• سال 1996
شال سَرهائين ۽ سُندرتائن ۾ هجين.
خيرپور جي عجيب خوشبوئن ۾ رچيل پُررونق ۽ دلفريب ڊسمبر جي يادن سان گڏ تنهنجون ۽ وقار ٻانڀڻ جون پُرلطف ڪچهريون ۽ ٽهڪڙا هڪ لمحي لاءِ به وسرڻ جا ڪونه آهن. آڌي رات تائين چوڪيدار گل حسن جي آشياني تي بي فڪر ٿي مختلف معاملن تي تبصرا ۽ ٽهڪن ۾ ويڙهي ڇڏيندڙ ڳالهين کان وٺي آواره ڳڀرن جيان يونيورسٽي جي روڊن تي رُلڻ، ڳائڻ ۽ رونشا ڪرڻ تائين هر لمحو منهنجي من-اندر محفوظ آهي ۽ ڪنهن تنها پياڪ جيان هينئر آءٌ انهن سمرتين (يادن) جي پُرمسرت پيالي مان چُڪي چُڪي پِي رهيو آهيان.
سنڌي شاعريءَ ۾ مروج هڪ جپاني صنف آهي ”هائڪو“، جنهن کي ”ٽيڙو“ به چوندا آهن. سچ پڇين ته پنهنجو ساٿ به ڪنهن رنگين ۽ سجائتي ٽيڙوءَ جي ٽن سٽن جي حسين سنگم جهڙو هو. جڏهن پاڻ ٽئي شام جو ڪمپيوٽر سيڪشن کان ٿيندا سائنس فيڪلٽي مان گذرندا ڪينٽين تي پهچندا هئاسين، تڏهن ڪيترن جا ڪَن کڙا ۽ ڪَنِِ جون واڇون گودو ٿي وينديون هيون. هڪ ڀيري ته ڪنهن چئي به ڏنو هو ته ”بي ادبن سان هڪ اديب جي صحبت سونهين ڪو نه ٿي“! موٽ ۾ کيس اهڙو جواب ڏنو هو، جو سندس وايون ئي بتال ٿي ويون هيون. مصنوعي سنجيدگي ظاهر ڪندي چيو هيائين: ”يار! آءٌ ته توکي هڪ اديب ۽ ادب دوست جي حيثيت ۾ آشنا ڪرڻ پئي چاهيو، ته ڏاهري تنهنجي مزاج جو ماڻهو ڪونهي. هو مَلههَ (وقار) به عجيب ماڻهو ٿو لڳي، تنهنجو انهن سان سنگ ۽ سُٻنڌ جُڙي ئي نه ٿو. وڌيڪ تنهنجي مرضي...؟!“
مون کيس ڌيرج سان چيو هو، ”ڏاهري ٻيو ڇا به هجي پر هڪ پُرخلوص ۽ محبتي ماڻهو آهي. ڪَميون، ڪوتاهيون هر ماڻهوءَ ۾ هونديون آهن. هُن ۾ به يقينن هونديون، پر هو ان هوندي به کرو ۽ خولن ۾ رهڻ وارو ماڻهو ڪو نه آهي. مون کي کرا ۽ کُليل ماڻهو وڻندا آهن، ڇو ته انهن جون خوبيون ۽ خاميون ٻئي ڪنهن کان به ڳُجهيون ۽ لِڪل ڪونه هونديون آهن. باقي رهي وقار جي ڳالهه، ته هو منهنجو ڪليگ ۽ ڏاهريءَ سان آشنائي پيدا ڪرائيندڙ ساٿي آهي. هو سادو ۽ ڏيک ويک ۾ پهلوان ضرور آهي، پر هُن ۾ علم ۽ ادب سان خاصو لڳاءُ آهي. خاص ڪري لطيف سائينءَ ۽ سنڌي جي صوفياءِ ڪرام سان کيس ججهو اُنس ۽ عشق آهي. ها باقي نام نهاد ۽ عريض نويس اديبن جيان هِنن ٻنهي يارن ۾ لفاظي ۽ منافقي ڪانهي..!“ مون ڏٺو ته انهن لفظن کان پوءِ هو منهنجي پاسي واري ڪرسيءَ تي موجود ڪونه هو.
پيارا! لطيف يونيورسٽيءَ جو جڏهن به تصور ڪندو آهيان، تڏهن خيالن ئي خيالن ۾ سچل چيئر جو گلابن ۽ موتئي جي مهڪائي ڇڏيندڙ اُجرن گلن سان سجيل صحن، مائڪرو بائلاجيءَ جو سوڙهو ڪاريڊار، جيڪو سدائين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پيهه ۽ چوڙين جي ڇم ڇم ۽ هِيل جي موهيندڙ رڌم سان محو رقص هوندو هو، جنهن کي پسي سدائين هينئين تي بابا ڀٽائيءَ جون سٽون هُري اينديون هيون...
سـوڙهيءَ گهٽيءَ سپرين، گونگا ٿي گـڏيـام،
ملاحظي ماڻهن جي، ڪُڇي ڪين سگهيام،
نــهــاريـنــدا ويـــام، نـمــاڻـــي نـيــڻـــن ســيـــن.
سرسبز وڻن جي جُهڳٽي ۾ ويڙهيل ڪينٽين ۽ ڪمپيوٽر سيڪشن جي سامهون واري لان ۾ پينگهه تي شام جي پهر ۾ لُڏندڙ پوپريون...
پينگهه تـي او پـوپـري تنـهـنـجـو لُــڏڻ
ڪينَ ٿو وسري سگهي تنهنجو کِلڻ...
اُهي سارا محبوب منظر ۽ موهيندڙ ساعتون اڄ به منهنجي هينئين ۾ ڪنهن هٻڪار جيان تازيون آهن...
وقار ۽ آءٌ جڏهن به سچل چيئر مان فارغ ٿيندا هئاسين، تڏهن حُسناڪ هوائن جو واس وٺندا، اچي مائڪرو بائلاجي ۾ تو وٽ پھچندا هئاسين ۽ تون سدائين پوپٽن جيان ڪنهن نئين گل جي آس پاس نظر ايندو هئين. لطيف يونيورسٽيءَ جي ٻين دوستن اسحاق انصاري، مونس اياز، ادل سومرو، اياز گل، مجيد چانڊيو، فياض چانڊيو، امير چانڊيو، امداد چانڊيو، برڪت بلوچ، امان ڀٽي، يوسف خشڪ، امير شر ۽ ٻين الاهي دوستن جو ساٿ ۽ سُٻنڌ به ڏاڍو محبوب ۽ موهيندڙ هو.
