• سال 2001ع
مون ٻالڪپڻ جي لاشعوري جهنگ مان نڪري، جنهن پل شعور ۽ ساڃاهه جي سيمائن تي پهريون پير ڌريو هو، تڏهن ائين ڀاسيو هيم، ڄڻ زندگيءَ جي اُن ايڏي مسافت ۾ ڪنهن اڻ ڏٺي قوت منهنجي چيچ پڪڙي هيستائين رسايو آهي. والدين جون شفقتون ۽ محبتون ته فطري ۽ اَٽوٽ ٿيون هجن، پر مون سان هر لمحي ڪائي ٻي شڪتي ۽ قوت به هر قدم تي ساٿي ۽ سهڪاري رهي آهي. جيڪڏهن آءٌ ڪٿي ڪِريو آهيان، ته ان اچي اُٿاريو آهي، جي آءٌ ڪٿي ٽُـٽو آهيان ته ان جوڙيو آهي، جي ڪڏهن آءٌ ڪٿي اداس ٿيو آهيان، ته ان ڳراٽڙي پائي اچي ساٿ ڏنو آهي... منهنجي خاموشين کي خوبصورتيون ۽ منهنجي خوبصورتين کي اظهار ۽ ادائون اُن ئي عطا ڪيون آهن...! اُن جو نانءُ ۽ رشتو...؟
”هُن“ جا ته انيڪ نانءَ ۽ رشتا آهن مون سان...! ڪڏهن هوءَ ”روحي“ جي روپ ۾، ڳوٺ جي ڌوڙ رستن ۽ راهن تي مون سان سنگ سنگ پوپٽن ۽ ڀنڀورين پويان ڊڪي ۽ ڊوڙي آهي، ته ڪڏهن ”سپنا“ جي صورت ۾، ٽرين جي سفر ۾ ملاقاتي ٿي آهي.
ڪڏهن پبلڪ اسڪول جي ڪاريڊور ۾ هُن ”آمي“ ٿي پاڻ پَسايو آهي، ته ڪڏهن وري هوءَ ”اَنو“ بڻجي اکين ۽ دل ۾ اچي ويهي رهي آهي... ”هُن“ جي قرابت ۾ عجيب دوري ۽ ”هُن“ جي دوريءَ ۾ عجيب قرابت جو احساس رهيو آهي...!
هوءَ خوشبو آ، خواب آ، ننڊ آ، جاڳ آ، موهه آ، مايا آ، احساس آ، آجپو آ.. چين آ، بي چيني آ، دَرد آ، ديوانگي آ، حُسن آ، پيار آ، کيپ آ، خمار آ...!
گھاڙوءَ گھڙيو ڪونه، ڳَھڻو تنهنجي ڳل جئن
سورٺ! توتي ڇونه، ور ور مان واريو وڃان!
(شيخ اياز)
محبتون مريم جيان مقدس هونديون آهن، جيڪي ڪنهن به نانءَ ۽ نسبت جون محتاج ڪونه ٿينديون آهن..!
خوشيءَ جي ڪُک مان ڏُک ۽ ڏکن جي بطن مان خوشيون جنم وٺنديون آهن. جن ماڻهن جيون ۾ ڏکن جو ذائقو نه چکيو آهي، اُهي زندگيءَ جي سُکن مان ڪڏهن به سڪون ماڻي ڪونه سگهندا آهن!
مِٺا! زماني جي تيز رفتاريءَ سان گڏ زندگيءَ جا معيار به کوڙ بدلجي ويا آهن. ماڻهو احساسن بدران مڪينيڪل جياپو جيئڻ جا ڄڻ ته عادي ٿيندا پيا وڃن. محبتن کان وٺي رشتن ۽ دوستين جي قدرن تائين جا ماڻ ۽ ماپا انتهائي ڪاروباري ٿي پيا آهن، پر هن ڏيتي ليتي جي مقرر معيارن واري جهان ۾، اڃا به ڪي آهين، جن جون دليون جذبن ۽ احساسن جي جوت سان منور آهن... جن جو من اڃا به محبتن جي مجذوبين ۽ دوستيءَ جي تقدس ۾ ايمان رکندڙ آهي... هن ڪل جڳ جي دنيا ۾ اڃا به ڪي آهن، جي دنيا جي رستي بدران دل جي رستي تي هلڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جي دوستيءَ کي ڪاروباري وهنوار بدران دل ۽ دماغ جي باهمي رشتي جو سهڻو ۽ بي مثال سنگم سمجهن ٿا...
امتياز! دوست ته دل جي ڀُرندڙ ڀتين جي ٽيڪ ۽ من جي گهاون جي مرهم ٿيندا آهن. دوست ته رُڃ ۾ پاڻيءَ جو شفاف چشمو ۽ تنهائيءَ جي تاريڪ راتين ۾ آشا ۽ اُميد جو ڪِرڻو ٿيندا آهن، دوست ته دل جي ڇيهاڙيون چولي تي آٿت جي چِٺي ۽ غم جي درياهه ۾ دل جي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ جا سڙهه ٿيندا آهن. دوست ته دل جي ڌرتيءَ تي خوشبو جو احساس ۽ آجپي لاءِ حسين آٿت ٿيندا آهن، پر تو وٽ ته آٿت جي لفظن جا ٻه پها به ڪونهن، جو ڪنهن دوست جي زخمن تي رکين...!
ڇا تون اهوئي آهين، جنهن سان گڏجي مون بچپن جا کوڙ محبوب ۽ معصوم ڏينهن گذاريا هئا؟
امتياز! منصور حلاج کي ماڻهن جي پٿرن نه، پر شبليِءَ جي اُڇلايل گل ايذايو هو، جوليس سيزر کي اينٿوني، پامي ۽ اڪتانيس جي خنجرن جو ايذاءُ محسوس نه ٿيو هو، پر بروٽس جي خنجر جي اولار تي سندس من مان دردناڪ دانهن نڪتي هئي: !“Brotus! You too…”
دنيا غرض ۽ مفاد جي گند سان ڀري پئي آهي، پر هن سينوارجي ويل ڍنڍ جهڙي سماج ۾، ڪنول جهڙا اُجرا ۽ مقدس ڪي رشتا اڄ به آهن، جن جي تعلق ۽ سُٻنڌ ۾ ڪائي طمع ڪونه آهي، جن جون محبتون لوڀ ۽ لالچن کان مٿاهيون ۽ معصوم آهن.
پيار ته دل جي ٽاري ۾ ٽڙندڙ اهو گلاب آهي، جنهن جي ڪلي ڪلي پياس ۽ پاڪيزگيءَ جي گواهه هوندي آهي.
پيار، ماءُ جي معصوم مِٺي به آهي، ته محبوبا جي مسرور ۽ مدهوش ڪري ڇڏيندڙ چمي به... پيار، بارش جي موسم به آهي، ته بهار جي حُسناڪي به... ها! پيار، هِن بي روح سماج ۾ انوکي سُندرتا ۽ هڪ عجيب سچائيءَ جو نانءُ آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ لاءِ دل جي مجذوبي ۽ مجذوبي جي دل جو هجڻ لازمي آهي...!
مون توکان ڪڏهن به پنهنجي خلوص ۽ محبت جي موٽ ۾ ڪائي تقاضا ڪونه ڪئي آهي، پر هميشه تنهنجي ساٿ ۽ دوستيءَ جي ديوانگي ئي چاهي آهي.
پيارا! اسان جهڙا من موجي ۽ روح روڳي ماڻهو هوائن جي گهوڙي تي سوار اهڙا مسافر هوندا آهن، جن جي نه واڳ پنهنجي هٿ هوندي آهي ۽ نه وري سندن وس ئي ڪو وس ۾ هوندو آهي...!
