• سال 1991
سدا مُرڪ جون مُکڙيون تنهنجي چپن تي ٽڙنديون رهن ۽ ڪڏهن به تنهنجي مسرتن کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي...
يار! تو ته بلڪل ئي وساري ڇڏيو آهي، پر آءٌ توکي ڪيئن وساريان؟ تون ته منهنجي تنها راتين جو چنڊ جيان هم سفر رهيو آهين. تنهنجو ساٿ، منهنجي دوستيءَ جي جياپي ۽ جيون جو ڏڍ رهيو آهي. پاڻ ته هڪٻئي جي جڏي جيءُ جو جياپو ۽ ڏکئي سکئي ڏينهن جو سهارو رهيا آهيون.
وقت ۽ حالتون ماڻهوءَ کي لهرن جيان ڪٿان کان وڃي ڪٿي ٿيون پُڄائين! توکي غمِ روزگار وڃي پنجاب جا وڻ وسرايا ۽ آءٌ حالتن جي ستم ظريفيءَ سبب هتي ڳوٺ جي ڳهر ۾ ڳهجي رهيو آهيان. ڳوٺ جون کُليل ۽ آزاد هوائون، فطري نظارن جون دلڪشيون پنهنجيءَ جاءِ تي عجيب دلبري رکندڙ ٿيون هجن، پر ڳوٺن مان پنهنجائپ ۽ پيار وارو اوطاقي ڪلچر، جيڪو روز بروز وڃي پيو موڪلائيندو، تنهن ويڳاڻپ ۽ هيڪلائيءَ جي عجيب احساسن کي جنم ڏنو آهي.
ڪتابن جي ڪمپني ۽ شام جو رائيس ڪئنال جي پُررونق ڪنارن جي ساٿ باوجود آءٌ پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ويڳاڻو ۽ اداس ٿو ڀانيان... ائين ٿو لڳيم ڄڻ خزان رُتِ ۾ آءٌ ڪنهن هيکلي وڻ جيان آهيان، جنهن جي ساوڪ ۽ سرهائين کي لُڪَ لهسائي ڇڏيو آهي... يا وري ڪڏهن ائين ٿو ڀاسيم ڄڻ منهنجو من ڪنهن ٿر جي ٿوهر جيان هجي، جنهن جي آس جا نيڻ، ڏينهن کان ڦڙيءَ جي فراق ۾ پَڄرندا ۽ تڙپندا رهيا آهن!
مٺا! پاڻ ان طبقي مان آهيون، جن پگهر جي پورهئي مان اجوري طور فقط خوبصورت خواب ئي ڪمايا آهن ۽ سچ پڇين ته اهي خوبصورت خواب ئي منهنجي جيون جو سرمايو آهن....!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
2 آڪٽوبر 1991ع
•••••
امتياز!
شال ڪينجهر جي ڪنولن جهڙي مرڪ تنهنجي مک ٿي مُرڪندي رهي ۽ جرڪندو رهي تنهنجو جيءُ مهراڻ جي موجن جيان....
پيارا! خالي ڪمرو، اداس نيڻ، وکريل سوچون، اوجاڳيل ۽ بي چين هٿن جون آڱريون، بي ربط لفظن جا هجوم، بتي (لالٽين) جي ڌيمي ڌيمي روشني، پين ۽ پنن جي ڪوري ڇاتي. جذبن ۽ احساسن جو جيءَ ۾ ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ۽ ... تنهنجو احساساتي ساٿ...
سارو ڳوٺ ننڊ جي آغوش ۾ آهي ۽ چؤڏس خاموشي... ڄڻ آواز کي سانت جو راڪاس ڳڙڪائي ويو هجي. رکي رکي ڪٿان ڪنهن ڪُتي جو ڪونڪٽ رات جي سانت کي جاڳائي ٿو وجهي...!
آڪاش ۾ ستارا ڪنهن مي نوش جي نيڻن جيان لڳي رهيا آهن. چنڊ ڪڪرن جي گهونگهٽ ۾ ڪنهن نازنين جي مُک جيان مَهڪي ۽ جرڪي رهيو آهي ۽ ڌرتي رات جي ٻکن ۾ ويڙهجي وڃڻ باوجود صبح جي سنجوڳ جا سُندر سپنا پَسڻ ۾ مگن آهي...
آءٌ جنهن پهر توکي هي خط لکي رهيو آهيان، شايد تون به ننڊ جي هنج ۾ هجين، ڪنهن محفل ۾ يا وري ڪنهن رابيلي وينگس جي ريشمي ويچارن ۾... خير تون ڪٿي به هجين، شال آباد هجين... آزاد هجين. توکي کوڙ خط لکيا آهن، پر تنهنجي موٽ اڃا موصول ڪو نه ٿي آهي. خبر ناهي ايڏو مصروف ٿي ويو آهين جو سنگت کي سار ۽ خيريت جا ٻه اکر لکڻ جو وقت به ڪڍي نه ٿو سگهين يا وري ٽپال جي مهربانيءَ سبب اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جو پاڻ عرصي کان مواصلاتي طور هڪٻئي کان ڪٽيل رهيا آهيون.