حقيقت ۾ لطيف يونيورسٽي منهنجي احساساتي، تخليقي ۽ اُتساهڪ جيون جو هڪ اهڙو ڪاڪ محل آهي، جنهن ۾ هڪڙي مومل جي ادائن ۽ جلون کان وٺي، دوستن جي اَملهه روح رهاڻين ۽ قدرت جي جمالياتي مظهرن تائين جو ڪئنواس شامل آهي، جنهن کي هڪ ڏينهن خوبصورت ناول جو روپ ضرور ڏبو...!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
30 آگسٽ 1996ع
•••••
سجاد!
شال سک ۽ سندرتائن ۾ هجين.
تنهنجو خوبصورت لفظن جي مالهائن ۾ پوئيل ۽ احساسن جي سُڳنڌ سان ٽمٽار خط مليو، جنهن جو احساساتي تاثر ۽ هڳاءُ هينئر به منهنجي حواسن ۾ موجود ۽ تازو آهي. تو جنهن ڪاغذ کي منهنجي پَـتي تي پوسٽ ڪيو آهي، تنهن ۾ تنهنجو عڪس ۽ احساس سچ ته ڏاڍو پيارو ۽ موهيندڙ ٿو لڳي. شال اهو عڪس ۽ احساس اکين ۾ هميشه ائين ئي اُجرو رهي.
سجاد! خيرپور سان مون کي عجيب لڳاءُ آهي. باليءَ جي نڪ-ڦلي جيان نکريل ۽ موهيندڙ هِن شهر سان منهنجي الائي ڪهڙي نسبت آهي، جنهن سدائين منهنجي ساهه ۽ سرير کي هن سان واڳي ۽ ويڙهي رکيو آهي... هِن شهر جي احساساتي حسناڪين ۽ موسمن منهنجي تخليقي عمل کي حسين ڪئنواس ۽ دلفريب رنگ عطا ڪيا آهن. جهڙيءَ ريت ڄامشورو، ان جون هوائون ۽ حُسناڪيون، سنڌ جي سرجڻهارن جي شاعراڻي اظهار جو محبوب محرڪ رهيون آهن، ساڳيءَ طرح خيرپور ۽ ان جي محبوبه جي ادائن جهڙي دل فريب راتين، مهنجي سرجڻهار سگهه کي انوکو اتساهه ۽ آجپو عطا ڪيو آهي. سانوري شام، لهندڙ سج جا پويان پهر کجين جي اونچي وڻن جي لامن سان شفق جي سندر ڪرڻن جون ڳراٽڙيون ۽ آڌي رات جو مير واهه جي پاڻي تي خماريل چنڊ جو لڙکڙائيندڙ عڪس ۽ اهڙي حسين پلن ۾ پرينءَ جو فون ڪال، ڪهڙي ڪافر کان وسرندا اُهي پل، پهر، راتيون، رونقون ۽ راحتون...!
مون کي خيرپور ۾ پوندڙ اها پهرين رات اڄ به مڙني منظرن ۽ ڪيفيتن سميت ياد آهي، جيڪا مون مير واهه جي ڪناري تي آباد ”منصور ماڳ“ ۾ گذاري هئي. ان رات ڪمري جي اونداهيءَ ۾ زندگيءَ ۾ مون شايد پهريون ڀيرو پاڻ کي ڪجهه لمحن لاءِ اڪيلو ۽ اداس محسوس ڪيو هو. ڪمري جي ٽيوب لائيٽ سڙيل هئي. سياري جي موسم هئي ۽ ٻاهر وِلهه ٿي پئي، پر ڪمري جي گُگهه اونداهي الائي ڇو ان رات مون کي قبر جي بي حس آغوش جهڙي ڀاسي هئي. ان پل منهنجي ڪيفيت پڃري ۾ قيد پنڇيءَ جهڙي هئي. قبر جي بي حس آغوش جهڙي ان اونداهي ڪمري کي آڌي رات جو تو نئين ٽيوب لائيٽ لڳائي روشن ڪيو هو. سچ پڇين ته ان کان پوءِ تون مون کي انتهائي پنهنجو ۽ پاڻ جهڙو محسوس ٿيو هئين. اصل ۾ تنهنجي سوچ جو انداز ۽ شين ڏانهن مشاهداتي ۽ محساساتي نگاهه جو عمل، مون کي پاڻ جهڙو لڳندو آهي. ان ڪري ئي مون چاهيو پئي ته لطيف يونيورسٽي جي سندر شامن ۾ توسان ادب، زندگيءَ، سچ، سونهن، محبت، موت ۽ ڪائنات جي ٻين انيڪ موِضوعن تي تفصيلي ۽ طويل روح-رهاڻيون ڪريان، پر نوڪريءَ ۽ مطالعي جي مصروفيتن سبب اهو سڀ ممڪن ئي نه رهيو.
تنهنجي ڏنل ماريا ڪيري (Mariah Carey) جي آڊيوڪيسٽ اڄ به مون وٽ محفوظ آهي، جنهن کي جڏهن ٽيپ رڪارڊر ۾ وجهي Play ڪندو هوس، تڏهن منجهند جو ننڊ جي پنڪين ۾ پيل ڪمرو به ڄڻ ته ڇرڪ ڀري جاڳي پوندو هو ۽ ڌيمي موسيقيءَ ۾ گونجندڙ ٻولWhen I saw you ۽ Love takes time منهنجي روح ۾ ڪنهن شراب جي پيگ جيان لهڻ لڳندا هئا. مٿان وري جڏهن زخمي پرندن جي پُرسوز پڪار جهڙي پنکج اداس جو آواز....
عکس خوشبو ہوں بکھرنے سے نہ روکے کوئی
اور بکھر جاؤں تو نہ سمیٹے کوئی
ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندو هو، تڏهن دل سراپا لهر بڻجي ميوزڪ ۽ ٻولن جي سمنڊ ۾ ٻُڏڻ ۽ ترڻ لڳندي هئي. خليل جبران، شيخ اياز، ڀٽائي، فيض، فراز، ساحر، امرتا، نوشي گيلاني، ساغر، ساره شگفته ۽ ٻين کوڙ ڪوتاڪارن کي مون انهن ڏينهن ۾ جام پڙهيو ۽ پروڙيو. انهن سان فڪري ۽ احساساتي رهاڻين کان پوءِ ئي مون توکي پنهنجي دوستيءَ جي احساس ۾ اُڻيو، جيڪو مون کي پنهنجن ٻين کوڙ احساسن جيان سچ ته ڏاڍو عزيز ۽ پيارو آهي.