پاڻ رڻ تتي جا اهي ٿڪل پانڌيئـڙا آهيون، جن جي اکين ۾ اوسيئڙي ۽ انتظار جي اداس موسمن ۽ آٿتن کان سواءِ ڪائي بهار ڪونه ٿي هجي. پاڻ حسرتن جي آڪاش ۾ اڏامندڙ اُهي پنڇي آهيون، جن کي تنهائيءَ جي عقاب پنهنجي خوني چنبن ۾ رتو رت ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ ان ڪهاڻي ۽ ڪٿا جا ڪردار آهيون، جن جي اندر جو اظهار ڪوبه قلمڪار پنهنجي رائيٽنگ ٽيبل تي رکيل ڪوري ڪاغذ تي اڃا تائين اوتي ڪونه سگهيو آهي. پاڻ ته ڪنهن ڪوي جي من اندر جي اڻپوري گيت جي اها سِٽ آهيون، جيڪا ڪوشش جي باوجود اظهار جي چپن تي اچي نه سگهي آهي. پاڻ محبتن جي ديس جا اهي جلاوطن آهيون، جن جي نيڻن سالن کان دل جي وڇڙيل سرحدن جا وري وڻ ڪونه ڏٺا آهن...!
امتياز! خبر اٿئي! جڏهن به تنهائي جي پٿريلي ڌرتيءَ ته منهنجي احساسن ۽ آوارگيءَ جا پير پِٿون ٿي پوندا آهن. جڏهن به منهنجن جذبن جا گهرا زخم، اّظهار جي مرهم ڀري ڪونه سگهندي آهي. ان وقت آءٌ پنهنجي زخمي وجود تي ڀٽائي جي بيتن جا پها رکندو آهيان.
ها! ڀٽائي منهنجي اندر جي اجڙيل اجهي کي هميشه پنهنجي ڪوتا جي ٿوڻين جو سهارو ڏنو آهي. اهو لطيف ئي ته آهي، جنهن منهنجي گونگيءَ دل کي زبان، روڳي من کي اظهار جي ڌرتي ۽ تخيل جو آڪاش عطا ڪيو آهي.
امتياز! ڪالهه مون اکيون ٻوٽي ڀٽائيءَ جو رسالو کوليو ۽ کليل ورق تي پنهنجي آڱر رکي، اکيون کولي ڏٺم ته منهنجي آڱر ڀٽائي جي هيٺئين بيت مٿان هئي:
پـيــهــي جــان پـــاڻ ۾، ڪـيـــم روح رهــــاڻ،
نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچن ڪاڻ،
پـنـهـون ٿـيــس پـاڻ، سسئـي تان سـور هئـا!
دوست! اهو ڪهڙو جذبو آهي، جيڪو ڄاڻ جون سڀئي ديوارون ڌوڏي ڇڏي ٿو، جنهن جي ٻوڏ اڳيان ڪو به بند، پائيداريءَ جا پير کوڙي نه ٿو سگهي...!
آءٌ ڄاڻان ٿو ته هِن نفسانفسي ۽ مشيني دَور ۾، وقت ۽ فرصت جو وڏو بحران آهي. هر ماڻهو پنهنجي ئي دنيا جي دوزخ ۾ پورو آهي. هن ڪاروباري ۽ مادي دنيا ۾، رشتا، تعلق ۽ دوستيون نڀائڻ واقعي به وڏو مامرو آهن. هن انٽرنيٽ ۽ موبائل ميسيجنگ واري دَور ۾ خط ۽ خطن ۾ خوابن ۽ احساسن جون اُپٽارون گهڻن لاءِ عجيب ٿيون هجن. هر دَور ۽ وقت جون پنهنجون تقاضائون آهن، پر دل جي ته پنهنجي دنيا آهي، جيڪا ڪنهن به دنياوي دليل جي پرواهه بنا، پنهنجا پنڌ ۽ پيچرا ٿي رکي... آءٌ ڄاڻان ٿو، تون مصروف ماڻهو آهين، تو وٽ ايتري فرصت ۽ واندڪائي به شايد هجي، جو تون هيڏو طويل ۽ جذباتي اظهارن سان ٽمٽار خط پڙهين ۽ آءٌ اهو به ڄاڻان ٿو ته زماني داريءَ جي پٽ کوهه ۾ منهنجي ائڊريس به شايد توکان تنهنجي حافظي جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ گم ٿي وئي هوندي (جڏهن دل جي ڦرهيءَ تان اُڪير جا اکر ڌنڌلائجي ويندا آهن، تڏهن حافظي جي هٿ تريءَ تي ڪائي يادگيري ۽ سار جي لڪير شايد بچندي آهي؟ ) پر پوءِ به آءٌ توکي هي طويل ۽ احساساتي خط لکي رهيو آهيان. خبر ناهي اهو ڪهڙو جذبو هجي ٿو، جنهن جي اُٿل انا جي ڪوٽن کي به ڪيرائي وجهي ٿي...!
منهنجا محبوب دوست! منهنجو هي طويل خط جڏهن به تو وٽ پهچي، ان کي پڙهي ڪنهن ويسر جي ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏڻ کان پهريان هڪ لمحي لاءِ اهو ويچارجانءِ ضرور، ته ٻيو هر رشتو مُردي کي ملندڙ ڪفن جيان ٺهيو ٺڪيو ملي ويندو آهي، پر محبت ۽ دوستي ئي اهو واحد رشتو آهي، جيڪو انتهائي ذاتي، انفرادي محبتن ۽ احساسن جي بنياد تي جُڙندو آهي!
خطن کي ڪنهن خوبصورت فائل ۾محفوظ ڪري ڇڏڻ سان دوستيءَ ۽ محبتن جا رشتا محفوظ ۽ قائم ٿوروئي ٿي سگهندا آهن. انهن جي دائميت ۽ پائيداريءَ لاءِ ته دليون درڪار هونديون آهن. فقط ڪاغذي فائل دلين جي رمزن ۽ رازن کي ڪٿي سانڍي سگهندا آهن!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
4 جنوري 2001ع
•••••
اَنو!
ڪالهه تنهنجا ٻه خط مليا آهن. تنهنجا خط سچ ته منهنجي احساسن جي وڃايل ويساهن ۾ نئين ۽ تازي روح جيان هوندا آهن. اُهي منهنجي اڪيلائيءَ ۾ ساٿ جو سهارو به بڻجندا آهن، ته جيون جي ڌرتيءَ ۾ ٿڌي ڇانو جو احساس به...
تنهنجا هي خط مون کي انهن ڪيفيتن ۾ مليا آهن، جڏهن منهنجو ويساهه رشتن ۽ تعلقن جي چادر ۾ لڪل خنجر سان زخمي ٿي پيو آهي، پر تنهنجي هنن خطن مون کي نه صرف عجيب آٿت ۽ ڏڍ ڏنو آهي، پر لفظ لفظ ۾ موجود تنهنجي اڻ مئي محبتن مون ۾ انوکي سگهه ۽ سُرت کي به جنم ڏنو آهي. مون جڏهن تنهنجن خطن کي پنهنجي احساسن جي اکين تي رکيو آهي، تڏهن ائين ڀاسيو اٿم ڄڻ منهنجي هر زخم کي زندگي ملي وئي هجي... جنهن وقت تنهنجا خط مليا هئا، ان وقت منهنجي حالت ان شخص جيان هئي، جنهن جي طلب جي ڪشڪول ۾ محبت جا انمول سِڪا پيا هجن ۽ ان جي هٿن ۾ جهليل ڪشڪول حاصلات جي ڪنبڻيءَ سان ڏڪي رهيو هجي...!
ڪالهه جيئن ئي تنهنجا خط مليا، ته مون چاهيو ته توکي ان پل ئي انهن جي موٽ ڏيان، پر آءٌ چاهيندي به ڪوري ڪاغذ ته پنهنجن احساسن کي اوتي نه سگهيس. ڪڏهن ڪڏهن اندر کي اوتڻ لاءِ لفظ ڪيڏا نه ناڪافي ٿي پوندا آهن ۽ نتيجي ۾ خاموشين سان دل جون ديوانگيون اورڻيون پونديون آهن...!
