط لکبا هيا، امتياز، انو، منظور، سجاد ۽ توکان وٺي ٻين ڪيترن ئي قربدارن ۽ ادبي رسالن ڏانهن هڪ ئي وقت خط لکي پوسٽ ڪبا هيا. ايترا خط هٿن ۾ ڏسي اڪثر اصغر مشوري ۽ سندس ساٿي پوسٽ مين ڪڏهن ڪڏهن ٽهڪ ڏئي چوندا هئا: ”توهان پوري پگھار ته پوسٽ ۽ ڪتابن خريدڻ تي خرچي ٿا ڇڏيو، باقي گذارو ڇا مان ٿا ڪريو؟“ مون وٽ انهن جي گذاري واري سوال جو ڪالهه به جواب ڪو نه هو ۽ اڄ به انهن جي جواب لاءِ پنهنجي ويچارن کي هجومن ۾ وڃائجي ويندڙ ڪنهن ويڳاڻي ۽ نرالي ٻار جيان ٿو ڀانيان، جنهن کي ماڻهن جي ميلي ۾ به ڪنهن اڪيلي ۽ انوکي چيچ جي چاهنا بي چين ڪندي رهندي آهي. مون جڏهن به ڪن حالتن ۾ هن جيون کي گذاري جيان اپنائيو آهي، تڏهن هر ڀيري پنهنجي آنند ۽ شانتيءَ تان هٿ کڻڻو پيو اٿم، جنهن ۾ هر قدم جي هيٺيان حالتن جي تتل ڌرتي رهي آهي، پر پوءِ به اطمينان ۽ آنند منهنجي هر زخم کي هڪ نئين مرڪ ۽ سرمدي عطا ڪئي آهي، جنهن ۾ گذاري جي ذلت بجاءِ زندگيءَ جي رنگيني ۽ درد جي دلڪشي آهي.
مٺا! پنهنجا خوبصورت خواب ۽ خيال پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقتن جي تلخيءَ کي به پنهنجو حُسن ۽ نزاڪت آهي. ڪالهه کي پنهنجي صداقت هئي ۽ اڄ کي پنهنجي هڪ انوکي اک ۽ سچائي آهي، جنهن کان انڪار وقت جي انڌن جي شيوي ۾ شامل آهي. منهنجي ذوق مان اڄ به زندگيءَ جي حسناڪين جون حسرتون ماٺيون ڪو نه ٿيون آهن. منهنجا نيڻ اڄ به اِڇائن جي آجپي واري ايمان کان آجا ڪونه آهن. منهنجي جيءَ ۾ اڄ به جاڳ جو وڏو جگر آهي. منهنجي پيرن مان پرينءَ جي پنڌ جون پڇائون اڃا به ڪو نه مُئيون آهن. منهنجي آڱرين ۾ اڄ به ايتري تڙپ ۽ تشنگي آهي، جيڪا پٿر جي بدن کي به پگهاري سگهي ٿي. منهنجي من ۾ اڃا به رنگن جون ڪيئي بهارون ڪنهن نازنين جي سندر نيڻن لاءِ هڪ حسين سنديسي جيان سرهيون ۽ سلامت آهن، پر پيارا! خبر ناهي الائي ڇو، ڪڏهن ڪڏهن آدم ذات جي هن اجگر جهنگ ۾، جيءَ جو جوڳي ڏينهن تائين الائي ڪهڙي ڏهاڳ جا ڏونگر ڏورڻ لاءِ نڪري پوندو آهي، هفتن ۽ مهينن تائين آڱريون پنهنجي من جي بي چيني پنن تي اُتارڻ لاءِ اوجاڳيل هونديون آهن، پر لفظن جي اظهار جا نيڻ الائي ڪهڙي ننڊ جي نديءَ ۾ لڙهي ويندا آهن!
مبارڪ! ماڻهوءَ ۾ وقت ۽ تجربو وڏين تبديلين کي جنم ڏيندو آهي. آدميءَ جو اندر ان جهرڻي جيان آهي، جنهن ۾ تبديلي هر نئين شفاف ڌارا جي راهه هموار ڪري ٿي، پر جيڪي پُرش ان تبديلي کان لاتعلق رهن ٿا، انهن سان غرور جا ڪچا رنگ ڪڏهن به گهڻو وقت ساٿ نڀائي نه ٿا سگهن.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
5 جولاءِ 2000ع
•••••
ڊيئر جمال!
شال جُڙيو هجين!
تو جنهن خلوص، معصوميت ۽ پيار سان خط لکيو آهي، تنهن جي موٽ لاءِ آءٌ شايد پنهنجو پورو موهه لفظن جي اظهار ۾ ادا ڪرڻ کان قاصر آهيان، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪن مامرن ۾ لفظن جي زبان ڏاڍي نحيف ثابت ٿيندي آهي ۽ پيار به هڪ اهڙو حسين مامرو آهي، جنهن کي لفظن جي زبان بدران دل جي ڪنن سان ٻُڌي، احساس جي اکين سان پَسي ۽ من جي خاموشيءَ سان محسوس ڪري سگهجي ٿو. مون کي اميد بجاءِ اهو پختو وشواس آهي، ته تو وٽ يقينن اها دلربا دل آهي، جيڪا منهنجي محبت ۽ تو لاءِ پنهنجائپ کي شدت سان محسوس ڪري سگهي ٿي.