حقيقت ۾ لطيف يونيورسٽيءَ جي بلاڪس هاسٽل جو ٻيو نمبر ڪمرو منهنجي ننڍڙي رنگين ڪائنات سمان هو، جنهن ۾ ڪتابن، ڪيسٽن، هُن جي روزاني ڏنل گلاب جي گلن ۽ ٻين ڪيترن ئي احساساتي ۽ تخليقي سندرتائن سان گڏ، تنهنجي دوستيءَ جي احساس جو آٿت به شامل هو.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
3 سيپٽمبر 1996ع
•••••
پيارا ضمير لاشاري!
شال سُکيو ۽ سلامت هجين.
خيرپور کي الوداع ڪئي ته کوڙ ڏينهن ٿيا آهن، پر خيرپور جون عجيب خوشبو ۾ رچيل راتيون، مير واهه جي ميرانجهڙي پاڻيءَ تي آڌي جو اوجاڳيل چنڊ جو ننڊاکرو ۽ موهيندڙ عڪس، ٿيڙ کائيندڙ اڪيلي چنڊ سان پير پير ۾ کڻي ڊاڪٽر تنوير جي گهر پهچي ساڻس ڪچهريون ڪرڻ، ورڊس ورٿ، شيلي، ڪيٽس، ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي ڪوتائن تي ويچار ونڊڻ، شوڪت نوناري، حبيب ساجد، امر اقبال، مختيار ملڪ، مظهر ابڙو ۽ ٻين کوڙ اديب دوستن جون روح رهاڻيون، محبتون ۽ سمرتيون هڪ لمحي لاءِ به ڪو نه وسريون آهن.
ضمير! خيرپور سان تعلق ۽ رشتي جي حوالي سان هونءَ ته کوڙ حوالا آهن، پر دوستيءَ جي حوالي سان تنهنجو نانءُ ڏاڍو محبوب ۽ منفرد آهي. سچل چئير ۾ تو سان پهرين ملاقات اڄ به منهنجي من-ڪاغذ تي اُجري ۽ تازي آهي. تو خودبخود پهرين ملاقات ۾ جنهن محبت ۽ خلوصِ دل سان دوستيءَ جو هٿ وڌايو هو، اها ادا سچ ته مون کي ڏاڍي موهيندڙ ۽ پياري لڳي هئي. تو جهڙا کُليل ۽ خولن کان آجا ماڻهو، زندگيءَ جي سفر ۾ مون سان تمام گهٽ مليا آهن.
ڪافي ڏينهن کان لفافي تي تنهنجي ائڊريس لکي رکي هئي، پر ڪاغذ جي ڪئنواس تي ڪنهن احساس جو ڪوئي ڀرڀور رنگ الائي ڇو ڪو نه ٿي پينٽ ڪري سگهيس...!
اوهان دوستن جون ڏنل محبتون ۽ خلوص هڪ ساعت لاءِ به وسارڻ جا نه آهن. ڪمپيوٽر سيڪشن کان فيڪلٽي ۽ ڪئنٽين تائين جو خوبصورت سفر، سياري ۾ گرم چانهه مان گڏجي لطف وٺڻ ۽ يونيورسٽيءَ جي سندر شامن ۾ تنهنجون ڪچهريون ۽ قرب منهنجي جيون-ڪتاب جو حسين ۽ يادگار باب آهن.
ڪجهه ڏينهن اندر ئي خيرپور اچڻ جو ارادو آهي. ان وچ ۾ لاڙڪاڻي اچڻ جو تنهنجو ڪوئي پروگرام هجي ته ضرور آگاهه ڪجانءِ....
علي حمزي ۽ ڀاڀي لاءِ کوڙ سلام.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
11 آڪٽوبر 1996ع
•••••
عزيزم مونس اياز!
شال سُندرتائن ۽ سَرهائين ۾ هجين.
اسين جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان جو جيڪو طبقاتي ۽ سماجي سيٽ-اپ آهي، ان ۾ هڪ حساس، باشعور ۽ آدرشي انسان جو جياپو ڏاڍو ڏکيو هجي ٿو، ڇو ته هو فڪري ۽ احساساتي طور تي نه صرف چالو سماجي قدرن کان الڳ ٿلڳ ۽ پنهنجي مزاج وارو ٿئي ٿو، پر هُن جي جيئڻ جا رنگ ۽ ڍنگ ئي پنهنجا ٿين ٿا. نتيجي ۾ هِن سماج ۾ رهڻ باوجود هو ان جي بازاري قدرن ۽ وهنوار جو حصو نه ٿو بڻجي ۽ عمر ڀر چالو سماجي سرشتي ۾ Miss fit ٿو رهي. جيڪڏهن ڪنهن به سُڄاڻ، سُچيت ۽ آدرشي ماڻهوءَ ڪنهن جبر يا مجبوريءَ تحت هِن بي روح سماجي ڍانچي جي حصو بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن به سندس جيءُ ان سان گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيو آهي. ان لاءِ ماڻڪ، مايا ڪوفسڪي، ساره شگفته، ازرا پائونڊ ۽ ٻين اڻ ڳڻين باشعور سرجڻهارن ۽ سچيت ماڻهن جا نالا ۽ مثال اسان جي سامهون آهن....!
تاريخ گواهه آهي ته چالو سماجي سرشتي سان سمجهوتو نه ڪري سگهڻ سبب ساڃاهه وند ماڻهو، سدائين ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ رهيو آهي.
مايا ڪوفسڪي جي روح، وجود جي قيد مان آزاد ٿيڻ کان چند ساعتون پهريان جيڪو نظم سرجيو هيو، ان ۾ موجود احساس ڪجهه هيئن هئا:
آءٌ چاهيان ٿو،
اوهان لاءِ پيار جا گيت لکان
پر مان ضابطي جي قيد ۾ آهيان.
مون پنهنجن پيرن هيٺيان
خود پنهنجن اڻ ڳاتل گيتن کي چيڀائي ڇڏيو آهي....!
ڀٽائيءَ جو سِٽون ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“ يا هِن صديءَ جي سيبتي سرجڻهار شيخ اياز جو احساساتي آواز ”هو چون ٿا هيئن چئه، آءٌ چوان ٿو ائين نه چوندس....!“ اهڙا الميا آهن، جن جي وجود ۾ پارکو ۽ سرجڻهارن جي صدين جي صدا ۽ ويڳاڻپ جو درد سمايل آهي.