رات دير تائين ننڊ جو پنڇي نيڻن جي آکيري مٿان پنهنجا پَرَ ڦڙڪائيندو رهيو، پر نَم ٿيل نيڻن ۾ ننڊ جو پنڇي آهلي ڪونه سگهيو. خبر ناهي ڪهڙي پل لڙڪ ڀنل نيڻن ۾، ننڊ جو پنڇي پنهنجا ساڻا پَر ساهي سمهي پيو. رات جڏهن ڀنل نيڻن جي آکيري ۾ ننڊ جو پنڇي آهلي پيو هو، تڏهن مون کي لڳو هو، ڄڻ ته تون سپنن جي پَرن تي اڏامي آئي آهين ۽ مون کي ٻانهن ۾ ٻکي منهنجي نيڻن مان لڙندڙ لڙڪن کي پنهنجي اجرڪ جي پاند سان اَگهي منهنجن زخمن تي پنهنجي پيار جا پها رکي رهي هجين... پر جيئن ئي اک کُليم ته ڇرڪي پيس... تون منهنجي جسماني نگاهن کان ڪيڏي نه پَرانهين ۽ احساساتي طور ڪيتري نه قريب ۽ ويجهڙي آهين...!
مون لاءِ جسماني دوري ايڏي ڪائي وقعت ڪونه ٿي رکي، ڇو ته جسم اهو ڪچو گهڙو آهي، جيڪو روحن جي مهراڻ ۾ مٽي ٿي ويندو آهي... اها روحن جي تشنگي ئي هجي ٿي، جيڪا مٽيءَ جي بدن کي بامعنى ۽ حَسناڪ بڻائي ٿي، ورنه پيار ۽ پيار بنا پياس، صحرا جي مسافت جيان ئي ته هوندي آهي...!
آءٌ ننڊاکڙيون اکيون مَهٽي اُٿان ٿو. تنهنجا ويهاڻي هيٺان رکيل خط کڻي ٻيهر پڙهان ٿو. نيڻن مان ٻه لڙڪ لڙي پون ٿا. سوچيان ٿو، لڙڪ ئي محبتن جي سچي ۽ حقيقي ميراث ٿيندا آهن...!
ڪجهه ڏينهن اڳ مون توکي انتهائي ڏک ۽ قرب واري ڪيفيتن ۾ هڪ خط لکيو هو. ان پل منهنجا احساس ئي ڪجهه اهڙي قسم جا هئا، جيڪي صرف تو سان ئي شيئر پئي ڪري سگهيس، ڇو ته اها تون ئي ته آهين، جنهن سان آءٌ پنهنجن محبتن کان وٺي جيءَ جي جلاوطنيءَ ۽ ويڳاڻپ تائين جون سڀئي ڪيفيتون بنا ڪنهن هٻڪ جي پوري سچائيءَ سان اوري سگهندو آهيان.
جڏهن دوکن ۽ فريبن جي جهنگ ۾ ڪنڊائن پيچرن تي پير رتو رت ٿي پون، جڏهن محرومين ۽ مايوسين جي ديوارن سان محبتن جا سِر ٽڪرائجي زخمي ٿي پون، جڏهن رشتن جا تقدس موقعي پرستيءَ ۽ خود غرضيءَ جي غلاظت سان داغدار ٿين، جڏهن دل جون صدائون پنهنجن پيارن تائين پُڄڻ کان سواءِ بي مِهر موسمن جو بَکُ بڻجي وڃن ۽ تون، جيڪا منهنجي معصوم محبتن جو محور ۽ مرڪز آهين، سا به ڏينهن تائين رابطن کان ڪٽيل رهي، ته پو مون لاءِ ويڳاڻپ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو گس وڃي رهندو...!
آءٌ جڏهن به توسان ملندو آهيان، منهنجن ڏکن جا زخم مسرتن جي مرهم سان ڀرجي ويندا آهن. منهنجون اداسيون ۽ اڪيلائيون پَر ڪري اُڏامي وينديون آهن ۽ آءٌ تنهنجي ساٿ جي گهاٽي ڇانو جي احساس ۾ سارا دک ۽ درد وساري ويهندو آهيان. هِن دنيا جي دوزخ ۾ تون ئي ته آهين، جنهن سان آءٌ انيڪ رُسامن ۽ رنجشن باوجود کوڙ محبت ڪندو آهيان...
مان اصل ۾ ڀڳل ٽٽل ماڻهو آهيان، پر محبتون سدائين منهنجو اَٽوٽ ايمان ۽ آٿٿ رهيون آهن. آءٌ تنهنجي حاصلات کان پوءِ تنهنجي دوريءَ جو درد پنهنجي دل جي شيشي تي برداشت ڪري نه سگهندو آهيان. تنهنجي ملي وڃڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين آءٌ عجيب ڪيفيتن ۾ هوندو آهيان، توکي الوداعي مِٺي ڏئي ڀاڪرن ۾ ڀري موڪلائڻ مهل هر ڀيري الائي ڇو توکي نه ڇڏڻ لاءِ دل بضد ٿي پوندي آهي، نتيجي ۾ ڏينهنِ تائين من کي درد جو دشت جهاڳڻو پوندو آهي...!
آءٌ جڏهن به توکي خط لکندو آهيان، ته ادب جي اميري مان لفظن جي چونڊ لاءِ ووڙ ۽ ويچار کان پوءِ به منهنجي آرزوءَ جي ڪشڪول ۾ لفظن جي حاصلات جا ڪي اهڙا سِڪا حاصل ٿي ڪو نه سگھندا آهن، جن سان منهنجي طلب جي تات پوري ٿي سگھي...! منهنجي جيون ۾ اهڙا کوڙ موڙ آيا آهن، جن مون کي ڀَڳو ڀُوريو آهي، پر هر دفعي منهنجي محبتن ۾ اعتقاد ئي مون کي جُوڙيو ۽ جِياريو آهي. مون لاءِ پيار سدائين پوترتا جي احساس جيان رهيو آهي. آءٌ محبتن ۾ رواجي ۽ رسمي رهڻ بدران هميشه شدتن جو طرفدار ۽ پوڄاري رهيو آهيان ۽ مون لاءِ پيار جو احساس عبادت جي آنند جهڙو آهي.
تنهنجو ئي
فِيَا
14 جنوري 2001
•••••
مظهر!
توڙي جو پورو ڏينهن گذري هينئر اچي پوياڙي ٿي آهي، پر اڃا تائين مون کان ڪجهه لکيو نه ٿيو پُڄي. من عجيب الجهن جو شڪار آهي. الائي ڇو هر لفظ اظهار بنا ئي اُجهامي ٿو وڃي. صبح جيئن ئي ڪاليج لائبريري ۾ ڪاوش اخبار کڻي ڪجهه خبرن جون سرخيون پڙهڻ کان پوءِ آخري پنو اٿلايو هيم، تيئن ئي هاسپيٽل جي بيڊ تي بي سُڌ پيل تنهنجي فوٽوءَ تي نظر پئي هئي، جنهن تي ڪهاڻيڪار مظهر ابڙو جي ٻيو ڀيرو خودڪشيءَ جي ڪوشش وارو ڪيپشن پڙهي منهنجون وايون ئي بتال ٿي ويون هيون.
مظهر! آءٌ مڃان ٿو ته هن سينواريل تلاءَ جهڙي سماج ۾ هڪ حساس فرد جو جياپو ڪنهن طويل امتحان ۽ آزمائش کان ڪنهن به طور گهٽ ڪونهي، پر ڇا هڪ سڄاڻ فرد ۽ آدرشي انسان جو جياپي ڏانهن رويو ۽ عمل ائين هئڻ گهرجي، جيئن.......؟
پيارا! ڪنڊن لاءِ ته مڙئي موسمون ساڳيون هونديون آهن، پر هڪ آدرشي انسان ئي ڪنول جيان هوندو آهي. تون، جنهن عمر ڀر لفظن جي بي جان بُتن ۾ هميشه جياپي، جان، امنگ، اُنس ۽ اُتساهه جو روح پئي اوتيو آهي، سو پنهنجي ئي جيون جي لاٽ کي خودڪشيءَ جي ٻاٽ جو بَکَ بنائڻ جو عمل ادا ڪندو، تنهن جي عملي مظاهري منهنجي احساساتي وجود کي سچ پچ وکيري ڇڏيو آهي.
