• سال 2002ع
ڪير ڄاڻي ڪاڪ نينهن جي،
ننگي پيرين آرزو ٿي،
ڪهڙي پنڌ جا پير ڳولي....؟
سمجهه ۾ نه ٿو اچيم ته ڪٿان ابتدا ڪريان؟ هڪ لمحي ويچارن جا هجوم ساٿ ۾ آهن، ٻي لمحي جڏهن انهن کي ڪاغذ جي ڪشتيءَ ۾ ٿمائي تو ڏانهن موڪلڻ جي ٿو ڪريان، تڏهن پل ڀر ۾ حاصلاتن جي هڙ، ڪنهن ڀڪشوءَ جي ڪشڪول جيان خالي ٿي ڀاسيم!
اڳي ائين لڳندو هيم، ته ڄڻ ڪو جپسي هجان، جنهن کان مسافت جي مجذوبي ۾ ابتدا ۽ انتها جي آگهي به وسري وئي هجي. ڀلا ڪنهن خانه بدوش ۽ جپسي جو ابتدا ۽ انتها جي آشنائيءَ جهڙي آسودگيءَ ۽ افسردگيءَ سان سروڪار به ڪهڙو....؟ پر پوءِ جياپي جي طويل دشت جي بي سمت مسافت ۾ تو جڏهن ڪنهن سايي دار درخت جيان، هن پرار جي پانڌيءَ کي ارپنا جو آغوش آڇيو هو، تنهن پل ئي پنهنجي تڪميل جي وشواس سان گڏوگڏ ابتدا ۽ انتها جي حسناڪين جي حقيقي ادراڪ جو احساس ٿيو هيم....!
هـزاريــن حـيـرتـون آهـن، دنيا ئي ديـد خـانـو آ،
مگر هي جو حُسن جانان، خدائي جو خزانو آ.
پر راحتن جي رُتِ ۾ رنجشن جو روڳ ڪيڏو نه ڀاڙي ٿيندو آهي، ان جو پهريون ڀيرو اندازو شدت سان ڪالهه تڏهن ٿيو هيم، جڏهن تو نينهن جي شانت نديءَ ۾ ڏوراپي جو ننڍڙو ڪنڪر اڇلايو هو. سچ ته آءٌ گهڙي پل لاءِ روح جي گهرائيءَ تائين لرزي ويو هوس. هونءَ ته روڳ ۽ راحتن سان ڏاڍي پراڻي آشنائي اٿم، جيڪي پوري جيون جي مسافت ۾ ڪنهن جوڳي جي گيڙو رتي لباس جيان هميشه مون سان ساٿ ۾ رهيا آهن، پر نه ڄاڻ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ماڪ جو قطرو ئي الائي ڇو جيءَ جي ڪارونجهر کي اندرئي اندر ڪنهن ڪچي ڀتر جيان ڀُوري وجهندو آهي!
تون مون لاءِ ڇا آهين؟ ڪيئن چوان... ڪڏهن سمنڊ، ڪڏهن قطرو، ڪڏهن ساحل ته ڪڏهن موج ۽ ان بحر بي ڪران درميان، آءٌ هڪ ازلي پياس، هڪ ازلي اوجاڳو، هڪ بي آواز ۽ بي چين صدا، هڪ سوز، هڪ ساز، جنهن جا سڀئي سُرَ ۽ آواز بس ”تون“.... ۽ ”تون“ ۾ ئي ته ”مان“ جي تشنگي مضطرب آهي، پوءِ ڪيئن ٿي چوين ته ”تون“ ۽ ”مان“ جو ڪوئي الڳ تشخص به آهي؟ قطرو، سمنڊ ۽ سمنڊ، قطرو ئي ته هوندو آهي. آواز کان پڙاڏا الڳ ته ڪونه ٿيندا آهن! چڪور جي بي چيني ۽ چنڊ جو، منڊ جي هڪ ئي محور جي موهه ۾ مسرور ۽ مضطرب هجڻ، هڪ ئي صداقت جي سحر جو مظهر ئي ته هوندا آهن. آءٌ ڪُلَ جي ڪُنَ جو اهو اٽوٽ حصو آهيان، جيڪو لمحي جي لهر بڻجي ڪل کان ساعت لاءِ ڪٽجڻ واري تصور کي به ڪفر ٿو سمجهي، ته پوءِ تو وٽ اهڙي ميارن جي گنجائش ڇا معنى!
مڃان ٿو ته عقل ۽ ساڃاهه سان منهنجو گهرو سُٻند آهي. کوڙ موقعن تي عقل مون لاءِ اها عصا ثابت ٿي آهي، جنهن جي ڏڍ تي مون ڏاڍا اڻانگا لڪ لتاڙيا آهن، پر آءٌ ان صداقت کان به آشنا آهيان، ته عشق مجذوبيءَ جو اهو معراج آهي، جتي عاقلن جي آگهيءَ بجاءِ عشاقن جي رسائي ئي رنگ لائيندي آهي ۽ تون منهنجي آجپي ۽ آرزوءَ جي اها مجذوبي ۽ سندر صداقت آهين، جنهن جي حُسناڪين تان عقل ۽ سرت جون ساريون حقيقتون ۽ حيرتون بنا ڪنهن ججهڪ جي قربان ڪري ٿيون سگهجن. عقل ۽ آگهيءَ سان ڀل ته منهنجو ڪيترو به سٻند آهي، پر تنهنجو سُٻند ته هر سپني جي حقيقت کان به حسين ٿو هجي.