ان ويڳاڻپ مان نجات، هالا جو پُررونق شهر ڇڏي، اچي ڀٽ وَسائيندڙ لطيف سرڪار هيٺين سٽن ذريعي ٿو حاصل ڪري:
پــيــهــي جــان پـــاڻ ۾، ڪــيــم روح رهـــاڻ،
نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچن ڪاڻ،
پـنـهـون ٿـيـس پـاڻ، سسـئـي تـان سـور هـئـا.
ته درازن جو هو مست الست سچل پنهنجي جيءَ جي زخمن تي پنهنجي ئي احساس جي مرهم رکي، پاڻ کي هِن ريت ڏڍ ۽ آٿت ڏئي ٿو:
پٺئـي ڄـڃ مَ ڄُــل، منجهـه تـمـاشـي نه پـويـن،
گهوٽ ڪري تون پاڻ کي، ڪر هنگامو هل،
ٻــي ڀُــل مَ ڀُـــل، پـڇـج حـــال حــلاج جـــو....!
۽ شيخ اياز وري:
اي ڪاش! مان ليٽي پوان
اڳ جيئـن سنـدءِ آغـوش ۾
۽ پـــوءِ ابـــد تـائــيــن اچـــان
جيڪر نه ٻيهر هوش ۾...!
جهڙين روماني ۽ سحر انگيز سٽن جي سندرتائن ۾ آنند ۽ آجپو محسوس ڪري ٿو. مونس! سچ ته مون جيستائين گرو رجنيش کي نه پڙهيو هو، تيستائين ”سڌارٿ“ ۽ ”چتر ليکا“ جهڙا اندر ۾ عجيب احساسن ۽ اُمنگن جون لهرون پيدا ڪندڙ ناول پوريءَ طور پروڙي ۽ پُرجھي ڪونه سگهيو هوس. هينئر جڏهن انهن کي ٻيهر پڙهيو اٿم، تڏهن گوتم جي ”سروم دکم دکم“ جي احساس کان وٺي ڀٽائيءَ جي ”ٻوڙو ٿي ٻُڌيج، انڌو ٿي ڏسيج....“ جي گيانن تائين جو فڪر ۽ فلسفو منهنجي من-اندر نئين نينهن ۽ نکار سان نروار ٿيو آهي. گروءَ جي انهن گيانن منهنجي تخيل جي تاڪين کي کولي ڇڏيو آهي:
Lose yourself into the arms of darkness, behold unconsciousness, you will feel consummation there. You will feel equality and expose face of your eternal beloved.
جهڙيءَ ريت ڄامشوري جون چنچل هوائون ۽ حُسناڪيون سنڌي سرجڻهارن جي تخليقن جو رومانوي محرڪ رهيون آهن، ساڳيءَ طرح خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽيءَ جون گروءَ جي گيانن جهڙيون خاموش راتيون ۽ پرندن جي رنگن جهڙيون خوبصورت شامون منهنجي سمرتين ۾ سَرهن ساهن جيان رهيون آهن. هِن شهر سان منهنجي عشق ۽ اُنس جا هونءَ ته کوڙ حوالا آهن، پر ڀٽائيءَ جي نانوَ جي ڇانوَ ۾ آباد هِن يونيورسٽيءَ جو گل محمد کتريءَ جي پينٽنگس جهڙو موهيندڙ ۽ سدا سائو ڪينواس ۽ خيرپور جي دوستن جون محبتون وسرڻ جون نه آهن. انهن محبتي ۽ پُرخلوص دوستن ۾ مون کي تنهنجو نانءُ گرو رجنيش جي ڪتاب ”PEOPLE OF THE PATH “ جي عنوان جيان انتهائي موهيندڙ ۽ محبوب ڀاسندو آهي، جيڪو پنهنجي وجود ۾ جيترو بامعنى آهي، اوترو ئي فڪري ۽ عملي حوالي سان انفراديت جو حامل پڻ.
اسان جِن راهن جا مسافر ۽ پانڌيئڙا آهيون، ان ۾ رونقون ۽ راحتون گهٽ پر رنڊڪون ۽ روڳ وڌيڪ آهن. درد کي پنهنجي لذت ۽ دلبري ٿئي ٿي. هڪ باشعور ۽ گياني راويتي راهن جو مسافر نه، پر ڀٽ ڌڻيءَ جيان ”لوڪ وهي لنهوارو، تون وهج اوڀارو“ جو متلاشي هوندو آهي، توڙي جو اهو رَند ۽ پنڌ انتهائي اوکو ۽ ڪَـٺن ٿئي ٿو، پر پوءِ به ”هڪ اڻ ڄاڻ ڄاڻو ۽ بي سمجهه سمجهو“ جو آنند ۽ اطمينان ان واٽ ۾ ئي هجي ٿو.
هِن سود خور سماج ۾ رهندي به اسان جي پيار جي پورهيت هٿن کي چالو سماجي ڪار وهنوار جو حصو نه بڻجڻ گهرجي ۽ اهو ممڪن آهي، ڇو ته جڏهن هڪ ڪنول جو گل سينواريل ڍنڍ ۾ رهي پنهنجي اوجر ۽ سڳنڌ سلامت رکي سگهي ٿو، ته پوءِ هڪ ’آدرشي فرد‘ هِن دنيا جي گدلي ڍنڍ ۾ پنهنجي جذبن، احساسن ۽ فڪري حسناڪين سان ڀرپور جياپو ڇو نه ٿو جِي سگهي؟
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
18 آڪٽوبر 1996ع
•••••
پيارا اسحاق انصاري!
شال سُکيو ۽ سلامت هُجين.
تنهنجا ڄامشوري جي هوائن جهڙا پُرفريب ۽ پيارا ٽهڪڙا ۽ پنهنجن جهڙو پُرخلوص رويو ڪو وسرڻ جو آهي!
مون کان ته هُن مير واهه جي مُهاڻي جون آيتن جهڙيون اکيون، جنهن جي نگاهن ۾ عجيب نشو ۽ اسرار هو ۽ تنهنجا ماريا ڪيري جي مڌر گيتن جهڙا ٽهڪ هڪ لمحي لاءِ به ڪو نه وسريا آهن....!
رات قلم کڻي توکي خط لکڻ لاءِ ٽيبل تي ويٺو هوس، پر الائي ڇو لفظ هوائن جيان هر هر گرفت مان نڪري ٿي ويا ۽ ائين چند لمحن کان پوءِ بجلي بي وفائي ڪري وئي هئي. ڪافي انتظار کان پوءِ به لائيٽ نه اچڻ ڪري آءٌ ننڊ جي آغوش ۾ آهلي پيو هوس. هينئر جڏهن جاڳ ٿي آهي، تڏهن منهنجي ڪمري جي کُليل کِڙڪيءَ مان پرهه ڦُٽي جي پکين جون ٻوليون اندر ٽپي آيون آهن ۽ آءٌ پنهنجي پرندن جهڙي دوست ڏانهن اڌ ۾ ڇڏيل خط وري لکڻ ويٺو آهيان.