تو وٽ ان اُگري راهه جي چونڊ لاءِ ڪيئي سبب، صداقتون ۽سُراب جهڙيون مسافتون سامهون هونديون، پر ڇا هڪ روشنيءَ جي متلاشيءَ جو انتخاب اوجر هئڻ گهرجي يا اونداهي؟ ڇا هڪ عاشق جو پنڌ اوجاڳو ۽ آجپو، هئڻ گهرجي يا اجل؟ محبت، موت ۽ اجل جو نه، پر زندگيءَ جو دروازو آهي.
محبت ته مُردن ۾ زندگي ۽ جان وجھڻ جي ڪرشماتي قوت رکندڙ هوندي آهي ۽ تو کان وڌيڪ محبت جي مجذوبي ۽ معنائن جي ٻي ڪنهن کي سُڌِ ۽ ساڃاهه هوندي؟ ها! تون جنهن جون ڪهاڻيون محبت جي ڪٿائن جو انوکو اتهاس آهن. آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته تون ان عمل جي ادائگيءَ کان پوءِ ڪهڙن احساسن ۽ ڪيفيتن مان گذري رهيو آهين، پر تو سان پيار ڪندڙ مون سميت دوست ۽ رشتيدار جنهن درد جي دشت ۽ پيڙا ۾ پيڙهجي رهيا آهن، شال انهن جي بي چيني ۽ پنهنجائپ جو احساس تنهنجي جيون جي تنهائيءَ جي در تي دستڪ جو ڪارڻ بڻجي ۽ تون پنهنجي نئين جيون کي محبوبا جيئن اپنائين.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
28 فيبروري 2001ع
•••••
پيارا حبيب ساجد!
عرصي پڄاڻان، تنهنجي طويل خانه بدوشيءَ کان پوءِ تنهنجو پهريون پيار ڀريو پتر پهتو آهي. سچ پڇين ته هي ڪاغذ جو ٽڪرو مون لاءِ ڪنهن اهڙي ڪشتيءَ جيان آهي، جنهن منهنجي مدتن جي اوجاڳيل اظهارن جي نيڻن ۾ نين امنگن جي آشائن کي مُرڪائي ۽ مهڪائي ڇڏيو آهي.
آءٌ خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽيءَ جڏهن به آيو آهيان، تڏهن تنهنجي پَتي ۽ پار جا ڏاڍا پيرا ووڙيا اٿم، پر هر ڀيري خبر ناهي تنهنجي پيرن ۾ الائي ڪهڙين ڳلين، ڳوٺن ۽ شهرن جون مسافتون هونديون آهن، جي تنهنجي درشن جي ديد کان دور رکڻ جو سبب پئي بڻيون آهن. توڙي جو سالن کان توسان رابطي جي تند ڪٽيل رهي آهي، پر توسان پيار ۽ اُڪير جا اڄ به ساڳيا سُٻنڌ سلامت ۽ تازا آهن.
سندر دوست ۽ سٺا ڪتاب ٻئي منهنجي محبوب ڪمزوري رهيا آهن ۽ اڄ آءٌ جو ڪجهه به آهيان، اهو فقط ئي فقط پُرخلوص دوستن جي ساٿ ۽ ڪتابن جي قرابت سبب ئي آهيان، ورنه منهنجو وجود ته ان مٽيءَ مان ڳوهيل آهي، جنهن مان ڪک ڇُتي رَتُ نڪريو پوي...!
زندگيءَ جي دشت ۾ جن پُرشن کي پيار جي ڇانو، دوستيءَ جي دلبري ۽ علم جي آگھي حاصل ٿي ويندي آهي، انهن جي ننڊ عبادت ۽ جاڳ جياپو بڻجي ويندي آهي.
پيارا!ٰ تنهنجا، منهجي ترجمي ڪتاب ”خدا، زندگي، محبت ۽ موت“ لاءِ ڪمينٽس مون لاءِ وڏي وٿ جيان آهن. تون جيڪڏهن تحريري طور ڪتاب تي ڪو اڀياسي مضمون لکندين ته مون کي سرهائي ٿيندي، ڇو ته تنهنجي اظهار جو انداز به تنهنجي شخصيت جيان نرالو ۽ موهيندڙ آهي. اوريانا فلاشي وارو ناول جلد ئي پڌرو ٿي ويندو ۽ چند ڏينهن ۾ يقينن تنهنجي مشتاق ۽ محبتي هٿن ۾ هوندو.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
14 مارچ 2001ع
•••••
پيارا مبارڪ !
شال جُڙيو هجين.
خبر ناهي آزمائش جي اڻانگي سفر جا هر ڀيري مون لاءِ ايترا سلسلا ڇو ٿا سَرجن، جو ڪڏهن ڪڏهن آءٌ خود به ڪنهن قدم جي ڪٿ ۾ ڏاڍو اُلجهي ٿو پوان؟ توڙي جو چؤگرد ماڻهن جا هشام موجود آهن، پر الائي ڇو پنهنجي دل جوڳيءَ جي جاڳ جيان ڏاڍي بي چين ۽ بي قراري ٿي رهي. ان جي چين ۽ قرار لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ته من بضد ٿي پوندو آهي، ته هي تعلقدارين جا تنگ ڇنائي، ڪنهن اهڙي منزل جي مسافت تي نڪري پئجي، جنهن ۾ پورو ڏينهن پيرن جي پياس صرف راهن جي پيشاني چمندي رهي ۽ رات جا سُرمئي نيڻ جڏهن ننڊ جي نينڍ کڻي اچن، تڏهن بنا ڪنهن اُلڪي ۽ اوني جي شانتي جي ڀاڪر ۾ ڀرجي وڃجي. پر ڇا ڪجي....؟ بندي جي جيون جي جوڙ ئي ڪجهه اهڙي ٿي هجي، جنهن ۾ سندس حسين خوابن جي هر پيچري ۾ غير متوقع تعبيرون پنهنجي پوري تلخيءَ سان منتظر ٿيون هجن. خير، آدمي ۽ ان جو آجپو ته ازل کان ان جو عادي بڻيل آهي، پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن هينئين جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جڏهن ڪا حسرت جي ٻوٽيل اک کُلي ٿي پوي، تڏهن مون ته شدت سان محسوس ڪيو آهي، ته ان اک کي ٻيهر اُپٽڻ لاءِ ڏينهن جا ڏهاڳ ڏسڻا ٿا پون. پر ڪجهه عرصي کان منهنجي اندر ۾ سالن کان سمهاريل هڪ اِڇا جي اک اوچتو ئي اوچتو جاڳي پئي هئي ۽ ان کي ٻيهر آٿت جي آغوش ۾ سمهارڻ لاءِ کوڙ سارن پيارن سان گڏوگڏ آءٌ خود کان به ڪافي پرڀور ٿي ويو هوس. مون سمجهيو هو، ان سفر ۾ ڪوئي پنهنجو اوچتو منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي، مون کي تنهائيءَ جي ان دشت مان ڪڍي ايندو، پر شايد آءٌ اهو وساري ويٺو هوس ته هر بندي جي ڪنڌي تي هڪ ڀاري صليب سوار آهي، جنهن جو ٻوجهه اڪثر پنهنجن کان به ڪافي موقعن تي ناآشنا بڻائي ٿو ڇڏي.
پرين! پکي آکيرن بنا آخر ڪيترو وقت اڏام جي آوارگي افورڊ ڪري سگهندا؟ توڙي جو پرندن جي فطرت ۾ پرواز شامل ٿي هجي، پر ٿڪل پرندن جي پناهه ۽ آجپو وري به آکيرن جي وجود سان ئي منسلڪ هوندو آهي.
منهنجو ترجمو ڪتاب ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ پڌرو ٿي ويو آهي، اڄڪلهه موڪلن جا ڏينهن آهن. اڪثر ڪمري تائين محدود آهيان.... ۽ دل جي هوڏي ۽ ارڏي ٻار کي ميوزڪ، قلم ۽ ڪتابن سان ريجهائڻ جي ڪوشش پيو ڪريان...!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
17 جون 2001ع
•••••
اَنو!