مِٺي! يقين ڪر جڏهن تون هوندي آهين، تڏهن منهنجو پورو وجود تنهنجي محبتن جي طواف ۾ محو هوندو آهي، ايتري تائين جو تنهنجي وجود جي غيرموجودگي به عرصي تائين تنهنجي موجودگي جي احساس جيان شاملِ آغوش هوندي آهي. اڪثر مئڪش پيئڻ کان پوءِ سرورن جي سحر ۾ لهر لهر ٿي ويندا آهن ۽ اهو لمحاتي سحر بنا ڪنهن ديرپا اثر جي لمحن ۾ لهي به ويندو آهي، پر مون جڏهن به تنهنجي آبشار جهڙي وجود مان آرزوءَ جو مڌ اوتيو آهي، تڏهن اڻ مئيو پيئڻ پڄاڻا به منهنجي پياس جا چپ هميشه پياسا ئي رهيا آهن. جي بادل جي هر بوند ڌرتيءَ لاءِ ۽ ڌرتيءَ جي هر تڙپ ۽ تشنگي بادل جي حسناڪيءَ ۽ حاصلات لاءِ آهن، ته پوءِ هي بي رخيون نينهن جي نيڻن لاءِ ڏاڍيون بوجهل ٿي ٿيون پون. منهنجو چين، بي چيني، پياس ۽ پارسائي ته تون ئي آهين. ها! تون ئي ته اها دامنِ درماندگي آهين، جنهن جي ديد دنيا جي هن دشت ۾ مون تي اڇوتي آرزو ۽ آجپي جو انوکو راز عيان ڪيو آهي.
کوڙ سارين محبتن سان.
تنهنجو ئي
فِيَا
27 مارچ 2002ع
•••••
اَنو جاني!
ڪڏهن ڪڏهن دل عجيب انگل ڪندي آهي. ننڍڙي ٻار جيان ضد تي اٽڪي بيهي رهندي آهي. ٻار جو آٽو ته پوپٽ جي پرن جيان پڪڙ ۾ اچڻ جهڙو هوندو آهي، پر دل جي هوڏ، نه صرف هٿ وس کان چڙهيل هوندي آهي، ليڪن بي چين ڪري ڇڏيندڙ به هوندي آهي... ها، بي چيني، جنهن جو چين چنڊ جا نيڻ چورائي ويل هوندا آهن.
اڄ پهرين اپريل آهي. اهو ڏينهن جنهن کي دنيا عجيب انداز سان انجواءِ ڪندي آهي: مذاقون، مسخريون ۽ عجيب عجيب افواهه... هي ڏينهن دنيا لاءِ ڄڻ ته جوڪ هجي... ۽ ان جوڪ وارو ڏينهن مون لاءِ... خبر ناهي ڪيترو اهم، ڪيترو اجايو...؟ منهنجو جنم لمحو، ان ئي ڏينهن جي ڪنهن پل ۾....! جڏهن مسرتن جا لمحا ميسر هوندا اٿم، تڏهن لڳندو اٿم، اهو ڏينهن ڏاڍو سندر، ڏاڍو پُرمعنى... پر جڏهن درد جو دشت دُور تائين دل لاءِ دلدل بڻيل هوندو آهي، تڏهن اهو پل، اهو لمحو بي معنى، بي سبب ۽ نه ڄاڻ الائي ڇا ڇا ڀاسندو آهي... اڪثر هيءُ ڏينهن چند دوست گڏجي مون سان سيليبريٽ ڪندا آهن، پر هن سال طئي ڪيو هيم، ته هن ڏينهن جا سڀئي رنگ ۽ راحتون پنهنجي ”پرين“ سان شيئر ڪندس. ڪي ڏينهن توڙي جو پنهنجي وجود ۾ اهميت وارا ۽ وضعدار هوندا آهن، پر ڪن فردن جو حوالو ۽ حيثيت انهن کي اڃا به مانائتو ۽ ملهائتو بڻائي ڇڏيندو آهي. هن ڏينهن جو مون اڳ ڪڏهن ائين اوسيئڙو ڪونه ڪيو هو يا شايد ڪيو به هجي، پر ايتري شدت جو احساس گهٽ ۾ گهٽ مون اڳ ڪڏهن محسوس ڪونه ڪيو هو. ڪئلينڊر تي نقش ٿيل 1 اپريل کي هفتن تائين ڪهڙيءَ ريت مون اکين ۾ ڪٽيو هو، ان جي گواهي ته منهنجي ڪمري جون اوجاڳيل ديوارون ۽ منهنجا منتظر نيڻ ئي ڏئي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن ان پوري انتظار جي اضطراب جي آگهي چاهين، ته پوءِ ڪڏهن منهنجي اڃايل چپن جي انهيءَ بي قراريءَ کان پڇجانءِ، جيڪا تنهنجي آمد جي اوسيئڙي ۾ پنهنجون الائي ڪيتريون آرزون اوجاڳي ويٺي هئي!
تنهنجو ئي
فِيَا
1 اپريل 2002ع
•••••
جانان!