اسحاق! آءٌ هتي جنهن ڳوٺ ۾ رهان پيو، ان ۾ سواءِ فطرت جي رنگينين، خوبصورت ڪتابن، چند دوستن جي پُرخلوص خطن ۽ هڪڙي وينگس جي محبوب نيڻن جي آٿٿ ۽ ادائن کان سواءِ باقي خاموشيءَ ۽ خود ڪلاميءَ جي موسم آهي ۽ انهن سمورين موسمن کي مون پوري محبوبيت ۽ مجذوبي سان ماڻيو آهي. منهنجو هي ننڍڙو ڳوٺ جيڪو لاڙڪاڻي ۽ موهن جي دڙي جي آغوش ۾ آباد آهي، سو لاڙڪاڻي شهر کان 28 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ۽ موهن جي دڙي کان اولهه-اتر جي ڪُنڊ تي رائيس ڪئنال جي ڪناري ويجهو ئي ڪجهه زرعي زمين تي اڏيل آهي، جنهن جي چوڌاري پري پري تائين ساوڪ ئي ساوڪ پکڙيل آهي. بهار جي ڏينهن ۾ جڏهن سرنهن ڦولاربي آهي، تڏهن چوڌاري پيلي گلن ۽ سائي پنکڙين جو منظر صبح جي پهر ۾ عجيب سحر طاري ڪري ڇڏيندو آهي. هتي ڳوٺ ۾ جيترو صبح جو منظر محبوب ۽ موهيندڙ آهي، اُتي شام به غضب جي ٿي ٿئي. هونءَ ته کيرٿر جو پهاڙي سلسلو هتان کوڙ فاصلي تي آهي، پر شام جي لهندڙ سج سان ڄڻ ته اهو کوڙ ويجهو سُري ايندو آهي ۽ سج جڏهن آخري ڀاڪي پائي پهاڙي ٽڪرين کان موڪلائڻ لڳندو آهي، تڏهن ٻهراڙيءَ جي ڳڀرو عاشقن جو هينئون عجيب اُنس ۽ آرزوءَ جي ساگر ۾ ٻُڏڻ ۽ اُپڙڻ لڳندو آهي...
رائيس ڪئنال کان چند قدمن جي فاصلي تي منهنجو گهر آهي. ها منهنجو گهر، جيڪو حويلي نما آهي ۽ ان ۾ اسين چارئي ڀائر، انهن جا ٻار ٻچا ۽ امڙ، بابا گڏ رهون ٿا... هن جديد دَور ۾ جوائنٽ فيمليءَ جا ڊِس ايڊوانٽيجز پنهنجيءَ جاءِ تي، پر اُن جو وڏو ايڊوانٽيج اهو آهي، ته اُن ۾ ڏک ۽ سُک ورهائجي وڃن ٿا، ماڻهن جي پاڻ ۾ محبت ۽ پنهنجائپ هجڻ ڪري تنهائيءَ ۽ نڌڻڪائيءَ جو احساس گهٽ ٿو رهي ۽ ماڻهو بنا ڪنهن فڪر ۽ ڳڻتيءَ جي گهڻو ڪجهه گهمي ڦري ۽ ڏسي وائسي سگهي ٿو... جڏهن ته فيمليءَ ۾ اڪيلي هجڻ ۽ سنڀاليندڙ جي حيثيت ۾ جيڪو عذاب هجي ٿو، ان کان خدا ماڻهو کي پنهنجي پناهه ۾ رکي....!
گهر جي مٿئين حصي ۾ منهنجو هڪڙو ڪمرو آهي، جيڪو منهنجو اسٽيڊي روم به آهي، ته بيڊ روم به... منهنجين اداسين، خوشين، خوبصورتين مطلب ته منهنجي جلاوطن جيءَ جي جاءِ پناهه ۽ جنت آهي منهنجو هي ڪمرو... مون هِن وقت تائين جيڪو ڪجهه لکيو، پڙهيو ۽ پُرجهيو آهي، اهو گهڻي قدر هِن ڪمري جي محبوبه جهڙي مهربان آغوش جي دين ئي آهي. شايد هِن ڪمري جو ساٿ، سڪون ۽ سانتيڪائي ميسر نه هجي ها، ته آءٌ يقينن اهو ڪجهه نه ڪري سگهان ها، يا شايد اهو ڪجهه هجان ئي نه ها، جيڪو ڪجهه ۽ جو ڪجهه هينئر آهيان...
منهنجي ڪمري جو هڪڙو دروازو ۽ دري صحن طرف آهي ۽ ٻيو دروازو اولهه طرف گيلريءَ ۾ کُلي ٿو ۽ گيلري جي هيٺان هڪڙو ننڍڙو واهه وهي ٿو، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ساوڪ ۽ وڻراهه آهي. پريان ٿوري پنڌ تي رائيس ڪئنال آهي، جيڪو سانوڻيءَ جي موسم ۾ پنهنجي اوج ۽ جوڀن تي هوندو آهي. آڌي رات جو جڏهن سارو ڳوٺ ننڊ جي آغوش ۾ هوندو آهي، پکي پنهنجي آکيرن ۾ وڃي آرامي ٿيندا آهن ۽ آڪاش ۾ چنڊ، ستارن جي ڄڃ سان پرينءَ جي پار ڏي پنڌ پوندو آهي، تڏهن آءٌ گيلريءَ ۾ اچي ويهندو آهيان. چَوطرف سانت ئي سانت ۽ ان سانت ۾ رائيس ڪئنال جي ٻانهن ۾ لڇندڙ بي چين لهرون، چنڊ جي مدهم روشني، هينئين ۾ ساروڻين جون هٻڪارون ۽ پني تي اوجاڳيل آڱرين ۽ من جي اڌمن جون آوارگيون... ائين مون انيڪ راتيون اکين ۾ ويهي ڪٽيون آهن. مون کي پنهنجن خوابيده ننڊن سان گڏوگڏ پنهنجون اوجاڳيل ۽ اکين ۾ ڪٽيل راتيون به عزيز ۽ پياريون آهن.