شال پُرمسرت ۽ پُرعزم هجين.
تنهنجو خط ۽ شاعري ملي. ان خلوص ڀري موٽ ۽ پنهنجائپ لاءِ وڏا وَڙ.....
تو منهنجن ٻنهي ڪتابن کي خلوص ۽ پيار سان پڙهيو ۽ ان حوالي سان پنهنجي مختصر پر منفرد راءِ جو اظهار به ڪيو، جيڪا مون لاءِ يقينن سرهائي ۽ سڦلتا جو باعث آهي.
مون توڙي جو شعوري طور هميشه عملي زندگي جيئڻ کي ترجيح پئي ڏني آهي ۽ جياپي جي تلخ ۽ اوکن رَندن مان روح پروريءَ جا درس پئي پِرايا آهن، پر پوءِ به تخيلي جيون جو رومانس مون لاءِ ڏاڍو اُتساهيندڙ ۽ عزيز رهيو آهي. محبت ۽ فطرت جي حسناڪين سان قرابت جي حوالي سان شاعري مون لاءِ سدائين محبوب ذريعو رهي آهي.
مون کي دنيا جي جنجهٽ مان جڏهن به ٻه پل فرصت جا نصيب ٿيا آهن، اهي ڪوتا ۽ ساهت جي ساٿ ۾ ڏاڍي حسناڪيءَ سان انجواءِ ڪيا اٿم ۽ ان حسناڪيءَ ۽ حيرتن جي مسافت ۾ تنهنجون ڪوتائون، سچ پچين ته مون لاءِ ڪنهن ڏڍ ۽ آٿت جيان رهيون آهن.
تنهنجي شاعري جن وارتائن جو آواز ۽ پڙاڏو آهي، تنهن کي واقعي ئي پنهنجي دلڪشي ۽ صداقت آهي. شال تنهنجي ان ديد ۽ شاعرانه دلڪشي جو سحر سدائين سلامت ۽ قائم رهي!
تنهنجو ئي
فِيَا
24 سيپٽمبر 2001ع
•••••
مبارڪ!
شال جُڙيو هجين.....
تنهنجي خط جي اوسيئڙي ۾ طويل عرصي تائين منتظر رهڻ کان پوءِ ٻيهر آءٌ ئي رابطي جي تند جوڙي رهيو آهيان. خير، ”مان“ ۽ ”تون“ بس تند جيتري تار ئي ته حائل هوندي آهي، جيڪا به ڪڏهن ته نه هئڻ جي مترادف ٿي هجي. حقيقت اها آهي ته ڪجهه ماڻهن سان مواصلاتي رابطن جي ڪٽيل هجڻ باوجود پنهنجائپ جا سلسلا پوري سندرتا سميت سلامت ۽ قائم هوندا آهن، پر ڪن فردن سان مسلسل رابطن ۽ ملاقاتن جي باوجود اوپرائپ جي ديوار جيئن جو تيئن پنهنجيءَ جاءِ تي قائم رهندي آهي!
آءٌ هميشه ان صداقت جو قائل رهيو آهيان، ته هن دنيا جي زندان جي اسيري پنهنجيءَ جاءِ تي، پر پنهنجن پيارن ۽ محبوب ماڻهن جون سمرتيون ۽ سارون جن جي من-وجود مان اڏامي وينديون آهن، اهي خالي آکيرن جيان بي معنويت جو بَکُ بڻجي ويندا آهن.
آءٌ توڙي جو دوستين ۽ محبتن جي معاملي ۾ انتهائن جو قائل آهيان، پر پوءِ به وقت ۽ حالتن جي ادراڪ جو هميشه احساس رهيو اٿم. انسان جي خواهشن ۽ خوابن جي خدائيءَ کي پنهنجو سحر ۽ سچ آهي، پر ان جي سلامتيءَ لاءِ جا آئيني جي ديد درڪار هجي ٿي، تنهن جو حصول آدميءَ لاءِ طويل امتحان ۽ آزمائش جي برابر آهي ۽ تون ته ڄاڻين ٿو، ته ازل کان وٺي ان پنڌ ۾ ڪچي مٽيءَ مان جُڙيل آدميءَ جو هي بوتو ڪيترو نه ڀَڳو ۽ ڀُريو آهي!
خير، تون ٻڌاءِ، اڄڪلهه تنهنجي من جي موسمن ۾ ڪهڙين هوائن جو هڳاءُ آهي! پاڻ ته لاڙڪاڻي جي حسناڪين جي لهرن ۾ لڙهندا پيا وڃون. ڇا محبتن جو مَنڊُ مجذوبي هوندو آهي يا محبوبي؟ پتوئي ڪو نه پوي.... بس ايتري سا سُڌِ آهي ته انتظار ۽ اوسيئڙا واقعي ئي آدميءَ کي پَچائي قلندر بڻائي ڇڏيندا آهن....!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
4 نومبر 2001ع
•••••
اَنو جاني!
شال پُرمسرت هجين.
خبر ناهي آدميءَ جي مٽيءَ ۾ ڪهڙي محبوبيت جي مهڪ سمايل آهي، جو خود خالقِ ڪائنات به ان سُڳنڌ جي معرفت سڃاپجڻ کي ترجيح پئي ڏني آهي؟ واقعي ئي هي سارو سنسار ڏاڍو سُندر آهي. چنڊ ۽ ستارن سان ڀريل هيءُ آڪاش، هي بادلن جا سُرمئي سلسلا، هي پهاڙن جي آغوش ۾ آهلجندڙ ننڊاکڙو سج، هي پرهه ڦٽيءَ جو پرندن جون پياريون ٻوليون، هي رنگ برنگي گلن سان ٽنڊڙيل ڌرتيءَ جون رونقون، هي سمنڊ جون ساحرانه موجون، هي بهارن جون معطر هوائون ۽ هي خزائن جي پُرآشوب موسم.... پر جا حُسناڪي حوا ۽ آدم جي اولاد، انسان جي وجود جي ميراث آهي، سا ٻي مخلوق جي مقدر ۾، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته نظر ڪونه آئي آهي!
ڪائنات جون جيڪي به حسين حقيقتون آهن، انهن سڀني مان اُتم ۽ عظيم هستي انساني وجود آهي، ڇو ته هيءَ واحد مخلوق آهي، جيڪا خود به خالق جي خوبيءَ سال مالا مال آهي. انهيءَ ڪارڻ ئي آئيني جي علامتي حيثيت به کيس ئي حاصل آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته گل کان وٺي سنسار جي ٻين مڙني نظارن ۽ سندرتائن تائين، سڀئي حسين شيون چاهه ۽ ڪشش جي قابل آهن. يقينن خدائي جمال ۽ ڪمال به عبادت ۽ عاشقيءَ جو مستحق آهي، پر آدميءَ جي مٽي پنهنجي سيرت ۽ صورت ۾ اهڙي آهي، جنهن جي موهه جي ساگر ۾ ئي رازِ ڪائنات سمايل آهي. اهو ئي سبب آهي جو گوتم، عيسىؑ، محمدﷺ، زرتشت ۽ منصور حلاج کان وٺي سرمد، سچل، لطيف، دارا ۽ اوشو رجنيش جهڙن خودشناس فردن تائين سڀني ويرانين جا وڻ ووڙڻ کان پوءِ پنهنجي جاچنا ۽ تلاش جو معراج انساني من جي مسجد ۾ ئي ماڻيو آهي!
جيئن خوشبو جي ڪائي سيما ڪانهي، تيئن انساني محبتن جو سمنڊ پنهنجي سيني ۾ بحر بي ڪران ٿو هجي. چون ٿا ته آدميءَ جي مٽي بي قراريءَ جي اُنهي پنوڙي مان ڳوهي وئي هئي، جنهن جي پياس ۾ سمونڊ جي طلب ۽ تشنگي سمايل آهي.