امتياز! روحاني ۽ احساساتي رابطن جو ڏڍ ۽ آٿٿ اسان جهڙي من موجي ۽ روڳي ماڻهن لاءِ يقينن وڏي وٿ هجي ٿو، پر ماڻهوءَ جو آنند ته وري به ماڻهوءَ ۾ ئي آهي. ڪتابن جي سجايل ڪاڪ ڪيتري به سندر ۽ موهيندڙ هجي، ديوارن جو محل ڪيڏو به حسين ۽ پُرآسائش هجي، پر ماڻهوءَ جو سڪون وري به ماڻهو ۾ ئي آهي. گوتم جو سالن جو تياڳ هجي يا حضرت محمد صلعم جي غارِ حرا ۾ چند ڏينهن جي گوشانشيني هجي يا حضرت موسى جي خدا سان هم ڪلامي هجي يا حضرت عيسى جي دنيا تياڳي، پر سندن موٽ جون راهون وري به ماڻهن ڏانهن آهن. ماڻهوءَ جي مٽيءَ ۾ ئي اهڙي محبوبيت ۽ مهڪ ٿئي ٿي، جيڪا دانائـن کي ديـوانگـين ۽ ديوانن کي دانائين جا عجيب درس سيکاري ڇڏي ٿي.
مان ڄاڻان ٿو، سُٺا ڪتاب ذهن ۽ سٺا دوست دلين جو ڏڍ ٿيندا آهن. زماني جي انيڪ ٻهروپن ۽ فريبن باوجود منهنجي دل جو ايمان اڄ به ”دوستي“ جي دين ۾ آهي، توڙي جو ڪيئي ڀيرا منهنجو آرسي جهڙو من دوکي ۽ فريب جي پٿرن سان ٽڪرائجي پرزا پرزا به ٿي چڪو آهي:
رفــت دل و نـمــي رود آرزوءِ تــو از دِلـــم
عمر شُد و نمي رود نقشِ تو اِز خيال من
(دل ته وئي پر منهنجيءَ دل مان تنهنجي آرزو نه وئي. عمر گذري وئي پر تنهنجو نقش منهنجي خيال تان نه ٿو لهي.)
سچ ته منهنجو درد تنور جو تتل تئو به آهي، ڪنول جي پنکڙين تي ڪريل ماڪ جو قطرو به... هرڻ جي پياس به آهي ته صحرا جي رڃ به... ها، منهنجو درد ئي منهنجي روح جي راحت ۽ منهنجي راحتن جي بي چيني ۽ بي قراري آهي...!
امتياز! رات جو ڳپل پهر گذري چڪو آهي ۽ هاڻي بتيءَ جي روشني به جهيڻي ٿيندي پئي وڃي، شايد تيل (گاسليٽ) به پورو ٿي ويو اٿس ۽ سندس وَٽِ به پوين پساهن ۾ آهي.
چڱو ساٿ سلامت.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
5 نومبر 1991ع
•••••
مبارڪ!
تنهنجو خط مليو. پڙهڻ کان پوءِ سچ ته کوڙ وقت تائين اداسيءَ ۽ بي چينيءَ ۾ رهيس. هاڻي جڏهن پاڻ سنڀالي توکي هي خط لکڻ ويٺو آهيان، تڏهن سوچيان ٿو، ابتدا ڪٿان ڪريان؟ توکي تنهنجي خط جي موٽ ڏيان يا پنهنجين ڪيفيتن جي من مان سچائيءَ ۽ احساسن جا موتي سوجهي، لفظن جي مالهائن ۾ پوئي تو ڏي اُماڻيان يا وري چيني شاعر باءِ جوءِ جون صرف هيٺيون سٽون لکي ڇڏيان:
When the string of a flute breaks, there is always a way to tie it back together again, but when heart is torn, there is no way to mend it.
(جڏهن سارنگيءَ جي ڪائي تار ٽُـٽي پوندي آهي ته ان کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جوڙِي سگهبو آهي، پر جڏهن ڪائي دل ٽُٽندي آهي، ته ان کي ٻيهر جوڙڻ ناممڪن هوندو آهي.)
يار! پيڙا ۽ سُڪون ٻه عجيب لفظ آهن، جيڪي هڪٻئي کان ڌار ۽ الڳ به هجن ٿا ته هڪٻئي سان انتهائي سنجوڳي ۽ سلهاڙيل به... جيئن آواز ۽ پڙاڏو، جيئن سانت ۽ سرگوشي، جيئن گل ۽ خوشبو، جيئن اجل ۽ آجپو...!