اسحاق! آءٌ ڳوٺ ۾ گهڻو ڪري پنهنجي ڪمري ۾ ڪتابن ۽ موسيقيءَ جي سندر ساٿ ۾ ئي وقت گذاريندو آهيان. موسيقيءَ جا سُر منهنجي روح کي تراوت ۽ تازگي بخشيندا آهن. جنهن جو من موسيقيءَ جي روح سان معجزن نه ٿو هجي، جنهن جو جيءُ سُرن جي سرگم سان سلهاڙيل ۽ سنجوڳي نه ٿو ٿئي، اهو ماڻهو يقين ڄاڻ محبتن جو معراج ڪڏهن به ماڻي نه ٿو سگهي.
ڪتاب، دماغ جون دريون کولي انهيءَ دنيا جو سير ڪرائين ٿا، جنهن ۾ ساڃاهه، سمجهه ۽ سُرت جون سُندرتائون پنهنجين پورين صداقتن سميت موجود هجن ٿيون. موسيقي روح کي راحت ڏئي ٿي، ته ڪتاب دماغ جي دنيا کي جوت ۽ جلا بخشين ٿا.
منهنجو صبح پکين جي پيارين ٻولين، سج جي سندر ڪرڻن ۽ چَوطرف پکڙيل ساوڪ جي موهيندڙ منظرن سان شروع ٿيندو آهي. منجهند تائين ڪجهه پڙهائي، ڪجهه ميوزڪ ۽ ڪجهه وقت ننڊ جي نظر ٿي ويندو آهي ۽ شام جو رائيس ڪئنال جي پاڻيءَ ۾ لهندڙ سج جي آخري سنان جو محبوب منظر نصيب ٿيندو اٿم...
لاڙڪاڻي جو پُرهجوم شهر ۽ موهن جي دڙي جا خاموش کنڊر منهنجي اداسين ۾ ڪڏهن اطمينان ۽ آنند، ته ڪڏهن بي چينيءَ ۽ بي قراريءَ جو عجيب روح ڦوڪي ڇڏيندا آهن. آءٌ لاڙڪاڻي جي پُرشور ۽ پرهجوم شهر جي بي پرواهه ماڻهن جي ڀيڙ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا سڀ اُلڪا ۽ انديشا وڃائڻ لاءِ پاڻ به انهن جو حصو بڻجي ويندو آهيان. نتيجي ۾ اُلڪن ۽ انديشن وڃائڻ بدران پاڻ وڃائي ويهندو آهيان. موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ اڪثر ڪجهه ملڻ ۽ واپسيءَ تي ڄڻ ته اتي ڪجهه وساري اچڻ جو احساس هر ڀيري ٿيندو اٿم.
اهو ساڳيو احساس خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽيءَ مان به هر ڀيري واپسيءَ تي ڏاڍو وياڪل ڪري ڇڏيندو آهي.
پيارا! سچ پُڇين ته منهنجي اندر جي ٽئگور لاءِ لطيف يونيورسٽي ڄڻ شانتي نڪتين جيان آهي ۽ ان ۾ اوهان جهڙن دوستن جي موجودگي ويتر موهيندڙ ۽ محبوب ٿي ڀاسي.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
19 نومبر 1996ع
•••••
مبارڪ جاني!
شال سُکيو ۽ سلامت هجين.
ڪڏهن ڪڏهن اظهار لاءِ لفظ ڏاڍا ننڍڙا ۽ ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ انساني ڪيفيتون سمائڻ ڏاڍو اوکو ٿي پوندو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته لفظ ڪنهن به سرجڻهار لاءِ سرمايي جيان هوندا آهن، پر جيئن ڪنهن ڪنهن لاٰ سرمايو بي سود بڻجي ويندو آهي، ائين ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي زبان منهنجي ڪيفيتن جي اظهار لاءِ ڏاڍي نحيف ۽ ناڪافي بڻجي پوندي آهي. مون سان جيون ۾ ائين ڪيئي ڀيرا ٿيو آهي، ته زبان جي گرفت ۾ لفظن جي انبارن هوندي به آءٌ پنهنجين ڪيفيتن ۽ احساسن کي پوريءَ طرح اظهاري نه سگهندو آهيان.
ان ڏينهن ٽنڊومحمد خان مان تو کان موڪلائي گاڏي ۾ ويٺـس، پر حيدرآباد پهچڻ تائين عجيب ڪيفيتن ۽ احساسن جي لهرن ۾ ٻُڏندو ۽ اُپڙندو رهيس. ان حال ۾ جڏهن گهنور تائين پهتو هوس، تڏهن هو الائي ڪيئن منهنجي هينئين جي حالت ڀانپي ويو هو. گهنور به عجيب ماڻهو آهي. سندس اک ۽ اندر ۾ غضب جي جادوئي پرک آهي. هو اسان ٻنهي وانگر طويل بحثن جو عادي ڪونهي. نتيجن ۽ بنيادن جي منطق ۾ اسان جيان سندس موهه به ڪونهي، پر اسان ٻنهي کان ڪيترين ڳالهين ۾ الڳ هوندي به هو ڄڻ ته اسان جو حصو آهي... ساڻس چڱو وقت ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ ڪوچ ملي، پر انتظار جي اها اذيت مون کان هن وقت به ڪو نه وسري آهي، جڏهن چوٿين ڏينهن کان پوءِ توکي هي خط لکي رهيو آهيان.
مبارڪ! بي روزگاري ڪيڏو نه وڏو عذاب آهي! ان جو شديد احساس مون کي هن هڪڙي مهيني جي محدود مدت ۾ ٿيو آهي. مون ۾ جرئت، همت ۽ حوصلو آهي. آءٌ زندگيءَ ۾ ڪيئي ڀيرا ٽٽڻ کان پوءِ به ثابت قدم رهيو آهيان. ٽٽي جُڙڻ ۽ جُڙي ٽٽڻ ۾ ئي زندگيءَ جو حُسن آهي.
بليو لائين ۾ چڙهڻ کان پوءَ خبر ناهي ڪهڙي پل اک لڳي وئي هئي ۽ خواب جي خمار ۾ پاڻ کي لطيف يونيورسٽيءَ جي وڻڪار ۾ موجود محسوس ڪيو هيم، جتي لهندڙ سج جي سونهري شامن ۾ هُن سانوري جون سرمدي اکيون منهنجي من جي تارن کي عجيب سحر ۾ ويڙهي ڇڏينديون هيون ۽ جيون جي سوين مجبورين ۽ مصلحتن باوجود زندگي ڏاڍي آزاد ۽ پرندن جي پرواز جهڙي محسوس ٿيندي هئي.