تخليق جي ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، آدمي پنهنجي ان پياس جي پورائيءَ لاءِ پنهنجي جيءَ ۾ سراپا بي چين آهي...... ان چين جو قرار ڪٿي آهي؟
اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جي سُٽ کي هر ماڻهو پنهنجي فهم ۽ ادراڪ، احساس ۽ آگهيءَ جي آڌار تي سُلجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ڪنهن گوتم جيان انساني دنيا تياڳي، جهنگن ۽ صحرائن ۾ پنهنجو سڪون تلاش ڪيو آهي، ته ڪن وري گوشانشيني اختيار ڪري، مُنهن مونن ۾ وجهي ان اُلجهيل سُٽَ کي من-آڱرين سان سُلجهائڻ ۾ عمريون صرف ڪيون آهن، پر ان جي باوجود نتيجو....؟
پوري عمر جي مسافت کان پوءِ به گوتم ڏاڍي دردناڪ انداز ۾ چيو هو ”سروم دکم دکم....“ ۽ هُن گيڙو پوش گودڙيي لطيف به ته اهڙوئي اعتراف ڪيو هو ته ”جي سمنڊ مُنهن ڪريان، ته سُرڪيائي نه ٿئي....“
انساني روين جي ڪيترن ئي اَروپن باوجود، اڄ به منهنجو اهو ايمان آهي، ته انسان جو آنند انسان ۾ ئي آهي. آءٌ انسان جي فرشتي هجڻ/بڻجڻ واري خيال کان وڌيڪ هميشه انسان جي انساني حقيقت ۽ حيثيت کي تسليم ڪرڻ جو حامي رهيو آهيان، تنهنڪري خوشي فهمي ۽ خود فهمي جو شڪار به گهٽ ئي رهيو آهيان. آءٌ انساني محبتن جو معترف آهيان. مٽيءَ جي خوشبو منهنجي ڪمزوري ۽ ماڻهوءَ جو موهه منهنجو محبوب ترين احساس آهي.... آءٌ محبتن ۾ شدتن جو قائل آهيان. زندگيءَ مون کان منهنجون سوين حسرتون ۽ حيرتون ڳنهڻ کان پوءِ مون کي جيڪا اَملهه وٿ عطا ڪئي آهي، اهو صرف انتظار ۽ آجپي جو سليقو ۽ سندرتا ئي آهي.
توسان پهريون ڀيرو رابطو ڪري، ائين محسوس ڪيو هيم، ڄڻ پنهنجي آشنائي پراڻي هجي، جنهن ۾ فون صرف سهڻيءَ جي ڪچي گهڙي جيان پُل جي سهڪار جو ڪردار ادا ڪيو هجي. تنهنجي خلوص ۽ پنهنجائپ اڳيان مون کي الائي ڇو بار بار ”شڪريي ادائي“ جا لفظ ڇَسا ۽ اوپرائپ جو احساس ڏياريندڙ ڀاسندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن خاموشي مون کي ڏاڍي خوبصورت ۽ محبوب لڳندي آهي، جنهن جي چپن تي اظهار بدران فقط مرڪ ئي سونهندڙ لڳندي اٿم.
آءٌ جڏهن عمر جي هن عرصي تائين پنهنجي جيون جي مسافت جو حساب ٿو ساريان، ته ان جو جهول ڪنهن ڀڪشوءَ جي گودڙي جيان صرف چتين سان چچريل ٿو لڳي. رنگ برنگي چتيون، جن جي هر جوڙ ۽ ڳنڍ ۾ اڻ ڳڻين المين، اذيتن، احساسن ۽ يادگيرين جا ڌاڳا هڪ سلسلي جي سنگم کي جنم ڏين ٿا.
اڪثر ماڻهو پنهنجي بچپن جي حُسناڪيءَ بابت عجيب رومانس جو شڪار هوندا آهن، ان جي ٻيهر واپسي سندن جيون جي اڻپوري حسرت بڻيل هوندي آهي..... پر خبر ناهي منهنجو ننڍپڻ الائي ڪهڙي پکيءَ جي پڪار هو، جنهن کي پنهنجي اڏام جي ڪنهن رند ۽ پنڌ جو ڪو پيرو ۽ پرواز ئي ياد ڪونهي! منهنجي توسان پهرين آشنائي تنهنجي ڪوتائن معرفت ٿي هئي، تنهنجو اهو حوالو اڄ به مون لاءِ محبوب ۽ موهيندڙ آهي، پر توسان رابطي کان پوءِ جيڪا قرابت ۽ پنهنجائپ پيدا ٿي آهي، تنهن جي سرمدي ۽ سرمستي لفظي اظهار کان ممتاز ۽ مٿاهين آهي.
عجب نشو آ، اوهان جي انتظار ۾،
بنا پيتـي، پاڻ ڄـڻ آهيـون خمـار ۾.
سچ ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ اظهار جي ادائگيءَ لاءِ سوين لفظن جا سهارا به اڻپورا ڀاسندا آهن. مون چاهيو هو ته آءٌ پني جي رومال ۾ توکي پنهنجي پيار ۽ پنهنجائپ جون سڀئي صداقتون ارپنا ڪندس، پر ڇا ڪجي، هينئر قلم هٿ ۾ کڻي ويٺو آهيان، تڏهن لفظن جا پنڇي ڀڙڪو ڏئي الائي ڪيڏانهن اڏامي ويا آهن! خير، لفظن بدران آءٌ پنهنجي وجود جون سڀئي خوبصورتيون ۽ خاموشيون تنهنجي نانءِ ٿو ڪريان. مون کي يقين آهي ته تنهنجي ڇهين حس انهيءَ پيار جي پوترتا ۽ خوبصورتيءَ کي ڀلي ڀت پروڙي وٺندي.
جيءَ ۾ احساسن ۽ جذبن جون هڙون ڀريون پيون آهن، پر اڻ چئي اظهارن جون جمال ئي پنهنجو آهي، جنهن کي في الحال ته اظهار لاءِ لفظي سهائتا جي لوڙ محسوس ڪونه پئي ٿي... ها باقي ڀٽائيءَ کي اکيون پوري اڄ جڏهن کوليو اٿم، ته آڱر وڃي هيٺين بيت جون اکيون چميون آهن:
ڳـالـهــيــون پـيـــٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿـــيــــون،
مون سي ڪين ڪيون، گوشي پرين نه گڏياَ!
تنهنجو ئي
فِيَا
18 نومبر 2001ع
•••••
پيارا احسان دانش!
تون واقعي ئي سچ ٿو چوين ته منهنجا خط، خطن بجاءِ ڪنهن مهاپُرش جي ڀاشن جو پرتوو لڳندا آهن. ها، آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن ان ڀڪشوءَ جي بي آواز صدا جيان لڳندو آهيان، جنهن جي طويل تپسيا کان پوءِ به پياس پوري ڪونه ٿيندي آهي. اڃايل آدميءَ جون اِڇائون هميشه هوائن جا خواب ئي ته هونديون آهن!