خبر ناهي سڪون لمحاتي آهي، الائي جي اسان جون ڪيفيتون عارضي ۽ ماڪ جي قطرن جيان وقت جي سج سان الوپ ٿي ويندڙ ٿيون هجن! درد ايڏو بي دين ۽ مرڪون ايتريون مهانگيون ڇو ٿينديون آهن؟
سڪون لاءِ هي ڌرتيءَ ڪيتري نه محدود ۽ مسافت لاءِ ڪيتري نه اڻ کُٽ آهي. لڳي ٿو زندگيءَ جي ڳولا ۾ موت سان ملاقاتي ٿي هاڻي ته جياپي جو ساهس به ڄڻ ته سُڪڙجندو پيو وڃي!
ماڻهوءَ جي مٽيءَ ۾ خدائي مظهر جي خوشبو واري صداقت، اڄ به منهنجي من ۾ ڪنهن ڪنول جي گل جيان اُجري ۽ مهڪندڙ آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن آدمي جي اندر ۾ موجود آدم خوريءَ جو ڀيانڪ روپ پسي، سچ ته بُتَ مان سيسراٽيون نڪرڻ سان گڏو گڏ ننڊ جا نيڻ به ڏينهن تائين اوجاڳيل ۽ بي قرارين جو بَکُ بڻجي ٿا وڃن!
آءٌ بنيادي طور تي اميد پرست آهيان، پر اها هن جنوني جڳ ۾ ڪنهن ڪونج جيان ايترا ڀيرا ته ڪُـٺي وئي آهي، جو هينئر ان جي ڪوڪ جو قافلو به تنها ۽ بي آواز ٿو ڀاسي. ڀلا انائن جي آنڌيءَ ۾ آرزوءَ جي هڪ معصوم صدا آخر ڪيستائين قائم رهي سگهندي...!
هڪ موم جي مقدر ۾ پگهرجي پاڻي ٿي وڃڻ ئي لکيل هوندو آهي. خبر ناهي آءٌ الائي ڪهڙي پل پگهرجي فنا جي سمنڊ جو قطرو بڻجي ويندس، الائي جي حالتن جي آڙاهه جي اُلن جو بَکُ بڻجي خاڪ جيان هوائن ۾تحليل ٿي ويندس، پر ايترو سو يقين اٿم ته ڀوڳنائن جي ڀاڪر ۾ ننڊ جا نيڻ جڏهن به ٻوٽبا آهن، تڏهن خوابن جي مٽي خوشبو جو بدن بڻجي ويندي آهي.
ڇا زندگي، ان ئي اذيت ۽ اضطراب جو نانءُ آهي، جيڪا صليب جيان ساري حياتي ڀوڳڻي ٿي پوي؟ عيسى کان سقراط، وان گوگ کان ماياڪوفسڪي ۽ ساره شگفته تائين جي سڀني حساس دل فردن اهڙي جيون کان ته موت کي ترجيج ڏني هئي. شايد انهن زندگيءَ جي اها سندرتا چوڙي ورتي هجي، جنهن لاءِ ڪيترن ئي نيڻن جون حسرتون منتظر ۽ متلاشي هونديون آهن! ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته هن بي حس ۽ بي دل سماج جي سڀني رشتن ۽ تعلقن جي سنگهرن کي ٽوڙي ڏاڍو ڏور نڪري وڃجي، جتي ڪنهن به غرض ۽ مفاد جو ڇتو ڪُتو تعاقب ۾ نه هجي، جتي ڪنهن به ڊپ جي دستڪ جو احساس اُلڪو نه بڻجي!
پر هن مفادن جي بنياد تي آڌاريل رشتن جي پُرفريب ڪاڪ کي ڇڏڻ جي شديد خواهش جي باوجود اڃا تائين ان کي تياگي ڇڏڻ جي قدم جو ساهس، پاڻ م الائي ڇو نه ٿو ساري سگهان!
خبر ناهي اندر ۾ الائي ڪهڙي چاهنا جي چڻنگ دکندي ٿي رهي، جيڪا چين جون چار گهڙيون به آنند جي آغوش ۾ آهلڻ ڪو نه ٿي ڏي. ڪتابن جي خاموش وجود کي جنجهوڙڻ جي باوجود آواز کان خالي احساس جو درد ڪنهن خنجر جيان منهنجي نس نس ۾ ايترو ته اونهو لهي چڪو آهي، جو هينئر مون لاءِ درد جي شدت ۽ ماٺار جي احساس واريون معنائون ئي معمولي بڻجي چڪيون آهن. سوچيان ٿو هي فهم ۽ ادراڪ جي آرسي جيڪر بي حسيءَ جي پٿر تي اڇلائي ٽڪريون ٽڪريون ڪري ڇڏجي، پر اهو عمل به ته هڪ انتها جو گهرجائو ٿو هجي، جيڪا مون ۾ اڃا الائي ڇو نه پيدا ٿي سگهي آهي! هونءَ ته هميشه مون انتهائن جون ڪجليون اکيون پئي چميون آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇو جيءُ انهن کان لرزڻ ۽ لهرائڻ لڳندو آهي... مون پنهنجي پيڙائن جو ٻوجهه تو ڏانهن قطعن پوسٽ ڪرڻ ڪونه ٿي چاهيو، پر ڇا ڪجي، تو کان سواءِ هي مجذوبي ڪنهن ٻي سان شيئر ڪري به ته ڪونه ٿي سهگجي نه!