مون جڏهن پنهنجي نوڪريءَ جي ڪانٽريڪٽ (مُدي) پوري ٿيڻ جي کيس خبر ڏني هئي، تڏهن فون تي کوڙ لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ ڏاڍي اداس لهجي ۾ چيو هيائين:
“Fayaz! I will feel myself alone in the evenings of Latif University except of you, though fragrance of your memories will remain with me but not you yourself.”
ٻئي ڏينهن خانم گوگوش جي گيتن جي آڊيوڪسيٽ ڏيندي چيو هئائين:
“Try to feel me in her words and voice when ever you need. I will be with you indeed.”
سال ڏيڍ جي لطيف يونيورسٽيءَ واري ان عرصي ۾ روز هن جو معمول هو، ته هوءَ صبح جو فون تي چند منٽ ئي سهي، پر ڳالهائيندي ضرور هئي ۽ شام جو ڪو گل، ڪو ڪتاب يا ڪائي آڊيوڪيسٽ گفٽ ڪندي هئي. ائين منهنجي هر صبح جي ابتدا هُن جي آواز سان ۽ شام سندس پسند جي ڪنهن خوشبو، ڪنهن خواب جهڙي ڪتاب يا ڪنهن ميوزڪ جي خمار جهڙي خوبصورتيءَ سان ٿيندي هئي. هر رشتي کي ڪونه ڪو تعلق ضرور هوندو آهي، پر تعلق ڪنهن به رشتي جو محتاج ڪو نه ٿيندو آهي. هوءَ خوشبو هئي يا خواب.... هوءَ آٿت هئي يا آجپو... هوءَ منهنجي ڪنهن اڌوري نظم جي پورتڻا هئي يا منهنجي ازلي اڃايل من جي مِرگهه ترشنا....!
گاڏيءَ کي ڊرائيور اچانڪ ڪنهن شيءِ جي اڳيان اچي وڃڻ ڪري ايڏي تيز بريڪ هنئي هئي، جو مون سميت ڪيترائي ننڊ جي ڀاڪرن ۾ ڀريل همراهه ڇرڪ ڀري اُٿي پيا هئا. رات جو هڪ بجي ڪوچ لاڙڪاڻي پهچايو ۽ اتان ٽيڪسي ڪري ڳوٺ پهتس، جتي خبر پئي ته انٽرويو ڪال خيرپور يونيورسٽيءَ جي نه، پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي هئي. ان وقت سفر جي تڪليف سچ ته ٻيڻو اثر ڏيکاريو هو ۽ آءٌ ٽرين مان رهجي ويل مسافر جيان پاڻ کي ڏاڍو تنها ۽ وياڪل محسوس ڪيو هو....!
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
30 نومبر 1996ع
•••••
سجاد!
شال سُکيو ۽ سلامت هُجين.
کوڙ ڏينهن کان پرس ۾ سانڍي رکيل هڪ نظم تو سان share ڪرڻ ٿي چاهيم، پر جڏهن فاصلي جي مسافت ۾ ڪاغذي ڪشتيءَ جي بي منزل ٿي وڃڻ وارو اُلڪو اندر ۾ اچي ٿي کُٽڪيو، تڏهن هٿ ۾ کنيل پين وري پاڪيٽ ۾ اچي ٿي وئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪافي بي چينين باوجود توسان رابطي جي تند جوڙي نه سگهيو آهيان. اصل ۾ ڪڏهن ڪڏهن انديشن جي بي يقيني ماڻهوءَ کي ڏاڍو مُنجھائي وجھندي آهي، انهن حالتن ۾ يقين ۽ بي يقيني جي پلصراط تي بيٺل ماڻهوءَ جون اِڇائون هوا جي دوش تي ڀٽڪندڙ وڻن جي پيلي پنن جيان ٿي وينديون آهن، پر انهن سڀني انديشن باوجود اڄ جڏهن ساڳيو نظم ٻيهر پڙهيو اٿم، تڏهن سمورن اُلڪن جي بي يقينيءَ کي منهنجي من جي اَڄاتي يقين ۽ نظم جي تخليقي ۽ احساساتي صداقت انوکو ڏڍ ۽ آٿٿ ڏنو آهي. وشواس اٿم ته هي ڪاغذي رومال ۾ ويڙهيل بنجمن مولائيس جي نيڻن جهڙو معصوم نظم تو تائين ضرور پهچندو.
“When I born, I balck. When I grow up, I black. When I go in sun, I black. When I scared, I black. When I sick, I black and when I die, still I black and you white...! When you born, you pink. When you grow up, you white. When you scared, you yellow. When you sick, you green and when you die, you gray... and you calling me coloured...!”
وقت جي ويسر ۽ دنياوي مصروفيتن جي ڌنڌ ۾ ماڻهوءَ کان کوڙ ڳالهيون وسري وڃن ٿيون، کوڙ شين جا عڪس ۽ احساس ڌنڌلا ٿي وڃن ٿا، کوڙ تصور ۽ تصويرون دل ۽ دماغ جي ڪئنواس تان ئي مِٽجي وڃن ٿيون، پر ڪجهه تعلق، رشتا ۽ ڪجهه ماڻهن سان روح رهاڻين جون راحتون ۽ رنگ، دل ۽ دماغ جي نيري ڍنڍ ۾ عمر ڀر ڪنهن اُجري ڪنول جيان تازا ۽ توانا ٿا رهن... ڪڏهن ڪڏهن آءٌ خود انهن تعلقن جي ريشمي ۽ پُر روح سُٻنڌ تي حيران هوندو آهيان، جيڪي لمحن ۾ جُڙي پوري جيون تائين جسم ۾ روح جيان رهي پوندا آهن. هيءَ زندگي به عجيب آهي ۽ ان کان وڌيڪ عجيب آهي، ان جي خوابن، خواهشن، ۽ خوبصورتين جي دنيا. ڪڏهن ڪن ماڻهن سان مهينا ۽ سال گڏ گذارڻ باوجود ناآشنائي ۽ اوپرائپ پنهنجيءَ جاءِ تي قائم دائم رهندي آهي، پر ڪڏهن ڪنهن سان ساعتن ۾ جنم ۽ جياپو جُڙي ويندو آهي. ڪڏهن ڪنهن جي هجڻ سان ڪائي ڪمي محسوس ڪونه ٿيندي آهي، سارا خال ڀرجي ويندا آهن، ساريون محروميون مِٽجي وينديون آهن، پر ڪڏهن هجومن ۾ هوندي به من هيکلو هوندو آهي، دل ويڳاڻي ۽ اداس ٿي پوندي آهي. ميلي ۾ وڃايل ٻار جيان هينئون هراسيل، نيڻ متلاشي ۽ وِماسيل رهندا آهن ۽ ڪنهن جي ڪمي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندي آهي....!