آءٌ ڳولا جي پنڌ ۾ ڏاڍو ٽُٽُو آهيان، تنهنڪري يقينن توکي منهنجي اظهار ۾ تسلسل بدران جاءِ بجاءِ بي ترتيبي نظر ايندي. اها ڪن موقعن تي پنهنجي ڀرپوريت سان به ظاهر ٿي هوندي آهي، پر رولاڪ بادل جيان اڪثر منهنجا لفظ ۽ احساس خانه بدوش رهيا آهن. زندگيءَ جي مسافت ۾ پهريون ڀيرو ”هوءَ“ منهنجي خانه بدوش جيون جي راهه ۾ ڪنهن کنوڻ جيان کمي هئي ۽ آءٌ ڏينهنِ تائين ان گنگهورگهٽا موسم ۾ پنهنجن نظمن جون وکريل پتيون ميڙيندو رهيو هوس. هوءَ چري ڇوڪري الائي ڪهڙي هوائن جو هڳاءُ هئي، جنهن کي ڪوتائن بدران وجودي ڪاڪ جو موهه وڌيڪ هو. هن جي اکين ۾ الائي ڪهڙيون آيتون هيون، جن جي گيان ۾ موجي من عرصي تائين گم رهيو. مون ان دوران مسلسل سَرجيو ۽ خود کي سموهيو. انهن ڏينهن ۾ مون لاءِ ننڊ به عبادت جي لمحن سمان هئي ۽ جاڳ ڪنهن جوڳيءَ جي جوڳ جيان منهنجي جيءَ کي جوڙندي رهي. ان پوري پورهئي ۽ پورتڻا جي پونجي منهنجا انيڪ نظم، ٻئي ڇپيل ترجمو ڪتاب ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا مضمون ۽ ڊائريون آهن، جن ۾ پتو ناهي منهنجن ڪهڙن خوابن جون ساڀيائون ۽ منهنجن ڪهڙين ساڀيائن جا سپنا سُتل آهن. هوءَ اُڀرندڙ سج جو سپنو ۽ سندرتا هئي ۽ آءٌ راتين جي هيڪلي چنڊ جي حُسناڪيءَ جو تمنائي ... هوءَ ڏينهن ڏٺي جو خواب ۽ آءٌ.....خبر ناهي ڪهڙي مٽيءَ جو خمير.....؟
آءٌ جڏهن ڪک جيان وکريل هيس، تڏهن ”هُن“ اچي ڪنهن پنڇي جيان منهنجي خانه بدوشين جي پتي پتي کي ميڙي، مون لاءِ آنند جو آکيرو جوڙيو هو ۽ اهو آکيرو منهنجي شاعري آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته منهنجي شاعري منهنجي سيڻ به آهي، ته مون لاءِ وڏي سزا به.... منهنجي شاعري جي ابتدا جا محرڪ ته ڪيئي آهي، پر وڏو محرڪ خود منهنجو وجود ۽ منهنجو تاسارو روح آهن، جن جي جاچنا ۽ پياس ۾ جُڳن جو سوز سمايل آهي.
هوءَ ماڪ جي مهڪ هئي، جنهن کي هوائن جو حسرتون اڏائي کڻي ويون، هن جو اچڻ ۽ وڃڻ ٻئي اڄ به مون لاءِ وڏين حيرتن سمان آهن. اهي حيرتون جيڪي سمجهئي بنا به سرور ۽ سرمستي عطا ڪندڙ هونديون آهن. مون جڏهن ڪيئي ڀيرا ”هُن“ جي صحبتن تي سوچيو آهي، ته هوءَ مون کي پنهنجي شاعريءَ جو خوبصورت خواب ۽ حقيقت ڀاسي آهي. شاعري منهنجي جاڳ ۽ ننڊ جو اهو جولان آهي، جنهن جو پنهنجون حقيقتون ۽ حُسناڪيون آهن....
منهنجي شاعري، توڙي جو منهنجي وجودي احساسن ۾ امنگن جو ڪٿائي اظهار ۽ آئينو آهي، تڏهن به آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ان جي الاهي عڪسن کي خود به پروڙي ۽ پُرجهي ڪونه سگهندو آهيان، تنهنڪري ”هوءَ“ جيڪا منهنجي شاعريءَ جي ڀرپور استعاري جو روپ ۽ سروپ آهي، تنهن جو وجود مون لاءِ ڪاڪ جي مانڊاڻ جيان آهي، جنهن جون وضاحتون خود منهنجي فهم ۽ فڪر کان ڏاڍو ڏور آهن!
”هوءَ“ منهنجي ماضيءَ جو موهه، مرڪ ۽ جياپو آهي، جنهن کي وقت ڪيترو به چاهي، پر ان جي سمرتين ۽ سندرتائن جا نقش منهنجي دل جي تختيءَ تان مٽائي ڪو نه ٿو سگهي... ها!باقي ايترو سو آهي، جو منهنجو ڪالهه وارو جنون، جيڪو بي ڪناري ۽ بي سمت هو، تنهن کي هينئر ڪافي قدر سمت ۽ ساحل حاصل آهي.
منهنجو جيون اڪثر عجيب واقعن ۽ حالتن سان معمور رهيو آهي ۽ منهنجي دل جون ڪيفيتون هنن سٽن جو عملي روپ.... ”ڪڏهن ماڪوڙي من، ڪڏهن ڪيهر شينهن!
”هوءَ” منهنجي اداس راتين جو اهو چنڊ آهي، جنهن جي ڪوتا-رنگن سان اڪثر آءٌ پنهنجي دل جي ٻار کي پرچائيندو ۽ ريجهائيندو رهيو آهيان. مون ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو، ته اها سرجڻهار، جنهن جون ڪوتائون، منهنجي اداسين لاءِ آٿت ۽ ڏڍ جيان آهن، ڪڏهن فون جي اتفاقي رابطي ذريعي منهنجي سرير جي ڌڙڪن بڻجي ويندي!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
5 ڊسمبر 2001ع
•••••
اَنو!
ڪــــي ويـجهــا ئــــي ڏور، ڪـــــي ڏور بـه اوڏا سـپــريــــن،
ڪـــي چــڙهـــن نـه چــت تــــي، ڪــــي وســــرن نــه مـــــــور،
جيئن مينهن ڪُنڊي پُور، تئين دل وارڪو دوست سين.
گذريل الاهي ڏينهن کان آءٌ عجيب ڪيفيتن ۽ احساسن جي لهرن ۾ ٻڏندو ۽ اُپڙندو رهيو آهيان ۽ انهن ئي حالتن ۾ مون ڪڏهن پنهنجن ويچار-ڌارائن کي رد ڪيو آهي، ته ڪڏهن ڪن احساسن کي ڏڍ ۽ آٿت جيان محسوس پئي ڪيو اٿم. ڇا صداقت ۽ سپني ۾ ايتري ئي باريڪ تند حائل هوندي آهي، جيتري منهنجي جاڳ ۽ خواب جا نيڻ محسوس ڪري رهيا آهن؟
آءٌ ان رات دير تائين تنهنجي ڪوتائن جي ڪاڪ ۾، پنهنجي جاچنا جو جيءُ ووڙيندو رهيس. پتو ناهي ڪهڙي پل اک ٻوٽي هئي ته سرمد جي نالي سرجيل تنهنجو نظم بار بار منهنجي دل-چپن تي ٻُرڻ لڳو هو ۽ سرمد جي اُلجهيل وارن ۾ تنهنجون بي چين آڱريون، مون پنهنجن وکريل وارن ۾ ڦرندي محسوس ڪيون هيون. ان سمي ائين ڀاسيو هيم، ڄڻ منهنجي بي ترتيبيءَ کي تنهنجون آڱريون ڏاڍي خلوص ۽ پيار سان ترتيب ڏئي رهيون هجن ۽ آءٌ ڪک ڪک جيان ميڙجي ڪنهن آکيري جو روپ اختيار ڪري رهيو هجان. ها! آکيرو، جنهن ۾ چين جو اڏامي ويل پنڇي عرصي کان واپسيءَ لاءِ آتو ۽ آسروند هو!
اک کلڻ تي حيرت سان گڏ ڪيترن ئي ويچارن جون تندون ويڙهي ويون هيم. سوچيو هيم، تازو امرتا جي سوانح جي خوابن واري حصي تي مشتمل ڪتاب ”سرخ ڌاگي ڪا رشته“ جي اڀياس جو اثر ٿي سگهي ٿو؟ پر اهو ته آءٌ هڪ ڀيرو اڳ به پڙهي چڪو آهيان...! هڪ سوال.... ۽ ان سوال جو طويل ٿي ويندڙ سلسلو... شايد ڪو نفسياتي مامرو هجي.... هڪ جواب.... جنهن جا ڪيئي جُزا خود سوالن جا محرڪ.... هڪ لمحو آنند.... ٻيو پل بي قراري.... هڪ گهڙي قربت.... ٻي ساعت سوالن جي نوڪدار ڪنڊن سان جنجهيل.... هڪ سپنو سُندر ۽ پرمسرت.... هڪ جاڳ جنجهوڙيندڙ......! هڪ آٿت، هڪ ڏڍ، هڪ احساس، هڪ سپنو، هڪ ساڀيان....! ها! تون، بس هڪ تون ئي.... ان سوالن جي صحرا ۾ مون لاءِ منهنجو سڏ به آهين ته وراڻي به....