ڄاڻان ٿو ته تو وٽ به ڏکن جون الائي ڪيتريون هڙون ڀريون پيون آهن، پر عورت جي دل جو دامن ته درياءَ جيان ڏاڍو وسيع هوندو آهي. آءٌ ان وسيع دامن جي دلڪشي پويان الائي ڪيتري مسافت جي رڃ جهـاڳـي آهــي، ان جــي تــڙپ ۽ تشـنگــي جـي احسـاس کان تـون ئـي ته آشـنا آهين!
تو بن آءٌ پنهنجي بي قراريءَ ۽ اضطراب جي هڙ ڪمري جي ڪهڙي ڪُنڊ ۾ رکان؟ منهنجي ڪمري جو هنج ته ڪتابن ۽ درد جي بي آواز صدائن سان ڀريو پيو آهي، جتي هاڻي منهنجي هيڪلائين جو هينئون به ڪنهن زخمي پنڇي جيان پنهنجي پرواز جا پر وڃائڻ لڳو آهي. خاموشي، مسلسل پنهنجي ئي پڪار جا پڙاڏا سُڻي هاڻي ته بي سڌ بڻجي پئي آهي!
هجومن ۾ هيکلو ۽ هيکلائين ۾ ابابيلن جيان مضطرب ٿي ويندڙ من، پتو ناهي مون کان هر ڀيري الائي ڪهڙي تقاضا ٿو ڪري؟ ڪيئن چئجي منهنجي پياس ۾ ڪهڙي سمنڊ جي تشنگي آهي، جنهن جي سحر جي پڪار منهنجي هينئين کي مسلسل مضطرب ڪندي ٿي رهي! عمر جي بهارن تي خزائن جو ايترو ته واسو رهيو آهي، جو هينئر مندن جي محسوسات ئي ڇسي ٿي لڳي، پڙاڏن پويان ڊوڙي ڊوڙي سماعتون ئي بي سُڌ بڻجي ويون آهن..! خاموش ڪتابن جي وجود ۾ اظهارن جو تاثر تلاشيندي، هينئر ته اکيون ئي پٿرائجي ويون آهن ۽ پٿرايل اکين جي حيرتن جيڪي جيءَ کي جهير ڏنا آهن، انهن جي مرهم ڪهڙي طبيب وٽ تلاشجي؟ هتي ته هر ڪوئي پنهنجي ئي پيڙائن ۾ پڄري رهيو آهي!
غم جا پهاڙ ڪيتري تائين صبر جي سيني ۾ سانڍي رکجن! آڳ ته آخر پنهنجو پيچرو خود ئي ووڙي وٺندي آهي. هڪ لمحي هن خود غرض معاشري جو سڀ ڪجهه اجايو ٿو لڳي ۽ ٻي لمحي ان سڀ ڪجهه اجائي ۾ به ڪجهه نه ڪجهه سجايو ٿو محسوس ٿئي، شايد اهو منهنجي اميد پرستيءَ واري اُجري پاسي جو اولڙو هجي! بهرحال هن دقيانوسي سماج ۾ يا ته بي حس ٿي وڃجي يا وري حس جي حصار ۾ ايترو ته وڃائجي وڃجي، جو ان کان علاوه ٻي ڪنهن شيءِ جو احساس ۽ ادراڪ ئي نه رهي!
گهر هڪ پناهه، هڪ آٿت، هڪ آکيرو، هڪ خواب، هڪ حقيقت.... پر مون لاءِ ديوارن جو اهڙو ڪوٽ، جنهن جي هر سِر ۾ پنهنجي پگهر سان گڏ منهنجي بي زبان خواهشن جا لاش مدفون.... هي ڪمري جون چار ديوارون جيڪي ڪيترن ئي حوالن سان منهنجي پناهه گاهه ته آهن، پر ان پناهه ۾ متحرڪ ٻانهن ۽ آجپي واري آغوش جي عدم موجودگيءَ جو احساس جلاوطني جي زخم کان به گهرو ۽ پيڙائيندڙ آهي. پکيءَ جهڙي نحيف ۽ ننڍڙي مخلوق کي به پنهنجي اڏام ۽ آکيري جي آزادي ٿي هجي، پر انسان جهڙي اتم ۽ ممتاز مخلوق جي جياپي ۽ آرزوءَ جي پيرن ۾ هزارين روايتن، لاڳاپن، رشتن جي خود غرضين ۽ مصلحتن جهڙي غلاميءَ جي طويل زنجير آهي، جنهن مان نجات جي جستجوءَ ۾ ئي جيون جون ڪيئي بهارون خرچ ٿي وڃن ٿيون ۽ باقي بچيل لمحا زخمن تي پها رکڻ جي پنڌ ۾ صرف ٿيو وڃن.... جيئڻ لاءِ ته وڃي ڪا ساعت ئي ٿي رهي.....!