ڪـڏهـن ڪـڏهـن هينـئـڙا، نه ٿو وڻيـن مون،
جي تو سڄڻ سايان، سي وس نه آهن مون،
جڏهن ڪڏهن تون، ٿو اڻ ڏٺي آرا ڪرين. (شاهه)
آءٌ اڄ ڪلهه ڳوٺ ۾ ئي آهيان. سڄو ڏينهن گهڻو ڪري ڪتابن ۽ موسيقيءَ جي سندر ساٿ ۾ گذري ٿو. پروين سلطانه، پٺاڻو خان، عابده پروين، گرو رجنيش، امرتا پريتم، سارا شگفته ۽ ٻيا انيڪ سرجڻهار ۽ راڳي منهنجي ڪمري ۾ مون سان سارو وقت صحبتي آهن. شام جو سج لٿي ڌاري پنهنجي ڳوٺ کان وک پنڌ تي وهندڙ رائيس ڪئنال تي نڪري ويندو آهيان. پاڻيءَ تي پوندڙ، لهندڙ سج جا سونهري ڪرڻا ڏاڍا محبوب ۽ موهيندڙ لڳندا آهن ۽ انهن چند ساعتن ۾ ڄڻ ساري ڏينهن جا ڏک ۽ سور ڪافور ٿي ويندا آهن. اُڀرندڙ ۽ لهندڙ سج جي حسناڪين سان منهنجون کوڙ وابستگيون رهيون آهن. آءٌ جتي به هوندو آهيان، جنهن به ڪيفيت ۾ هوندو آهيان، اُڀرندڙ ۽ لهندڙ سج جا حسين منظر مون سان هم آغوش هوندا آهن ۽ ائين ئي چنڊ به سالن کان منهنجي تنها راتين جي سفر ۾ منهنجو هم سفر رهيو آهي...
سجاد! ڪافي ڏينهن اڳ تنهنجو ننڊ ۽ جاڳ جي مليل جليل ڪيفيتن ۾ لکيل خط مليو، تنهنجي اوجاڳيل ۽ اداس نيڻن جو عڪس تنهنجي بي قرار ۽ بي چين لفظن جي اکين ۾ ڏاڍو چٽو نظر آيو.
اڄ ڪلهه جن سوالن ۽ ڪيفيتن جي جهنگ مان تنهنجي خيالن ۽ خوابن جا پنڇي گذري رهيا آهن، اُهي موڙ هر حساس فرد جي جيون سفر ۾ اوس ايندا آهن، پر فرق صرف محسوسات ۽ انهن کي سمجهڻ جو هوندو آهي. تون جنهن معصومانه مزاج ۽ من سان انهن سوالن کي محسوس ڪرڻ ۽ سمجهڻ چاهين ٿو، انهن کي ٻيو ڪوئي ماڻهو ٻي ڪيفيت، انداز ۽ احساس سان سوجهيندو ۽ ساڃاهيندو آهي.
سچ، حُسن، محبت ۽ ٻين اهڙين ڪيترين صداقتن جي پرک ماڻهوءَ جي داخلي ۽ خارجي حسيت تي منحصر هجي ٿي. ڪي ماڻهو انهن شين کي فقط خارجي مشاهدي ۽ ٻاهرين ڏيک ويک جي بنياد تي قبول ڪندا آهن. انهن وٽ سچ ۽ سونهن جا ماڻ ۽ ماپا طئي ٿيل ۽ روايتي هوندا آهن. ڪي وري انهن کي داخلي محسوسات ۽ ڪيفيت جي بنياد تي پرکيندا ۽ پروڙيندا آهن، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي انهن ٻنهي جي برعڪس شين کي پنهنجي خارجي ۽ داخلي بصيرتن ۽ شعور جي آڌار پروڙيندا ۽ پُرجهندا آهن. انهن وٽ فهم ۽ ادراڪ به هوندو آهي ته وجدان به.... انهيءَ ڪري هو شين کي اندازن ۽ طئي ٿيل روايتي خيالن ۽ تصورن بدران کليل اک سان ڏسندا ۽ سجاڳ من سان ساڃاهيندا آهن... هُنن وٽ زندگيءَ جي حقيقت ڪنهن آبشار، ڪنهن گل جي سُڳنڌ ۽ ڪنهن متحرڪ مظهر جيان هوندي آهي، جنهن جو هر جلوو پنهنجي وجود ۾ محبوبيت ۽ سندرتا جون سوين صداقتون رکي ٿو. حقيقت ۾ سچ ۽ سونهن جون صداقتون ايتريون ته ڳوڙهيون ۽ گهريون آهن، جو انهن کي لفظن ۾ پوري طور بيان ڪرڻ ڏاڍو اوکو آهي. سونهن ڏسندڙ جي اکين ۾ هجي ٿي يا شين ۾؟ جيڪڏهن حسن ڏسندڙ جي اکين ۾ آهي ته پوءِ هن کي هر شيءِ خوبصورت ڇو نه ٿي لڳي؟ جيڪڏهن سونهن شين ۾ آهي ته پوءِ شيون سڀني کي هڪجهڙيون حسين ڇو نه ٿيون ڀاسن؟ ارسطو جي نظر ۾ حُسن، توازن، تناسب ۽ مربوط ڪل ۾ جزن جي فطري ترتيب جو نالو آهي، ته مائيڪل اينجلو وٽ سونهن ڪئنواس تي پکڙيل بي ربط رنگن جو نانءُ هجي ٿي. ساڳيءَ طرح سچ لاءِ به هر ڪنهن جو پنهنجو رايو ۽ پنهنجا دليل ٿين ٿا. بهرحال زندگيءَ جي صداقتن جي پُرجهه ۽ پروڙ لاءِ سوچ، ادراڪ، احساس ۽ آگهي جي پلصراط تان گذرڻو پوي ٿو... زندگي هڪ اهڙي يونيورسٽِي آهي، جيڪا هر ذي شعور ماڻهوءَ کي وقت اچڻ تي گهڻو ڪجهه سيکاري ٿي، تنهنجي عمر کي اڏام جا پَرَ اڃا هاڻي مليا آهن، جڏهن تون جيون-آڪاش ۾ اُڏامين، مون کي يقين آهي ته، تنهنجي ابابيلن جهڙين معصوم اکين ۽ پوپٽن جهڙي رنگين دل ۾ سمورن الجهيل سوالن جا سُلجهيل ۽ سُندر جواب ضرور جاڳي پوندا.
تنهنجو پنهنجو
فياض لطيف
10 ڊسمبر 1996ع