ان ڏينهن فون تي تنهنجي طلب جي موٽ ۾ (اها طلب، جنهن جي تقاضا اڄ به مون وٽ تنهنجي اظهار لاءِ اوسيئڙي ۾ آهي) مون جيڪو اظهار ڪيو هو، ان بعد ۾، مون لاءِ جنهن بوجهه جي صليب کي جنم ڏنو، تنهن جو بار هن پل به من تي ڇانيل ٿو محسوس ٿئي، ڇو ته آءٌ هينئر شدتن سان محسوس ڪرڻ لڳو آهيان ته ”تون“ مون لاءِ منهنجي اداس راتين جي ان پُرنور چنڊ سمان آهين، جنهن لاءِ صرف ”محبتن“ جي اظهار جو لفظ ڏاڍو ننڍڙو ۽ محدود ٿو ڀاسي.
تو رگ رگ میں میری اس طرح سمانے لگی
جیسے کہ مجھ کو، مجھ سے چرانے لگی
تنهنجو خانه بدوش ٿي ويل خط اڃا تائين ڪونه مليو آهي، پر دل ۾ ان جو انتظار بار بار، نه چاهيندي به ان جي حاصلات لاءِ ان جا رستا ۽ راهون نهاريندو ٿو رهي. ائين به ڪونهي ته مون کي فقط ان خط جو انتظار آهي، جنهن جي نه ملڻ جي تو بي دليءَ سان دعا ٿي ڪئي، پر آءٌ ان لاءِ منتظر آهيان، ته تنهنجو خط ته ڇا، پر شال ڪو هڪ لفظ به خانه بدوش نه ٿئي، ڇو ته خانه بدوشي ان بي ظرف دشت جو نانءُ آهي، جنهن جي دل ۾ ڪنهن مسرت جي گلاب ٽڙڻ کان اڳ ئي هڪ درد جو اُسريل ٿوهر ان جي تعاقب ۾ هوندو آهي. تنهنجا لفظ ۽ جذبا ته ان صدا جو پڙاڏو آهن، جنهن لاءِ شاعري جو آغوش سدا منتظر آهي....
مون تنهنجي معاملي ۾ پاڻ کي ڏاڍو محتاط رکڻ چاهيو آهي، ان جي ٻين انيڪ سببن سان گڏوگڏ تنهنجون مجبوريون، تنهنجي خوشي ۽ تنهنجو ماحول ۽ حالتون آهن. مون لاءِ تنهنجي حاصلات جيتري عزيز آهي، ان کان به وڌيڪ مون لاءِ عزيز تنهنجو آنند ۽ اطمينان آهي. تون جن حالتن جي اذيتناڪ جهنگ مان گذري آهين، تنهن جي پيڙا ۽ درد کان آءٌ شايد تو جيترو ئي آشنا آهيان (يا گهٽ ۾ ان جو ادراڪ اٿم....) تنهنڪري آءٌ پنهنجون سڀئي محبتون ۽ صداقتون تنهنجي وجود جي سڪون لاءِ صرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. آءٌ وچن سان ٿو چوان، ته جيڪڏهن ان لاءِ منهنجي ذات جي ڪائي خواهش ۽ خواب به حائل ٿيو، ته ان جي قرباني مون لاءِ قطعي طور ڪنهن پڇتاءَ جو ڪارڻ ڪونه بڻبي.... ڇو ته تنهنجي حاصلات مون لاءِ شام-پهرن ۾ ڪنهن جلاوطن پنڇيءَ لاءِ حاصل ٿيندڙ حسين آکيري جيان آهي.
ياد اٿئي! تو هڪ ڀيري چيو هو، ”مان هڪ خواب آهيان....!“
جيڪڏهن تون واقعي ئي هڪ خواب آهين، ته پوءِ منهنجو ڏٺل خواب به يقينن ماورا ڪونهي، جنهن ۾ مون توکي ڏاڍي قرابت کان محسوس ڪيو آهي ۽ قرابت کان محسوس ڪيل اها خواب جي حُسناڪي مون لاءِ ڪنهن حسين ساڀيان کان ڪنهن به طور گهٽ ڪونهي...!
کليل نيڻن تي ڪنهن حد تائين فريب جو گمان ڪري سگهجي ٿو، پر اُپٽيل اکين ۾ اوجاڳيل احساس ته خدائي پرتوي جيان هوندا آهن، جن کي فقط سرمست نگاهون ئي پروڙي ۽ پُرجهي سگهنديون آهن.
نئون سال ته عمومي طور 31 ڊسمبر جي آڌي رات کان پوءِ پنهنجا ننڊاکڙا نيڻ کولي پنهنجي آمد جو اعلان ڪندو، پر تون ڄاڻين ٿي ته مون لاءِ ان جي حقيقي آمد ان پل هوندي، جنهن لمحي تون ايندينءَ....!
تنهنجوئي
فِيَا
25 ڊسمبر 2001ع
•••••
اَنو!
شال پُرمسرت ۽ پرعزم هجين.
داغستاني شاعر رسول حمزه توف پنهنجي ڪتاب ”منهنجو داغستان“ ۾ لکيو آهي:
”انسان کي فقط ٻن صورتن ۾ جُهڪڻ گهرجي، هڪ ڪنهن وهندڙ چشمي مان پياس اُجهائڻ لاءِ، ٻيو ڪنهن ٽاريءَ تي ٽڙيل گل کي ڇُهڻ لاءِ....!“
انيلا! تون منهنجي لازوال پياس جو اهو شفاف چشمو آهين، جنهن جي سحر، سندرتا ۽ پيار جي پوتر ڌارائن اڳيان جُهڪندي، اڄ واقعي ئي اها سرهائي ۽ مسرت محسوس پئي ٿئيم، جنهن جي سرمستي جي بيان ۽ اظهار لاءِ، منهنجي لفظن جي پوري اميري سچ ته ڏاڍي مفلس ٿي ڀاسي. تون جيڪا منهنجي محبتن جي ٽاريءَ تي ٽڙندڙ گل جيان آهين ۽ گل کي ڇهڻ لاءِ جهڪي، سچ ته اهڙي سرهائي پئي ٿئي، جهڙي هڪ عابد کي عبادت وقت محسوس ٿيندي آهي. ائين جيڪڏهن عمر ڀر ان عبادت گذاري ۾ بسر ٿي وڃي، تڏهن به آءٌ شايد تنهنجي انهن محبتن ۽ معصوميتن جو مقروض رهان، جيڪي تو پنهنجي هڪ ننڍڙي نثري نظم جي سٽن ۾، منهنجي حوالي سان لکيون آهن.
تون جنهن محبت جي روح سان، منهنجي پيار کي پڪاريو ۽ منهنجي جيون کي مان ۽ مريادا عطا ڪئي آهي، جيڪڏهن منهنجو وجود واقعي بي جان به هجي ها، تڏهن به مون کي وشواس آهي، ته اهو تنهنجي سڏ جي وراڻيءَ لاءِ هڪ لمحوئي صحيح، پر ضرور زندهه ٿي پوي ها....!
محبتون پٿر مان به الستي مورتيون تراشڻ جي طاقت رکندڙ هونديون آهن، پر مان ته مٽيءَ جي بدن ۾ مضطرب اهو رباب آهيان، جنهن کي تنهنجي محبتن جي هڪ آڱر جي لرزش ئي عرصي تائين ”مي رقصم“ بڻائي ڇڏيو آهي.
امرتا.... ساحر.... ۽ امروز، واقعي هر امرتا لاءِ هڪ امروز جو وجود پناهه جيان هوندو آهي، پر هڪ امروز کي امرتا به ته هڪ امرتا ئي عطا ڪري سگهندي آهي ۽ تون منهنجي جيون جي اها امرتا آهين، جنهن لاءِ منهنجي جيءَ ۾، هڪ ئي وقت ساحر ۽ امروز جون صداقتون منتظر ۽ بي قرار آهن....!
تنهنجو ئي
فِيَا
28 ڊسمبر 2001ع