جيئن ماڻهن جي اڪثريت جيئي ٿي، خبر ناهي ان کي جياپو چئجي يا ڪجهه ٻيو، پر جيئن پاڻ جيئڻ چاهيو آهي، اهو ٿورو ئي سهي، جيڪڏهن ڀرپوريت سان جيئجي ته پوءِ موت جو آغوش ڪنهن به طور تي اوکو ڪونه رهندو. مون حياتيءَ ۾ جيڪي چند سندر ساعتون گذاريون آهن، انهن جو سحر ئي هر مشڪل ۾ منهنجي جان ۾ جياپي جو روح ڦوڪيندو رهيو آهي ۽ هينئر توڙي جو الاهي ٽٽل خوابن جون ٽڪريون مسافت جي پيرن ۾ پکڙيون پيون آهن، پر پوءِ به مون لاءِ تنهنجي هئڻ وارو آٿت اهڙي آسيس ۽ آنند مترادف آهي، جنهن جي سُٻنڌ جو هر لمحو سوين سڳنڌون ۽ جنهن جي سمرتين جو ساٿ جياپي لاءِ ساهس ۽ سگهه سمان آهي...!
پتو ناهي، اڄڪلهه منهنجي اندر ۾ الائي ڪهڙي خوف جو کاٽ لڳي رهيو آهي! الائي ڪهڙو ڊپ مسلسل منهنجي مَنَ ڪنارن کي ڪنهن تيز ڇولي جيان پائي رهيو آهي. لمحي ٽٽڻ، لمحي جڙڻ واريون ڪيفيتون مون سان اڳ به لاڳو رهيون آهن. آءٌ اڳ به ڪيئي ڀيرا سڙهه بنا ناو جو اهو سفر رهيو آهيان، جنهن جي هر سمت ۾ اجل جي اندوهاڪ اک اوجاڳيل ۽ منتظر محسوس ٿي آهي، پر وهمن جو غوراب جهڙي ريـت اڄڪـلهه مـنهـنجـي پلـن ۽ پـهـرن تي غالب آهي، شايد اڳ ڪڏهن به نه هو!
تون گڏ آهين، ته به خواب ٿي لڳين، تون جدا، تڏهن به تنهنجا سپنا منهنجي ننڊ-نيڻن سان هم آغوش... تون ايتري ڏور، پوءِ به تنهنجي قرابت جو پاڇي جيان هم قدم احساس... تون ايتري قريب، پوءِ به منهنجي اڻ کٽ پياس... تون هوائن جيان ڇُهي مضطرب ڪري ويندڙ، تنهنجي مي جيان مدهوش ڪندڙ هر حاصلات، تنهنجو وجود خوشبو جو پُرلطف جهونڪو.... پر آءٌ ته تنهنجي تلاش ۾ خود کان ئي وڃائجندو پيو وڃان... تون ايتري قرابت کي ڏوريءَ جو ڏس ڇو ٿي ڏين، جو آءٌ تلاش جي پيچرن ۾ پياسي هرڻ جيان تنهنجي حصول پويان تڙپندو ٿو رهان....!
تنهنجو ئي
فِيَا
5 اپريل 2002ع
•••••
انو!
صديـن جـي پياس آ سانئڻ!
پـلـن ۾ ڪـيئـن ٿئي پوري.
قرابت تنهنجي قطري جان،
سـراپـا دشـت ســنــدءِ دوري.
عجيب بي قراري آ. دل چوي ٿي پاڻ کي راهن جي ٻانهن ۾ ائين وڃائي ڇڏجي، جو هئڻ ۽ نه هئڻ جي احساس کان ئي آجو ٿي وڃجي. هوائن جيان هُٻڪار تي ڪنهن جي حق ۽ هوڏ بنائي ان جي ڪومل ڇهاءَ ۾ ڪا ماندگي محسوس نه ڪجي، سُڌ بنا چاهه جي ساهن ۾ائين سمائجي وڃجي، جو قرابت ۽ دوريءَ جون سڀئي ديوارون مٽيءَ جي هڪ مُٺ بڻجي وڃن.... پر ڇا ڪجي، احساس ۽ آجپي جون حقيقتون ئي نراليون ٿيون هجن...!
جڏهن اڪيلو هوس، تڏهن اڪيلائيءَ جو احساس ڪنهن پراڻي ۽ ڪمزور ڪَنڊي جيان هو، جنهن جي چُڀڻ ۾ درد چهنڊڙي برابر ٿي ڀاسيو، پر هينئر تنهنجي ايتري قرابت کان پوءِ دوريءَ جو احساس اهڙي گهري زخم وانگر ٿو محسوس ٿئي، جنهن جي اذيت جي احساس سان آگهيءَ جون اکيون بي آرامي بڻجي ٿيو وڃن!
ڪالهه مقرر وقت جي باوجود تنهنجي فون تي غيرموجودگي ۽ وري ٻي ڏينهن تي منهنجي ننڊڙي حجت ۽ ضد جي موٽ ۾ ايڏي بي رخي، ڪهڙي آزمائش جو اهڃاڻ هئي؟
پتو ناهي، ڪيفيتن ۽ لمحن جي نيڻن ۾ ڪهڙا اسرار ٿا هجن، جو ڪڏهن ڪڏهن سنگ باريءَ جي باوجود دل پنهنجيءَ ۾ مگن ۽ مست هوندي آهي، پر ڪڏهن هڪڙو ڀِتر ئي ان کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيندو آهي!
آءٌ مصيبتن جا پهاڙ ته پالي ويندو آهيان، پر آزمائش جو هڪڙو پٿر به پنهنجي وجود ۾ پٿرائي ڇڏيندو اٿم (ڇو ته آزمائشون بي اعتماديءَ ڪارڻ ئي جنم وٺنديون آهن). تون ڄاڻين ٿي ته پٿرايل اکين جي پيڙائن ۽ حيرتن ته گوتم جهڙي گيانيءَ جي تپسيائن کي به تڙپائي ۽ پاڻي پاڻي ڪري وڌو هو!