جمال! ڪي ڪي تعلق سالن جي مسلسل لڳ لاڳاپن کان پوءِ به ڪنهن رشتي ۽ ناتي جي روح کان سواءِ ان ڪاغذ جي خالي ڪشتي جيان هوائن جي دوش تي رڙهندا رهندا آهن، جن کي واءُ جي هڪ لهر ئي وڃائي ڇڏيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن لمحن جون رفاقتون، روحن جي گهرائيءَ تائين لهي اهڙي قرابت کي جنم ڏينديون آهن، جن جو هر پل سالن ۽ صدين جي بي روح رشتن کان ڀاري هوندو آهي. آءٌ پنهنجي مطالعي، مشاهدي، تجربي ۽ محسوسات جي آڌار تي اڄ تائين آدم ذات جو جيڪو اڀياس ڪيو آهي، تنهن ۾ سچ پچ انسان مون کي ازلي اڃايل ۽ اڌورو محسوس ٿيو آهي، ماءُ جي ڪُکِ مان آزاديءَ کان وٺي ڪائنات ۾ اک پٽڻ ۽ پوري عمر جستجوءَ کان پوءِ به ڪنهن مڪملتا جي تعاقب ۾ تڙپڻ انساني فطرت جو اهو پهلو آهي، جنهن کي مڪمل طور تي ڪو به عقل پرور پُرش پروڙي ڪو نه سگهيو آهي، پر پوءِ به آدميءَ جو اسرار آدمي ئي آهي، ڇو ته آدميءَ جي اندر ئي فقط اها رندي ۽ سرمستي هجي ٿي جيڪا ”من خدايم“ ۽ “اناالحق“ جي ڳُجهه جي ڳنڍ کولي سگهي ٿي. توڙي جو آءٌ رندي ۽ سرمستيءَ جي ڪنهن به اهڙي ساڃاهه کان عملي طور سچ پچ ناآشنا آهيان، پر منهنجي وجود جي مٽيءَ مان جا گهٽي ٿي نڪري، تنهن جا سڀئي گس صرف پيار جي پار ڏانهن ئي ٿا وڃن ۽ ان پنڌ ۾ تنهنجي ساٿ ۽ دوستيءَ جو اضافو واقعي ئي اتساهيندڙ ۽ پيارو آهي.
پيارا! هڪ يوناني مِٿِ مطابق، ”هن ڪائنات ۾ انسان جو جنم اڌ حصي طور ٿئي ٿو ۽ هو دنيا ۾ پنهنجي ٻي اڌ جي تلاش ۾ پوري عمر سرگردان ٿو رهي.“ اسلامي عقيدي موجب آدم جي ڪُکِ مان حَوا جي جنم واري روايت ملي ٿي. انهن حقايتن ۾ ڪيتري حقيقت آهي، تنهن لاءِ هر دليل جي ديوار ڏاڍي ڀُتي ٿي هجي، پر الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن انهن حڪايتن ۾ بنا دليل جي دل کي ڏاڍو آنند ۽ اطمينان به ملندو آهي. ماڻهو، جنهن سان پهرين ڪائي آشنائي ڪونه ٿي هجي، اچانڪ ڪنهن موڙ تي ملاقات وقت ان سان سالن جي شناسائيءَ جو احساس ڇو ٿو ٿئي؟
انساني آباديءَ جي هيڏي سمنڊ مان ڪنهن فرد سان ملي سفر ۽ مشڪلاتن جون سڀئي مصيبتون هڪ لمحي ۾ ڪهڙي معجزي تحت مٽجي ٿيون وڃن؟ هڪ آدميءَ سان پل ڀر ۾ روح جون ايتريون مضبوط رفاقتون ڪهڙي جذبي تحت جُڙن ٿيون؟ اهي ۽ ٻيا اهڙا الائي ڪيترا سوال آهن، جن جو ڪيترن موقعن تي آءٌ بنا ڪنهن دليل جي قائل آهيان ۽ تو سان ملي هڪ ڀيرو ٻيهر وڌيڪ دل جي حضور سان اقرار ڪرڻو پوي ٿو ته ”دل جي دنيا جي پنهنجي هڪ نرالي ڪائنات ٿي هجي، جنهن ڱي پنهنجا ڪارڻ ۽ انوکا دليل ٿين ٿا، جي آدميءَ جي عقلي آڱرين جي آگهيءَ کان ڏاڍا اتم ۽ ممتاز هوندا آهن.“
جمال! منهنجي واقفڪارن ۽ آشنا ماڻهن جو تمام گهڻو آنگ آهي، پر دوستن ۾ اڍائي قلندرن جيان محدود دوست اٿم ۽ ان حلقي ۾ تنهنجي شموليت لاءِ آءٌ سرهائيءَ سان اڳتي هٿ وڌائيندي مسرت پيو محسوس ڪريان. يقين ڪر منهنجي هٿ ۾ تنهنجي هٿ جي حاصلات مون لاءِ وڏي آٿت ۽ وٿ برابر هوندي، ڇو ته تو جهڙي دوستن ۽ پرخلوس پيارن سان ملي، انساني عظمت ۾، منهنجو ايمان هميشه اڃا به تازو ۽ پختو ٿيو آهي. تون جنهن مٽيءَ جو ماڻهو آهين، ان مٽيءَ جي خوشبو ئي پنهنجي آهي ۽ ان خوشبو ۾ جيڪي تنهنجي پيار، سچائي، دانشمندي ۽ خلوص جا رنگ آهن، انهن جون پنهنجون بهارون ۽ انفراديتون آهن، جنهن کي دنياداريءَ جي ڌنڌن ۾ ڦاسي ڪڏهن به فراموش نه ڪجانءِ، ڇو ته اها خوشبو ۽ خوبصورتي ئي بندي ۾ خالق جي جلوي جو پرتوو هوندي آهي. جيڪي ان کان محروم هوندا آهن، انهن جو وجود ان اجڙيل وڻ جيان هوندو آهي، جنهن ۾ ڪو به پکي آکيري جوڙڻ جي آس نه رکندو آهي.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
28 جولاءِ 2000ع