پيڙا ته ابتدا ۾ به آهي ته انتها ۾ به... ابتدا ۾ حاصلات ۽ پائڻ جي پيڙا ۽ پائڻ کان پوءِ وڃائڻ جو عذاب.... منهنجي خيال ۾ هر تخليق پيڙا جي پيداوار آهي. جي پيڙا نه هجي ها ته پيار جو وجود ئي نه هجي ها! اها پيڙا ئي آهي، جيڪا ڪنهن سرجڻهار کي تخليقي سگهه عطا ڪري ٿي. پيڙا اها آڳ آهي، جا اندر جي آويءَ ۾ پَڄري جڏهن اُٻڙڪي نڪري ٿي، تڏهن ان مان جوت جا جواهر جرڪي پون ٿا...
ڇا تو ڪڏهن اهو پتنگ (پرانو) ڏٺو آهي، جنهن کي سهائيءَ جي سندرتا (پسڻ جي پيڙا) آڳ جي آڙآهه تائين گهلي ايندي آهي ۽ هو ان کي پسڻ/پائڻ کان پوءِ حاصلات جي پيڙا/آڳ ۾ سڙي ڀسم ٿي ويندو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ آسڪروائلڊ جو هڪ ننڍڙو نظم نظرن مان گذريو:
All man kill they love, by all let this be heard. some do it with a bitter look, some with flattering words. Then coward does it with a kiss, the brave man with a sword.
(سڀئي ماڻهو پنهنجي پيار جا قاتل پاڻ هوندا آهن، ڪجهه ماڻهو پنهنجي محبت کي نظرن سان ۽ ڪجهه پنهنجن خوشامدي لفظن سان گهايل ڪندا آهن. جڏهن ته بزدل چميءَ سان ۽ بهادر وري تلوار سان ان جو قتل ڪندو آهي.)
پيارا! تون ائين نه سمجهه ته پيڙا رڳي توکي پَڄرائي ٿي، پر اها ته وِهَه ۽ ماکيءَ جو اهڙو مِٺو ۽ ڪڙو ڪٽورو آهي، جيڪو زندگي کي هر حال ۾ پيئڻو پوي ٿو.
اسان اهڙي ٻيڙيءَ جا سوار آهيون، جنهن جا سِڙهه طوفان جي هوائن ڦاڙي ڇڏيا آهن ۽ اسان جي مسافت جي ناوَ درد جي ساگر جي لهرن تي بي سمت ڀٽڪي رهي آهي. شايد ڪڏهن ان کي ڪو ڪنارو ملي وڃي....!
هينئر رات جو ڳچ حصو گذري چڪو آهي ۽ ننڊ اکين جي آکيري ۾ اچڻ لاءِ آتي آهي. ها ننڊ، جيڪا اوجاڳيل اکڙين کي جڏهن پنهنجن گرم ۽ گداز ڀاڪرن ۾ ڀري وٺندي آهي، تڏهن خوابن جون خوبصورتيون اسان جي معصوم ۽ مرجهايل دلين کي مُرڪائي ۽ مسرور ڪري ڇڏينديون آهن.
اسان جهڙن ماڻهن وٽ صرف يادن جا گلاب ۽ خوابن جا مينديءَ رتا رنگ ئي ته هوندا آهن، جن سان اسان پنهنجين حسرتن جا بي رنگ هٿ ڳاڙها ڪندا آهيون. شاعري ۽ سپنا منهنجي وجود جي وڏي پناهه رهيا آهن. آءٌ جڏهن به وقت جي اوٿر اڳيان پنهنجي وجود جي وڻ کي برقرار رکي نه سگهندو آهيان.... جڏهن به اداسيون ويڙهي وينديون اٿمِ، تڏهن شاعريءَ جي آٿت جهڙي آڱر ۽ رستن جون رولاڪيون منهنجي روح جي اڪيلي راحت وڃي رهنديون آهن... انهيءَ ڪري سپنن جون سندرتائون ۽ شاعريءَ جون حُسناڪيون، مون لاءِ جيون جي صحرا ۾ ڪڪوهه جي ڪٽوري جيان آهن...!
دوست! هينئر منهنجي خماريل نيڻن مٿان ننڊ جا ڀونرا ڀِري رهيا آهن. ان کان اڳ جو ننڊ مون کي پنهنجي نفيس ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏي، اچ ته توسان خوابن جهڙين سِٽن جي سرجڻهار ٿامس هارڊي جون هي سِٽون شيئر ڪريان:
Is drinking glass, for down that my lover and i am walking under a sky.
(منهنجي ۽ منهنجي محبوبا جي هٿن ۾ ڪڪوهه جا ڀريل ڪٽورا آهن ۽ اسين آڪاش هيٺان پسار ڪري رهيا آهيون.)
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
30 ڊسمبر 1991ع