الائي ڇو الاهي ڏينهن کان هينئين ۾ اها هُور جي ڇيت چڀندي رهي اٿم، ته منهنجي مسلسل قرابت واري تقاضا شايد توکي ناگوار ٿي گذري، ان ڪري ئي دوري ۽ فاصلي کي ترجيح پئي ڏين... پر مٺي! سِڪ ته اهو ساز آهي، جنهن کي جڏهن قرابت جون آڱريون ڇهنديون آهن، تڏهن ئي ان ۾ سوز جو آواز زندگيءَ جو گيت بڻجندو آهي. تون جنهن اندازي جي اک سان تعلق جي تند ۽ تشنگي کي پرکين ۽ پسين ٿي، ان کي يقينن پنهنجي محبوبيت ۽ مجذوبي هوندي، پر ڪيئن ڪجي، منهنجي من جي مٽي ئي ڪجهه اهڙي عجيب آهي، جنهن جي بارشن جي بي انت پالوٽ به پياس اُجهائي نه سگهي آهي ۽ نه وري دوري جي دشت، ان جي تشنگي لاءِ ڪا تاس ۽ تڙپ خريد ڪري ٿي سگهي! آءٌ ته خود ئي پنهنجي من ۾ مهراڻ ته، ڪڏهن پنهنجي ئي اندر ۾ سراپا ٿر جي تتل ۽ پياسي صحرا آهيان ۽ صحرائن جون صدائون ورنائڻ واقعي ئي ڏاڍيون اوکيون ۽ اذيتناڪ ٿينديون آهن!
تون ڪالهه ئي ته ملي وئي آهين، پر پوءِ به تنهنجو انتظار هميشه دل تي ڪنهن دستڪ جيان منتظر ٿو محسوس ٿئي. تنهنجي آمد به انتظار جهڙي ڇو آهي؟
مون کي هي پياس ۽ انتظار جي ڪهڙي موسم ڏئي وئي آهين، جو منهنجي نيڻن تان تنهنجن يادن جا کيپ ۽ خمار ئي ڪونه ٿا لهن! هي بي قراريءَ ۾ قرار ۽ قرار ۾ بي قراري، خوابن سمان صداقتون ۽ هي صداقتن تي سپنن جهڙا گمان، ڪيئن چئجي، تون ڪهڙي موهه جي مي آهين، جنهن مان اڻ مئيو پيتي به پياس اُجهي ئي ڪونه ٿي!
ہم عمر باتو قدح کشیم و نہ رفت رنج خمارما
چہ قیامتی کہ نہ می رسی زکفارما بہ کنارما
(بيدل)
(عمر ڀر توسان پيالو پيتو، پر اسان مان رنج جو خمار ۽ کيپ نه ويو. ڪهڙي قيامت آهين، جو اسان جي ڀاڪرن مان اسان جي ڀاڪرن تائين نه ٿي پهچين.)
تنهنجو ئي
فِيَا
30 مئي 2002ع
•••••
پيارا منظور!
شال سُکن ۽ سندرتائن ۾ هجين.
هن پوري ڪائنات ۾، انسان اها واحد مخلوق آهي، جنهن جي جيءَ ۾ چين ۽ بي چينيءَ جي اڻ کٽ مسافت ازل کان اوجاڳيل آهي. اسان مان هر فرد ان چين ۽ بي چيني جي چت جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، ڪٿي نه ڪٿي شڪار بڻجي ٿو، توڙي جو بي چينيءَ جي نسبت اسان مان اڪثريت جي چاهنا، چين ۽ آرام جي متلاش آهي، پر هيءَ بي چيني جيڪا ڪنهن وجود جي پاڇي جيان زندگيءَ جو اٽوٽ حصو ٿي هجي، ان کان فرار به ته ممڪن ڪونهي!
مڃان ٿو، هيءُ مٽيءَ جو پتلو آدمي جنمن تائين جنهن محبوب جياپي جو متلاشي رهيو آهي، اهو اڄ به حقيقت کان وڌيڪ هڪ خواب جي سندرتا جي احساس تي آڌاريل آهي، پر ان خواب جي احساس کي جيڪا حُسناڪي آهي، اها ئي ته هن يزيد جڳ ۾ هڪ حساس فرد کي جياريو پئي اچي!
مٺا! حقيقت ۾ اسين پنهنجي خوابن جي راهه ۾ قتل ٿي ويندڙ اهي مسافر آهيون، جن جي وجود ۾ جياپي ۽ زندگيءَ جو پنڇي جيون بجاءَ زخمن جو جهنم جِي رهيو آهي. اسان جن جي مِرگهه-من ۾محبتن جي پوري سمنڊ جي پياس ٿي هجي. جڏهن قطري لاءِ به انتظارن جو جهنم ڀوڳڻ تي مجبور ٿي ٿا پئون، تڏهن بي چيني ۽ ويراني اسان جي وجودن کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي ٿي وڃي ۽ نتيجي ۾ اسان جي نيڻن کي اجهاڳ-اوجاڳا ۽ پيرن کي انيڪ پيچرن جون پٿريليون مسافتون ڏورڻيون ٿيون پون!
اسان جهڙا ماڻهو الائي ڇو ماڪ جيان ڦڙو ڦڙو ٿي وکرندا آهن؟ مون ڪيئي ڀيرا پنهنجي اچانڪ بي چينيءَ جي بانوري بادل تي سوچيو آهي. مون ڪيئي ڀيرا پنهنجن انهن مسرتن تي به ويچاريو آهي، جيڪي خوشبوئن جيان اينديون آهن ۽ پوپٽ جي پرن جيان، ياد جي آڱرين تي ڪجهه ڪچا رنگ وساري هليون وينديون آهن. لڙڪ ۽ مرڪون ٻئي حالتن جي ديا آهن، جيڪي بي موسمي برساتين جيان برسي وينديون آهن، پر دل جو ويران رڻ ته پوءِ به پياسو ۽ وماسيل رهجي ويندو آهي....!
منظور! اسان جي مٽيءَ ۾ الائي ڪهڙي ٿر جي پياس مضطرب آهي، جنهن کي ڀري برساتين جي پالوٽ به چئن لمحن جو چين آڇڻ کان قاصر ٿي هجي!
هي ڀوڳنائن جو سفر ئي ته آهي، جيڪو اسان جي وجود جي ڪچي مٽيءَ کي ڪُندن بڻائي ٿو ڇڏي. ها! هڪ ڳالهه سا آهي، ته جڏهن انهن ڀوڳنائن ۾ به ويرانين ۽ اجائي پڻي جو اوٿر جهڙو احساس داخل ٿي ويندو آهي ۽ سٻنڌ ۽ ساٿ جا سڀئي آٿت بي ناميءَ جو بَکُ بڻجي ويندا آهن، تڏهن ماڻهوءَ لاءِ وڃي هڪ گس ئي بچندو آهي ۽ اهو گس مون لاءِ سدائين بي سبب اڪيلي ۽ اداس راهن جي طويل مسافت رهيو آهي. پيارا! اڪثر ڪري ماڻهوءَ جو ساٿ ڏاڍو موسمي ٿو ٿئي. بادل، هوائن ۽ سڳنڌن جيان آدميءَ جو آنند به لمحاتي آهي، پر انهن لمحن کي جيڪا سندرتا ٿي ٿئي، ان کي پنهنجي ساحري ۽ سرمستي ٿي هجي!
هن بي مروت ۽ بي ظرف زماني ۾ چار گهڙيون آنند ۽ آجپي جون ميسر ٿيڻ، محبوبن جهڙي اڍائي دوستن جو هجڻ ۽ دل جي معصوم ابابيلن جهڙي ننگريءَ جي سلامتي، ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪونهي...! باقي اسين جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، جن حالتن سان روزانو پاڻ کي مُنهن مقابل ٿيڻو ٿو پوي، جن بيحسي جي پٿرن سان پنهنجي ديواني دل جو پالو پوي ٿو، اهي واقعي ئي اهڙيون آهن، جيڪي وجود کي من جي آرسيءَ تائين تهس نهس ڪري ٿيون وجهن، پر مٺا! اسين ته انهن ماڻهن مان آهيون، جيڪي پنهنجي زخمن کي به سُهائي بڻائي زندگيءَ جي گس تي گامزن رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.
ٽُٽي جڙڻ ۽ جڙي ٽٽڻ ته جياپي جي حسين حقيقت آهي، پٿرن جي شهر ۾ رهجي ۽ زخمن جي حقيقت کي وساري ڇڏجي، اها ڪيڏي نه ڀورڙائي چئبي...!
منظور! پاڻ مواصلاتي طور ڪيترو به ڏور هجون، پر حقيقت ۾ اسان جا روحاني ۽ فڪري سُٻنڌ هڪٻئي سان ڏاڍا قريبي ۽ ويجهڙا آهن. تو احساساتي طور جنهن ويرانيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، اها اصل ۾ هن معاشري جي سنڍ حالتن جي گرڀ جي پيداوار آهي. مان ڄاڻان ٿو ته تنهنجي من-آکيري ۾ محبت جا معصوم پرندا اڄ به چهچائين ٿا، پر وقت جي ڪٺورتا، جا ويراني جي واءُ کنيو ٿي گهمي، ان جي لهس تنهنجي دل جي پنکڙين کي به لهسائي وڌو آهي، پر يقين اٿم، ته تون پنهنجي بصيرت سان ترت ئي زندگيءَ جي حسناڪين جا چپ چمندين ۽ ويرانيون پنهنجي ازلي ۽ ابدي آشياني يعني مساڻن ۽ مقامن طرف راهي ٿي وينديون...!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
15 آڪٽوبر 2002ع
•••••
مبارڪ!
شال سرهو ۽ سلامت هجين.
ڪجهه ڏينهن کان عجيب ڪيفيتن جا ڪڪر من-آڪاش تي ڇانيل آهن، هڪ لمحي جهڙالو آهي، ته ٻي پل ڏور ڏور تائين ڦهليل نٽهڻ اُس ۽ انهن ٻنهي موسمن ۽ ڪيفيتن جي وچ ۾ هينئين جو هراسيل پنڇي، جيڪو پَرن هئڻ جي باوجود پرواز کان قاصر ۽ محروم آهي!
يار! ڪيئن چئجي ته پاڻ فقط 30 ورهين جي عمر چوڙي آهي؟ هڪ طرف اندر ۾ 17 ورهين جو ضدي ٻار پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، ته ٻي طرف 30 ورهين ۾ ئي 30 صدين جيڏي مسافت جهاڳي چُور چُور ٿي پوندڙ پيرسن جهڙو هي جياپو، آجهاپي لاءِ متلاشي ۽ مجبور ٿو ڀاسي...!
پنهنجي عمر جون بهارون ته الائي ڪهڙي پل پاڻ وٽ آيون ۽ ويون، پر انتظار جو عذاب ته ڀاري صليب جيان اميد جي ڪلهن تي اڙيل رهيو آهي. بهارن جي آس ۾ پاڻ جيڪي خزائون ڀوڳيون آهن، انهن جو جيڪڏهن ڪاٿو ڪجي، ته پوءِ شايد ڪٿا جا ڪيئي المياتي ڪتاب جُڙي پون.... پر يار! ڪهڙا ويهي حساب ساريون؟ پاڻ ته الائي ڪهڙن ڪهڙن حرجاڻن ۾ حياتي هارائي آهي...! هونءَ به جهان جي هن جوا خاني ۾ جيڪي ماڻهو، پنهنجون حياتيون هارائي، پنهنجي حصي ۾ پل به ڏاڍي اوکائيءَ سان جيئندا آهن، انهن جي حساب - ڪتاب جي حاصلات ڪارا ڪاڳر ئي ته هوندي آهي...!
ڪافي ڏينهن کان دل چاهيو پئي، توسان رابطو ڪجي، کوڙ ساريون ڳالهيون ڪجن، کوڙ سارا ٽهڪ ڏجن، دل جا نيڻ نپوڙي احساسن جا پاند آلا ڪجن، اوجاڳيل اکين لاءِ ڪو آنند جو لمحو تلاش ڪجي، خوابن جي راهن ۾ ڀٽڪي ويل حسرتن جون ڪي سمرتيون سارجن، ڏک جي ڏينهن ۾ سُک جون ڪي سندرساعتون ياد ڪجن، وڃايل ويساهن کي محبتن جي مرڪن سان موٽائجي، زندگيءَ جي زخمن تي آٿت جا پها رکي، دل جي ديوانگيءَ کي وري خواب - راهن سان ريجھائجي. اڪيلائين ۾ لڙيل لڙڪن مان سرجيل نظمن جا ٿانَ کولجن ۽ پوءِ لڙي رات تائين اوجاڳيل چنڊ ۽ بي سمت راهن سان رولاڪيون share ڪجن، پر مِٺا! الائي ڇو اها اڪيلي افورڊ ڪرڻ جهڙي ننڍڙي عياشي به پاڻ لاءِ اڄ ڪلهه ڄڻ ته محال ۽ مشڪل ٿيندي پئي وڃي....!
ڪالهه تائين ذميوارين جا زنجير صرف مون پنهنجي پيرن ۾ محسوس پئي ڪيا، پر هينئر تنهنجا پير ساڳي زنجيرن جا اسير بڻجي ويا آهن. منهنجو مطلب اهو قطعي ڪونهي، ته پاڻ سماجي ذميوارين کان فراريت ٿا چاهيون. نه، ڪڏهن به نه.... مڃان ٿو ته پنهنجو مزاج الاهي اڪيلائي پسند ۽ کُليل هوائن جو هيراڪ آهي، پر پوءِ به مون سدائين پنهنجو آنند ۽ آجپو وري آدم ذات ۾ ئي پسيو ۽ پاتو آهي، تنهنڪري دل جون موسمون گيڙوءَ رتي رنگن ۾ رڱيل هئڻ جي باوجود، تارڪ الدنيا جي تسبيح جون طالبو ۽ مڱتيون ڪونه رهيون آهن. ها! باقي هڪ ڳالهه سا آهي، ته حافظ جيان پنهنجي من جي هر ڪُنڊ به هڪ ڪائنات جيان ٿي هجي ۽ ان ڪائنات ۾ڪجهه گهڙيون گهارڻ، روح رچنديون ۽ روح رهاڻيون ڪرڻ لاءِ من سچ پچ ته ڏاڍو بي چين ٿي ٿو پوي ۽ اها بي چيني ويتر وڌي وڻ ٿي وڃي ٿي، جڏهن هي ڌوتي دنياداري پاڻ لاءِ هڪ سزا جو صليب بڻجي ٿي وڃي!
ڪڏهن ڪڏهن لڳندو اٿم، پاڻ هن بي ربط راهن ۽ راويتن جي گس ۾ گهلجي گهلجي جهڙوڪر ٿورا ٿورا ان جا عادي ٿي ويا آهيون، پر ٻي لمحي ڀاسندو اٿم، پنهنجي مٽيءَ ۾ جا ازل جي بي چيني ۽ تشنگي سمايل آهي، اها پنهنجي جسي ۽ جيءَ کي ڪڏهن به بي جان ۽ بي روح جياپي جو عادي بڻجڻ ڪونه ڏيندي ۽ منهنجو اهو معصوم ويچار گهڻي قدر الاهي موقعن تي مون لاءِ وشواس ۽ ڏڍ جو احساس ثابت ٿيو آهي.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
18 آڪٽوبر 2002ع